صدارتي ترجيح جون ابتدائي چونڊون
قومي ڪنوينشن لاءِ نمائندن چونڊڻ جو سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آيل
طريقو آهي صدارتي ترجيح جي ابتدائي چونڊ
(Presidential Preference Primary)،
جنهن ۾ هڪ رياست جا سڀ پارٽي- ميمبر حصو وٺي سگهن
ٿا. اهي ووٽر ڪنوينشن لاءِ نمائندا چونڊيندا آهن،
يا صدارتي اميدوارن مان هڪ لاءِ پنهنجي ترجيح ظاهر
ڪندا آهن. خود سڌين چونڊن ۾ به هڪ کان ٻيءَ رياست
۾ گهڻو فرق هوندو آهي. ڪجهه ٻاهريان سبب به سڌين
چونڊن جي اهميت تي اثر وجهي سگهن ٿا. جيڪڏهن سڀ
اميدوار ڪنهن رياست جي ابتدائي چونڊ ۾ حصي وٺڻ کان
انڪار ڪن ته اهڙيءَ ابتدائي چونڊ جي ڪا به اهميت
نه ٿي رهي، حالانڪ قانون طرفان کليءَ طرح ووٽرن کي
قومي ڪنوينشن جي فيصلي تي اثر وجهڻ لاءِ اهو صحيح
موقعو مليل آهي. ٻئي هٿ تي، جيڪڏهن مکيه اميدوارن
مان ٻه اميدوار ڪنهن ابتدائي چونڊ ۾ حصو وٺن ٿا،
ته اهڙيءَ صورت ۾ ابتدائي چونڊ تمام اهميت وٺيو
وڃي،
حالانڪ رياستي قانون موجب ووٽرن کي اميدوارن جي
چونڊ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنل نه آهي
(1).
سڌين چونڊن جي چئن قسمن کي هيٺ مختصر طرح بيان ڪيو
ويو آهي:
1. اهي ابتدائي چونڊون، جن ۾ ووٽر صدارتي اميدوارن مان ڪنهن هڪ
لاءِ پنهنجي ترجيح ظاهر ڪندا آهن، پر قومي
ڪنوينشن لاءِ نمائندن جي چونڊ پارٽيءَ جا رياستي
ڪنوينشن ڪندا آهن.
2. اهي ابتدائي چونڊون، جن ۾ ووٽر نمائندا چونڊيندا آهن، ۽ هڪ
صدارتي اميدوار لاءِ ترجيح به ظاهر ڪندا آهن.
نمائندن کي هر حالت ۾ انهن اميدوارن جي پٺڀرائي
ڪرڻي آهي، جن لاءِ ووٽرن ترجيح ظاهر ڪئي هجي.
3. اهي ابتدائي چونڊون، جن ۾ هڪ اميدوار لاءِ ترجيح ظاهر ڪئي
ويندي آهي. نمائندا به چونڊيا ويندا آهن، پر اهي
پارٽيءَ جي ووٽرن جي ترجيح وارن اميدوارن جي حمايت
ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه هوندا آهن.
4. اهي ابتدائي چونڊون، جن ۾ ووٽر نمائندا چونڊيندا آهن، پر
ڪنهن به صدارتي اميدوار لاءِ ترجيح ظاهر نه ڪندا
آهن، ۽ نمائندا اهڙو ڪوبه اشارو نه ڏيندا آهن ته
هو ڪهڙي اميدوار جي پٺڀرائي ڪندا(2).
جن رياستن ۾ ووٽر قومي ڪنوينشن لاءِ واعدو نه ڪندڙ نمائندا
چونڊيندا آهن ۽ کين صدارتي اميدوارن مان ڪنهن هڪڙي
جي حق ۾ پنهنجي ترجيح ظاهر ڪرڻ جو موقعو حاصل نه
آهي، اتي ابتدائي چونڊن کي تمام گهٽ اهميت ڏني وڃي
ٿي. اهڙي قسم جي ابتدائي چونڊ اِلينائي (Illinois)،
نيويارڪ ۽ پينسلوانيا جهڙين رياستن ۾ ٿيندي آهي،
جتي جماعتي تنظيمون طاقتور آهن. انهن رياستن ۾
ريپبليڪن پارٽيءَ جا اڳواڻ، پاڻ ۾ ٺاهه ڪري،
ريپبليڪن ووٽرن جي منظوريءَ لاءِ اميدوارن جي هڪ
ئي فهرست پيش ڪندا آهن. ساڳيءَ طرح، ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽي به ڊيمو ڪريٽڪ ووٽرن جي منظوريءَ لاءِ
اميدوارن جي هڪڙي فهرست پيش ڪندي آهي.
سڀ کان اهم ابتدائي چونڊون اهي آهن، جن ۾ ووٽر قومي ڪنوينشن
لاءِ نمائندا به چونڊين ٿا ۽ صدارتي اميدوارن مان
هڪ لاءِ ترجيح به ظاهر ڪن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾،
نمائندا ووٽرن جي ترجيح وارن اميدوارن جي پٺڀرائي
ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندا آهن.
بدقمستيءَ سان، ووٽر صدارتي اميدوارن لاءِ ترجيح تڏهن ئي ظاهر
ڪري سگهن ٿا، جڏهن اميدوار سندن رياستن ۾ صدارتي
ترجيح وارين ابتدائي چونڊن ۾ مقابلو ڪن. ووٽرن کي
قانوني طرح ڪيڏو به مضبوط يا ڪمزور ڪردار ادا ڪرڻو
هجي، پر جيستائين ڪي اهم ۽ زور ڀريا اميدوار
رياستي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل نٿا ٿين، تيستائين صدارتي
ترجيح وارين ابتدائي چونڊن جي ڪا خاص اهميت نٿي
ٿئي. 1960ع ۾ سڄي ملڪ اندر ريپبليڪن پارٽيءَ جي
ووٽرن عام طرح نڪسن جي پٺڀرائي ڪئي، تنهنڪري ڪي به
اهم ابتدائي چونڊون نه ٿيون. ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ۾
گهڻا صدارتي اميدوار هئا، پر انهن کي نيو جرسي،
ڪئليفورنيا ۽ فلاريڊا ۾ ڪا به حمايت ڪا نه ملي، ڇو
ته انهن رياستن ۾ گورنر ئي ”لاڏلو پٽ“ (
Favourite son)
هو. انهيءَ جو مطلب هي آهي ته انهن رياستن ۾ گورنر
ئي اڪيلو شخص هو، جيڪو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ پاران
صدارتي اميدواريءَ لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿي سگهيو.
هو صدارت لاءِ ڪو سنجيدو اميدوار ڪو نه هو، پر
تڏهن به ٻين اميدوارن هن جي پنهنجيءَ رياست طرفان
حمايت جي اعزاز واريءَ دعوا جو پهرئين ڪنوينشن جي
موقعي تي مقابلو ڪرڻ نه چاهيو، انهيءَ ڊپ کان ته
متان ايندڙ ڪنوينشن جي موقعن تي سندس وفد مخالفت ۾
ووٽ ڏئي. ائين ممڪن آهي ته ڪو به سنجيدو اميدوار
”لاڏلي پٽ“ کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو، جنهن کي ڪنوينشن
۾ پنهنجي وفد کان سواءِ ٻين وفدن کان ووٽ ملڻ جي
اميد نه هوندي آهي. بهرحال، جيڪڏهن رياست کان ٻاهر
جا ٻه يا ٽي اميدوار ان رياست جي ابتدائي چونڊ ۾
حصو وٺندا، ته پوءِ انهيءَ حالت ۾ مقامي لاڏلو پٽ
کٽي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو کٽي به، تڏهن به اها اميد
گهٽ هوندي آهي ته هو ڪو انهيءَ اميدوار جي حمايت
ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، جنهن پهريائين سندس اعزاز کي
للڪاريو هو.
وسڪونسن جهڙين ڪهه رياستن ۾، جتي ”کليل“ ابتدائي چونڊ ٿيندي
آهي، اتي هڪ پارٽيءَ جي اندرين مقابلن ۾ گهڻا ووٽر
حصو وٺي سگهن ٿا. 1960ع ۾، نڪسن کي ريپبليڪن
واريءَ ابتدائي چونڊ ۾ ڪو به مخالف ڪو نه هو. هن
کي ريپبليڪن ڪنوينشن ۾ انهيءَ رياست جي وفد جي
حمايت جو يقين هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ گهڻن ماڻهن،
جيڪي نالي ۾ ريپبليڪن هئا، ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي
ابتدائي چونڊ ۾ ووٽ ڏنا. انهيءَ ابتدائي چونڊ ۾
سينيٽر ڪينيڊي ۽ سينيٽر همفري پنهنجي پارٽيءَ جي
وفدن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيا هئا.
جيتوڻيڪ اهو فقط انومان آهي، پر ائين ممڪن آهي ته
ريپبليڪن پارٽيءَ جي ووٽن سان ڪينيڊيءَ کي رياست
جي ڪئٿلڪ ايراضين ۾ مدد ملي هجي، ۽ همفريءَ کي
پراٽيسٽنٽ علائقن ۾.
ابتدائي چڍونڊون ڪيتري اهميت رکن ٿيون؟
سڌاري جي انهيءَ لهر سان، جنهن ۾ رياستي ۽ مقامي عهديدارن جي
نامزدگيءَ لاءِ ابتدائي چونڊن وارو سرشتو پهريون
ڀيرو اڪثر رياستن ۾ رائج ٿيو، صدارتي عهدي جي
نامزدگي به ساڳئي طريقي سان ڪرڻ جي تحريڪ زور
ورتو. 1916ع ڌاري، 22 رياستن صدارتي اميدوارن جي
نامزدگيءَ لاءِ سڌين عام چونڊن جو ڪونه ڪو طريقو
اختيار ڪيو. انهيءَ طريقي جي سڄي آمريڪا ۾ عمل هيٺ
اچڻ لاءِ رڳو وقت گهربل هو. سڌاري جي پرچار ڪندڙن
مان ڪن قومي سطح تي ابتدائي چونڊ جي سرشتي رائج
ڪرڻ جي رٿ ڏني ته جيئن پارٽين جي اميدوارن ٿاڦڻ
لاءِ ڪنوينشن واري سرشتي جي مڪمل پڄاڻي اچي.
بهرحال، 1916ع تائين صدارتي ابتدائي چونڊن تي
انهيءَ تحريڪ جي انتها ٿي. تڏهن کان وٺي ڪن رياستن
۾ نمائندن جي چونڊ ڪرڻ ۽ صدارتي اميدوارن بابت
پنهنجي ترجيح ظاهر ڪرڻ لاءِ اهو سرشتو اختيار ڪيو
ويو آهي، پر گهڻيون رياستون ان کي ترڪ ڪري چڪيون
آهن. 1960ع ۾ اٽڪل ويهن رياستن صدارتي سڌيون
چونڊون ڪرايون.
ڪجهه سياسي اڳواڻ اهو يقين رکن ٿا ته ڪنوينشن کي وڌيڪ جمهوري
بڻائڻ لاءِ سڌيءَ چونڊ هڪ اهم وسيلي جو ڪم پئي ڏنو
آهي. ڪيترائي ٻيا، جن ۾ اڳوڻو صدر هينري ايس.
ٽرومن به شامل آهي، ابتدائي چونڊ کي گهٽ اهم سمجهن
ٿا. صدارتي ابتدائي چونڊن جون ڪهڙيون به عام
خوبيون يا خرابيون هجن، پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته اهي ڪجهه اميدوارن جي ڪردار کي نمايان ڪرڻ
۾ اهم ثابت ٿينديون رهيون آهن.
ابتدائي چونڊن جو سڀ کان ظاهري اثر اهو آهي ته انهن کان پوءِ
ڪنوينشن جي نمائندن طرفان امڪاني اميدوارن بابت
سنجيدگيءَ سان وڌيڪ غور ويچار ختم ٿيو وڃي.1944ع ۾
وينڊيل ولِڪيءَ (Windell Willkie)
کي جڏهن وسڪونسن جي ابتدائي چونڊ ۾ چڱي حمايت نه
ملي، ته هن ريپبليڪن ڪنوينشن ۾ پنهنجي اميدواريءَ
تان هٿ کڻي ڇڏيو. چار سال پوءِ جڏهن آريگان (Oregon)
رياست جي ريپبليڪن ووٽرن ٿامس اي. ڊيوي (Thomas E. Dewey)
لاءِ زبردست ترجيح ظاهر ڪئي، ته ٻيو اميدوار
هئرولڊ اِسٽيسين(
Harold Stassen)
هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. 1960ع ۾، اولهه ورجينيا
رياست ۾ واريءَ سڌيءَ چونڊ کان اڳ، ڪينيڊيءَ کي
نيو انگلنڊ رياستن ۾ الينائي رياست کان ٻاهر
جماعتي پٺڀرائي گهٽ هئي. اولهه ورجينيا جي سڌيءَ
چونڊ اهو ثابت ڪيو ته هو وٽرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي
سگهي ٿو، ۽ سندس ڪئٿلڪ مذهب جو پوئلڳ هجڻ اولهه
ورجينيا جهڙيءَ پراٽيسٽنٽن جي گهڻائيءَ واريءَ
رياست ۾ به ڪا رنڊڪ بنجي نٿو سگهجي. انهيءَ رياست
۾ سندس سوڀ کان پوءِ، سينيٽر ڪينيڊيءَ جي پٺڀرائي
ڪندڙن جو انگ هر هفتي وڌندو رهيو، تان جو لاس
اينجلس ۾ جولاءِ 1960ع واري ڊيمو ڪريٽڪ ڪنوينشن ۾
کيس پارٽيءَ طرفان صدارتي اميدوار ٿاڦيو ويو.
ابتدائي چونڊن وسيلي انهيءَ شخص کي هٽائي نٿو سگهي، جيڪو اڳ ۾
ئي صدر آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته وائيٽ-
هائوس ۾ رهندڙ ڪو به شخص سڄي ملڪ ۾ ايتري سياسي
طاقت حاصل ڪري سگهي ٿو، جو هو پارٽيءَ طرفان
اميدوار نامزد ٿيڻ جو يقين رکي سگهي. پارٽيءَ جون
رياستي تنظيمون ۽ پارٽيءَ جا ووٽر به صدر سان گڏ
هوندا آهن. ٻيو ته عهدي تي فائز صدر وٽ پنهنجن
پٺڀرائي ڪندڙن کي نوازڻ جا چڱا ذريعا موجود هوندا
آهن. جيڪڏهن ڪو صدر غير معمولي طور تي نااهل نه
آهي يا هو گهڻن معاملن ۾ ناڪام نه ٿيو آهي، ته
پارٽيءَ طرفان کيس ٻيهر ٿاڦجڻ جو يقين هوندو آهي.
ڪنوينشن جي تنظيم
قومي ڪنوينشن هر چوٿين سال پارٽين جي قومي ڪاميٽيءَ طرفان سڏايا
ويندا آهن.
(1).
ڪنوينشن جي گڏ ٿيڻ واري هنڌ مقرر ڪرڻ کان اڳ اتي
ملندڙ سهولتن، ميٽنگ جي خرچ لاءِ اتي جي واپارين
يا شهرين طرفان ملندڙ چنڊن، ۽ ڪنهن خاص شهرجي
سياسي اثر وغيره تي ويچار ڪيو ويندو آهي.
ويجهڙائيءَ وارن سالن اندر اڪثر ڪنوينشن شڪاگو ۽
فلاڊيلفيا ۾
سڏايا ويا آهن،پر اليڪشن ۾ ڪئليفورنيا رياست جي
وڌندڙ اهميت کي نظر ۾ رکندي، ريپبليڪن پارٽيءَ اتي
1956ع ۾، ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ 1960ع ۾ پنهنجا
قومي ڪنوينشن سڏايا هئا. جيڪڏهن ڪنوينشن اهڙيءَ
رياست ۾ سڏيو وڃي، جتي ڪنهن هڪ اميدوار کي زبردست
حمايت حاصل آهي ته اهڙيءَ صورت ۾ انهيءَ اميدوار
جي ڪاميابيءَ جي اميد وڌي وڃي ٿي. انهيءَ ڳالهه جي
گهڻي اهميت انهيءَ وقت هئي، جڏهن اچ- وڃ جا ذريعا
ڏکيا ۽ مواصلات جا وسيلا سست هوندا هئا، پر موجوده
زماني ۾ ميٽنگ جي هنڌ جو چونڊ جي نتيجي تي اثر نٿو
پوي.
ڪنوينشن جون ڪميٽيون
ڪنوينشن گهرائڻ کان اڳ چئن مکيه ڪميٽين جون گڏجاڻيون ٿينديون
آهن. اهي آهن: سَنَدَ ڪميٽي، منشور ۽ ٺهرائن واري
ڪميٽي، ڪم هلائڻ جي قاعدن واري ڪميٽي، ۽ مستقل
جماعتبنديءَ واري ڪميٽي. هر ڪميٽيءَ ۾ هر ڪنهن
رياست مان ٻه ميمبر هوندا آهن. اهي ميمبر رياستي
وفدن طرفان چونڊيا ويندا آهن. انهن ميمبرن جي
مقرريءَ جي منظوري ڪنوينشن ڏيندو آهي، پر منظوري
انهيءَ وقت تائين نه ٿيندي آهي، جيستائين ڪميٽيون
اڳ ۾ ئي گهڻو ڪم ڪري چڪن. عام طرح ”منشور ۽ ٺهرائن
واري ڪميٽي“ (The Committee on Platform and Resolutions)
سڀ کان اهم آهي، جيتوڻيڪ ڪن خاص رياستن مان آيل
مخالف وفدن مان ڪنهن هڪ جي ڪنوينشن ۾ ويهڻ بابت
فيصلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ”سند ڪميٽيءَ“ (Credentials
Committee)
جا معاملا به بعضي تمام اهم بنجيو وڃن.
منشور جو مسودو عام طرح هڪرو ڄڻو، يا 2-4 ڄڻا گڏجي، ڪنوينشن کان
گهڻا هفتا اڳ تيار ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جو اڪيلي
سر ڪنوينشن تي اثر هوندو آهي، ته اهڙيءَ صورت ۾
اهو فيصلو ڪندو آهي ته منشور جو پهريون مسودو ڪير
تيار ڪري، مڪمل ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪنوينشن کان گهٽ
۾ گهٽ هڪ هفتو اڳ ٿيندو آهي، جنهن ۾ انهن ماڻهن جا
رايا ٻُڌا ويندا آهن، جيڪي منشور ۾ ڦير گهير
گهرندا آهن. اهي راءِ ڏيندڙ گهڻو ڪري آمريڪا جي
وڏن مفادي گروپن جي نمائندگي ڪندا آهن. ٻنهي سياسي
پارٽين جي منشور- ڪاميٽين جي اجلاس ۾ واپارين،
مزورن، هارين، شاگردن ۽ استادن،نسلي گروپن ۽ ٻين
ڪيترن ئي حلقن جا نمائندا، تقريرن ذريعي پنهنجن
گروپن جا مفاد اچي بيان ڪندا آهن. مفادي گروپن جي
انهن نمائندن کي تفصيلي طرح ٻڌڻ کان پوءِ منشور جو
آخري مسودو قلمبند ڪيو ويندو آهي.
پارٽين جا منشور ڊگها دستاويز آهن، جن ۾ معاشري جي هر حصي کي
پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، تنهن ڪري
انهيءَ چوڻ جو ضرور نه آهي ته اهي دستاويز عام طرح
صاف ۽ واضح نه هوندا آهن. واعدا تمام رک رکاءَ
واري طريقي سان ڪيا ويندا آهن، ته جيئن پوءِ وارين
ڦيرين گهيرين کي لڪائي سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا پارٽي
ڪنهن خاص مسئلي تي بلڪل واضح طور تي واعدا ڪندي
آهي. سڀ کان وڏي نسلي گروهه هجڻ ڪري، جيئن ته اتر
وارين رياستن ۾ شيدين جا ووٽ اهميت رکندڙ آهن،
تنهنڪري ٻيئي جماعتون شيدين کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي
ڪوشش ڪنديون آهن. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته هڪ
نه ٻيءَ پارٽيءَ جي ميمبرن جي گهڻائي شهري حقن جي
فائدي ۾ نه آهي، پر سياسي حقيقت پسند اهو تسليم ڪن
ٿا ته 5 يا 10 في سيڪڙو شيدين کي پنهنجي طرف ڪرڻ
سان سندن طاقت تي سٺو اثر پئجي سگهي ٿو. ٻيئي
پارٽيون شيدين کي پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ هميشہ ڪوشش
ڪنديون آهن، توڙي جو ڏاکڻين رياستن جا وفد انهيءَ
ڳالهه کي پسند نه ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪا اهڙي
صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته پارٽيون ڏاکڻين رياستن
جي وفدن جي ناراضگيءَ جو ڪو به خيال نه ڪندي،
شيدين جي حق جي پٺڀرائي ڪنديون آهن. اهو ئي سبب
آهي جو 1948ع کان وٺي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ چار
ڏاکڻيون رياستون پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيون آهن.
ڪنوينشن جا عملدار
پارٽيءَ جو قومي چيئرمين، ڪنوينشن جو افتتاح ڪندو آهي. کانئس
پوءِ ڪنوينشن جي وقتي چيئرمين جو وارو ايندو آهي،
جنهن جو ڪم رڳو اهو آهي ته هڪ ڊگهي تقرير ڪري،
پنهنجي پارٽيءَ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀري ۽ مخالف
پارٽيءَ جون اوڻايون بيان ڪري. ان کان پوءِ، قومي
چيئرمين واري اچي جاءِ والاريندو آهي. مستقل
چيئرمن ڪنوينشن جو سڀ کان اهم عملدار هوندو آهي.
انهيءَ عهدي جي اهميت هن مان ظاهر ٿئي ٿي ته
پارٽيءَ جو نمائندن واري ايوان ۾ سڀ کان وڏو
عهديدار يا سپيڪر، عام طرح پارٽيءَ جو مستقل
چيئرمين هوندو آهي. ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو آنجهاني
سئم ريبرن(Sam
Rayburn)
۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جو جوزف مارٽن (Joseph
Martin)
ٻين کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ جا
مستقل چيئرمن رهيا هئا. ريبرن 1920ع ۾ اهو عهدو
قبولڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته هو پنهنجي دوست لِنڊن
بي. جانسن(Lyndon
B. Johnson)
کي صدارتي اميدوار چونڊائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيو
هو. 1960ع ۾ مارٽن کي بدلائي، چارلس هئليڪ (
Charles Halleck) کي ريپبليڪن پارٽيءَ جومستقل چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ڇو ته
نمائندن واري ايوان ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ لاءِ
هئليڪ، مارٽن کي شڪست ڏني هئي.
اميدوارن کي ٿاڦڻ
ڪنوينشنن جي ٽئين ڏينهن تي، نمائندا صدر ۽ نائب صدر جي عهدن
لاءِ اميدوارن ٿاڦڻ جو اهم ڪم هٿ ۾ کڻندا آهن.
انهيءَ وچ ۾ ننڍا اميدوار ميدان ڇڏي ويندا آهن، يا
وڏن اميدوارن مان هڪ کي پٺڀرائي ڪرڻ جو واعدو ڪندا
آهن. مقابلي لاءِ هاڻي ٿورڙا اميدوار وڃي بچندا
آهن، جن مان هڪ کي پهرينءَ ووٽنگ ۾ ٿاڦيو ويندو
آهي. اميدوار ٿاڦڻ ۾ جلدائي انهيءَ ڪري پيدا ٿي
آهي جو 1936ع ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ اميدوار لاءِ
ووٽن جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو کڻڻ وارو شرط ختم ڪري
ڇڏيو. انهيءَ تبديليءَ سان، اميدوارن مٿان ڏاکڻين
وفدن جي طاقت گهٽجي ويئي. اهو ٻه ڀاڱي ٽي ووٽن کڻڻ
وارو شرط ئي هو، جنهنڪري جيمس بچانن(James Buchanan)
جهڙو ڪمزور ماڻهو 1856ع ۾ اميدواري حاصل ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو، ڇو ته پارٽيءَ جا اتر توڙي ڏکڻ وارا
پاسا غلاميءَ واري سوال تي هڪٻئي جي خلاف هئا،
جنهنڪري کين ڪو به مضبوط شخص پسند نه هو. ساڳئي ئي
شرط سببان، 1924ع ۾، شهري خيالن واري الفريڊ اِي.
سمٿ ۽ سندس ڏاکڻن مخالفن ۾، جيڪي گهڻو ڪري
ڪُوڪِلَڪس ڪِلئن (KuKlux
Klan)سان
واسطو رکندڙ هئا، جهيڙو ٿي پيو هو. پارٽيءَ آخر ۾
جان ڊبليو. ڊيوس (
John W. Devis)
کي بنا مطلب اميدواري ڏيئي ڇڏي، حالانڪ مهم جي
شروعات ۾ سندس اميد بلڪل گهٽ هئي. ڊيوس کي مدد ڪرڻ
جي فيصلي کان اڳ ڪنوينشن ۾103 ڀيرا ووٽ ورتا ويا.
ڪنوينشن سرشتي بابت بروڪنگس (Brookings)
مطالعي مان خبر پوي ٿي ته صدارتي ابتدائي چونڊن ۽
اميدوارن جي طاقت بابت اخباري رپورٽن سببان،
ڪنوينشن ۾ فيصلو ستت ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه ماڻهو ته
ايترو به چون ٿا ته ڪجهه اڳتي هلي، اڪثر اميدوار
پهرينءَ ئي ووٽنگ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.
طريقو
جڏهن اميدوارن کي ٿاڦڻ جو وقت ايندو آهي، تڏهن ڪنوينشن جو ڪلارڪ
رياستن جا نالا کڻندو ويندو آهي. سڀ کان پهريائين
الاباما رياست جو وفد ايندو آهي. اهو وفد يا ته
پاڻ اميدوار جو نالو تجويز ڪندو آهي، يا بنا نالي
تجويز ڪرڻ جي لنگهي ويندو آهي، يا وري ڪنهن ٻيءَ
رياست طرفان اميدوار جي نالي تجويز ڪرڻ لاءِ
پنهنجي حق تان هٿ کڻندو آهي. اهو رواج آهي ته
رياستي وفد انهيءَ اميدوار جو نالو تجويز ڪندو
آهي، جيڪو انهيءَ رياست جو رهاڪو هجي. اهو به رواج
آهي ته الاباما جو وفد اميدوار تجويز ڪرڻ جي حق
تان هٿ انهيءَ رياست جي فائدي ۾ کڻندو، جيڪا
پنهنجي اميدوار جونالو پيش ڪري ٿي. جيڪڏهن اهي ٻئي
صورتون نه آهن، ته پوءِ وفد لنگهي ويندو. الاباما
کان پوءِ ٻيءَ رياست، الاسڪا جو وارو ايندو، جنهن
کي پڻ ساڳيا موقعا ملندا. اهڙيءَ طرح، هڪٻئي پٺيان
پنجاه ئي رياستن جا وفد ايندا ويندا.
جڏهن سڀني اميدوارن جا نالا تجويز ٿي ويندا، ته پوءِ اصل جنگ
شروع ٿيندي. ڪنهن اميدوار جي نالي جي رٿ ڏيڻ لاءِ
جنهن نمائندي کي وفد طرفان چونڊيو ويندو آهي، اهو
ڪنوينشن اڳيان پنهنجي اميدوار جي حق ۾ جوشيلي
تقرير ڪندو آهي. هو پنهنجي پسند واري اميدوار جون
خوبيون بيان ڪندي، آخر ۾ هن طرح تقرير ختم ڪندو
آهي ته ”خواتين ۽ حضرات، ماڻهن ڪنوينشن اڳيان
آمريڪا جي ايندڙ صدر، مانَ واري، جان ڊبليو. سمٿ
جو نالو پيش ڪريان ٿو.“ انهيءَ تقرير ختم ٿيندي
ئي، اميدوا جا حامي ڪريسين تان اٿي ڳائڻ ۽ رڙيون
ڪرڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ هنگامي کان پوءِ، پنج
يا وڌيڪ نمائندا اٿي انهيءَ رٿ جي پٺڀرائي ڪندا
آهن. پٺڀرائيءَ واريءَ هر تقرير کان پوءِ تاڙين جو
ڦهڪو ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح، مختلف اميدوار جي
نالي جي رٿ اچڻ سان ان جي ساڳيءَ طرح آجيان ڪئي
ويندي آهي.
اوڻيهين صديءَ دوران تمام ڊگهين تجويزي ۽ تائيدي تقريرن ڪرڻ جو
رواج هوندو هو. اميدوار جي حق ۾ مظاهرا به تمام
گهڻيءَ دير تائين ڪيا ويندا هئا، ته جيئن ٻيا
نمائندا سمجهن ته انهيءَ اميدوار کي سڀ کان گهڻي
حمايت حاصل آهي. اهو رواج ٽيليويزن جي وجود ۾ اچڻ
تائين قائم رهيو. ٽيليويزن کان پوءِ ڪنوينشن جي
طريقي ۾ معمولي تبديلي ڪئي ويئي. هينئر تجويزي
تقريرون ننڍيون هونديون آهن، ۽ مظاهرن کي به
گهٽايو يو آهي.تائيدي تقريرن جو وقت سختيءَ سان
پنج منٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
اميدوارن جا نالا ڪنوينشن اڳيان رکڻ کان پوءِ، ڪلارڪ ووٽن ڏيڻ
لاءِ هر هڪ رياست کي سڏ ڪندو آهي. سڀ کان پهريائين
وري به الاباما رياست جو نالو پڪاريو ويندو آهي.
سڏ ٿيڻ شرط ئي، الاباما جي وفد جو سربراهه اٿي
اعلان ڪندو آهي ته ”الاباما پنهنجا 18 ئي ووٽ
آمريڪا جي ايندڙ صدر، جان ڊبليو. سمٿ کي ڏئي ٿي“،
يا هو چوندو آهي ته وفد ڏهه ووٽ سمٿ کي، ڇهه وٽ
جونس کي، ۽ ٻه ووٽ جيمس کي ڏئي ٿو. پر جيڪڏهن وفد
اڃا اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻا
آهن، ته وفد جو اڳواڻ چوندو ته الاباما رياست
لنگهي ٿي وڃي. اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن ٻيون رياستون
ووٽ ڏيئي چڪنديون، تڏهن وري الاباما جي وفد کان
ووٽ ورتا ويندا.
سڀني رياستن طرفان ووٽ ڏيڻ کان پوءِ، ڪلارڪ ووٽنگ جو نتيجو ظاهر
ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار جملي ووٽن جي اڪثريت
کنئي آهي ته هن کي هڪدم ڪامياب قرار ڏنو وڃي ٿو،
يا وري ٻين اميدوارن جا حامي به اُٿي ڪامياب
اميدوار کي سڄي ڪنوينشن پاران اتفاق راءِ سان
چونڊين ٿا. جيڪڏهن ڪو به هڪ اميدوار جملي ووٽن جي
اڪثريت نٿو کڻي، ته ڪلارڪ وري ووٽن لاءِ سڀني
رياستن جا نالا کڻي سڏڻ شروع ڪري ٿو، ۽ وفد هڪ
دفعو وري ووٽ ڏين ٿا. اهو طريقو ان وقت تائين جاري
رهي ٿو، جيستائين هڪ اميدوار ووٽن جي اڪثريت کڻڻ ۾
ڪامياب ٿئي. 1960ع ۾ ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن
ڪنوينشنن ۾ اميدوار پهرينءَ ئي ووٽنگ ۾ چونڊيا ويا
هئا. 1952ع ۾، ائڊلائي اِسٽيونسن ( Adlai Stevenson)
ٽئي دفعي واريءَ ووٽنگ ۾ کٽيو هو.
نائب صدارت لاءِ نامزدگي
نائب صدارت لاءِ اميدوار جي چونڊ به صدارت جي اميدوار وانگر
ٿيندي آهي. هن عهدي لاءِ اميدوارن جا نالا تجويز
ڪرڻ وارين تقريرن جو وقت تمام گهٽ هوندو آهي.
پٺڀرائيءَ واريون تقريرون ته ان کان به مختصر
هونديون آهن.
نائب صدارت جي اميدوار جي نامزدگيءَ لاءِ عام طرح مقابلو سخت نه
ٿيندو آهي. رواج موجب، صدارتي اميدوار جو انهيءَ
نامزدگيءَ ۾ وڏو هٿ هوندو آهي. جيڪڏهن صدارتي
اميدوار نائب صدارت لاءِ ڪنهن خاص اميدوار کي
نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪري ته ڪنوينشن جي اڪثريت
اها درخواست قبول ڪندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح فيصلو
ترت ٿي ويندو آهي.
نائب صدارت جي اميدوار لاءِ صدارتي اميدوار جي خواهش کي ڪو
سدائين قبول نه ڪيو ويندو آهي. 1832ع ۾ انهيءَ
سوال تي وڏي جنگ لڳي ته ائنڊريو جئڪسن(Andrew
Jackson) سان گڏ نائب صدارتي اميدوار ڪير ٿيندو. ساڳي صورتحال 1836ع
۾ پيدا ٿي، جڏهن ڊيمو ڪريٽن کي مارٽن وان بورين (
Marin Van Buren)
جو نائب صدارتي اميدوار ٿاڦڻو هو. مقابلو انهيءَ
حد تائين سخت هو جو ڪجهه رياستن آخرڪار ڪامياب ٿيل
نائب صدارتي اميدوار، ڪينٽڪي رياست جي رچرڊ جانسن
(Richard Johnson)،
جي حمايت ڪرڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجو اهو
نڪتو جو نانسن عام چونڊن ۾، چونڊيندڙن جي ووٽن جي
اڪثريت کڻي نه سگهيو. تاريخ ۾ اهوئي هڪڙو دفعو هو،
جڏهن سينيٽ کي نائب صدر چونڊڻ لاءِ چيو ويو،
انهيءَ جانسن ڪامياب ٿيو.1944ع ۾، نائب صدارتي
اميدوار جي چونڊ لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ سخت
ويڙهه لڳي. انهيءَ سال واري ڪنوينشن ۾، هينري اي.
وئليس ( Henry A. Wallace)
کي بدلائي، سينيٽر هئري ايس. ٽرومن(
Harry S. Truman)کي
فرينڪلن ڊي روزويلٽ (Franklin D. Roosevelt)
جو نائب صدارتي اميدوار مقرر ڪيو ويو۔ هن دفعي
ڪنوينشن اندر مقابلي کي ايتري اهميت ڪانه هئي، پر
ان کان اڳ تمام سخت بحث هليو هو.
|