|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 18 |
|
|
[30]
سان سدائين سھڻا
|
چريا ھيئن چون |
|
تھ سان نھ سوگو ڪن |
|
جي سانن سوگو ڇڏيون |
|
تھ سان ڪيئن سڏجن! |
|
اچو ھر ڪنھن ويل ۾ |
|
ولر منجھھ وھن |
|
ھر ھر ھرڪنھن ئي منجھان |
|
پنھنجو سڳنڌ سنگھن |
|
ھو ويھي وٿاڻن ۾ |
|
سڀڪي ٿا سمجھن |
|
طالب مولا مستي جي |
|
مڻ مٿي ۾ اٿن |
|
ٻيو سان اچي ڪو ٻاھران |
|
تھ صفا ڪين سھن |
|
مٿو ڏيو مرن |
|
يا جھوريو ڪڍنس جوءِ مان |
|
|
* |
|
|
سانن کي ساڃاه جا |
|
مٿي ۾ ڪئين مڻ |
|
ھردم ھنن اڳيان |
|
ڌڻن سندا ڌڻ |
|
ھڪ ھڪ توڏيءَ، جي اٿن |
|
تانگھھ، طلب ۽ تڻ |
|
طالب مولا تن کي |
|
ڳجھي اندر ۾ ڳڻ |
|
وٿاڻن جا وڻ |
|
ڪڏھن وسارن ڪين ڪي |
|
|
* |
|
|
سان سڃاڻن پنھنجون |
|
پري نھ ڪي پھرن |
|
وڃي ٻي وٿاڻ تي |
|
ڪڏھن ڪين وھن |
|
جھاڳي پنھنجي جوءِ کي |
|
سمن تي سھڙن |
|
اڳيان ڪري انھن کي |
|
پٺ ۾ سندن پرن |
|
ھجي مھاڙ مڙن ۾ |
|
تھ بھ پنھنجن ڪين پڇن |
|
سائو سائو ڪن ٿا |
|
سدائين سڀن |
|
ڌاران ڌرارن |
|
طالب ڪنھن جا ڪين ٿيا |
|
|
* |
|
|
سوگ نھ ڪن ٻيا ساه ڀريا |
|
سان ئي سوگارا |
|
جي وڃي ڪا وڙواند ٿي |
|
ھڻن ڦريو ڦونگھارا |
|
واريو آڻين ولر ۾ |
|
ڀِريو ڀٽارا |
|
باس نھ وڻين بَد جي |
|
ڀڃن ٽاڙھيون ڏيو ٽارا |
|
جھڙا لھوارا |
|
تھڙا اوڀارا |
|
طالب چوي تن جا |
|
مٿا موچارا |
|
ميا متارا |
|
جالين پنھنجي جوءِ ۾ |
|
|
* |
|
|
سانن سائي آھھ |
|
جا ڪنھن نھ پاري پر |
|
بلڪل ڀتارن جي |
|
ڪڏھن نھ ڇڏين ڀر |
|
جتي ڪڻڪا ڪنڍن جا |
|
اتي وريو ڪن ور |
|
وھن ڪين ڪپر |
|
جھاڳيو اچن اجھاڳ کي |
|
|
* |
|
|
سان سدائين سھڻا |
|
چڱا چؤکا، چال |
|
وڃن تھ ٻي ڪنھن جوءِ تي |
|
سالن سندا سال |
|
رکن سدائين روح ۾ |
|
محبّت پنھنجي مال |
|
جھنگ چرن ٿا جال |
|
پر وڃن ٻي نھ وٿاڻ تي |
|
|
* |
|
|
جيڏي ساڃاه سانن کي |
|
تيڏي جي ماڻھن |
|
تھ جنگ جھيڙو نھ ٿئي |
|
واٽان ڪين وڃن |
|
ويھي پنھنجي وڳر ۾ |
|
سدا سک سمھن |
|
ولر واريو پانھنجا |
|
سدا ساوڻ ڪن |
|
سدائين صديقي چوي |
|
موجن منجھھ مچن |
|
ھميشه ھجن |
|
سڀئين پرئين سنرا |
|
|
* |
|
|
سان نھ سھي ويڻ |
|
ڪاڻ نھ ڪڍي ڪنھن جي |
|
سختي سھي ڪانھ ڪا |
|
محبّت سان ٿئي ميڻ |
|
تھ بھ سڃاڻي ماءُ ۽ ڀيڻ |
|
مچِي جڏھن مست ٿئي |
|
|
* |
|
|
سانن جھل نھ پل |
|
چرن ڀلي چاه مان |
|
ڪن ٿا اھي قرب ۾ |
|
سڪي، سائي کل |
|
وھن جنھن وٿاڻ تي |
|
تھ ڀِريو ڪن سي ڀل |
|
جن ۾ ھوندي ال |
|
سي ورائيندو واٽ تان |
|
|
* |
|
|
سوگون سان نھ ڪن |
|
تھ وڙ ئي وڃن وڃائجي |
|
حضورن ۾ ھزارين |
|
ھوند اچي الون پون |
|
وڙن وجھن واريون |
|
مورڳو ڪين ملن |
|
ڦنڊيون ڦرن ڦرن تي |
|
ڍڪيون ڪونھ ڍڪن |
|
کڙي وڃن کڙڪ تي |
|
ڀِلون ڪين ڀِڄِن |
|
ڏڌ، مکڻ ۽ کير مان |
|
برڪتون ڀڄِن |
|
ڀينگ ٿئي ڀاڻن تي |
|
ڪنڍيون نھ ڪڻڪن |
|
ڀاڳيا ٺلھيون ڀاڻ تي |
|
ويٺا وايون ڪن |
|
جي ڪن ٿا مست مھي سان |
|
تن کي بکون ڀڃن |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
|
ٻلاريون نھ ٻرن |
|
طالب مولا تڏھين |
|
کرڪيون نھ کڙڪن |
|
سانڀر ڪين سڄن |
|
بنياد ئي وڃن بدلجي |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
[31]
عورت ڏنگي پاسري
|
عورت ڏنگي پاسري |
|
سڌي ڪين ٿئي |
|
زور ڏجيس ذرڙو |
|
نھ ڀڄي نيٺ پئي |
|
مر بھ آھي تيغ جيئن |
|
جيڪو زور ڏئي |
|
تھ ڀڄي نھڙ نئي |
|
طالب مولا تنھن جو |
|
|
* |
|
|
عورت ڏنگي پاسري |
|
سڀئي ايئن چون |
|
پر مرد بھ آھن تيغ جئن |
|
جي سڌا ڪين ٿين |
|
ھو ڀڄن تھ ٺلھيون ئي ڀڄن |
|
ھي ڀڄن تھ ٻيا بھ ڦٽن |
|
ھو ڳنڍجن تھ ڳنڍ ٿئي |
|
ھي ٺھن تھ خوب ٺھن |
|
ھن کي فقط ھٿ سان |
|
پنيون پٽيون ٻڌجن |
|
ھن کي ڏين آتشون |
|
تڏھين ٿا مڙن |
|
ھو سڄيون ٿيڻ کان پوءِ پڻ |
|
ڪمزور ئي رھن |
|
ھي ٺھي وڃن تھ ٺاٺ سان |
|
صدا صفون ڀڃن |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
|
مٽ نھ ڪو مردن |
|
چڱيون سي چئجن |
|
جي ھٺ نھ ڪن ھنن سان |
|
|
* |
|
|
وڏي وٿ وڳر ۾ |
|
عورتون آھين |
|
ويچاريون ھر ويل ۾ |
|
ٿيون ننڍڙا نپائين |
|
لوليون ڏيئي لاڏ سان |
|
راتيون وھائين |
|
تڪليفون سڀ تن لھءِ |
|
چشمن تي چائين |
|
ننڍڙا وڏا ڪرڻ ۾ |
|
ورھھ وڃائين |
|
بديون بخشائين |
|
مائون پنھنجي مھر سان |
|
|
* |
|
|
ڪن جي محبّت مرد سان |
|
تھ روئي ريجھائين |
|
سچيون ٿين صحبت ۾ |
|
تھ ناتا نڀائين |
|
ڪن جي وفا ور سان |
|
تھ پاند ڳچيءَ پائين |
|
پنھنجو ڪن پِرين کي |
|
تھ وري نھ وڃائين |
|
قرب واري جو قلبَ سان |
|
چاڪر چوائين |
|
جي خودي کي کائين |
|
تھ مٽ نھ سندن ڪو ٻيو |
|
|
* |
|
|
اعتراف آھي انھن جو |
|
ٿيون محبّت ملھائين |
|
ڪاھي پون ڪلفت ۾ |
|
تھ ٻيڻيون ٻڌائين |
|
ڪاوڙجن ڪنھن مھل جي |
|
تھ سڀ سر سڻائين |
|
اچن پنھنجي پر تي |
|
تھ ناٿ بھ نچائين |
|
سچيون ٿين سڪ ۾ |
|
تھ ڪنڌ بھ ڪپائين |
|
مرد سندن محتاج ٿين |
|
جي ٻيھر ٻاڏائين |
|
افسوس ٿيندو، جيڪڏھن |
|
رڳو حجتون ھلائين |
|
ڳرھاٽيون ڳنڍڻ لاءِ |
|
جي پيار منجھان پائين |
|
۽ پلپل گھڻا پيار ڏئي |
|
ٿي محڪم مڃائين |
|
تھ مست گھڻي ئي مرد ٿي |
|
ڳڻ سندن ڳائين |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
شل قرب ڪمائين |
|
لئون سچي لائين |
|
سدا ھجن سھاڳڻيون |
٣٠-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
[32]
ڪتو ڪتو نھ چئو
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ڪتي وڏو ڪار |
|
ڌڻي ڌاران ڪڏھين |
|
ڪري ڪونھ قرار |
|
بک ڏک ڏسي ڪين ڪي |
|
سدائين سچار |
|
طالب مولا تھدليئون |
|
ھميشه ھشيار |
|
پھرو ڏي پرت مان |
|
جاڳڻ سان ٿس جار |
|
پنھنجن ساڻ پيار |
|
ڀونڪي بيگانن تي |
٤-٦-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ٿو ڄاڻ وڏي ڄاڻي |
|
سدا حاضر حڪم تي |
|
ڏي مٿو مانڌاڻي |
|
پادر پنھنجن جا جھلي |
|
پاڻ نھ ات آڻي |
|
ماڻھن وانگر مورھئون |
|
وري نھ وراڻي |
|
جي ڇِتو ٿي پوي |
|
تھ بھ ڌڻي سڃاڻي |
|
طالب مولا تنھن کي |
|
ويٺو واکاڻي |
|
ھو تيڏاھن ئي تاڻي |
|
جيڏھن مالڪ موڪلي |
٤-٦-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ٿو ڄاڻي وڏي ڄاڻ |
|
بلڪل وڙھي بَڇ تي |
|
مٿو ڏي مانڌاڻ |
|
ڀونڪيو بيگانن سان |
|
ڪري ڇنڊ ۽ ڇاڻ |
|
مري مالڪ اڳيان |
|
پٺ نھ ڏي ھو پاڻ |
|
آدمن اھڃاڻ |
|
طالب مولا تنھن ۾ |
٤-٦-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ڪتي وڏو ڪم |
|
نمڪ ملھائي نياز سان |
|
ڏئي ھڏ ۽ چم |
|
ھڻي ڪونھ ڌڻي وٽ |
|
دعوا وارو دم |
|
طالب مولا تنھن تي |
|
ڪو ڪري ڪونھ ڪرم |
|
تھ بھ ھڪل سان ھڪدم |
|
ھليو اچي ھيج مان |
٤-٦-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ڪتي وڏي ڪار |
|
عادتون انھي جون |
|
آدمن آچار |
|
ويتر وفادار سان |
|
دلبري ئي ڌار |
|
طالب مولا تنھن کي |
|
پيار ڏئي تون پار |
|
مري مالڪ اڳيان |
|
پٺ نھ ڏي پيڪار |
|
گندو نھ ڏئي گار |
|
جي مالڪ ھڻيس موچڙا |
٤-٦-١٩٦٤ع
ڪوه مري
*
|
ڪتو ڪتو نھ چئو |
|
ڪتي ڪم وڏا |
|
ماني مليس ڪين ڪي |
|
تھ بھ ھيجئون کائي ھڏا |
|
پاليل، پرايا ڪڏھين |
|
تڪي ڪين تڏا |
|
محبّت مالڪ سان رکي |
|
لوچي ڪونھ لڏا |
|
ڦريو ڪري ڦڏا |
|
بلڪل بيگانن سان |
٤-٦-١٩٦٤ع
ڪوه مري
*
|
ڪتو وڃي ڪين ڪي |
|
پري پلڪ پھر |
|
ماڻھن وانگر مورڳو |
|
مٽي نھ ڌڻي در |
|
ماني مليس ڪانھ ڪا |
|
تھ پٽي اچي پر |
|
محڪم مالڪن جو |
|
سھي ڏوٺ ڏمر |
|
محبّت جو محتاج سو |
|
گھري ڪونھ گھر |
|
حڪم تي حاضر |
|
طالب چوي تھدليئون |
٤-٦-١٩٦٤ع
ڪوه مري
*
|
ڪتو وڃي ڪين ڪي |
|
پري پھر پلڪ |
|
ڪڇي پڇي نھ ڪڏھين |
|
جي ڌڻي ھڻيس ڌڪ |
|
بلڪل بيگانن کي |
|
چنبڙيو ھڻي چڪ |
|
محبّت ئي مرڪ |
|
طالب مولا تنھن جو |
٤-٦-١٩٦٤ع
ڪوه مري
*
|
سالڪ ھيئن چون |
|
”تھ ڪتو ويري ڪڙم جو“ |
|
جي نھارين نرتِ مان |
|
تھ عجب رنگ ڏسن |
|
تھ ماڻھو ماڻھن سان وڙھيو |
|
ٿا وڏا چڪ وجھن |
|
ڪتا بھ وڙھن ڪين ڪي |
|
جيئن ٿا ھو وڙھن |
|
پٽيو ماس پاڻ ۾ |
|
ننگئون ٿا نڪرن |
|
”الدنيا جِيفة“ تي |
|
عمل خوب اٿن |
|
سله رحمي کي سدا |
|
وساريو وھن |
|
ڪتا وڙھيو ۽ وريو |
|
پيا گڏ ھلن |
|
ھي رسيو مٿئين مقام تي |
|
تڪبّر ۾ تِرڪن |
|
ظالم زبردستيون |
|
ڪن مٿي مسڪينن |
|
حاڪم ھيڪاري ٿين |
|
تھ سچ نھ ڪڏھن سنڀرن |
|
طالب مولا تن کي |
|
جي چڱايون چئجن |
|
تھ ٻوڙا ٿيو ٻڌن |
|
ھيڪاري ھدايتون |
٥-٦-١٩٦٤ع
ڪوه مري
*
|
ڪتو ماڻھو نھ ٿئي |
|
پر ماڻھو ٿئي ڪتو |
|
اٿي ھرگز ڪين ڪي |
|
ٿي غافل سنجھي ستو |
|
طالب چوي طلب ۾ |
|
ٿي محبّتي متو |
|
تھ مٽ ماڻھوءَ جو نھ ٿئي |
|
جي رنگ ۾ خوب رتو |
|
رکي کوٽ اندر ۾ |
|
تھ پوي ڪونھ پتو |
|
کائي ڌر ڌڻي کي |
|
جي پوي ٿي ڇِتو |
|
گوئي ڪري گتو |
|
تھ گپ مان نڪري ڪين ڪي |
٢-٨-١٩٦٤ع
اسلام آباد
*
[33]
مٿو کپندئي مٽي ۾
|
مھمايل! مجاز جي |
|
لڳيئي ڪانھ لغار |
|
نرمل وجھئي ھا نڪ ۾ |
|
محبّت جي مھار |
|
تھ ھوند نھ رکين ھا ھيتري |
|
محبِتن ميار |
|
پڙھي پروڙيئي ڪين ڪي |
|
ويئي عمر اپار |
|
دک پھچايئي دلين کي |
|
بحث ڪري بيڪار |
|
”لباس المؤمنين قلوب الکافرين“ |
|
بڇڙو ٿين بدڪار |
|
ٿو ڀلائين خلق خدا جي |
|
نالائق نيڪار |
|
طالب چوي تڪرار |
|
ٿو ڪرين سڀ طمع تي |
٢٧-٤-١٩٦١ع
ھالا
*
|
تنھنجي سڀ طمع تي |
|
نيت آھي نادان |
|
ڪرين رڳو ڪوڙ تون |
|
ھلڪو ٿي حيوان |
|
مومن جھڙو منھن ۾ |
|
بلڪل بي ايمان |
|
اندر اونداھون اٿئي |
|
منجھايئي مسلمان |
|
ظالم ذري ذر تي |
|
مڙيو اچين مروان |
|
لافون ھڻين لوڪ ۾ |
|
ظاھر ساڻ زبان |
|
مٿو کپندئي مٽي ۾ |
|
شر پسند شيطان |
|
مولا نھ ڏيندئي مان |
|
ڪنڌ نھ کڻندين ڪڏھين |
٢٨-٤-١٩٦١ع
ھالا
*
|
مھمايل! منجھين پوين |
|
منجھھ من جي مونجھاري |
|
ڪنڌ کڻين ڪين ڪي |
|
منھين موچاري |
|
پوئي ڳٽ ڳچي ۾ |
|
وجھئي مجازي ماري |
|
پرائي پچار کي |
|
شل ويھين وساري! |
|
وري اچين واٽ تي |
|
پر ڇاڻي ٻھاري |
|
ساري سنڀاري |
|
ڪو بدلو وٺئي بره جو |
٢٨-٤-١٩٦١ع
ھالا
*
|
متو آھين مڇ جان |
|
مھمايل! مٿير |
|
پيو ھٿ ھلائيين |
|
پختا نھ اٿئي پير |
|
رنگ ڪريو رات جو |
|
سجدا ڪرين سوير |
|
تو ۾ ڏھاڙي ڏينھن جو |
|
ڏسجن ٿا ڏھھ ڦير |
|
محبّت رکين مال جي |
|
مولا کان منھن ڦير |
|
اھڙا ڪئين انڌير |
|
ڪرين ٿو ڪلتار سان |
٢٨-٤-١٩٦١ع
ھالا
*
|
ڪرين ٿو ڪلتار سان |
|
ٺڳين وارا ٺاھھ |
|
آذر سندءِ امام ٿيو |
|
ويئي رسولي راھھ |
|
پاڻ نھ ڏٺئي پانھنجو |
|
پر بيٺو ڪرين باھھ |
|
پڇتائين ھوند پاڻ لاءِ |
|
اٿئي ٻين جي لاءِ ٻاھھ |
|
سٺي اچئي ساھھ |
|
جي موچڙو لڳئي منھن ۾ |
٢٨-٤-١٩٦١ع
ھالا
*
|
ڪيو خدا خراب |
|
مھمايل مڇ کي |
|
واري وٺندس وير ۾ |
|
الله سائين آب |
|
ڏٺو ٿيندو ڏيھھ ۾ |
|
کڄندس نيٺ نقاب |
|
طالب سندو تاب |
|
سھي سگھندو ڪين ڪي |
٣-٥-١٩٦١ع
ھالا
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|