آمريڪي ووٽرن جي
سياسي دروانديشي
آمريڪي ووٽرن جي وڏي اڪثريت ٻن وڏين سياسي جماعتن مان هڪ سان
تعلق رکي ٿي. انهن مان گهڻا، گلبرٽ (Gilbert)
۽ سليون (Sullivan)
جي شهرت وارن برطانوي شهرين وانگر، پيدائشي
ريپبليڪن يا ڊيمو ڪريٽ آهن. باقي رهيلن مان اڪثر،
بالغ ٿيڻ کان پوءِ هڪ يا ٻيءَ وڏيءَ سياسي جماعت
جا حامي بڻجن ٿا. تمام ٿورڙن ماڻهن پنهنجي حياتيءَ
جي پوين سالن ۾ پارٽي مَٽائي آهي. جن ماڻهن
پارٽيون مَٽايون آهن، اهي عام طرح ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽي ڇڏي ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا آهن.
ووٽرن جي داخلا جا انگ ٻڌائين ٿا ته ووٽر پارٽي پسند ڪرڻ وقت
اڪثريت سان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي ترجيح ڏين ٿا،
يعني 4 مان 3 ماڻهو. اهي انگ اکر اڻپورا آهن، ۽
سڀني ووٽرن جي 60 سيڪڙو تعداد بابت آهن. ڪجهه
رياستون ووٽرن طرفان نالي داخل ڪرائڻ جو شرط وجهن
ٿيون، پر داخلا وقت ڪنهن پارٽيءَ سان واسطي بابت
نٿيون پڇن. ٻيون رياستون گهرنديون آهن ته سڀ ماڻهو
جيڪي ابتدائي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرن ٿا، اهي پنهنجي
پسند جي پارٽي ٻڌائين، پر ان سان گڏ ٻين کي اجازت
ڏني ويندي آهي ته هو جنهن پارٽيءَ جي حمايت ڪندا،
ان جو نالو ڀلي ظاهر نه ڪن. ڪجهه رياستن ۾ وري
شهرين جي رڳو هڪ حصي کي پنهنجا نالا داخل ڪرائڻا
پوندا آهن، ٻين رياستن ۾ سڄيءَ رياست جي بنياد تي
ووٽن جي داخلا جا انگ نه آهن، توڙي جو اتي ووٽرن
کي ابتدائي چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان اڳ پنهنجي پارٽيءَ
جو نالو ڏَسڻو پوندو آهي. آخر ۾ ائين چئي سگهجي ٿو
ته ڪنهن خاص رياست ۾ ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي گهڻيءَ
طاقت ڪري، اڪثر ووٽر انهيءَ اثر واريءَ پارٽيءَ
جي ميمبرن جي جي حيثيت ۾ نالا داخل ڪرائيندا آهن،
ته جيئن هو انهن اميدوارن کي ٿاڦڻ واري سرشتي ۾
حصو وٺي سگهن، جن جي ڪاميابيءَ جو کين يقين هوندو
آهي. طاقت واري پارٽيءَ لاءِ پسنديدگي ظاهر ڪرڻ
سان گڏ، گهڻا ووٽر حقيقت ۾ عام چونڊن ۾ ٿورائيءَ
واري پارٽيءَ جي اميدوارن جي فائدي ۾ ووٽ ڏيندا
آهن. اها حالت خاص طرح ڏکڻ ۾ موجود آهي، جتي هرڪو
گهڻو ڪري ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ شامل آهي، پر 1948ع
کان وڍي ووٽرن جو گهڻو تعداد صدارت ۽ نائب صدارت
لاءِ ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندو
رهيو آهي.
خوش قسمتيءَ سان، ووٽرن جي پارٽيءَ سان وابستگي معلوم ڪرڻ جو
ذريعو فقط داخلا جو انگ ئي نه آهن، بلڪ راءِ معلوم
ڪرڻ وارن جائزن وسيلي به ووٽرن کان سندن پسند جي
پارٽيءَ بابت پڇيو ويو آهي. ”مشيگن مطالعاتي کوجنا
واري مرڪز“ (
The Michigan Survey Research Centre)
ٻڌايو آهي ته ووٽرن جو 47 في سيڪڙو پاڻ کي ”پڪو“
يا ”ڪَچو“ ڊيموڪريٽ سمجهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾، 21
سالن کان مٿي جي عمر وارن شهرين مان 27 في سيڪڙو
پاڻ کي ”پڪو“ يا ”ڪچو“ ريپبليڪن سمجهن ٿا. باقي
بچيل شهري پاڻ کي آزاد سمجهن ٿا، پر اهڙن آزاد
ووٽرن جو به 2/1 کان 3/2 حصو هڪ نه ٻيءَ وڏي سياسي
پارٽيءَ ڏانهن لاڙو رکي ٿو. انهيءَ گروپ ۾ به،
جيڪو پاڻ کي آزاد سڏائي ٿو، ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳري
آهي، توڙي جو هتي ڊيمو ڪريٽن جو تعداد ٻين پابند
ووٽرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي(1).
انهيءَ کوجنا واري اداري بحث ڪيو آهي ته ڪنهن اليڪشن ۾ ووٽن جي
اندازي لڳائڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ووٽرن جي
سياسي پارٽين سان وابستگي معلوم ڪئي وڃي. ٻين لفظن
۾ ائين چئبو ته ووٽر هر اليڪشن ۾ پنهنجي سياسي
ترجيح بابت نئين سر نه سوچيندا آهن: توقع اها
هوندي آهي ته ووٽر انهيءَ ئي پارٽيءَ جي اميدوارن
کي ووٽ ڏيندا، جنهن پارٽيءَ سان هنن پاڻ کي اڳي
شامل ڪيو آهي، ۽ ڪن تمام غير رواجي حالتن هيٺ هو
پنهنجي پارٽيءَ کان ٻاهر ووٽ ڏيندا آهن. تنهنڪري،
جنهن به پارٽيءَ جا گهڻا ميمبر ۽ خير خواهه هوندا
آهن، ان پارٽيءَ جي ”ڊيمو ڪريٽڪ“، 24 سيڪڙي چيو ”
ريپبليڪن“، ۽ 9 سيڪڙي ڪا به پسند ظاهر نه ڪئي. ملڪ
جي ٻين حصن ۾ اداري کي هيٺيان جواب مليا:
وچ اولهه – ڊيمو ڪريٽڪ 51 سيڪڙو
ريپبليڪن 40
=
بنا فيصلي 9
=
ڏور اولهه – ڊيمو ڪريٽڪ 56 سيڪڙو
ريپبليڪن 35
=
بنا فيصلي 9
=
اوڀر – ڊيمو ڪريٽڪ 50 سيڪڙو
ريپبليڪن 43
=
بنا فيصلي 7
=
ڪنهن خاص چونڊ ۾ کٽڻ جو چڱو يقين هوندو آهي. ڪڏهن
ڪڏهن مسئلن ۽ اميدوارن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪبو
آهي، پر گهڻو ڪري ووٽرن جي پارٽيءَ سان وفاداري
فيصله ڪن هوندي آهي.
مطالعاتي کوجنا واري مرڪز چيو آهي ته معمولي اقتصادي لاهن چاڙهن
۽ اڪثر پرڏيهي بحرانن وقت به آمريڪا ۾ ووٽر پنهنجي
پارٽيءَ جي اميدوارن لاءِ ئي ووٽ ڪندا آهن. انهن
جي لفظن ۾، اڪثر چونڊون ”برقراري“ چونڊون آهن.
انهيءَ مان مراد اهي چونڊون آهن، جن ۾ شهري پنهنجن
اميدوارن کي ووٽ ڏيندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ
جماعت جي طاقت ”برقرار“ رکي ويندي آهي، جنهن کي هڪ
نه ٻئي سبب ڪري عوام جي اڪثريت جي پٺڀرائي هوندي
آهي. جيئن ته ووٽر ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ڏانهن لاڙو
رکن ٿا، تنهنڪري 1932ع کان وٺي اڪثر چونڊون اهڙيون
ٿيون آهن، جنهن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ اڪثريت جي
حمايت حاصل ڪئي آهي.
اليڪشنن جي ٻئي قسم کي ”ڦرندڙ“ اليڪشنون چيو وڃي ٿو. هن قسم هيٺ
ووٽر پنهنجي پارٽيءَ کان چونڊن وقت باغي ته نه
ٿيندا آهن، پر عام طرح ٿورائيءَ واريءَ پارٽيءَ جي
ڪنهن اميدوار جي مقبوليت سبب، يا ڪنهن عارضي پر
اهميت رکندڙ مسئلي ڪري، ووٽرن پنهنجيءَ پارٽيءَ کي
ڇڏي مخالف ڌر جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا آهن. 1952ع ۽
1956ع وارين چونڊن کي، جنهن ۾ جنرل ڊوائيٽ ڊي.
آئزنهاور (General
Dwight D. Eisenhower)
کي صدر چونڊيو ويو هو، ”ڦرندڙ“ اليڪشنون سڏيو وڃي
ٿو. انهن ٻنهي اليڪشنن مان ڪنهن ۾ به ووٽرن جي
پنهنجي پارٽيءَ سان وفاداريءَ ۾ ڪو به بنيادي ڦيرو
نه آيو. ووٽرن جي اڪثريت آئزنهاور کي صدر چونڊيو،
پر ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ لاءِ پنهنجي پسند برقرار
رکيائون. 1952ع کان 1958ع تائين ٿيل چئن چونڊن مان
ٽن ۾، ووٽرن ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ڏانهن ڊيمو
ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڪثريت اُماڻي، جيتوڻيڪ هنن صدر
ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوار کي چونڊون هو. ٻين
لفظن ۾ ائين چئجي ته آئزنهاور جي شخصيت جي ڪشش
ووٽرن کي پنهنجيءَ جماعت سان وفاداريءَ کان ”ڦرڻ“
تي مجبور ڪيو. تنهن هوندي به هنن رڳو آئزنهاور کي
ووٽ ڏنا، ۽ نه سندس پارٽيءَ جي ٻين اميدوارن کي.
ساڳي صورتحال 1916ع ۾ به لڀي ٿي، جڏهن وڊرو ولسن(Woodrow
Wilson)
کي ٻيهر صدر چونڊيو ويو هو. 1912ع ۾، ريپبليڪن
پارٽيءَ اندر سخت نفاق ڪري، ولسن کي پهريون دفعو
صدر چونڊيو ويو هو. چئن سالن کان پوءِ هنن کي ٻيهر
به صدر چونڊيو ويو، توڙي جو ثابتي موجود آهي ته
اڪثر ووٽرن جو ريپبليڪن پارٽيءَ سان واسطو هو.
1918ع ۾ قوم پنهنجي اصلوڪي طريقي تي موٽي آئي،
جڏهن ڪانگريس ۾ ريپبليڪنن جي اڪثريت چونڊي ويئي، ۽
1920ع ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ حڪومت جي ٽنهي چونڊ
وسيلي حاصل ٿيندڙ شاخن تي قبضو ڪري ورتو.
مطالعاتي کوجنا جي مرڪز جي چوڻ مطابق، چونڊن جو ٽيون قسم به
آهي. اهڙيون چونڊون تمام گهٽ، پر نمايان ٿين ٿيون.
انهيءَ قسم جي اليڪشن ۾ ووٽر پنهنجي اصلوڪي
پارٽيءَ کان ايڏو ته بدظن ٿي وڃن ٿا، جو گهڻو ڪري
مستقل طرح ٻيءَ وڏيءَ پارٽيءَ سان شامل ٿين ٿا، يا
نئينءَ يا ٽينءَ پارٽيءَ سان وڃي گڏجن ٿا. انهيءَ
قسم جي چونڊ ۾ ايڏو ته وڏو سياسي زلزلو اچي ٿو، جو
نوان ووٽر ۽ غير طرفدار شهري به سياسي وهڪري ۾ ٽپو
ڏيئي، نئين سر طاقت ۾ آيل پارٽيءَ جي پٺڀرائي ڪن
ٿا. آمريڪا جي گهرُو لڙائيءَ جي شروع ٿيڻ وقت،
1860ع ۾، ابراهم لنڪن جي چونڊ اهڙي قسم جي وڏين
اليڪشنن مان هڪڙي آهي. انهيءَ چونڊ ۾ ۾ ريپبليڪن
پارٽيءَ کي جيڪا اڪثريت حاصل ٿي، سا هڪ صديءَ جي
اٽڪل ٽن چوٿائي سالن تائين قائم رهي. انهيءَ عرصي
۾ رڳو ڪليولنڊ (Cleveland)
۽ ولسن ئي غير ريپبليڪن هئا، جن کي چونڊيو ويو. ان
دوران جڏهن ريپبليڪن پارٽيءَ جي اڪثريت قائم ٿي
رهي هئي، ڏکڻ ۾ وري ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي مستقل
اڪثريت به وجود ۾ اچي رهي هئي. ڏکڻ ۾ ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽيءَ جي اها اڪثريت هڪ سؤ سالن کان پوءِ اڄ به
گهڻن قسمن جي چونڊن ۾ قائم آهي. گهرو لڙائيءَ کان
پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 68 سالن تائين ڏکڻ ئي هو، جنهن
پنهنجي مضبوط ووٽن جي قوت سان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ
کي هڪ وڏي سياسي جماعت جي صورت ۾ جيئرو رکيو.
اهڙي قسم جي ٻي چونڊ 1932ع ۾ ٿي. انهيءَ سال، سخت اقتصادي بحران
جي حالت ۾، عام راءِ اوچتو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي
فائدي ۾ ٿي ويئي، جنهن جو اڳواڻ فرينڪلن ڊي، رُوز
ويلٽ (Franklin D.
Roosevelt)
هو. انهيءَ وقت کان وٺي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي
ووٽرن جي اڪثريت پنهنجي پارٽيءَ جي اميدوارن کي ئي
ووٽ ڏيندي رهي ٿي. 1932ع کان 1962ع تائين،
ريپبليڪن پارٽيءَ ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ رڳو
ٻه دفعا اڪثريت حاصل ڪئي آهي، ۽ اها به تمام گهٽ
ميمبرن جي، ۽ فقط ٻن ٻن سالن لاءِ، ريپبليڪن پارٽي
وائيٽ هائوس تي تڏهن قبضو ڪري سگهي، جڏهن سندن
اميدوار آئزنهاور هو.
مٿئين بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ووٽر ملڪ جي هڪ حصي ۾ هڪ جماعت
ڇڏي ٻيءَ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ۽ اهو به فقط هڪ قسم
جي چونڊ لاءِ. اهو چوڻ واجبي ٿيندو ته سڄي ملڪ ۾
ووٽرن طرفان پنهنجين پارٽين بدلائڻ کان چار سال
اڳ، 1928ع ۾، اتر – اوڀر جي شهريت جا ووٽر ائين
ڪري پئي سگهيا. جي-جي هٿمئچر(J.J.
Huthmacher)
جي لکڻ مطابق، آئرلنڊ ۽ اٽليءَ مان لڏي آيلن جي وچ
۾، جيڪي سياسي وفاداريءَ جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان
ورهايل هئا، ٺاهه ڪرائڻ ۾ الفريڊ اي. سمٿ جي
اميدواريءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هٿمئچر جو مطالعو
رڳو مساشوسيٽس جي ڪامنويلٿ تائين محدود آهي، پر
ساڳي صورتحال اتر-اوڀر جي ٻين شهري ايراضين ۾ به
پيدا ٿي هئي
(1).
ووٽرن طرفان هڪ جماعت ڇڏي ٻيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو علائقائي مثال
شايد 1948ع ۾ ڏکڻ ۾ قائم ٿيو، ۽ جيڪڏهن ائين آهي
ته اهو مثال ڪي قدر ٻئي قسم جو آهي. 1948ع ۾ ڊيمو
ڪريٽڪ پارٽيءَ پنهنجي قومي گڏجاڻيءَ ۾ هڪ منشور
منظور ڪيو، جنهن ۾ سڀني نسلن جي ماڻهن کي سياسي ۽
اقتصادي برابري ڏيارڻ جو عهد ڪيو ويو. ڏاکڻين
رياستن مان آيل نمائندن جي سخت اعتراضن کان پوءِ
به اهو منشور پارٽيءَ طرفان منظور ڪيو ويو. ڪجهه
نمائندا ته گڏجاڻيءَ مان اٿي هليا ويا. ساڳئي سال
سرءُ ۾ جڏهن چونڊون ٿيون ته چئن ڏاکڻين رياستن،
ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کان ڇڄي، ”اسٽيٽس رائيٽس
پارٽي“ (States
Rights Party)
يا ”ڊڪسيڪرئٽس“ (Dixiecrats)
جي حمايت ڪئي. اها پارٽي نسلي امتياز جي فائدي ۾
هئي. 1948ع کان وٺي، صدارتي اليڪشنن ۾ ڏکڻ وارن
ڪڏهن به مڪمل طور تي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي
اميدوارن لاءِ ووٽ نه ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته
ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن، چئني چونڊن ۾،
اڳوڻين يارهن وفاقي رياستن مان چئن رياستن جي
حمايت هٿان وڃائي ڇڏي آهي. ٻيو ته گذريل ٽن چونڊن
مان هر هڪ ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ انهيءَ سڄي علائقي ۾
پنجاهه في سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. جيڪڏهن
ريپبليڪن پارٽي ۽ اِسٽيٽس رائيٽس پارٽيءَ طرفان
1948ع ۾ کنيل ووٽ گڏ ڪيا وڃن، ته ان سال به سندن
فائدي ۾ پنجاهه في سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ هئا. 1960ع
۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار، رچرڊ ايم.
نڪسن، ڏکڻ ۾ وڏين پارٽين کي مليل ووٽن مان 47 في
سيڪڙو کان ڪجهه وڌيڪ ووٽ کنيا. جملي ووٽن مان
ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار، سينيٽر جان ايف
ڪينيڊيءَ، 9ء50 في سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
اهو صاف ظاهر آهي ته ڏکڻ ۾ پارٽين جي مٽا سٽا وڏي پيماني تي نه
ٿي آهي. ڪانگريس توڙي رياستي ۽ مقامي عهدن لاءِ
ڏاکڻين رياستن جي ووٽرن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي
اميدوارن ڏانهن روايتي وفاداريءَ ۾ ڪو وڏو ڦيرو نه
آيو آهي. ريپبليڪن پارٽيءَ ورجينيا، فلاريڊا،
ٽينيسي ۽ ٽيڪساس ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪاميابي حاصل ڪئي
آهي، پر ڏکڻ ۾ ڪانگريس جي 100 تڪن مان ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽي گهٽ ۾ گهٽ 90 تڪن ۾ ڪامياب ٿي آهي، توڙي جو
انهيءَ عرصي ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدارتي
اميدوار خلاف گهڻا ووٽ پيا. ريپبليڪن پارٽيءَ
1961ع ۾ ٽيڪساس مان سينيٽ جي هڪ جاءِ کٽي. اهڙيءَ
طرح گهرو لڙائيءَ کان پوءِ واريءَ تعمير کان وٺي
اهو پهريون ريپبليڪن هو، جنهن ڏکڻ مان سينيٽ جي
جاءِ حاصل ڪئي. ڏکڻ ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ڏانهن
ووٽرن جي ٻٽي رخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پارٽيءَ
جي صدارتي شاخ ۽ ڪانگريس واريءَ شاخ جي وچ ۾ فرق
کي چڱيءَ طرح سمجهن ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته صدارتي شاخ،
جيڪا اتر جي شهري ووٽن تي مدار رکي ٿي، سا اهڙن
شهري حقن جي قانونن يا ٻين قانونن جي پٺڀرائي
ڪندي، جن جي ڏکڻ جي شهرين جو وچولو طبقو مخالفت
ڪري ٿو. ٻئي پاسي وري کين اها به خبر آهي ته
ڪانگريس لاءِ ڏکڻ مان چونڊيل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ
جا اميدوار يا ته انهن شهري حقن جي قانونن جي
مخالفت ڪندا، يا صدارتي شاخ جي ڀيٽ ۾ انهن جي گهٽ
حمايت ڪندا. ٻيو ته هو اها اميد ڪندا آهن ته
پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار جي ڀيٽ ۾، ڪانگريس لاءِ
پارٽيءَ جا ڏکڻ وارا اميدوار گهرو اقتصادي مسئلن
تي گهٽ آزاد خيال يا تمام گهٽ آزاد خيال ثابت
ٿيندا. 1960ع واريءَ چونڊ جي هڪڙي دلچسپ حقيقت اها
آهي ته سڄي ملڪ جي ٻين مرڪزي شهرن وارين ايراضين
جي مقابلي ۾، ريپبليڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار
کي ڏکڻ جي شهرن ۾ ووٽن جو هميشه کان وڌيڪ تعداد
مليو.
|