|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 8 |
|
|
جي جو جياپو
|
آءُ وري عجيب تون |
|
تھ لايون نوان نينھن |
|
پي ڪي سرڪيون سڪ جون |
|
راتيون ڪريون ڏينھن |
|
محبّت وارا مينھن |
|
بس نھ ڪن برھھ ۾ |
٢٤-٢-١٩٦٣ع
ڍاڪا
*
|
آءُ وري عجيب تون |
|
تھ نئون نينھن لايون |
|
وصل جون وايون |
|
واري اچ وطن تي |
٣-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
عجيب اوري آءُ |
|
تھ ساري سور سڻائيان |
|
زمانو ضعيف ٿيو |
|
ڇڏيئين لاءُ ۽ ساءُ |
|
محبت مان محبوب تون |
|
وار وصل جو واءُ |
|
ڦڙي ڦڙي تلاءُ |
|
ڪٺو ٿيندو قرب سان |
١٤-١٢-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
مٺا موٽي آ |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
توري طالب يار جي |
|
آھي واھھ نھ ڪا |
|
پارج اچي پرت سان |
|
ٻولي ٻوليئي جا |
|
سھڻا سائين سا |
|
پوري ڪج پيار مان |
١٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
مٺا اچ موٽي |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
طالب جي طلب ۾ |
|
چوٽِ آھي چوٽي |
|
دل کي ڏي دل سان |
|
اميري اوٽي |
|
متان ڪرين کوٽي |
|
اچڻ ۾ عجيب ڪا |
١٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
موٽي آءُ مٺا |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
آئين ڪونھ عجيب تون |
|
ڏاڍا ڏينھن ڏٺا |
|
طالب تنھنجي طلب ۾ |
|
سوين سور سٺا |
|
قرب ۾ ڪٺا |
|
ٿي رھون راتيون ڏينھڙا |
١٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
مٺا موٽي آءُ |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
وئين جيئن وري پرين |
|
تھ لڌئي ڪونھ سماءُ |
|
پساءِ اچي اڱڻ تي |
|
لالڻ ڪو لقاءُ |
|
وار وصال جو واءُ |
|
طالب مولا ڏي مٺا |
١٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
مٺا موٽي اچ |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
محبت سندو من ۾ |
|
مچائي وئين مچ |
|
سڄڻ ٻڌاءِ سچ |
|
ايندين ڪڏھين اڱڻ تي |
١٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
مٺا وري موٽ |
|
سڄڻ ساريان ٿو گھڻو |
|
تنھنجي عشق عجيب اڄ |
|
چڙھي ورتو چوٽ |
|
طالبُ مولا تنھنجو |
|
اٿيئي اڻ موٽ |
|
قرب سندو ڪوٽ |
|
جانب ڏي جود مان |
٢٧-٣-١٩٥٩ع
ھالا
*
|
محبت واري مئي مان |
|
جام پياريئي جال |
|
ويھي نھ پڇيئي ڪنھن ويل ۾ |
|
ھيڻا منھنجا حال |
|
مٽيو منھن محبوب تو |
|
ڪالھوڻي ڪال |
|
ڪيئي ڪانھ سنڀال |
|
طالب مولا جي مٺا |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ھئن نھ مناسب ھوءِ |
|
پرين پيارا |
|
پير ڪڍي وئين پوءِ |
|
لائي عشق عجيب تون |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ڪين مڪو محبوب تو |
|
نينھن جو نياپو |
|
تون ڀلارا ڀلا پرين |
|
جي جو جياپو |
|
طالب مولا جو ٻيو |
|
سڱ نھ سياپو |
|
ڏيئي ڏوراپو |
|
پڇان ٿو پيار مان |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ڀلارا ڀلا پرين |
|
آئين ڇو نھ اتي |
|
واعدو وصال جو |
|
جانب ھو جتي |
|
ھاڻي ڳالھھ ھتي |
|
صفا ڪر صلح جي |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ڀلارا ڀلا پرين |
|
ھئن نھ مناسب ھوءِ |
|
وعدو ڏئي وصال جو |
|
پڇيئي وري نھ پوءِ |
|
ڏاڍو ڏک ڏنوءِ |
|
دلبر منھنجي دل کي |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
راتيون ڪري ڏينھن |
|
سڄڻ ويٺو ساريئين |
|
ھيڪاندا ھجر ۾ |
|
محبت وسايا مينھن |
|
ناتو نڀائج نينھن |
|
طالب مولا سان پرين |
١٧-٤-١٩٥٥ع
ھالا
*
|
اٺئي پھر اون |
|
عجيب آھي اھنجي |
|
ٻيو ڪنڌي ڪپر ڪونھ |
|
توري سھڻا سپرين |
٢-٩-١٩٥٩ع
*
|
جاني! جئن جو تئن ٿو |
|
سڪان ۽ ساريان |
|
ھنجھون پيو ھاريان |
|
ھئي ھئي تنھنجي ھجر ۾ |
٦-٨-١٩٦٠ع
*
|
سپرين! تنھنجي سڪ ۾ |
|
سڪان سارو ڏينھن |
|
محبت وارو مينھن |
|
ويٺو روز وسائيان |
٦-٨-١٩٦٠ع
*
|
سپرين! تو کي سڪ مان |
|
ساريان ساري رات |
|
وائي اھا وات |
|
تھ ملان پنھنجي محب سان |
٦-٨-١٩٦٠ع
*
|
سپرين! تو کي سڪ مان |
|
سڏيان ۽ ساريان |
|
ويٺو تنھنجون واٽڙيون |
|
نرمل نھاريان |
|
پرين تنھنجي پرت کي |
|
پلپل پڪاريان |
|
ھاريو ٿو ھاريان |
|
ھنجھون تو لءِ ھجر ۾ |
٦-٨-١٩٦٠ع
*
|
سڄڻ، پيارا، سپرين |
|
تو ۾ سندم ساھھ |
|
مون ۾ وري محب تون |
|
ٺاھي ويٺين ٺاھھ |
|
ھردم منھنجي حال کان |
|
آھين تون آگاھھ |
|
طالبُ مولا تو سندو |
|
چِت ۾ رکي چاھھ |
|
ڄاڻي ٿو الله |
|
حقيقت ھن حال جي |
٣-١١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
پرين ھت پرديس ۾ |
|
اڪيلو آھيان |
|
ھردم توکي ھيج مان |
|
دلبر ٿو داھيان |
|
ڪرم ڪر قريب تون |
|
ٻي ڪنھين جو ناھيان |
|
ٿو لالڻ ليلائيان |
|
حبيب ٻڌي ھٿڙا |
٢٨-٧-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
حبيب ٻڌي ھٿڙا |
|
ٿو ڪريان عرض اپار |
|
مھر ڪر محبوب تون |
|
جاني جي جيار |
|
پيارا پرديسي کي |
|
ڏي پل پل منجھھ پيار |
|
سڀئي بخشج بديون |
|
سھڻن جا سردار |
|
سھڻا سڀ ڄمار |
|
تنھنجو ئي تان آھيان |
١٥-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
پرين! تنھنجي پرت جون |
|
جِي ۾ آھن جايون |
|
ھجر مون سان ھر گھڙي |
|
ھئي ھئي ڪري ھايون |
|
آءُ وري عجيب تون |
|
تھ نئون نينھن لايون |
|
وصل جون وايون |
|
وراءِ جلد وري پرين |
٣-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
جيڏھن ڪريان نھار |
|
تھ آھين سڄڻ سامھون |
|
اينھين ھوندس عشق ۾ |
|
جانب جي جيار |
|
حاصل ڪندس حبّ مان |
|
پلپل تنھنجا پيار |
|
لھي ويندا لطف سان |
|
سڀئي غم، غبار |
|
سھڻا سڀ ڄمار |
|
تنھنجو ھوندس طلب ۾ |
١١-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
ويٺو آھين وجود ۾ |
|
پرين پيارا |
|
جِي جا جيارا |
|
تون ئي تون اندر ۾ |
٢٨-٧-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
اھو دم حرام |
|
جنھن ۾ ياد نھ تون ھجين |
|
نرمل تنھنجو نام |
|
اٺئي پھر اندر ۾ |
٢٨-٧-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
جڏي ھن جسم جو |
|
سپرين آھين ساه |
|
ڄاڻي ھڪ الله |
|
حقيقت ھن حال جي |
٧-٦-١٩٦١ع
زيارت
*
|
آئون ٿو اچان |
|
اکيون، پير ڪري |
|
پنھنجو پيارل تون ڪجان |
|
دل تي ھٿ ڌري |
|
توري سڄڻ سھڻا |
|
ساعت ڪين سري |
|
طالب تنھنجي طلب ۾ |
|
نھ تھ ٿو مفت مري |
|
حاضر ٿيان ٿو حضور ۾ |
|
لائين من ڳري |
|
پوءِ پرين پير ڀري |
|
من پائين ڳل ڳرھاٽئين |
١٥-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
متان ڪرين مٺا پرين |
|
پري کان پاڻا |
|
آئون پنھنجي پاڻ کي |
|
ٿو ڄاڻان سڃاڻا |
|
انھن وانگر آھيان |
|
جي آھن اياڻا |
|
ساجن سھمان تو سندا |
|
ساھئون سيباڻا |
|
سھڻا سياڻا |
|
پري نھ ڪجئين پاڻ کان |
١١-٨-١٩٥٩ع
لنڊن
*
|
ماڻھو گھڻا ڏٺام |
|
سھڻا سوين سر ۾ |
|
رڳو تن رمزن سان |
|
ڏاڍا ڏک ڏنام |
|
پرين تو پاتام |
|
پيچ پنھنجي پيار جا |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ماکي خوب مٺي |
|
تون مٺو ماکي کان |
|
مون ڪڏھن ڪانھ ڏٺي |
|
ڪا مٺائي مٽ تنھنجو |
٢٠-٩-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ٻيھر بھ ھڻ ڪو ٻاڻ |
|
جئن پھريون ھيئي پيار سان |
|
ھلڪو ھٿ حبيب ڪر |
|
ساڳي صورت ساڻ |
|
طالب مولا تنھنجو |
|
سورھھ آھھ سڄاڻ |
|
پري نھ ڪندس پاڻ |
|
ھر ھر حاضر آھيان |
٣-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
ھڻ حبيب اکيون کڻي |
|
ٻيھر ڀري ٻاڻ |
|
ڀلي تھ گھائن گھور سان |
|
سھڻيون سرمي ساڻ |
|
طالبُ مولا تنھنجو |
|
سڄڻ ڏاڍو سڄاڻ |
|
پاسي نھ ڪندس پاڻ |
|
سڌيون ھڻ سيني ۾ |
١٤-١٢-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|