|
[16]
درجا آھن دلن تي
|
سر تھ برابر سر ٿيا |
|
پر من جا ناھن مٽ |
|
دل تان لھن ڪين ڪي |
|
ڪڏھن جيڪر ڪٽ |
|
تھ رڳي ھوند ھار ٿئي |
|
يا کلندي ٿئي نھ کٽ |
|
جي دل تي چڙھن ڪين ڪي |
|
عشق جا الھٽ |
|
دل تي نھ ھجن درد ۽ |
|
ٻيا ڦوڙائي جا ڦٽ |
|
تھ سر نھ ھجن منجھھ سٽ |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
٣-٣-١٩٦٧ع
اسلام آباد
*
|
سر ڀلي ڏين سجدا |
|
سو سو ۽ سئو وار |
|
چانئٺ چمن چاھھ مان |
|
۽ پرين جا پيزار |
|
جي دل نھ محبّت کي مڃي |
|
تھ سر ڪلھن تي بار |
|
طالب مولا طلب جي |
|
جي دل کي لڳي لغار |
|
تھ سر بھ تڏھن سر ٿين |
|
نھ تھ بلڪل سي بيڪار |
|
سر بھ تڏھن ٿا قبول پون |
|
جو دل پرکن دلدار |
|
سر جھڪن صد بار |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
١٧ رجب ١٣٨٧ھھ
٢٢-١٠-١٩٦٧ع
حيدرآباد
*
|
سر پيشانيون پنھنجيون |
|
جودئون جھڪائين |
|
چميو چانئٺ چاھھ مان |
|
ٿا پرين پرچائين |
|
پاڻھي وڃيو پاڻ کي |
|
ھو ڪلھا ڪپائين |
|
طالب مولا تن جا |
|
ڳڻ گھڻا ڳائين |
|
دل نھ مڃي جيڪڏھن |
|
تھ ھليو ھارائين |
|
ڀل سھرا سر پائين |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
١٧- رجب – ١٣٨٧ھھ
٢٢-١٠-١٩٦٧ع
حيدرآباد
*
|
سر برابر ڪيترا |
|
بيحد بار کڻن |
|
مھل اچي جي مورھئون |
|
تھ مچيو مٿا ڏين |
|
سورھھ سامھون جي ٿيا |
|
تھ ڌڙ کان ڌار ٿين |
|
دل گھرجي درياءَ جئن |
|
نھ تھ سر ٿيو بار پون |
|
ٺلھا پٽڪا تھ بُنڊن تي بھ |
|
ٻڌيو ٿا سگھجن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
دلبر دل ڏسن |
|
تِھان پوءِ عاشق کي |
|
ٿا ٻيڻا ٻک وجھن |
|
سر سوين ھجن |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٦ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
جت لڳن سر جون بازيون |
|
اتِ ارادا گھرجن |
|
دل نھ ھوندي شير جئن |
|
تھ سر سيڙاپو ٿين |
|
مقتل جي ميدان ۾ |
|
بيھي ڪين سگھن |
|
کڻيو پٽڪا پوئتي |
|
بلڪل سي ڀڄن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
داور پسي دلن |
|
جن ۾ نيت نيڪ ٿئي |
|
۽ پختايون پلجن |
|
ھي ئي حجّ بھ ڪن |
|
درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
جيڪو داور در تي |
|
دل سان ڪري دانھن |
|
تھ ٻيھر بھ وٺي ٻانھن |
|
طالبَ، مولا تنھن جي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
رڳو ڪعبي اڳيان |
|
جي سکڻا سر جھڪن |
|
۽ ھلي احرام اجرا |
|
ٻيڻا کڻي ٻڌجن |
|
نيت نيڪ نھ آھھ جي |
|
۽ نمازون پڙھجن |
|
چمجي چانئٺ رسول جي |
|
روزا پڻ رکجن |
|
تھ بھ مولا ۽ محبوب ٻئي |
|
دائم دليون ڏسن |
|
قلب جڏھن ٿو قلب ٿئي |
|
تھ دھرا دان ملن |
|
طالب مولا طلب سان |
|
محبّت رکبي من |
|
حجّ ھزار ڪجن |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
دل ٿئي فدا دوست تان |
|
مٿو نھ ٿئي منصور |
|
سر کي سودا، وسوسا |
|
مورھئون ڪن مجبور |
|
سر سدائين سٽن ۾ |
|
جھڄي ٿئي جھور |
|
دل اچي جي عشق تي |
|
تھ ڪري ٿي ڪلور |
|
طالب مولا دل سان |
|
دلبر جو دستور |
|
دل ئي دردن ساڻ ٿي |
|
ڀرجي ٿئي ڀرپور |
|
سر ۾ ٺلھو سور |
|
درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر ۾ رڳو عشق ٿيو |
|
تھ گدو بندر ۾ گوڙ |
|
ھوندو ھردم ٽنگ ۾ |
|
نير ۽ ٻيو نوڙ |
|
سر ڦريو تھ سدائين |
|
رڳو روٽي ٽوڙ |
|
طالب مولا دل ئي |
|
ٿي ڪري طلب ۾ توڙ |
|
ڀلي سر ٻڌجي موڙ |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
دائم دل جي زور تي |
|
سر فدا ٿا ٿِين |
|
بلڪل باطل ڳالھھ کي |
|
مرڳو ڪين مڃين |
|
ڪاھيو پون ڪٽڪ ۾ |
|
تھ ڪلھان ڪنڌ ڪپين |
|
طالب مولا مرد ٿا |
|
مھمن مٿا ڏين |
|
سٽون سر جھلين |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
آھي برابر سر ۾ |
|
رمزن واري رڳ |
|
دل نھ ڏني جنھن داور کي |
|
تنھن وڃايا ٻئي جڳ |
|
نيت کپي نيڪ ٿي |
|
جنھن جا دل ۾ دڳ |
|
ان مان وري ڪين ڪي |
|
جي سکڻي ٻڌبي پڳ |
|
طالب مولا دل ڏئي |
|
وٺبا سڀئي سڳ |
|
چاھئون ڏبي چڳ |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر جھڪيو تھ ڇا ٿيو |
|
جھڪي نھ جيڪر دل |
|
تھ اھا اڪثر ٿي ٿئي |
|
منافقي منزل |
|
سر ڏني نھ حل ٿئي |
|
مورھئون ڪو مشڪل |
|
طالب مولا دل سان |
|
ھڙ ئي ٿئي حاصل |
|
سر وڍجي اول |
|
تھ بھ درجا آھن دلن تي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر سدائين سٽن ۾ |
|
رکي دل تي بيحد ڀر |
|
جيڏھن لاڙو دل جو |
|
تيڏھن ڪري ڪر |
|
ڪڏھن ڏسي ڪين ٿو |
|
واٽن جو ڪو ور |
|
دل واري دنيا ۾ |
|
ڪونھي خوف خطر |
|
طالب مولا ٿو ملي |
|
دل سان ئي دلبر |
|
سر نھ ٿئي ٿو گھر |
|
”دل ئي ديرو دوست جو“ |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر ۾ سودا ٿي پوي |
|
تھ بھ ماڻھو جال جِين |
|
جنون جيڪر ٿو ٿئي |
|
تھ بھ ھڙئي پيا ھلن |
|
جي ھجين ماليخوليا |
|
تھ بھ گھمن ۽ ڦرن |
|
وسواس ئي وڌي وڃي |
|
تھ بھ کائن ۽ پين |
|
منڊڙا، ٽنڊڙا، لولڙا |
|
تھ بھ رستن تي رڙھن |
|
دل بيٺي تھ دنگ ٿيو |
|
ھڪدم مريو پون |
|
حڪيم ھيڪاندا اچن |
|
تھ بھ ڪري ڪجھھ نھ سگھن |
|
کرن ۽ کوٽن جي |
|
دليون خبر ڏين |
|
طالب مولا سر کي |
|
پرين پوءِ پڇن |
|
دلبر دل گھرن |
|
ٻي ٻولي ناھھ ڪا |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر ويچارو سدائين |
|
آھي دل جي وس |
|
دل چويس تھ وڍجي |
|
نھ تھ بلڪل ڪري بس |
|
اونھين ٿئي اوس |
|
جئن طالبَ مولا دل چوي |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
اکيون ٿين جي انڌيون |
|
ڏسڻ کان بھ وڃن |
|
ڪن بھ جيڪر ڪڏھين |
|
ٻڌڻ ڇڏي ڏين |
|
سرن ۾ سودا ٿئي |
|
تھ چرٽيا ٿي پون |
|
پير بھ پرڻ ڇڏين جي |
|
ھلي ڪين سگھن |
|
۽ مڙئي عضوا ضعف کان |
|
جواب ڏئي وھن |
|
تھ بھ دليون دوست پسن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
٩-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر تھ ريائي رمز ۾ بھ |
|
سجدا خوب ڏين |
|
پيشاني جي داغ کي |
|
ڏاھا ڪونھ ڏسن |
|
نظر انھن تي الله جي |
|
جي دل کي پاڪ رکن |
|
جنھن ۾ نج نيڪي چون |
|
نيتون ٿيون نپجن |
|
۽ طالب مولا طلبون |
|
پختيون ٿيون پون |
|
ڪم ارادا ڪن |
|
سر تھ ھلن ٿا حڪم تي |
٧ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
ھيڻائي ۾ حبيب وٽ |
|
دل ٿي ڪري دنگ |
|
وجھي ٿي واحد سان |
|
وحدت وارو ونگ |
|
نرمل ڪاڻ نروار ٿي |
|
نڀائي سا ننگ |
|
عشق واري آڳ تي |
|
پاري پر پتنگ |
|
طالب مولا طلب جي |
|
رمزن جو ٿس رنگ |
|
آھي دل اڙٻنگ |
|
پر ظاھر سر ٿيو سٽ ۾ |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر ڪپجي تھ بھ ڪا گھڙي |
|
دل ٿي ھجي حيات |
|
طالب مولا ماٺ ۾ |
|
ڪري نھ ھوءَ ھيھات |
|
مورھئون ٿئي نھ ممات |
|
رکي عشق عجيب سان |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
ماڻھو مري تھ مريو وڃي |
|
پر دل پئي پوءِ بھ جئي |
|
ڪڍيو وجھن ڪنھن ٻئي ۾ |
|
تھ ھو جيئرو ٿو ٿئي |
|
جھجھو ھلي جھان ۾ |
|
پيو کائي ۽ پئي |
|
طالب مولا تنھن کي |
|
ڏاتر بھ ڏان ڏئي |
|
سر وڍيل ڪنھن ٻي تي |
|
جي لڳي تھ نھڙ نئي |
|
ڪو اھڙو عمل ڪئي |
|
اڃان تھ ڪامل ڪونھ ٿيو! |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
ھمدم جڏھن حبيب ٿئي |
|
تھ ڏي دل کي دلداري |
|
دل وٺڻ لئي دل تي |
|
رکي ھٿڙو ھيڪاري |
|
سوز گداز بھ دل جي |
|
سئنا سينگاري |
|
سر ۾ ٿئي ڪين ڪي |
|
ڪا برھھ بيماري |
|
طالب مولا سر جي |
|
نھ ٿئي غمخواري |
|
سدائين ساري |
|
دل جي سر کان سرسي |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
دلبر درد فراق ۾ |
|
دل ئي ڌتاري |
|
سر ۾ سودا ٿي پوي |
|
تھ مٿو پيو ماري |
|
طالب مولا نيٺ سو |
|
گدوءَ ۾ گھاري |
|
ڪو ويھي ويچاري |
|
تھ دلبر بھ آھي دل جو |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
نينھن نھوڙي سر کي |
|
ھي ڪڏھن ڪونھ ٿيو |
|
حيلن سان ھليو ويو |
|
جي سر ۾ سور پيو |
|
طالب مولا طلب جو |
|
دل کي درد مليو |
|
اينھين ڪنھن نھ چيو |
|
تھ سوز الم ٿئي سر ۾ |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
دل وارا ئي دنيا ۾ |
|
سورھھ ۽ سرويچ |
|
دل نھ ھجي ھا ڌوٻڻ جي |
|
تھ ڪھي نھ وڃي ھا ڪيچ |
|
جن ٺلھا سر سنباھيا |
|
سي ڏاھا بھ ٿيا ڏاميچ |
|
”انھن سان ئي عجيب جا |
|
بلڪل آھن ڀيچ“ |
|
جن دل سان پاتا پيچ |
|
طالب مولا طلب ۾ |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر تھ برابر ٿا ڪھي |
|
وڃو وسائن سڃ |
|
سدا ات سھن ٿا |
|
ڏاکڙا ۽ ڏڃ |
|
ھلن اوڏاھين ھيج مان |
|
جتي رڳي رڃ |
|
پر جڏھن لڳي ٿي دل کي |
|
ڪا برھھ واري ڀڃ |
|
سر بھ تڏھن ٿو سر ٿئي |
|
جڏھن من ٿئي ٿو مڃ |
|
طالب مولا دل سندا |
|
اھي آھن اھڃ |
|
اٺئي پھر اڃ |
|
ويچاري وصال جي |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
سر تھ وڃو ٿا سڄڻ جي |
|
سينن تي بھ سمھن |
|
اکيون پڻ عجيب کي |
|
ڏسيو نيٺ وٺن |
|
پير بھ پنھنجي پر ۾ |
|
ھليو ات پڄن |
|
جسم بھ آخر ٿا وڃو |
|
لالڻ ساڻ لڳن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
دلڙيون درد سھن |
|
اٺئي پھر عشق کان |
|
ڌڙڪيو ٿيون ڌڙڪن |
|
سک ڪري نھ سمھن |
|
ھو سدائين سڪڻ ۾ |
١٠-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
من جي مخالف ڪو ٿئي |
|
ھڏھن نھ ٿيو ھيئن |
|
دل ئي پڄائي سر کي |
|
سدا سڄڻ سيئن |
|
جيڪي جڏھن جِي چيو |
|
ٿيو طالب مولا تيئن |
|
دل نھ اچي جنھن ڪم تي |
|
سو ڪري سگھبو ڪيئن! |
|
سر بھ اونھين ئي پيو ڪري |
|
جِي ٿو چوي جيئن |
|
الله بھ ڪري ايئن |
|
جيڪا دل مان دانھن ٿئي |
٨ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ
١١-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
”القلب مراة المؤمنين“ |
|
اتان رباني راھھ |
|
جنھن مان الاھي عشق جا |
|
اجھامن نھ آڙاھھ |
|
ان تي ڪرم ڪريم جو |
|
۽ نوراني نگاھھ |
|
طالبُ مولا ڇا ڪري |
|
سگھندو سندس ساراھھ |
|
دل ئي سا درگاھھ |
|
جت الله آھي اوڏڙو |
١١-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
آھي ھن جھان کان |
|
دل جو وڏو جھان |
|
لاشڪ لا مڪان جو |
|
ھي ئي ماڳ مڪان |
|
حاصل ھتان ئي ٿئي |
|
سدائين سبحان |
|
دل ڏي رک ڌيان |
|
طالب مولا مرد ٿي |
١١-١٢-١٩٦٧ع
ڍاڪا
*
|
دل کي مڃن ڪين ڪي |
|
اڄوڪا انسان |
|
ھو مائل رڳو مغز ڏي |
|
جت عقل جا امڪان |
|
پر آھي ھينئن فرمائيو |
|
ڪريم منجھھ قرآن |
اِن الله يحول بَين المرءِ و قلبِه
چيو مالڪ مھربان
|
تنھن جي نبي تائيد ۾ |
|
ڏنا بلڪل ھي بيان |
”اِن في الجسد مضغة اذا صلحت“ جا
آھن صورت اندر سامان
”اِن الله لا ينظر اِليٰ صورتکم ولکن ينظر اِليٰ
قلوبِکم“
ھي فائق جا فرمان
|
رکن ايمان ان تي |
|
محڪم مسلمان |
|
جي مورھئون نھ مڃن دل کي |
|
سي نسورا نادان |
|
طالب مولا تون بھ اِت |
|
آڻج کي ايمان |
|
جو رسول ۽ رحمان |
|
بھ درجا ڏنا دلن کي |
٢٠-١٢-١٩٦٧ع
ھالا
*
[17]
رمزون آھن روح جون
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
جو قادر منجھھ قرآن |
|
ڪئي تعريف تنھن جي |
|
سڳوري سبحان |
|
آئي حديث ان جي |
|
منجھھ شوڪت ۽ شان |
|
اسان جا پڻ ان تي |
|
اتبار ۽ ايمان |
|
پر معنيٰ آھي مام ۾ |
|
رکي جا رحمان |
|
سا ڪو سمجھو سمجھندو |
|
ٻي ڪنھن جي تڪڙ ڪان |
|
ان ۾ امر الله جو |
|
وھم نھ ڪي گمان |
|
طالب مولا تڏھين |
|
ڌرج اوڏھين ڌيان |
|
آھن اطمينان |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر رڳو آھي ماس |
|
اچي پيو ان ۾ |
|
ويتر جي وسواس |
|
تھ ھوئي ھڪ گھڙي ۾ |
|
نگرو ڪندس ناس |
|
طالب مولا طلب سان |
|
رک اصلئون ھي احساس |
|
ڪبو جي قياس |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
ناليرو ھڪ نانءُ |
|
درد نھ اچي ان ۾ |
|
تھ ٺلھو آھي ٿانءُ |
|
امر ڪري ان کي |
|
جي ڏاتر ڏئي ڏانءُ |
|
تھ ٿئي روحاني راز جي |
|
وايرليس وٽانءُ |
|
پو طالب مولا ٿو ملي |
|
الله پڻ اتانءُ |
|
سمجھو ڪي سمجھانءُ |
|
تھ رمزون آھن روح جون! |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر محبّت ري محتاج |
|
امر اچي ان ۾ |
|
۽ ڏاتر ڏئيس ڏاج |
|
تڏھن ملندو طلب جو |
|
طالب مولا تاج |
|
حاصل ٿيندو تڏھين |
|
خالق وٽان خراج |
|
آھھ روحاني راز جو |
|
اصلي ھيءُ علاج |
|
رازق جو بھ رواج |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر نيت اصلي چيز |
|
سھاڳو جئن سون تي |
|
تئن آھي پر پرھيز |
|
ھجي ھر ڪنھن ويل ۾ |
|
۽ دمدم درد آميز |
|
پو محب جي محل جي |
|
ٿيندي دل دھليز |
|
ھتي ھرڪو ڏينھن آھھ |
|
روز رستاخيز |
|
مليل مالڪ کان اٿم |
|
محڪم ھي مھميز |
|
طالب رک تميز |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر نيت گھرجي نيڪ |
|
ڪڍبيون ڪوري قلب مان |
|
اگلايون انيڪ |
|
ڏبس ھردم ھيج سان |
|
سڪ، صبر جا سيڪ |
|
طالب مولا تنھن کي |
|
ڏي نھ ڏبو ڇيڪ |
|
ھي حقيقت ھيڪ |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
در پرده رھي روح |
|
سو ئي طالب مولا |
|
آ سالم سنجھھ صبوح |
|
فائق ڏنس فتوح |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر ٿئي دل آويز |
|
نھ تھ ان مان ٿيندو ڪين ڪي |
|
ٿي جي شور انگيز |
|
ان مان اچڻ بُو کپي |
|
اڪثر عنبر بيز |
|
شال نھ ٿئي شر ۾ |
|
طالب مولا تيز |
|
بلڪل چوءِ، برخيز! |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر ٺلھو ان جو نام |
|
صفا ڪجي نھ صبر سان |
|
تھ اچيس نھ الھام |
|
پچي نھ جيتر پرت ۾ |
|
تيتر خالي، خام |
|
پاڪ جڏھن ٿئي پيار سان |
|
۽ درد بھ وجھنس دام |
|
طالب مولا طلبون |
|
تڏھين ٿين تمام |
|
وري وحدت واٽ ڏي |
|
۽ عشق ٿئيس امام |
|
آھي انھيءَ ڳالھھ جو |
|
مٿائون مقام |
|
تھ بھ تنھن ۾ صبح شام |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر اڃا اڳتي راز |
|
ڦاسائيس ڦير ۾ |
|
مرڳو کڻي مجاز |
|
تھ وحدت وڃيس وسري |
|
وٺيس حرص ۽ آز |
|
مٽجي، مولا جو مڙئي |
|
سٽي سوز گداز |
|
طالب مولا تنھن جو |
|
عجيب اٿئي انداز |
|
ظاھر دل دمساز |
|
پر رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر طالب ٿئي تمثيل |
|
ھي خزانو خون جو |
|
امر سواءِ عليل |
|
رمز آھي راز جي |
|
ڄاڻي ربّ جليل |
|
ڪو صوفي صفا سمجھندو |
|
واحد جو وڪيل |
|
طالب مولا تن سان |
|
ڪجئين دور دليل |
|
ٻيو رڳو قال ۽ قيل |
|
رمزون آھن روح جون |
١٩-٩-١٩٦٨ع
٢٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
اسلام آباد
*
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر نيڪ ھجي نيت |
|
عليل ھجي عشق کان |
|
رھي منجھھ رقت |
|
ڀڳل رھي برھھ ۾ |
|
منجھھ دردن جي دقت |
|
خاص مليس خلوص سان |
|
روحاني رغبت |
|
تقوا کپيس تمام ٿي |
|
۽ سھڻي صداقت |
|
رھي منجھس نھ مورڳو |
|
تڪبّر جي طاقت |
|
طالب مولا آھھ ھي |
|
ھردم حقيقت |
|
حقيقي حدت |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر جڏھن ٿئي صاف |
|
وڃي ان کان وسري |
|
صفا لاف گزاف |
|
چڙھي مٿس مورڳو |
|
غيرت سندو غلاف |
|
نھ تھ ڪندي خطائون خيال جون |
|
جي مور نھ ٿين معاف |
|
ات طالبُ، طالب مولا |
|
اڪثر ٿيندو آف |
|
ھوءَ توڙي ڪري طواف |
|
تھ بھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر روح نھ ڪري رحلت |
|
نوڙيل ھجي نياز سان |
|
۽ ڀريل سان برڪت |
|
ھجي ھر ڪنھن ويل ۾ |
|
شامل شريعت |
|
قبولي ھوءَ قرب کان |
|
طريقو طريقت |
|
رھي ھميشه حق سان |
|
رکي ھردم حقيقت |
|
طالب مولا ٿي وڃي |
|
سا ماھر معرفت |
|
اھڙا عمل ٻيا مڙيئي |
|
ڪريس واحد وديعت |
|
نالو ان مجموع کي |
|
”قلبُ“ ڏنو قدرت |
|
ان ۾ امر الله جو |
|
ويٺو سان وحدت |
|
جنھن ۾ سڀ جرائت |
|
سي رمزون آھن روح جون |
٢٠-٩-١٩٦٨ع
٢٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
لاھور
*
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر روح بنا بيڪار |
|
روح تھ امر الله جو |
|
ٻي ڪائي خبر نھ چار |
|
ان کان سوا اصلي |
|
سونھن نھ منجھھ سنسار |
|
روح نھ آھي دل ۾ |
|
تھ سدا سيه ڪار |
|
پاڻان وجھي فتور جا |
|
ڄارن مٿي ڄار |
|
طالب مولا ٿا ڪنبن |
|
سچا سمجھدار |
|
جي ڏسن اصلي ڳالھھ کي |
|
سي اکيون آھن ڌار |
|
يقين ڪر ھي يار! |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھھ دل |
|
پر ان جي ھڪڙي حد |
|
ان ۾ رکيو روح کي |
|
وحدت سان واحد |
|
طالب مولا راز ھي |
|
آندو ات احد |
|
ھجي ويھي ڇا ڪبو |
|
ھتي شد نھ مد! |
|
ڏسبا ھرگز ڪين ڪي |
|
فقط خال ۽ خد |
|
ڳالھھ ڪبي انصاف جي |
|
ڪڏھن نھ ٻڌبا قد |
|
رڳي نھ ڏبا رد |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھي دل |
|
پر روح بنا بي رنگ |
|
ڌڙڪي برابر پاڻ ٿي |
|
پر چري منجھس ٻيو چنگ |
|
معنيٰ واري ملڪ ۾ |
|
فرحي نھ ڪو فرھنگ |
|
ڪم اچي ان جاءِ تي |
|
عشق وارو انگ |
|
طالب مولا ان ۾ |
|
ڍولڻ رکيو ڍنگ |
|
سمجھي انھي راز کي |
|
ڪو مولائي ملنگ |
|
دوڙ ڪيو ھي دنگ |
|
تھ رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھي دل |
|
پر ڪجھھ نھ ”اِلاّ ھو“ |
|
نھ تھ ھوندي ھردم ھن ۾ |
|
خودي واري خو |
|
طالب مولا طلب جي |
|
شل ھجيس جستجو |
|
ھي رڳي رت ۽ پو |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل تھ برابر آھي دل |
|
جي رمز ڏئيس نھ ربّ |
|
تھ پويس ھوند پلاند ۾ |
|
رڳو ڪوڙ ڪسب |
|
وٽانس وڃي نڪري |
|
الاھي ادب |
|
طالب مولا مورڳو |
|
ڪو لڳيس ٻيو لقب |
|
ڪم اچي ڪين ڪي |
|
ھتي حسب نسب |
|
قلب بھ ڪعبو تڏھين |
|
جي واحد ڪري وھب |
|
نھ تھ سڏجي اھو شخص ٿو |
|
لاشڪ ابولھب |
|
ٻيو سڀوئي سبب |
|
رمزون آھن روح جون |
|
|
* |
|
|
دل بھ تڏھن ٿي دل ٿئي |
|
جي تقويٰ ڪري تمام |
|
تقوا تڏھن تمام ٿئي |
|
جي عشق ٿئيس امام |
|
عشق بھ تڏھين امام ٿئي |
|
جي روح بنائيس رام |
|
روح تھ امر الله جو |
|
اٿس مٿاھون مقام |
|
طالب مولا طلب جو |
|
جوڙي پيبو جام |
|
پو ھر ھنڌ، ھر مقام |
|
رمزون ڏسبيون روح جون |
|
|
* |
|
|
رمزون ڏسبيون روح جون |
|
پر روح بھ امر الله |
|
پنھنجي حقيقت پاڻ ٿيو |
|
منجھھ وحدانيت واھھ |
|
انھي بحر عميق کي |
|
ووڙيندا ڇا واھھ! |
|
لاحد واري لڪ ڏي |
|
رڙھي ٿي ھي راھھ |
|
ٿڙيو پير تھ سر ويو |
|
پرور ڏي پناھھ |
|
پتو پيو تھ بھ تِر جو |
|
پر ساھھ کي ڏبي ساھھ |
|
ان کان جي آگاھھ |
|
سي طالب مولا ماٺ ۾ |
|
|
* |
|
|
آھي ھرڪنھن علم جي |
|
ھڪڙي حد، نشان |
|
عقل، فھم ۽ فڪر سڀ |
|
منجھھ پھڻ پريشان |
|
ھتي منزل ھن ۾ |
|
حيرت خود حيران |
|
تھ سڀ ڪجھھ آھي ھن ۾ |
|
ھو سڀ ۾ ئي سبحان |
|
خبر جي نھ خبر ڪا |
|
نھ بي خبري بيان |
|
طالب مولا تون بھ رک |
|
ڌريئون اھو ڌيان |
|
آھي ماٺ مڪان |
|
چئي چئبو ڪيترو! |
|
|
* |
|
|
چئي چئبو ھيترو |
|
ٿا جنھن کي سمجھن جو نھ |
|
اھو آھي اصل کان |
|
ڪنھن کي پيو پرو نھ |
|
ڪجھھ بھ جڏھن ھو ڪونھ ڪو |
|
تڏھن بھ ھو ھو ڇونھ! |
|
اڪيلائي ان ۾ |
|
ھئي نسبت ۽ نالو نھ |
|
”ٿي“ چيئين تھ ٿي پيو |
|
جو حقيقت ۾ ھو نھ |
|
پتو لڳو نھ مورڳو |
|
پرور ڪنھن پرکيو نھ |
|
جيڪي سمجھن ٿا سڀئي |
|
صاحب آھي سو نھ |
|
رمزون انھي راز جون |
|
ڪوئي سمجھي ڪونھ |
|
طالب مولا تو نھ |
|
ڪھڙي ڳجھڙي ڳالھھ ڪئي! |
|
|
* |
|
|
”ونحن“ وارو ويجھڙو |
|
ڏاڍو ڏنئين ڏس |
|
تھ پاڻ سوا ٻيو پيچرو |
|
۽ گھوريو مون ھر گس |
|
ويتر وڃائي ڇڏيم |
|
ووڙڻ وارو وس |
|
طالب مولا طلب کي |
|
جوڙي چيم جس |
|
موٽايم مھوس |
|
ڳولڻ واري ڳالھھ جو |
|
|
* |
|
|
”ونحن“ وارو ويجھڙو |
|
ڏنائين ڏس جو |
|
تھ لڌم ور وجود ۾ |
|
سڌو سائين سو |
|
طالب مولا اندر ۾ |
|
اھوئي اھو |
|
ڀڄي پيو ڀولو |
|
ڳولڻ واري ڳالھھ جو |
|
|
* |
|
|
”ونحن“ وارو ويجھڙو |
|
ڏس جو ڏنائين |
|
تھ ووڙڻ ويو وسري |
|
ھو ھوئي ھتائين |
|
طالب مولا پاڻ ئي |
|
سڀ چٽو چيائين |
|
مون ئي منجھائين |
|
پاڻ ڪيائين پڌرو |
|
|
* |
|
|
”ونحن“ وارو ويجھڙو |
|
پتو جو پيوم |
|
تھ سموري سنسار مان |
|
نينھن ڪڍي نيوم |
|
طالب مولا تڏھين |
|
ووڙڻ سڀ ويوم |
|
قلب انھيءَ قرار ۾ |
|
ٿڪو ٿانءِ ٿيوم |
|
حيرت لڳي ھن ڳالھھ جي |
|
تھ ڪيئن پي پنڌ ڪيوم |
|
ڪک، پن، گل، ڦل، گاه ۽ |
|
پي وڻ ٽڻ واجھايوم |
|
الا! ھو تھ ھيوم |
|
وريدن کان ويجھڙو! |
|
|
* |
|
|
ويھي ڪيم وجود ۾ |
|
جوڙي جستجو |
|
تھ آھي بقا ان کي |
|
ٻي خالي فقط خو |
|
گل گھڻا گلزار جا |
|
پر بلڪل ھڪڙي بو |
|
ٻيو ھرڪو بحر عميق ۾ |
|
حبابُ ھوبھو |
|
ماڻھن کي منجھائيو |
|
مورھئون ”ما ۽ تو“ |
|
طالب مولا ذات سا |
|
سدا سوبسو |
|
ھڙئي آھي ھو |
|
ٻيو ڪجھھ آھي ڪين ڪي |
٢٢-٩-١٩٦٨ع
٢٨ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ
ڪراچي
*
|