|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 6 |
|
|
جي ڪسين پاڻ قريب کان
|
محب جي منھن سامھون |
|
ٿو رکين جاه، جلال |
|
پو ڇو ٿو وريو ووڙئين |
|
ويتر تون وصال! |
|
ڪھڙي طرح قرب ۾ |
|
ڪندين ڪو ڪمال! |
|
ماڻي سگھندين ڪين ڪي |
|
جانب جو جمال |
|
ھوند ٿيين حلال |
|
جي ڪسين پاڻ قريب کان |
٣-٩-١٩٥٧ع
راڻو ٻگھيو
*
|
اڃا تائين آھھ |
|
تو ۾ خيال خودي جو |
|
دل تان ٻک ٻيائي جو |
|
لحظي اندر لاھھ |
|
محبت اٿئي محبوب سان |
|
تھ سينو ھڏ م ساھھ |
|
قدمن ڏي قريب جي |
|
ڪاھيو ڪاھيو ڪاھھ |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
رمز انھي سان راھھ |
|
واھيو واھيو واھھ |
|
آب اکين مان عجز جو |
٣-٩-١٩٥٧ع
راڻو ٻگھيو
*
|
متان تون ھڻين |
|
ڪڏھن دم دوستي جو |
|
ٿيج دلبر يار جي |
|
پيزارن پڻي |
|
ھو مالڪ جاه جلال جو |
|
۽ دل جو آھھ ڌڻي |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
رک ان جي گھرج گھڻي |
|
قرب جي ڪڻي |
|
ڪروڙئان ڪثر ٿئي |
٣٠-٥-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
سو ڪڏھن کٽندو ڪونھ ڪو |
|
جنھن حجّت ھلائي |
|
سھڻي کي سڀين پريين |
|
ڏني واحد وڏائي |
|
جن ”آئون“ ۽ ”اسان“ ڪيو |
|
سي تڙيا توائي |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
رک صبر سچائي |
|
جن ھلائي ھيڻائي |
|
تن کي محب مٿي ڪيو |
٣٠-٥-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
محب رڳو مٺاڻ |
|
سڀ ڪنھن منھن مٺو ڪري |
|
ھر ھر پياريندو پرين |
|
محبت ڀريو ماڻ |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڄاڻو ٿي رک ڄاڻ |
|
جو اتي ڪندو پاڻ |
|
سو ڪڏھن کٽندو ڪونھ ڪو |
٢٢-٦-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ھنيو جنھن حبيب سان |
|
دعويٰ وارو دم |
|
سو کڻي سگھندو ڪين ڪي |
|
قرب جو قدم |
|
کائي ڇڏيندو ان کي |
|
غصو ۽ ٻيو غم |
|
طالب مولا تنھن کان |
|
ٿئي ڪارائتو نھ ڪم |
|
اھو بلڪل بم |
|
ٻڌي ٿو ٻيائي جو |
٣٠-٨-١٩٥٨ع
راڻو ٻگھيو
*
|
جو ڪري حجت حبيب سان |
|
سو ھردم ھارائي |
|
سڌي ڳاٽ اچن جي |
|
سي محبت مارائي |
|
جي نمي اچن نجيب وٽ |
|
پاند ڳچي پائي |
|
طالب مولا مرد سي |
|
ويا وارو وڄائي |
|
جو سر کي سھسائي |
|
اھو اچي عجيب ڏي |
٣٠-٥-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
حبيبي حضور ۾ |
|
جي اوچي ڳاٽ اچن |
|
جن ھنيا دم دوست سان |
|
سي موٽايا محبن |
|
اھي خان کٽي ويا |
|
جي پڻي پيزارن |
|
طالب مولا تن |
|
ماڻيو محبوبن کي |
٢٢-٦-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ھڪ جھڙائي حبيب سان |
|
جڏھن ڪئي جن |
|
طالب مولا تن |
|
ٻيئي جڳ وڃائيا |
٢٢-٦-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ڪنھن کي ناھھ مجال |
|
جو ڪلھو ھڻي قريب سان |
|
تر تفاوت نھ ٿئي |
|
ڪو ڪري کڻي ڪمال |
|
ھڻي سڀ حيران ڪيا |
|
جاني جي جمال |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
وٺ حقيقت جا حال |
|
خودي وارا خيال |
|
ڪم نھ ايندا ڪڏھين |
٣٠-٥-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
متان ڪو ڀانئي |
|
تھ راڻل آھي راند |
|
محبوبن جي منھن تي |
|
مھر بھ ٿئي ماند |
|
حجت نھ رک ھيڪاند |
|
طالب مولا مرد ٿي |
٣٠-٥-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
متان دم ھڻي |
|
دوستي جو دلبر سان |
|
جو ھيڻو رھي حبيب سان |
|
اھو اتِ وڻي |
|
ھتي گوءِ کڻي |
|
ڪو طالب مولا مرد ٿي |
٣٠-٥-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
تن کي محب مٿي ڪيو |
|
جن پاند ڳچي پايو |
|
ڪنبدي ڪنبدي قريب جو |
|
تن قرب ڪمايو |
|
انھن تي عجيب کان |
|
عتاب نھ آيو |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
جن وجود وڃايو |
|
سدائين سايو |
|
تن تي تھدل يار جو |
٢٢-٦-١٩٥٨ع
ھالا
*
|
ڪين کڻي ٿي ڪين |
|
تھ ڪين منجھان تون ڪين ٿيين |
|
ھستي، ھوڏ، ھئڻ ۾ |
|
آھي ئي ڪي ڪين |
|
جو ڪين ۾ ٿئي ڪين |
|
سو طالب مولا مرد ٿيو |
٢٥-٨-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
ھٿ ٻڌي حبيب ڏي |
|
ھميشه ھليج |
|
ڪنبي ڪنبي قرب ۾ |
|
وٽس تون وھيج |
|
طالب مولا محب سان |
|
حجّ نھ ھلائيج |
|
اکيون، پير ڪريج |
|
پرج پوءِ پرينءَ ڏي |
٢-١١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
حجت ھلائڻ حبيب سان |
|
ڏاڍو آھي ڏوھھ |
|
طالب مولا اھڙي |
|
عادت ڪبي ڪوھھ |
|
سدائين ستوھھ |
|
اڳيان ڪبو ان جي |
٢-١١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
پاند ڳچي پائي |
|
ھلبو حبيبن ڏي |
|
وڙ ڪندا واھھ جا |
|
عاجز جي، آئي |
|
دلبر پنھنجي در تان |
|
نھ ويتر ورائي |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
نھ سھڻو سڪائي |
|
سڄڻ جي سائي |
|
ھردم رھبو حفظ ۾ |
٢-١١-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
جن لائي پيار پرينءَ سان |
|
۽ وري ڪيو پاڻ |
|
عقل منجھائي ان لاءِ |
|
ڏاتر ڪيو ڏاڻ |
|
پي نھ ڄاتئون پرت مان |
|
محبت سندو ماڻ |
|
طالب مولا تڪڙن |
|
ڄاتو نھ ڪڏھن ڄاڻ |
|
ھئن گوڏو گوڏي ساڻ |
|
تھ بھ پري رھيا پرينءَ کان |
٦-٩-١٩٦١ع
ھالا
*
|
رکي ھوڏ حبيب سان |
|
جن دليئون ڌريائون |
|
تن سڃاتو نھ سر کي |
|
جو لئون نھ لاتائون |
|
عشق پنھنجي عجيب سان |
|
ڪري نھ ڄاتائون |
|
ڳچي ۾ ڳھھ ڪري |
|
پاند نھ پاتائون |
|
طالب مولا تن رڳو |
|
وڃايو واتائون |
|
جن ۾ ”اسين“ ۽ ”آئون“ |
|
تن لائون ئي نھ لڌيون |
٦-٩-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پائي پاند ڳچي ۾ |
|
جي پيش پرينءَ وٽ پون |
|
سي سدائين سرھيون |
|
۽ ھنجن ۾ ئي ھون |
|
اھي رويو رويو رون |
|
جن سينو ساھيو سڄڻ سان |
٢٢-٩-١٩٦١ع
ڪوئٽا
*
|
سدائين سڄڻ سان |
|
سينو جي ساھين |
|
چئبو، ڪچيون قرب ۾ |
|
سي اڃا ئي آھين |
|
لوٺيون اھي لوڪ جا |
|
نھ لاڳاپا لاھين |
|
ٿيون ٺاھھ وڏا ٺاھين |
|
تھ بھ طالب پارين پڌريون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
جن ڪن ڪيو پاڻ |
|
سي پرينءَ کان پري رھيون |
|
تن عقل کي اجھو ڪيو |
|
تن ڏاھپ ٿين ڏاڻ |
|
ڀورن لڌو ڀاڻ |
|
طالب مولا طلب ۾ |
١١-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
ھنيو جن حبيب سان |
|
دعويٰ وارو دم |
|
تن محبت جي ميدان ۾ |
|
ڪنبي نھ رکيو قدم |
|
جن ويڙھي ويو وھم |
|
سي طالب رسيون نھ توڙ کي |
١١-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
ھڻ نھ دم دعويٰ جو |
|
پو متان پڇتائين |
|
ان کان اڳ چڱو اٿئي |
|
تھ پاند ڳچي پائين |
|
متان وقت خودي ۾ |
|
ويھي وڃائين |
|
بڇڙي ٿيندي ڪانھ ڪا |
|
جي چڱي چتائين |
|
ھٿ ٻڌي حبيب ڏي |
|
تون ھلج ھتائين |
|
ڪاوڙيون قريب جون |
|
پاندن ۾ پائين |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
چئو سڄڻ کي سائين |
|
جي ناتو نڀائين |
|
نھ ڪڇ پڇ ڪنھن پر ڪين ڪي |
٣-٩-١٩٥٧ع
راڻو ٻگھيو
*
|
تو ۽ تنھنجي يار ۾ |
|
وڏا فرق ڦير |
|
ڪلھو نھ ھڻ قريب سان |
|
ڀلا آھين ڪير! |
|
ٿي آڏو ھلين حبيب سان |
|
جو من ۾ اٿئي مير |
|
پاءُ بھ آھين ڪين ڪي |
|
۽ سڏائين ٿي سير |
|
ڪڏھن ٿينديءَ ڪين ڪي |
|
شينھڻ منجھان شير |
|
ڪاڻ ڪڍندا ڪانھ ڪا |
|
دلبر اٿئي دلير |
|
طالب آھين تن جي |
|
تھ نينھن ۾ ڪر نھ نبير |
|
پرجھي نھ کڻندينءَ پير |
|
تھ مٿو کپندئي مٽي ۾ |
٣-٩-١٩٥٧ع
راڻو ٻگھيو
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|