سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 1

آمريڪا جو سياسي سرشتو

شمشير الحيدري

 

مهاڳ

 

آمريڪا جي پنجاه رياستن مان هر هڪ کي چونڊ جو پنهنجو انتظام آهي. سياسي پارٽين جي تنظيم، قومي سطح بدران، هر رياست ۾ جدا جدا آهي. صحيح معنيٰ ۾، آمريڪا اندر چونڊ جي هڪ سرشتي بدران گهڻا سرشتا آهن.

خوشقسمتيءَ سان، پارٽيون ۽ چونڊ جا طريقا ملڪ ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳيا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جيڪر آمريڪي سياست ۽ چونڊن کي سمجهائڻ لاءِ گهڻن ڪتابن لکڻ جي ضرورت پوي ها. تنهن ڪري ضروري آهي ته هڪ ننڍي ڪتاب ۾ چونڊ جي هر قسم بدران سڀني سرشتن جو نچوڙ پيش ڪيو وڃي. مختلف هنڌن تي چونڊن جي قانونن ۽ عملي طريقن ۾ جيڪي وڏا فرق آهن، اهي جدا سمجهايا ويا آهن. اهڙيءَ طرح، پارٽين جي تنظيم توڙي ڪارڪردگيءَ جي نمايان اختلافن تي به بحث ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جي ڪجهه حصن بابت سياسي محققن سان بحث ڪيو ويو آهي، جيڪي بنيادي طرح آمريڪي سياست ۽ عام راءِ سان واسطو رکن ٿا. انهن بحثن سان گهڻن بابن کي چٽيءَ طرح سمجهائڻ ۾ مدد ملي آهي. آءٌ خاص طرح فرينڪلن ايل. برڊيٽ جو ٿورائتو آهيان، جنهن صلاح ڏني ته پنجاهه رياستن ۾ پارٽي تنظيمن ۾ فرق هجڻ کان پوءِ به، آمريڪي پارٽين ۾ ”ڪشادگي“ (openness) آهي، جيڪا دنيا جي جمهوري سرشتن ۾ مثالي حيثيت رکي ٿي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ابتدائي چونڊن سببان ان کي وڌڻ ۾ مدد ملي آهي، پر جن هنڌن ابتدائي چونڊون نٿيون ڪرايون وڃن، اتي به پارٽين جا اڳواڻ انهيءَ ڳالهه جو خيال رکندا آهن ته اميدوار معاشري جي هر حصي مان چونڊيا وڃن. ڪنهن به نسلي، معاشي ۽ سماجي گروپ جو لائق ۽ سمجهدار ووٽر، آمريڪي پارٽين ۾ اهميت حاصل ڪري سگهي ٿو.

اميد ته هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد، پڙهندڙ کي آمريڪا جي چونڊ واري سرشتي کي مڪمل نموني سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو.

 

واشنگٽن، ڊي. سي.

پهرين سيپٽمبر، 1962ع              هاورڊ آر. پنيِمَن


 

 

تعارف

آمريڪا جي آئين موجب، ڪو به ننڍي کان ننڍو، معمولي ماڻهو به پنهنجين لياقتن سان ترقي ڪري، ڪهڙي به وڏي ۾ وڏي عهدي تي پهچي سگهي ٿو، بلڪ سڄي ملڪ جو صدر به ٿي سگهي ٿو. ڪهڙي به ذات هجي، ڪهڙو به ڌنڌو هجي، پر جيڪڏهن ذاتي لياقتون هجن ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اها اميد رکي سگهي ٿو. ايتريقدر، جو اڃا سؤکن سال اڳ تائين، جڏهن به ڪو نئون ٻار پيدا ٿيندو هو ته ان جي مائٽن کي سندس دوست ائين ئي چوندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هيءُ ٻار آمريڪا جو صدر بڻبو. مائٽ انڪساريءَ وچان چوندا هئا ته برابر، اِها ڳالهه بلڪل ممڪن آهي، پر الائي اسان جي ٻار ۾ وڏي هوندي ڪهڙيون لياقتون هجن، سو ائين به ٿي سگهي ٿو ته هي ڪو هاري، يا ڊاڪٽر ، يا قانوندان ٿئي.

جيتوڻيڪ ٻار جي مائٽن ۽ دوستن جي وچ ۾ ان قسم جي گفتگو اڪثر خوشطبعيءَ طور ٿيندي هئي، پر اها گهڻي ڀاڱي ملڪ جي مٿينءَ حقيقت جو اظهار هوندي هئي. مائٽ ۽ دوست اهو ڄاڻندا هئا ته ذات يا طبقي جي ڪا به اهڙِ پابندي ڪانه هئي، جيڪا ٻار کي ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهي. اها ڳالهه حقيقت ۾ آمريڪا جي سياسي زندگيءَ جي انهيءَ روايت جو عام اظهار هئي، جنهن موجب ”ڪاٺ جي ڪئبن“ واري غريباڻي گهر ۾ گذارڻ وارا ڪيترا پورهيت ماڻهو به، ترقي ڪري، آمريڪي صدر جي رهڻ واري ”وائيٽ هائوس“ تائين پهتا.

1828ع ۾ اهڙي هڪڙي شخص، ائنڊريو جئڪسن جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ، هڪ صديءَ تائين اها رسم ٿي ويئي هئي ته هرڪو صدارتي اميدوار، جيڪو اهڙين حالتن مان گذريو هوندو، سو پنهنجن ووٽ ڏيندڙن اڳيان فخر سان اها ڳالهه ڪندو هو ته هو ڪاٺ جي ننڍڙيءَ ڪئبن واري گهر ۾ جھائو ۽ نپنو هو، پوءِ اسڪول ۾ محنت ڪري اڳتي وڌيو، ۽ شروعات وارين ناسازگار حالتن هوندي به نيٺ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيو. هو پنهنجن ٻڌندڙن کي چوندو هو ته هو عوام جو ئي ماڻهو آهي، جيڪو سندن مسئلن کي سمجهي سگهي ٿو. ڇو ته هن پاڻ انهن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. اها حقيقت آهي ته ائين چوڻ وارو ڪنهن حد تائين پنهنجيءَ انهيءَ دعوا ۾ صحيح هوندو هو.  هو ملڪ ۽ قوم جي غير محدود مستقبل سان وابسته، سندن اميدن ۽ خواهشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو.

رڳو ائين چوڻ ته ڪو به هشيار ٻار هڪ غريب گهر مان نڪري، آسانيءَ سان ملڪ جي صدارت حاصل ڪري ٿي سگهيو، سو وڌاءُ آهي. انهيءَ هوندي به، ان حقيقت کي ڪجهه بنياد هو. پهرين ڇهن صدرن کان پوءِ، جن ۾ چار ورجينيا رياست جا ۽ ٻه مساشوسيٽس رياست جا امير هئا، آمريڪا جا گهڻي ڀاڱي صدر غريب گهراڻن جا فرد هئا. جئڪسن، وليم هينري هئريسن ۽ ابراهم لنڪن پارا ڪي صدر ته جنگي اڳواڻن جي ڪاٺ جي گهرن ۾ ڄاوا ۽ پليا هئا.  ٻيا صدر ڪنهن حد تائين بهتر حالتن هيٺ وڏا ٿيا، پر اڻويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ تائين جيڪي به صدر ٿيا، تن مان ڪو به صدر شاهوڪار گهر ۾ پيدا نه ٿيو هو. سن 1900ع کان وٺي رڳو ٻه صدر سي اهڙا ٿيا آهن، جيڪي بنيادي طرح دولتمند خاندانن ۾ پيد اٿيا هئا. جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ غربت وارو اڳيون دؤر  هاڻي ڪونهي ۽ ”ڪاٺ جي گهر“ وارو قديم نشان هينئر تاريخ جو حصو ٿيندو پيو وڃي، پر تنهن هوندي به آمريڪي سياست ۾ ڪشادگيءَ واري حقيقت اڃا به قائم آهي. گذريل چئن صدارتي چونڊن ۾، ٻن وڏين سياسي جماعتن مان رڳو هڪ جو اميدوار اهڙي ڪٽنب ۾ ڄائو آهي، جيڪو ٽن پيڙهين کان وٺي شاهوڪاريءَ  جي دعوا ڪري سگهي ٿو. صدر ٽرومن سياست ۾ گهڙڻ کان اڳ، جنهن کيس آخر ۾ ”وائيٽ هائوس“ تائين پهچايو، مڃارڪو ڌنڌو ڪندو هو، پر ڪو وڏو ڪامياب واپاري ڪونه هو. ٿامس اِي. ڊِيوي، ڊوائٽ ڊِي. آئزنهاور ۽ رچرڊ ايم. نِڪسن، وچولن ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿا. جان ايف. ڪينيڊيءَ جو خاندان هينئر دولتمند آهي، پر رڳو ٻه پيڙهيون پٺتي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هڪ پرديسي ڪٽنب آمريڪا ۾ لڏي آيو هو، جنهن پوءِ هتي رهي، سياست ۽ واپار جو نالو ڪڍيو.

 

 

ٻاهران آيل خاندان ۽ سياست

آمريڪي سوسائٽيءَ ۾ اهڙا خاندان عام آهن، جيڪي ڪينيڊيءَ جي خاندان جيان هتي ٻاهران لڏي آيا. انهن مان گهڻن، هن نئين ملڪ ۾ بهتر زندگيءَ گذارڻ لاءِ سياست کي پسند ڪيو. اڻويهين صديءَ ۾، يورپ مان لڏي ايندڙن خلاف تعصب هجڻ ڪري، ڪي ڌنڌا انهن لاءِ بند هئا؛ البت هو سياست ۾ کليءَ طرح بهرو وٺي سگهيا ٿي. آئرلنڊ مان آيل خاندان، جيڪي ڪڏهن انهيءَ  ڪري متڀيد جو شڪار رهيا جو هو غير ملڪي هئا، ۽ ڪڏهن ان ڪري جو هو ڪئٿلڪ مذهب جا پوئلڳ هئا، سياست جا غير معمولي ماهر هئا(1). وڏن شهرن جي سياسي جماعتن، ووٽن هٿ ڪرڻ ۽ جماعتي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ، لڏي آيلن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو. آئرلنڊ مان آيل ماڻهو مختلف جماعتن ۾ شامل ٿي ويا، ۽ تيزيءَ سان چوٽيءَ تي پهچڻ لڳا. اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ  ڌاري ۽ ويهين صديءَ جي شروعات جي گهڻي حصي تائين، آئرلنڊ مان آيلن ۽ سندن پونيرن اوڀر آمريڪا جي شهرن جي وڏين سياسي تنظيمن تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ جڏهن غير ملڪين خلاف ڪاروباري تعصب گهٽجڻ لڳو، ته سندن اولاد مختلف پيشا اختيار ڪيا، ۽ انهن جي جاءِ تي گهڻن وڏن شهرن ۽ انهن جي ننڍن تَڪن ۾ يورپ مان ٻين لڏي آيلن اچي سياسي واڳون سنڀاليون. نه رڳو لڏي آيلن، پر گهٽ حقن وارين ٻين جماعتن به، پنهنجي ذاتي ترقيءَ  خاطر يا پنهنجيءَ جماعت جي مجموعي ڀلائيءَ خاطر، سياست کي اختيار ڪيو. مثال طور، ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه سالن کان وٺي شيدين، جن جا ووٽ قومي، رياستي ۽ مقامي چونڊن ۾ اهميت رکن ٿا. اتر جي شهري مرڪزن جي سياست ۾ وڏو حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي.

جدا جدا قومن جا گروپ آمريڪي زندگيءَ  ۾ ايترو ته اهم پئي رهيا آهن، جو سواءِ ڪن ٿورن شهرن ۽ رياستن جي، جتي پارٽيءَ جا اڳواڻ ايترو طاقتور آهن جو پنهنجي مرضيءَ جا نمائندا ٿاڦين، گهڻي عرصي کان وٺي اهو رواج ٿي ويو آهي ته ووٽرن اڳيان ”متوازن“ نمائندا پيش ڪيا وڃن. انهن ”متوازن“

نمائندن ۾وڏن رياستي ۽ قومي عهدن لاءِ ايراضيءَ جي هر وڏي قومي گروپ جو نمائندو هوندو آهي. ڪَنيڪٽيِڪَٽ رياست ۾، جنهن گذريل صديءَ اندر لکين لڏي ايندڙن جي آجيان ڪئي، ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن ٻيئي پارٽيون عام طرح انهن نمائندن کي پنهنجي پاران ٿاڦينديون آهن، جن جا ابا ڏاڏا آئرلنڊ، اٽليءَ ۽ پولنڊ کان آيا هئا. اهم رياستي عهدن لاءِ، ٻيئي سياسي جماعتون ڪئٿلڪن، پراٽيسٽنٽن ۽ يهودين کي پڻ ٿاڦينديون آهن. ٻين اکرن ۾، ائين چئجي ته ٻئي پارٽيون هر فرقي جي نمائندگي پيش  ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.  رابرٽ دئل (Robert Dahl) جو چوڻ آهي ته ٻنهي جماعتن طرفان پنهنجن نمائندن ۾ هر قومي گروپ جي عيوضين کي شامل ڪرڻ واريءَ ڪوشش ۽ ڪَنيڪٽيِڪَٽ ۾ ووٽرن پاران ساڳئي قومي پس منظر وارن نمائندن جي پٺڀرائي ڪرڻ واريءَ حقيقت جي ڪري، طبقاتي سياست ووٽرن کي پاڻ ڏانهن گهڻو نه ڇڪي سگهي آهي(1).

جدا جدا قوميت جي بنياد تي ٺهيل گروپن جو جيترو اثر هڪ پيڙهي اڳ تائين هو، اوترو اڄ نه آهي، پر تنهن هوندي به ملڪ جي ڪن حصن ۾ ان جي اهميت اڃا قائم آهي. آمريڪا جي سينيٽ توڙي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن جي نالن واريءَ فهرست کي چڪاسڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ميمبرن جا وڏا، يورپ جي هر قوم مان آمريڪا آيا هئا. ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ لاطيني آمريڪا جي نسل جا ميمبر به آهن. ڪجهه عرصي کان وٺي ڪانگريس جي فهرستن ۾ اهي ماڻهو به اچڻ شروع ٿيا آهن، جيڪي اصل ۾ ايشيائي آهن. هوائي (Hawaii) رياست مان سينيٽ تي چيني نسل جو ماڻهو چونڊيو ويو آهي، ۽ نمائندن واري ايوان ۾ اهڙو ميمبر چونڊيو ويو آهي، جيڪو اصل جپاني آهي. ڪئليفورنيا رياست پنهنجي حصي ۾ هڪ عرب نسل جو ميمبر نمائندن واري ايوان کي ڏنو آهي، ۽ هڪ ٻيو ميمبر اهڙو آهي، جيڪو هندستان ۾ پيدا ٿيو هو ۽ تعليم به اتي پرائي هئائين. اولانهين رياست جا ڪي نمائندا ته انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪن ٿا ته سندن رڳن ۾ آمريڪي-هندستاني رت آهي.

 

ڪانگريس جي ميمبرن جو پس منظر

آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر نه رڳو جدا جدا قوميتن سان تعلق رکن ٿا، بلڪ اقتصادي طرح به سندن واسطو مختلف حالتن سان آهي. آمريڪي سينيٽ، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن دنيا جو سڀ کان طاقتور قانون ساز ادارو سڏيو ويندو آهي، تنهن جي گذريل 1950ع کان 1960ع وارن ڏهن سالن جي ميمبرن جي ڊگهي مطالعي کان پوءِ، ڊونالڊ مئٿيوز، موجوده ميمبرن جي پيئرن جي پيشن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. هن معلوم ڪيو ته سينيٽرن جا پيئر هيٺيان پيشا ڪندا هئا:  وڪيل، ڊاڪٽر، پادري، پروفيسر، ماستر، انجنير، صحافي، شاعر، پبلشر، واپاري، بئنڪر، ويمي، يا ملڪيتن جا ايجنٽ، ٺيڪيدار، ريلوي عملدار، هاري، سيلسمئن، اسٽور ڪلارڪ، پرنٽر، واڍا، پينٽر،حجم، سِگار ٺاهيندڙ، درزي، جهازن جا مستري، دربان، سرڪاري ملازم ۽ مزدور.

سينيٽر پاڻ شروع ۾ گهڻو ڪري معمولي ڌنڌو ڪنا هئا، پر سياسي عهدي جي چونڊن وقت هو وڪيل، واپاري، هاري يا پروفيسر هئا، يا اهڙو ئي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪندڙ هئا. انهن مان اڪثر سينيٽ ۾ چونڊجي اچڻ کان اڳ رياستي عهدن تي نمائندن واري ايوان ۾ رهي چڪا آهن.

نمائندن واري ايوان ۽ رياستن جي قانون ساز مجلسن جا ميمبر به سينيٽرن جهڙو ئي پس منظر رکن ٿا، سواءِ ان جي جو انهن مان گهڻا چونڊجڻ کان اڳ هاري يا مزدور هئا، يا وري واپاري يونينن جا ميمبر. انهن . رياستن  مان، جن ۾ گهڻا شهر آهن، خاص طرح اهي ميمبر قانون ساز مجلسن ڏانهن چونڊجي ايندا آهن، جن جو تعلق واپاري يونينن سان هوندو آهي.

انهيءَ مان صاف ظاهر ٿيو ته زندگيءَ جي هر شعبي، هر مذهبي عقيدي ۽ هر وڏي قومي گروپ جا ماڻهو عوامي عهدن تي چونڊجي اچن ٿا. پر اهي شروعات ۾ پنهنجيءَ سياسي جماعت طرفان ڪيئن چونڊيا ويا؟ اهو سوال چوٿين باب ۾ تفصيل سان بحث هيٺ ايندو، پر هتي ميمبرن کي ٿاڦڻ  واري طريقي بابت ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ مهلائتو ٿيندو. اسين اڳ ۾ ئي چئي آيا آهيون ته ٻاهران لڏي ايندڙن مان گهڻن، اثر ۽ عهدن حاصل ڪرڻ لاءِ سياست کي پسند ڪيو. انهن مان گهڻن، اوڀر وارن شهرن ۾ سياسي جماعتبنديءَ  جي روايتي اصولن هيٺ اقتدار حاصل ڪيو، ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو اهل ثابت ڪيو، ۽ سٺيون تقريرون ڪرڻ ڪري مشهوري حاصل ڪئي. جيئن جيئن سندن مشهوري ۽ تجربو وڌندو ويو، هو سياسي ڏاڪڻ چڙهندا، شهري ۽ رياستي عهدن تان ٿيندا، وڃي قومي عهدن تي پهتا. رسمي طور، سياسي ترقي پارٽي اڳواڻن جي هٿ ۾ نه آهي، بلڪ اڌ درجن وڏن شهرن ۾ ۽ ڪن ننڍن شهري علائقن  ۾، ميمبرن  ٿاڦڻ جو غير رسمي سرشتو اڃا تائين رياستي ۽ مقامي پارٽي اڳواڻن جي فيصلي تي مدار رکي ٿو.

ميمبر ٿاڦڻ

اڪثر رياستن ۾ عهدن لاءِ اميدوارن کي ٿاڦڻ، نجيءَ طرح پارٽي اڳواڻن جي هٿ ۾ نه آهي. هر شهري جيڪو ووٽ ڏيڻ جي اهليت رکي ٿو، سو هر انهيءَ عهدي لاءِ اميدوار بيهي سگهي ٿو، جنهن عهدي لاءِ وٽس سندس رياست طرفان مقرر ڪيل عمر ۽ رهائش جون لياقتون موجود آهن. هڪ نوجوان شخص، جيڪو سمجهي ته هو قوم جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو، تنهن کي پنهنجي پسند جي عوامي عهدي لاءِ پنهنجيءَ جماعت طرفان اميدوار جي حيثيت ۾ ٿاڦجڻ لاءِ رڳو اعلان ڪرڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس پنهنجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪجهه ساٿي شهرين طرفان صحيح ڪيل درخواست به ڏيڻي پوي ٿي. بعضي، اميدوارن جي اوائلي سرڪاري فهرست ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائڻ لاءِ کيس ٿورڙي رقم به ڏيڻي پوندي آهي. جيڪڏهن هو ابتدائي سڌين چونڊن ۾ حصو  وٺندڙن جي اڪثريت جا ووٽ حاصل ڪري وڃي، ته ايندڙ نومبر ۾ عام چونڊن لاءِ پنهنجيءَ جماعت طرفان اميدوار جي حيثيت ۾ سندس نالو هر طرح پيش ٿيڻو آهي. جيڪڏهن عام چونڊن ۾ به هو ووٽن جي اڪثريت حاصل ڪري، ته پوءِ هو عوامي عهديدار چونڊجي وڃي ٿو. ڪو به پارٽي اڳواڻ کيس ابتدائي  چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي نٿو سگهي، يا جيڪڏهن هو پارٽيءَ جي ميمبرن جي اڪثريت جا ووٽ کڻي ٿو ته پارٽيءَ جي اميدوار جي حيثيت ڏيڻ کان کيس ڪو به محروم نٿو ڪري گهي.

هزارين اهڙا مرد ۽ عورتون آهن، جن پارٽي اڳواڻن جي ڪنهن به پٺڀرائيءَ کان سواءِ اميدواري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ انهن مان سوين ڄڻن پارٽيءَ جي اميدواري حاصل ڪئي، ۽ آخر ۾ چونڊ به کٽيائون. ڪڏهن ڪڏهن ته پارٽي اڳواڻن جي مخالفت هوندي به، گهڻن ماڻهن ابتدائي چونڊون کٽيون آهن. حقيقت ۾، گهڻين رياست اندر، پارٽي اڳواڻ مقامي عهدن لاءِ يا خود رياستي قانون ساز اسيمبلين جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار ٿاڦڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي اثر هلائڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن.

آمريڪا جي پنجاهه رياستن جي وفاق ۾ چونڊ ذريعي حاصل ٿيندڙ عهدن جو تعداد سون هزارن ۾ آهي. ائنڊريو جئڪسن جي دور کان پوءِ هن ملڪ ۾ برابر نمائندگيءَ واري سرشتي  کي تقويت ملڻ جي نتيجي ۾، آمريڪي شهري ملڪ جي هزارين شهرن ۽ ڳوٺن مان هر هڪ ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ عهديدار چونڊين ٿا. هو هر ڪائونٽيءَ (County) ۾ اڌ درجن عهدن لاءِ- جن ۾ ڪائونٽيءَ جي انتظامي بورد کان ويندي محصول مقرر ڪندڙ جا عهدا اچي وڃن ٿا – وڌيڪ ماڻهو چونڊين ٿا. هو هر رياست جي قانون ساز اسيمبليءَ جي ٻنهي ايوانن لاءِ ميمبر چونڊين ٿا، سواءِ نيبراسڪا رياست جي، جنهن ۾ هڪ ايوان واري اسيمبلي آهي. ان کان سواءِ، هو نه رڳو گورنر جي چونڊ ڪن ٿا، پر رياست جي اڪثر اهم انتظامي عهدن لاءِ پڻ ماڻهو چونڊين ٿا. آخر ۾، قومي سطح تي، هو ڪانگريس جي ميمبرن ۽ صدر جي چونڊ ڪن ٿا. مطلب ته اهڙن عهدن جو تعداد اچرج ۾ وجهندڙ حد تائين آهي، جنهن لاءِ سياسي شوق رکندڙ عورتن توڙي مردن لاءِ چونڊن ۾ حصي وٺڻ جا موقعا موجود آهن.

اڪثر ماڻهو، نهٺائيءَ يا سمجهداريءَ وچان، شروعات ۾ مقامي سطح تي ننڍن عهدن لاءِ چونڊن ۾ بيهندا آهن. اڪثر رياستن ۾ اهڙيون سازگار حالتون آهن جو ڪو به لائق ماڻهو، درجي بدرجي وک وڌائيندو، وڌيڪ واقفڪار ۽ وڌيڪ خدمت جا موقعا پيدا ڪندو، سياست جي بلند رتبي تي پهچي سگهي ٿو. ڪي ماڻهو وري مٿانهينءَ سطح تي، رياستي عهدن يا ڪانگريس جي ميمبريءَ لاءِ سڌي چونڊ لڙندا آهن. ڪي ته سياست ۾ يڪوئي وڏو ٽِپُ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جنرل ڊوائيٽ ڊِي. آئزنهاور يا ريپبليڪن پارٽيءَ جي 1940ع واري صدارتي اميدوار، وينڊبل ايل. وِلڪيءَ وانگر، ڪي تمام ٿورا اهڙا ماڻهو به آهن، جن صدارتي چونڊ ۾ حصي وٺڻ کان اڳ ڪو به چونڊ وسيلي حاصل ٿيندڙ عهدو نه ماڻيو هو. ظاهر آهي ته جيڪي اڳ ننڍن عهدن لاءِ چونڊ ۾ بيهڻ کان سواءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي لاءِ پنهنجي پارٽيءَ طرفان اميدوار ٿاڦيا وڃن ٿا، سي اهي ماڻهو هوندا، جن اڳي ئي ڪنهن ٻئي ميدان ۾ قومي ناموري حاصل ڪئي هوندي.

آمريڪا ۾ پارٽين جي ميمبريءَ جا دروازا هر بالغ لاءِ کليل آهن. هر اهو ماڻهو جنهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي، پنهنجيءَ پسند  جي ڪنهن به وڏي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، ۽ پارٽيءَ طرفنا بيهاريل اميدوار کي چونڊڻ ۾ حصو وٺي سگهي ٿو (1). ڪنهن به سطح تي سندس داخلا تي پارٽي اڳواڻ اعتراض نٿو ڪري سگهي. قانون موجب، پارٽيءَ جي ميمبرن جي نالي جي داخلا جو ذمو سرڪاري عهديدار تي آهي. ووٽر رڳو چوندو آهي ته سندس نالو ريپبليڪن پارٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ داخل ڪيو وڃي، ۽ سرڪاري عهديدار کي ائين ڪرڻو آهي. ساڳيو طريقو اهو ماڻهو به اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن کي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ نالو داخل ڪرائڻو آهي. هڪ دفعي جن جو نالو داخل ٿي وڃي، تن کي پوءِ پارٽي اميدوار چونڊڻ لاءِ پنهنجيءَ پسند جي پارٽيءَ جي ابتدائي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق آهي.

ووٽرن کي ڪنهن به وڏيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي ڏنل آزاديءَ جا، سياسي سرشتي لاءِ ڪجهه ظاهري نتيجا نڪرن ٿا. ان ڪري، هڪ ته گهڻن علائقن ۾ پارٽي اڳواڻن جو اثر ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ساڳئي وقت، ان شهريءَ جي انفرادي اهميت وڌي ٿي، جيڪو ميمبرن کي ٿاڦڻ ۽ چونڊڻ وارن ٻنهي طريقن ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو. جيئن اسين ڏسي آيا آهيون، ان طرح هڪ شخص جي سياست ۾ اچڻ جي آزادي پڻ وڌي ٿي، ۽ سندس ووٽ ڏيڻ جي انهيءَ آزاديءَ  کي به هَٿيِ ملي ٿي، جيڪا عوامي مسئلن تي کيس ۽سندس تڪ جي ماڻهن کي حاصل آهي.


(1)  آمريڪي زندگيءَ ۾ مذهبي تعصب جو مڪمل طرح خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. بهرحال، 1960ع ۾ ڪينيڊيءَ جو صدر چونڊجڻ انهيءَ ڳالهه جي علامت آهي ته آمرڪيا ۾ سڀ کان وڏي سياسي عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئٿلڪ مذهب جو پوئلڳ هجڻ ڪا رنڊڪ نه آهي.

(1)  رابرٽ اي. دئل: ” هُو گورنس؟“ رنيو هئون:

ييل يونيورسٽي پريس، 1961ع، صفحو 114.

Robert A. Dahl, Who Governs? (New Haven:

Yale University Press , 1961) Page 114.

. Donald R. Matthews, U.S.  Senators and Their World (Chapel Hill: University of North Carolina Press, 1960). P 21.

(1)  اڪثر رياستن ۾ داخلا وارا قانون رڳو وڏين پارٽين سان لاڳو ٿين ٿا. فقط اهي پارٽيون سڌين ابتدائي چونڊن جي قانونن هيٺ اچن ٿيون، جن گذريل چونڊ ۾ جملي ووٽن جو مقرر ڪيل تعداد حاصل ڪيو هجي. جيئن ته ننڍيون پارٽيون عام طرح ووٽن جو گهربل تعداد حاصل نه ڪري سگهنديون آهن، تنهن ڪري سڌين ابتدائي چونڊن وارا يا داخلا وارا قانون انهن سان لاڳو نٿا ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org