|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 11 |
|
|
[14]
قدمن تان قربان ٿيان
|
ٿو چمان پنھنجا پير |
|
جي وٺي تو وٽ آئيا |
|
طالب مولا تي ڪيئون |
|
ڀلائي جا ڀير |
|
اوير ۽ سوير |
|
قدمن تان قربان ٿيان |
٢٦-٣-١٩٦٤ع
ڄام صاحب
*
|
ٿو پنھنجا پير چمان |
|
جي وٺي تو وٽ آئيا |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
تن تان گھور ٿيان |
|
مران جي جيان |
|
تھ بھ قدمن تان قربان ٿيان |
٢٦-٣-١٩٦٤ع
ڄام صاحب
*
|
قدمن تان قربان ٿيان |
|
جو ھليا وٽ حبيب |
|
ھيرايا ھٿن سان |
|
قربائتي قريب |
|
نھ تھ ڪڏھن ڏسان ھا ڪين ڪي |
|
لالڻ يار لبيب |
|
طالب، ٿيا طبيب |
|
جو پرينءَ وٽ پڄائيئون |
٢٦-٣-١٩٦٤ع
ڄام صاحب
*
|
پير گھڻئي پٿون ٿيا |
|
تھ بھ رسيا محبَ مڪان |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
کڻي سورن جا سامان |
|
ھلي پھتا حبيب وٽ |
|
ڪمي ڪيائون ڪان |
|
اکن تي احسان |
|
قدمن ڪيا ڪيترا |
٢-٣-١٩٦٤ع
شاهپور چاڪر
*
|
ھلي حبيبن وٽ |
|
پيرن پھچايو |
|
تڪليفن تن کي |
|
نھ ھرگز ھٽايو |
|
پھتا در دوست جي |
|
ٿيو سانگ سجايو |
|
طالب مولا طلب جو |
|
تن ناتو نڀايو |
|
ات پيرن پڄايو |
|
جت پڄڻ ڀيڻي ڪانھ ھئي |
٣-٣-١٩٦٤ع
ڳوٺ مٺو ڀٽي
*
|
دلبر گھڻو دور ھو |
|
ات پڄايو پيرن |
|
جن رند سڀئي رت ڪيا |
|
تن شابسون ھجن |
|
ويچارن وڙ ڪيا |
|
مون مٿي ميرن |
|
مڃيا احسان ان جا |
|
چاھھ منجھان چشمن |
|
سي چميو ۽ چمجن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
٤-٣-١٩٦٤ع
ڳوٺ يارو ماڇي
*
|
اکيون بھ آھن اکيون |
|
پر پيرن سان نھ پڄن |
|
ھو رئن ٿيون رت ڦڙا |
|
ھي ڦٽجو ٿا ڦٽجن |
|
ھو بيوس آھن برھھ ۾ |
|
ھي ھيجئون اٿيو ھلن |
|
ھو نھارين نجيب کي |
|
ھي تِر نٿا ترسن |
|
ھو اٻاڻڪيون عجيب لھءِ |
|
ھي رندن منجھھ رلن |
|
احسان ڪيا اکين تي |
|
پرت منجھان پيرن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
چميو وريو چمجن |
|
جھلئي نٿا جھلجن |
|
ھلندي پنھنجي حبيب ڏي |
٤-٣-١٩٦٤ع
ڳوٺ ساجن ڳاھو
*
|
ھلندي حبيبن ڏي |
|
رند نھ ڏسن راه |
|
ھلن سڌا ھيج مان |
|
قربئون ٿا ڪن ڪاه |
|
اکن جي بھ انھن ۾ |
|
اميد اھا آه |
|
پير جيڪي پٿون ٿيا |
|
چمجن منجھان چاه |
|
طالب مولا تن جي |
|
سڪ جي ڇا ساراه! |
|
رسيا راتو واه |
|
ھلي در دوست جي |
٤-٣-١٩٦٤ع
ڳوٺ ساجن ڳاھو
*
|
رويو رويو اکيون |
|
اچو پيرن مٿي پون |
|
چميو تن کي چاه مان |
|
ڌوڙ سندن ٿيون ڌون |
|
اينھين اشارن ۾ |
|
چريون گونگيون چون |
|
تھ ھي سلامت ھون |
|
اسان سندا آسرا |
٢٠-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ڇو نھ چمان پانھنجا |
|
ھي پير پيارا |
|
رت وھائن راھھ ۾ |
|
ويتر ويچارا |
|
احسان ڪن اکن تي |
|
سوين سچارا |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
سونھن سڪ وارا |
|
ھلن در دوست جي |
|
بيحد ڀلارا |
|
سدا سوڀارا |
|
تر ترسن ڪين ڪي |
٢٠-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
اکيون تھ اکن سان مليو |
|
وڃو وصال بھ ڪن |
|
رئن تھ عجيب اگھن ٿا |
|
ھر ھر ساڻ ھٿن |
|
لاڙيو لڙڪ لھوءَ جا |
|
پرين سان پرچن |
|
پير ويندي پِر ڏي |
|
جتي بھ ڪانھ وجھن |
|
ڦٽيل ويچارا فراق جا |
|
صحت بھ نھ سنڀرن |
|
مجروح ٿين محب لھءِ |
|
تھ بھ حڪيمن وٽ نھ وڃن |
|
رحم نھ آندو روح ۾ |
|
مٿن محبوبن |
|
طالب مولا تن کي |
|
ڪيو ننگو نصيبن |
|
سي چميو ڇو نھ چمجن |
|
جي ڪڇن پڇن ڪين ڪي |
٢١-٣-١٩٦٤ع
لاھور
*
|
گونگيون اکيون آگميو |
|
ٿيون پچن ۽ پڄرن |
|
لڪيو لڪيو لوڪ کان |
|
راتو ڏينھن رئن |
|
آخر اچو انھن کي |
|
عجيب ٿا اگھن |
|
پير سدائين پرت ۾ |
|
وٺيو رند رلن |
|
راھون مڙئي رت سان |
|
ڳوليو ڳاڙھيون ڪن |
|
ڪن احسان اکن تي |
|
جو نرمل وٽ نين |
|
طالب! لاتو تن کي |
|
ھٿ نھ حبيبن |
|
پيارن پرين |
|
ڪڏھن پير نھ پڇيا |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
پيرن ڪڏھن پرين جي |
|
منزل ڪين مٽي |
|
ھلندي حبيبن ڏي |
|
نھ ھمت سندن ھٽي |
|
راه مڙئي رت سان |
|
تن قرب مان ڪٽي |
|
تھ بھ طالب پرت پٽي |
|
ٻھڳڻ ٻڌين ڪانھ ڪا |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
جي اکيون پير ھجن |
|
تھ پتو پوين پنڌ جو |
|
تھ اگھاڙا عشق ۾ |
|
ڪئن ٿا سور سھن |
|
ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا |
|
چِڪيو ۽ چِڪن |
|
رت ٿين جي راه ۾ |
|
تھ بھ ھيجئون اٿيو ھلن |
|
ڪنجھن ڪرڪن ڪين ڪي |
|
توڙي پٿون ٿيو پون |
|
پھچن جڏھن پرين وٽ |
|
تھ بھ ڏوراپا نھ ڏين |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
پڻ اھا صحت سندن |
|
ڪڏھن ڏٺو ڪين ڪي |
|
ھن ڏي حبيبن |
|
سنڀرن ڪڏھن ڪونھ ڪو |
|
ڪا پٽي ٻڌين پِرين |
|
تھ بھ رڙھيو رڙھيو رڙھن |
|
حبيب جي حضور ڏي |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
جي اکيون ھجن پير |
|
تھ پتو پوين پنڌ جو |
|
جن کي اچي ڪانھ ڪا |
|
جنبندي ڪڏھن جھير |
|
ھڪجھڙي ھنن لاءِ |
|
ٿي اوير ۽ سوير |
|
ڪڏھن ڪن نھ قريب سان |
|
نينھن سندي نبَير |
|
ھلندي در دوست جي |
|
شوق ۾ آھن شير |
|
طالب مولا تن جي |
|
مٿان نھ لٿي مير |
|
ھردم اٿن ھير |
|
ھلڻ جي حبيب ڏي |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
اکيون تھ اونڌاھي ۾ |
|
واٽ وڃائيو وھن |
|
حڪم ھلين ڪونھ ڪو |
|
۽ وسان ٿيون وڃن |
|
گونگيون ڪن گھمسان ڪئين |
|
پر ڪجھھ ئي ڪين ڏسن |
|
لڙڪ گھڻئي لاڙين ٿيون |
|
ڪارڻ قريبن |
|
پر پير ويندي پِرين ڏي |
|
بلڪل بس نھ ڪن |
|
اوجھڙ ۾ عجيب لھءِ |
|
ٿا لاکيڻا لوچن |
|
پھچن وڃو پر وٽ |
|
مورھئون ڪين مڙن |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڪمال ڪيو قدمن |
|
انھن اڻ موٽن |
|
اکن تي احسان ڪيا |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
ٿا پير پڄائين |
|
ھلي در دوست جي |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ٿا قريب ڏي ڪاھين |
|
گونگيون اکيون انھن جا |
|
ٿورا ڪئن لاھين |
|
انھن تي آھين |
|
رحمتون رحمان جون |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
اکيون تھ برابر گونگيون |
|
پر ڏسيو ٿيون سگھن |
|
پير ويچارا پٿون ٿيل |
|
ڏسن ۽ نھ ٻڌن |
|
اکيون تھ ھنجھون ھاريو |
|
ڪي ٻڌايو بھ ڏين |
|
پير پنھنجي درد جي |
|
ڳالھھ ڪٿي بھ نھ ڪن |
|
اکيون تھ آخر محب جي |
|
اچڻ سان اگھجن |
|
پير سدائين صبر ۾ |
|
سوين سور سھن |
|
طالب مولا تن |
|
وڏا قرب ڪمائيا |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
اکيون تھ برابر گونگيون |
|
پر زبانون تھ اٿن |
|
ھي بي زبانا بره ۾ |
|
سختيون سڀ سھن |
|
ھو اشارن سان عجيب وٽ |
|
ڪجھھ تھ چيو ڏين |
|
ھي سدا صبر شڪر ۾ |
|
ڦٽجو ٿا ڦٽجن |
|
ھو پرچو نيٺ پرين سان |
|
وڃو چار ٿين |
|
ھي ھردم پنھنجي پِر کان |
|
پري ئي رھن |
|
ھو پين مي محبّت جي |
|
۽ ٿيو مست وتن |
|
ھي ھميشه ھڪجھڙا |
|
ھجر منجھھ ھلن |
|
ھو ھر ھر حبيبن سان |
|
وڙھيو وريو پرچن |
|
ھي طالب مولا ڪڏھين |
|
راڻل سان نھ رسن |
|
تھ بھ ڪرم ٿئي ڪونھ ڪو |
|
مٿي مظلومن |
|
پرت وڏي پيرن |
|
ڦٽجن، ڦرن ڪين ڪي |
٢٢-٣-١٩٦٤ع
راولپنڊي
*
|
اکن تي احسان ڪيئون |
|
جو سھڙيا ساجن سينءَ |
|
رھبر ٿي رسيا |
|
پنڌ ڪٽي ھو ڪينءَ |
|
طالب مولا تيئنءَ ٿيو |
|
جِي ٿي چيو جينءَ |
|
پھتا وٽ پرينءَ |
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
٢٥-٣-١٩٦٤ع
لاھور
*
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
|
جئن عاشق مست اليل |
|
پرين پيارن ڏي |
|
ويا عشق منجھان اصيل |
|
رليا ڪين راه ۾ |
|
جئن رلن ٿا رذيل |
|
قرب جا قتيل |
|
پھتا در دوست جي |
٢٨-٣-١٩٦٤ع
خانپور ريلوي اسٽيشن
*
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
|
ڦٽجي خوب ڦٽيا |
|
پرين پيارن ڏي |
|
ھلندي ڪونھ ھٽيا |
|
ويچارن ورھھ ۾ |
|
سانگا سڀ سٽيا |
|
اکن روئي اگھيا |
|
لٽ ۾ جئن لٽيا |
|
گس ۾ ڪين گھٽيا |
|
طالب مولا طلب ۾ |
٢٨-٣-١٩٦٤ع
صادق آباد ريلوي اسٽيشن
*
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
|
پاڙون پنڌ پٽيئون |
|
ھلندي حبيبن ڏي |
|
سڀئي سک سٽيئون |
|
ٿي زخمي پنھنجي پاڻ کي |
|
لٽ ۾ خوب لٽيئون |
|
وڏا ور واٽن جا |
|
ڪري ڪاھھ ڪٽيئون |
|
ڪڏھن جاني يار کان |
|
جدا ڪونھ جٽيئون |
|
وري در دوست جو |
|
مورھئون ڪين مٽيئون |
|
عجيب لاءِ اکن سان |
|
رھي راند کٽيئون |
|
ڦٽي روز ڦٽيئون |
|
تِريون طالب پانھنجون |
٢٨-٣-١٩٦٤ع
صادق آباد ريلوي اسٽيشن
*
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
|
جھلئي ڪين جھليا |
|
پنڌ ۾ جئن پيا |
|
تھ ڪنھين ڪونھ پليا |
|
اتي ويا ھليا |
|
جت طالب منزل محب جي |
٤-٨-١٩٦٤ع
اسلام آباد
*
|
پيرن پڄاڻيون ڪيون |
|
اٿيو پنڌ پون |
|
اڻ تڻ پنھنجي عجيب جي |
|
اٺئي پھر اٿن |
|
طالب مولا طلب ري |
|
سڌ نھ ٻي سمجھن |
|
جھل نھ ڏني جڏن |
|
ويٺا ڪڏھن نھ واٽ تي |
٢٠-٨-١٩٦٤ع
اسلام آباد
*
|
اکيون سڪنديون ئي رھيون |
|
سڪ ۾ روز سدا |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
ڪئا سبب خود خدا |
|
ڪئا قدمن حق ادا |
|
ھلڻ جا حبيب ڏي |
٨-٩-١٩٦٤ع
مکه معظمه
*
|
اکن ڪري عاجزيون |
|
پيرن تي پيئي |
|
ڪيئون التجا انھن کي |
|
ڏھھ ڏھھ چميون ڏيئي |
|
تھ پڄايو پريت مان |
|
نرمل وٽ نيئي |
|
سدا سڪون جن لھءِ |
|
سڄڻ ڏسون سيئي |
|
طالب مولا تن کي |
|
جانب مليا جيئي |
|
قربائتن ڪيئي |
|
اکن تي احسان ڪيا |
١٣-٩-١٩٦٤ع
مدينه منوره
*
|
راھان ڪڏھن نھ رھيا |
|
ھي قربائتا قدم |
|
ڪٿي کيئون ڪين ڪي |
|
دلبر ڌاران دم |
|
لاٿئون سڀ اکن جا |
|
جيڪي گوندر غم |
|
طالب مولا تن کي |
|
ھئا اندر منجھھ الم |
|
تھ بھ ڪيئون اھڙا ڪم |
|
جو ڪنھن کان ٿيا ڪين ڪي |
١٥-٩-١٩٦٤ع
مدينه منوره
*
|
ڪيا ڪرم ڪريم |
|
پر پير کڻي پريام |
|
پھچي در پرينءَ جي |
|
چاھھ منجھان چميام |
|
دز تنين جي تھدليئون |
|
لڱن سان لاتيام |
|
ميرا ٻئي محبتي |
|
چشمن تي چايام |
|
آئي جھير اکن کي |
|
تھ پرين خود پسيام |
|
ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ |
|
جو منھن سان ٻئي مليام |
|
لڙڪن سان لعلن جي |
|
ڌوڙ سڀئي ڌوتيام |
|
اکن سندي آب سان |
|
چھڪ سندن چيٺيام |
|
مڙيئي مڃيام |
|
طالب احسان انھن جا |
١٦-٩-١٩٦٤ع
اربع
١٠ جمادي الاول ١٣٨٤ھھ
فجر نماز بعد
حرم شريف – مدينه منوره
*
|
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|