|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 10 |
|
|
رھاڻيون راھونڊ ۾
|
رات رھي راھونڊ ۾ |
|
ڪئيسون روح رھاڻ |
|
ويراڳي ورونھن لئي |
|
ڀري آيا ڀاڻ |
|
سوا سوز فراق جي |
|
ڪڍيئون نھ ڪنھنجي ڪاڻ |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڪيئون وٽ وراڻ |
|
الله اھي آڻ |
|
وري منھنجي وطن تي |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف- ھالا
*
|
وري شال وطن ۾ |
|
سي آديسي اچن |
|
رنگ لڳي راھونڊ ۾ |
|
محبّت مچ مچن |
|
طالب مولا مرد سي |
|
ڏسي اکيون ٺرن |
|
واحد! مان ورن |
|
رمي اھي راھونڊ ڏي |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف- ھالا
*
|
محبّت جا ميلا |
|
رات ھئا راھونڊ ۾ |
|
پسي رمز رندن جي |
|
روح ڏنا ريلا |
|
وھائيون ورھھ ۾ |
|
وھواھھ سڀ ويلا |
|
اچن البيلا |
|
رمي اھي راھونڊ ڏي |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف – ھالا
*
|
ويراڳن جي ورونھھ کي |
|
ساھھ سندم ساري |
|
واحد! وٽم شل اچن |
|
واڳڙيون واري |
|
ويا گوندر گذاري |
|
رات رھي راھونڊ ۾ |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکا شريف – ھالا
*
|
”رمي ھل راھونڊ ڏي“ |
|
جت وحدت جي واکاڻ |
|
پياسي ات پين ٿا |
|
محبّت ڀريا ماڻ |
|
وحد جي ويساه سان |
|
ٿو ملي پيارو پاڻ |
|
طالب مولا طلب جا |
|
اھي اٿئي اھڃاڻ |
|
نينھن سندا نياڻ |
|
ٿا وھن واري وچ ۾ |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف – ھالا
*
|
”رمي ھل راھونڊ ڏي“ |
|
جت جوڳن ڪيو جوڳ |
|
ويھي وڃائيو واري ۾ |
|
رڳن سندو روڳ |
|
ڀوڳن ڪارڻ ڀوڳ |
|
ھو طالب مولا مرد ٿيا |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف – ھالا
*
|
رند رھن راھونڊ ۾ |
|
جوڳي ٿيو جنگ |
|
لڪيو ٻڌن لوڪ کان |
|
لالائي جا لنگ |
|
دنگن مٿي دنگ |
|
پين شوق شراب جا |
٢٧-١١-١٩٥٥ع
پکاشريف – ھالا
*
|
رضا واري رمز ۾ |
|
رند رھن راضي |
|
محبّت واري مام سان |
|
قلب ڪيئون قاضي |
|
قبل نھ ماضي |
|
ھردم آھن حال ۾ |
١٦-٩-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
رندن پنھنجي رمز ۾ |
|
حاصل ڪيو حال |
|
ميڙيائون محبوب لاءِ |
|
محبّت سندو مال |
|
”لباس الڪافرين قلوب المؤمنين“ |
|
اھو اٿن احوال |
|
طالب مولا مرد ٿي |
|
ڪن قرب منجھھ ڪمال |
|
جلال ۽ جمال |
|
اوري ڇڏي اڳي ويا |
١٦-٩-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
رند ڪن ٿا رمز ۾ |
|
گوندر منجھان گذر |
|
دم جو کڻن در |
|
طالب مولا مرد ٿيا |
١٦-٩-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
|
رندن جي رمز جو |
|
رندن کي ئي راز |
|
ويٺي پنھنجي وجود ۾ |
|
پري ڪن پرواز |
|
”لباس الڪافرين قلوب المؤمنين“ |
|
غازي رکن غماز |
|
طالب مولا مرد سي |
|
نرمل منجھھ نياز |
|
سڀ وڃائي ساز |
|
رھن ٿا راھونڊ ۾ |
١٦-٩-١٩٥٥ع
حيدرآباد
*
[13]
گونگيون گوءِ کٽي ويون
|
اکن کي آئون |
|
روڪيان جيئن رئڻ کان |
|
تيئن تيئن تنھنجي تات ۾ |
|
رھي رنائون |
|
مٺن ماٺ نھ اچڻي |
|
جو پرين پڇيائون |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
سھڻو سوجھيائون |
|
ھنجون ھاريائون |
|
سڄڻ ساريندي گھڻو |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
اکن جي اداس ۾ |
|
ڏاڍو ڏک ٿيوم |
|
آين آب عجيب لاءِ |
|
تڏھن پتو پيوم |
|
ريٽن کي روڪڻ جو |
|
وڏو وس ڪيوم |
|
طالب مولا تن کي |
|
پلوءُ پاند وڌوم |
|
چرين کي چيوم |
|
تھ بھ رھيون ڪين رئڻ کان |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
تِتي چيم تن کي |
|
تھ مٺيون ماٺ ڪريو |
|
طالب چوي طلب ۾ |
|
چوندو سڀ چريو |
|
ھدايت حبيب جي |
|
ڪي ڪجھھ ڪن ڪريو |
|
وريو ڪي وريو |
|
اجھو واءُ وصال جو |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
چيائون تھ چريو نھ ٿي |
|
ھي ھنجون مر ھون |
|
ڳوڙھا ڳڙيو ڳلن تان |
|
پرينءَ جي لھءِ پون |
|
دردن واري داغ کي |
|
ڌويو پيا ڌون |
|
محبوب ڀلي محبّت مان |
|
چون جيڪي چون |
|
رويو پيا رون |
|
طالب آزار اندر جا |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
وري وراڻيو واھھ جو |
|
عجب اکڙين |
|
روئي چيائون رمز سان |
|
تھ مٺن محبوبن |
|
اکيون آليون ڇو ڪيون |
|
ڪالھھ قريبن؟ |
|
طالب مولا تڏھين |
|
ٿا وھيو لڙڪ وڃن |
|
جي ٿا محب ملن |
|
تھ رئڻ ويندو روڪجي |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
وري ويھي تن سان |
|
حيلا ڪيم ھزار |
|
آھن منھنجي بھ اندر ۾ |
|
عشق جا آزار |
|
ڪڇان ٿو تھ قريب جي |
|
مون تي ٿيندي ميار |
|
ڪڇو پڇو ڪين ڪي |
|
تھ پوي ڪنھن نھ پچار |
|
طالب مولا ساڻ ئي |
|
ويھي ڪريو وھنوار |
|
دلبر نيٺ ديدار |
|
ڪرائيندو قرب سان |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
ان دم ھي اندر مان |
|
نڪتو ٿيو نروار |
|
تھ طالب مولا تن کي |
|
آھي پرينءَ ساڻ پيار |
|
اکيون ڪنديون اکن سان |
|
عشق سندو آچار |
|
ايندن ڪونھ عجيب ري |
|
ڪڏھن ڪوبھ قرار |
|
ڇڏين تھ ڇيھھ ڪن |
|
سو سندن ئي آزار |
|
روئي ڀلي تھ رڄ ڪن |
|
سو سندن ئي سينگار |
|
دلبر دل جو يار |
|
ملندن تھ ماٺ ڪنديون |
٢٣-٩-١٩٥٨ع
حيدرآباد
*
|
اکيون ايئن چون |
|
تھ پسون روز پرينءَ کي |
|
ويچاريون وس پانھنجي |
|
اصلئون نھ آھن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
رويو روز رئن |
|
سائين سبب ڪندن |
|
تھ روئڻ ويندن روڪجي |
١١-٨-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
سڄڻ! سارو ڏينھن |
|
رئندي رئندي گذريو |
|
اکن منجھان مينھن |
|
وسندي وسندي رات ٿي |
١١-٨-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
سڄڻ! ساري رات |
|
رئندي رئندي گذري |
|
پرھھ ڦٽي پرڀات |
|
تھ بھ اکيون آليون ئي رھيون |
١١-٨-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
روئي روئي رات |
|
وھائي ڪيم ڏينھڙو |
|
سھڻن سپرين جي |
|
وائي ھيم وات |
|
ڪنھين ويل نھ وسري |
|
لالڻ سندي لات |
|
طالب مولا کي ھئي |
|
طلب تنھين جي تات |
|
اچي ٿي پرڀات |
|
تھ بھ اکيون آليون ئي رھيون |
٢٩-١٠-١٩٥٩ع
حيدرآباد
*
|
وسيون ٿيون وسن |
|
اکيون اوھيرا ڪريو |
|
ڪھڙي مجال مينھن کي |
|
جو اينھين ٿي اچن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٽميو روز ٽمن |
|
جيڪر محب ملين |
|
تھ بھ رھنديون ڪين رئڻ کان |
٥-٨-١٩٦١ع
حيدرآباد
*
|
وسي وسي مينھن |
|
سڀئي پٽ پسائيا |
|
سڪا سڀ ساوا ڪيئين |
|
رھي راتو ڏينھن |
|
اينھين منھنجي نينھن |
|
اندر کي آباد ڪيو |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
ڇو ٿو ڪرين مينھن |
|
مون سان ريس رئڻ جي! |
|
طالب مولا سان تھ ڪيا |
|
ناحق وڏا نينھن |
|
تنھنجا ٻٽي ڏينھن |
|
منھنجي موسم سڀڪا |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
ڇو ٿو ڪرين ريس |
|
مون سان مينھن رئڻ جي! |
|
طالب مولا سان ڪيا |
|
قربائتي ڪيس |
|
تنھنجا بھ آھن ڪي ڀلا |
|
جاني جوڙ ۽ جيس؟ |
|
جنين جي ٻاٻِيس |
|
جھوريو تنھنجي جان کي |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
اکيون ۽ مينھن |
|
ٻئي نھ اکر ھڪڙي |
|
ھو موسم جو محتاج ٿيو |
|
ھي وسن راتو ڏينھن |
|
ھن ۾ نرجا نينھن |
|
ھو طالب! وسن وقت تي |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
مينھن تھ طالب وس ۾ |
|
اکيون نھ پنھنجي وس |
|
ھي بِنھين نھ ڪن بس |
|
ھو وسي ٿو وقت تي |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
مينھن تھ رڳوئي مينھن |
|
پر نينھن نھ آھي ان ۾ |
|
ھو وسن فقط وقت تي |
|
ھي رئن راتو ڏينھن |
|
ھي شوق ۾ ٻيئي شينھن |
|
ھو ھوا تي ھليا وڃن |
٢٩-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
مينھن وسن ٿا مند تي |
|
اکيون روز وسن |
|
ھو پروس ويچارا ٿيا |
|
ھي وس ۾ ڪين رھن |
|
ھن جي موسم ھڪڙي |
|
ھي ٽميو ٽميو ٽمن |
|
ھو رڳو ٻارھين ماه ٿا |
|
سڪا ساوا ڪن |
|
ھي دمدم ٿيون دلن کي |
|
اڇو آب ڏين |
|
ھو وسيو نيٺ وڃن |
|
ھي طالب! وڃن ڪين ڪي |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
متان مينھن ڪرين |
|
تون ڪا ريس اکن سان |
|
ھي وسن ٿيون ھر ويل ۾ |
|
تون ھڪڙي رات وسين |
|
ھي سڪا ساوا روز ڪن |
|
تون ٻارھين ماه مچين |
|
مورھئون جي نھ مڃين |
|
تھ بيھي ڏس ڀنن سان |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
مينھن وسي ڇا ڪندو |
|
وسن ڀل تھ اکيون |
|
جن دلبر جي ديدار جون |
|
چاٽيون روز چکيون |
|
پري ھوندي بھ پرينءَ سان |
|
ٻيئي پي ٻکيون |
|
جيڪي ربّ رکيون |
|
سي طالب ڀلي توڙ ڪن |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
جئن ٿي مينھن وسيو |
|
تئن پي اکيون امنڊيون |
|
اوھيرا ٿي ان ڪيا |
|
تھ ھن پڻ قھر ڪيو |
|
ھي زوراور زور ۾ |
|
ھو وسي نيٺ ويو |
|
ھو ويو، ڪونھ وريو |
|
ھي طالب ساڳي تات ۾ |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
ڪٿي مند مينھن جي |
|
ڪٿي اکن آر! |
|
ھو ورن ٿا وقت تي |
|
ھي طالب مولا تار |
|
ھي سدا ساوڻ پار |
|
ھو محتاج موسمن جا |
٩-٨-١٩٦١ع
ڪوه مري
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ويچاريون وسن |
|
ڪڇن پڇن ڪين ڪي |
|
نھ ڪي ڪجھھ ٻڌن |
|
سدائين صبر جي |
|
عادت آھھ اکن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
گوءِ کٽي گونگن |
|
تڏھين لڙڪ اگھين |
|
حبيبن ھٿن سان |
٨-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ڪڇن ۽ نھ پڇن |
|
ٽمن ٽھڪن ورھھ ۾ |
|
ڪي اندر منجھھ اٿن |
|
اڪيليون عجيب لھءِ |
|
ڪريو مانڊاڻا مچن |
|
سدا رھن صبر سان |
|
جو عشق لڳو اکن |
|
پيغمبراڻي پر کي |
|
پاريو ٿيون پارن |
|
تڏھن محب تن جي |
|
ونن منجھھ وسن |
|
طالب مولا طلب جا |
|
ڪيا حج ھنن |
|
سڪ ۾ کان سڀن |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ويٺيون ويچاريون |
|
رئن رڙن ڪين ڪي |
|
بِرھيل بيماريون |
|
ايوب جئن اندر ۾ |
|
عشق آزاريون |
|
طالب مولا تڏھين |
|
ٿيون پِر کي پياريون |
|
محبّت جون ماريون |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ڪن محڪم ماٺ مدام |
|
بي زبانيون برھھ ۾ |
|
ڪڏھن ڪن نھ ڪلام |
|
آڻن آب اندر مان |
|
صبح توڙي شام |
|
حبيب نيٺ ھٿن سان |
|
ڏنن اگھڻ جو انعام |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
سڄڻ ڪين سلام |
|
گوليون ھيون گگدام |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
اٿن ڳجھا ڳاروڙا |
|
جاني لاءِ جڏن کي |
|
جي ۾ جاکوڙا |
|
پنھنجي اٿن پاڻ ۾ |
|
ٽمڻ، ٽاڪوڙا |
|
گونگن مينھن وانگيان |
|
ڪن اڀريو آروڙا |
|
مٺن ماٺيڻن جا |
|
سڄن نھ ساڪوڙا |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڀنن ڀانڃوڙا |
|
گھوڙا ڙي گھوڙا |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
لڙڪ سوين لاڙي |
|
سدا رھيون صبر سان |
|
پچار نھ پئي پاڙي |
|
حبيب ھلي آئيو |
|
ڳوڙھا ڪئين ڳاڙي |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
سڪ ڇڏين ساڙي |
|
گھوڙا گھوڙا ڙي |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
نھ ڪنھن سان سور سلن |
|
سوين سوز اندر ۾ |
|
رکيو روز وھن |
|
دانھون درد فراق جون |
|
ڪنھن کي ڪين ڏين |
|
”الفراق اشد من الموتِ“ جي |
|
سختي خوب سھن |
|
”الھجر قطعة من النار“ جي |
|
رمزن منجھھ رھن |
|
عشق واري آڳ ۾ |
|
پچيو ٿيون پچن |
|
سڄڻ انھن جي سامھون |
|
جھڪيو ٿا جھڪن |
|
طالب مولا طلب مان |
|
حبيب ھليو اچن |
|
ڳالھيون تن جي ڳڻن جون |
|
مڃيون محبوبن |
|
شابس تن سچن |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٠-٨-١٩٦١ع
راولپنڊي
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
نھ ڪي ڪنھن کي چون |
|
ڦٽيون، ڦٽ فراق جا |
|
دمدم اندر ڌون |
|
بي وصاليون برھھ ۾ |
|
ھونھنئين ھئن ٿيون ھون |
|
اچي ٻولي ان جي |
|
تھ سور ويھي سمجھون |
|
طالب طلبن واريون |
|
پيرين اچيو پون |
|
رويو رويو رون |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
لڙڪ سوين لاڙين |
|
ويٺيون پنھنجي پر ۾ |
|
پرت کي پاڙين |
|
سڪا ساڙي سڀڪو |
|
ھي ساوا ٿيون ساڙين |
|
قدم پياري پرينءَ جا |
|
عاجزيون آڙين |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ور ور ولاڙين |
|
نينھن اندر ناڙين |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
نمي ناز وڃائيين |
|
چوان روز چريون نھ ٿيو |
|
پر مٺيون نٿيون مڃن |
|
ستيون سمجھن ڪين ڪي |
|
ڌارا اشارن |
|
خبر ناھھ اندر ۾ |
|
ڇا ارادا اٿن |
|
ڪھي وجھن نھ ڪنھن کي |
|
جو صبر ڪيو ستن |
|
مظلومن کان مورھئون |
|
ٿا منھنجا ڏوھھ ڏڪن |
|
طالب طلبن واريون |
|
شل راضي روز رھن |
|
مولا مدد ٿين |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ھي صابرين سڙيون |
|
اچي ڪٿي اوچتو |
|
عاشق ٿي اڙيون |
|
پنھنجي اٿن پاڻ ۾ |
|
دردن جون ڌڙيون |
|
رويو رويو رمز سان |
|
گذارين گھڙيون |
|
متان مورھئون مون مٿي |
|
ڪن نھ ڪاوڙيون |
|
ٿو طالب ڊڄان تن کان |
|
جو لالڻ ساڻ لڙيون |
|
ريھون ڪن نھ رڙيون |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ٿيون سڄڻ سنڀارين |
|
مڙن نٿيون منٿ تي |
|
ھنجھون ٿيون ھارين |
|
ڪرڙيون نھاري قھر مان |
|
ڏيل ٿيون ڏارين |
|
الله بھ ٻڌي ان جي |
|
جي گوندر گذارين |
|
طالب ڊڄان ٿو تن کان |
|
تھ مون کي نھ مارين! |
|
پاڻ، ڳڙيو ڳارين |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
ھجن سلامت |
|
مستانن سان مورڳو |
|
نھ ھلائبي حجّت |
|
ويچارن کي ورھھ ۾ |
|
درد جي دقت |
|
چرن کي نھ چوربو |
|
ھي البيليون البت |
|
ھردم ڏبن حاضري |
|
ماريون ھي محبّت |
|
سڪ جي صديقي چوي |
|
سرين سعادت |
|
ھمدردي ڪبي ھنن سان |
|
خاصي ٻي خدمت |
|
ھيڏي جن سان حبيب ڪئي |
|
تن سان مور ڪبي مروت |
|
طالب چوي طلب ۾ |
|
اٿن محڪم محويت |
|
نرمل جي نسبت |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
١٦-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچن پڄرن پاڻ ۾ |
|
نھ ڪنھن سان سور سلين |
|
سختيون سورن جون سدا |
|
جاني ڪاڻ جھلين |
|
ڪنھن کي قلق قلب جو |
|
ڏاھيون ڪين ڏسين |
|
ڪامليون، قريشي چوي |
|
سھما ڪنھن نھ سڃين |
|
طالب، فقط طلب ۾ |
|
محبن کي مڃين |
|
ڏوراپا نھ ڏين |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
٢٤-٨-١٩٦١ع
ھالا
*
|
پچي پڄري پاڻ ۾ |
|
ڪيئون مانڊاڻا مچي |
|
اٺيون اوھيرا ڪري |
|
عاشق تي اچي |
|
ڪيئون ڪانھ قريب سان |
|
ڪڏھن ڪابھ ڪچي |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٿيون ريٽيون ٻئي رچي |
|
سچي ڙي سچي |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
٢٨-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
پچي پڄري پاڻ ۾ |
|
ٿيون خودي ۾ خاموش |
|
آخر آيو انھن ۾ |
|
جذبو ۽ ٻيو جوش |
|
مست محبّت ۾ ٿيون |
|
ٻيئي ڄڻ مي نوش |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ھڪٻئي سان ھمدوش |
|
ٿي پنھنجو پردو پوش |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
٢٨-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
پچي پڄري پاڻ ۾ |
|
پختيون ٿي پيون |
|
وھن ٿيون ورھھ ۾ |
|
ٿي نياڻ ۽ نيون |
|
ڪالھھ کان بھ ڪرڙيون |
|
مست آھن ميون |
|
طالب مولا طلب جي |
|
تئونس آھن تيون |
|
ٿي صبر منجھھ سيون |
|
گونگيون گوءِ کٽي ويون |
٢٨-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
پچي پڄري پاڻ ۾ |
|
ڪن ريجھي رھاڻيون |
|
اٿن اندر عجيب جون |
|
عجيبُ آکاڻيون |
|
ستِن ستر جھليو |
|
اٿن گھورن ۾ گھاڻيون |
|
منجھن ئي موجود ٿيا |
|
گز ۽ ڪماڻيون |
|
پر ڪيون آھن قريب جي |
|
ورھھ ويڳاڻيون |
|
تڏھن رھن ٿيون طلب ۾ |
|
ھي نرمل نماڻيون |
|
رئندي رئندي تن کي |
|
ڪئين راتيون وھاڻيون |
|
ھاڻي سانت صبر سان |
|
ٿيون رھن ريڪاڻيون |
|
پرين پنھنجون نھ ڪيون |
|
تھ بھ حبيبن ھاڻيون |
|
طالب مولا تن جون |
|
ڪھڙيون ڪھاڻيون! |
|
ادب ڪريو انھن جو |
|
ھي نينھن جون نياڻيون |
|
جي ستيون ساماڻيون |
|
سي گونگيون گوءِ کٽي ويون |
٢٨-٨-١٩٦١ع
ڪراچي
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|