|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو :
3 |
|
|
[3]
تقويٰ ري طاعت
|
ڪجھھ بھ آھي ڪين ڪي |
|
تقويٰ ري طاعت |
|
روزا، نمازون، بندگيون |
|
نھ تھ آھن سڀ عادت |
|
ٿينديون ڳٽ ڳچيءَ جو |
|
نھ سبب شفاعت |
|
اصلي عبادت |
|
ڪو طالبُ مولا جو ڪندو |
٣١-٧-١٩٥٧ع
ڪراچي
*
|
طاعت، تقويٰ ڪانھ ٿئي |
|
تقويٰ ئي طاعت |
|
عين عبادت |
|
ٿي تقويٰ طالبن جي |
٣١-٧-١٩٥٧ع
ڪراچي
*
|
تقويٰ، توبھ ٻئي ٿيون |
|
عبادت اوجر |
|
جئن پاڻي نھ ملي پوک کي |
|
تھ آڻي نھ اوڀر |
|
تئن تقويٰ ريءَ طاعتون |
|
ٺلھو آھن ٺڪر |
|
جن ورتو اھو وکر |
|
سي طالب مولا مرد ٿيا |
١٢-٨-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
تقويٰ، طاعت کي سدا |
|
ٿي آخر اجاري |
|
نفس نافرمان کي |
|
مورھئون ٿي ماري |
|
عيبدار اڳي ڪري |
|
۽ وچ ۾ وھاري |
|
”صراط المستقيم“ ڏي |
|
واريو ٿي واري |
|
پھءُ ان جي پناري |
|
طالب مولا مرد ٿي |
٢٧-٨-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
عبادت الله جي |
|
ٿئي تقويٰ ساڻ تمام |
|
الفت رک عظيم سان |
|
آھي قرب ۾ ڪمام |
|
”قالوابَليٰ“ قول جو |
|
عاشق! پار انجام |
|
تھ ”اظھرمن الشمس“ ٿيئي |
|
ناسوت اندر نام |
|
طالب مولا طعام |
|
کا تقويٰ جو طلب ۾ |
٥-٩-١٩٥٧ع
ڏگا
*
|
طالب! تقويٰ کانسوا |
|
طاعت ڪجھھ ئي ناھھ |
|
پاڪائي، پرھيز ڏي |
|
ڪاھيو ڪاھيو ڪاھھ |
|
لاڳاپا سڀ لاھھ |
|
ٻي اجائي عبادت جا |
٢٨-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
تقويٰ ساڻ طاعتون |
|
ڪي عاشق اجارين |
|
”خيار کم احسن کم اخلاقا“ |
|
پر اِھا پارين |
|
”موتوا“ واري ملڪ ۾ |
|
جي کي جيارين |
|
طالب مولا مرد سي |
|
مرڻ کي مارين |
|
گھڙيون ٿا گھارين |
|
عاشق روز الله سان |
٢٨-٩-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
طالبن تقويٰ کي |
|
چِٽ ۾ چتايو |
|
ان کان پو عبادت جو |
|
وقت نھ وڃايو |
|
پنھنجي نفس نادان کي |
|
ماري مڃايو |
|
طالب مولا مرد ٿيا |
|
جن قرب ڪمايو |
|
تن ڳايو وڄايو |
|
واحد جي واکاڻ کي |
١٦-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
عبادت ۾ اختيار ڪئي |
|
تقويٰ طالبن |
|
غير ڪڍي غازي ٿيڻ |
|
رستو راغبن |
|
قريب کي قريب ٿين |
|
ھي قرب ڪاملن |
|
اطاعت ۾ اجھو ڪيو |
|
عجز عاشقن |
|
طالب مولا مرد سي |
|
جن محبت رکي من |
|
ملين کان محبن |
|
وحدت واري واٽڙي |
١٨-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
تقويٰ ري نھ طالبَ! ٿئي |
|
حاصل ھدايت |
|
اول اچبو عمل تي |
|
پو ٿيندي شفاعت |
|
جي چاھين منزل ماڻيان |
|
تھ رک سالم سعادت |
|
ڪنڌ نھ ڦيرج ڪيڏھين |
|
وڃي سھڙج سلامت |
|
اصل عبادت |
|
تقويٰ ساڻ تمام ٿئي |
١٨-١٠-١٩٥٧ع
ھالا
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
-- لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|