|
|
|
|
|
سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب: عجيب طلسم |
باب:
1 |
صفحو : 12 |
|
|
[15]
سر سدائين سٽ ۾
|
پير بھ آھن پير |
|
پر سر انھن کان سرسو |
|
قدم قدم تي جھڪڻو |
|
ڏي سجدا ڍيران ڍير |
|
ان جي پيشاني ۾ |
|
رڳي ڀلائي جا ڀير |
|
طالب مولا سڏجن |
|
ٿا ھردم مرد مٿير |
|
صبح ساڻ سوير |
|
ڏي سجدا سائينءَ اڳيان |
|
|
* |
|
|
پير فقط پرينءَ وٽ |
|
پري پھچائي |
|
سر سوين ڏئي سجدا |
|
محبّت مڃائي |
|
ڪفر ۽ اسلام ۾ |
|
فرق فرمائي |
|
محبّت جي مقتل جو |
|
ميدان ملھائي |
|
پاڻ کي پرينءَ لاءِ |
|
ڪڏيو ڪھائي |
|
ڳڻ سدا ڳائي |
|
طالبُ مولا تنھن جا |
|
|
* |
|
|
پير بھ آھن پير |
|
پر سر نھ رکي سانگو |
|
گلا غيبت جو کڻي |
|
گھور ڏئي گھانگو |
|
نڪري نرمل ڪاڻ ٿو |
|
نينھن ۾ ٿي نانگو |
|
ٻي مڙيئي ملڪ ۾ |
|
ٿئي مٿو مھانگو |
|
سر ٿئي سھانگو |
|
سڄڻ وٽ صديقي چئي |
|
|
* |
|
|
سر سدائين سنرو |
|
اوچي ڳاٽ اچي |
|
وعدي تي وصال جي |
|
ھو محبتي مچي |
|
رضا واري رمز ۾ |
|
بلڪل ڪين بچي |
|
نيزي واري نوڪ تي |
|
نينھن ۾ خوب نچي |
|
سانگو ڪيو نھ سچي |
|
ڪپجڻ کان قريشي چوي |
|
|
* |
|
|
پير نھ ڪڏھن ٿين |
|
سدا برابر سرن جو |
|
ھي مارڳ ۾ محبوب جي |
|
ھليو پيا ھلن |
|
سر وڃن سوري ڏي |
|
تھ وري ڪين ورن |
|
پير رڳو ئي پرينءَ لھءِ |
|
زخمي ٿيو پون |
|
طالب مولا تن کي |
|
شابسون بھ ھجن |
|
پر قربانيون ڏين |
|
سر سوين ئي سڄڻ تان |
|
|
* |
|
|
پير ويچارا پرت مان |
|
گھڻوئي ٿا ڪن |
|
سر ٿين جت صدقي |
|
ات ڪٿي پير پڄن! |
|
پير وڍيا تھ مٽي ۾ |
|
دٻجو ٿين دفن |
|
سر شھادت بعد پڻ |
|
نيزن تي چڙھن |
|
پير بھ طالب طلب ۾ |
|
مورھئون ڪونھ مڙن |
|
پر سرويچ ئي صديقي چوي |
|
صديق ٿا سڏجن |
|
پير ڦريو ڦٽجن |
|
۽ سر سدائين سٽ ۾ |
|
|
* |
|
|
پير بھ اھڙي ذات |
|
جو سر مٿن ڏي سجدا |
|
پير نھ وڍجن پرينءَ وٽ |
|
پر سر ٿئي گھاتو گھات |
|
سر جي صديقي چوي |
|
مقتل ۾ ٻي بات |
|
جت اڏي ۽ ڪات |
|
ات پيرن ڀيڻي ناھھ ڪا |
|
|
* |
|
|
پير بھ پير آھن |
|
پر سر وانگر نھ سٽ ۾ |
|
جت سر جي بازي ٿي لڳي |
|
ات پير نٿا پڇجن |
|
سر ٻڌن ٿا سھرا |
|
پيرن مينديون لڳن |
|
طالب مولا سر ئي |
|
ڪپجو قبول پون |
|
ڪونڌر سي ڪوٺجن |
|
سر ڪيا جن صدقو |
|
|
* |
|
|
پير پري ئي ٿا رھن |
|
سر سونھن لالڻ لڳ |
|
پيرن ڏني منڊ ملي |
|
سرن ڏني ٻئي جڳ |
|
پير سدائين پنڌ ۾ |
|
سر ڏين ٿا سڳ |
|
جنھن کي الله اوراھون |
|
سر ۾ سا ئي رڳ |
|
طالب مولا طلب ۾ |
|
سر ڏين چاھئون ڄڳ |
|
سر تھ اگھاڙا بھ ٺھن |
|
پر پير نھ ٻڌن پڳ |
|
سر سوري جي سامھون |
|
ھو دم دم ڳولن دڳ |
|
ھو مارڳ ۾ ئي مڳ |
|
ھي ڪپجو قربانيون ڏين |
|
|
* |
|
|
پير بھ پوريون ڪن ٿا |
|
پر سر چڙھن تي چوٽ |
|
جت پير پڄن ئي ڪين ڪي |
|
ات سر وٺن ٿا ووٽ |
|
پير تپن ٿا ڪوٽ |
|
سر ڀڃن ٿا ڪوٽ |
|
پير تھ موٽي بھ سگھندا |
|
پر سر آھن اڻ موٽ |
|
سرويچ ئي سدائين |
|
ڄٽ بھ ٿين ڄاموٽ |
|
ھي طالب مولا طلب مان |
|
ڪئي پرت اندر پالوٽ |
|
تھ پير نھ ٿين گھوٽ |
|
سھرا ٻڌجن سرن تي |
|
|
* |
|
|
صدقي سر تان سون ٿين |
|
۽ چاھھ منجھان چانديون |
|
سرويچن لئي سورميون |
|
محبّت ۾ مانديون |
|
جن جن ڪيون سرن سان |
|
رڻن ۾ رانديون |
|
انھي ور جي ورونھن کان |
|
وھون نھ ڪي وانديون |
|
سر جنين جا صدقي |
|
تن لئي ھلن ھيڪانديون |
|
سر ڏئي سھاڳڻيون |
|
بلڪل ٿيون بانديون |
|
سر ڏيئي سوکڙيون |
|
انھن ئي آنديون |
|
محبّت ڀلي مڻين ھجي |
|
تھ بھ پيرن پيرانديون |
|
سرن، سيرانديون |
|
سدائين صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
ڪٿي پير پڄن |
|
سرن سان صديقي چوي |
|
پيرن ۽ پيزار تان |
|
ٿا صدقي سر ٿين |
|
پيرين پون ٻيڙيون |
|
سر سرھا گل چڙھن |
|
پير تھ ڪاٺي جا بھ ٿا |
|
ٽنگن منجھھ وجھجن |
|
پر ڪٿان ملن ڪونھ ڪو |
|
جي ٿا سر وڃن |
|
پير فقط چمجن ٿا |
|
۽ سرين ٻک پون |
|
سڄڻ سدائين سرن کي |
|
ٿا سيني رکيو سمھن |
|
پير پيراندي ئي رھن |
|
کڻي ھنڌ پلنگ ھجن |
|
سرن ھيٺ اچن |
|
ٻانھون ٻانھيارن جون |
|
|
* |
|
|
ٻانھون ٻانھيارن جون |
|
سرن وھاڻا |
|
سر لايو سر سان |
|
ڪن محبّتي ماڻا |
|
سر لھءِ ڪن سھاڳڻيون |
|
وار بھ وڇاڻا |
|
سيءُ سياري جو لڳي |
|
تھ پري نھ ڪن پاڻا |
|
سر ئي سيباڻا |
|
سورمن کي صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
پير ويچارا پنڌ ۾ |
|
شوقئون ھلن شتاب |
|
ڪڙيل ڪن ئي ڪونھ ڪو |
|
ھلڻ منجھھ حجاب |
|
سچ ٿو صديقي چوي |
|
ڪپجو ٿين ڪباب |
|
مارڳ ۾ محبوب جي |
|
ٿين خون خراب |
|
ويھو رھن واٽ تي |
|
بلڪل ٿيو بيتاب |
|
چرڻ کان چور ٿي |
|
ھارائين حساب |
|
ڏين جنبڻ کان جواب |
|
تھ بھ سر سريو پڄي سڄڻين |
|
|
* |
|
|
ڪڏھن ڪنھن نھ ٻڌو |
|
تھ پيرن سوريون ماڻيون |
|
سر فدا ٿي سڄڻ کي |
|
ڳڻن ساڻ ڳڌو |
|
ٻيڻو ٿئي ٻين سان |
|
پر سڄڻ وٽ سڌو |
|
”الانسان سري و انا سره“ |
|
مورھئون ڪين منڌو |
|
سر وڃي سوري تي |
|
پنھنجي لالڻ کي لڌو |
|
سر ٿو صديقي چوي |
|
ڪري نھ ڪم ڪڌو |
|
سر سوري پاڻ وڌو |
|
پير اھي ئي پٽ تي |
|
|
* |
|
|
پير بھ پنھنجي جاءِ تي |
|
وڏا وڙائتا ٿِين |
|
محبوبن جي ماڳ ڏي |
|
پريو پھچائين |
|
حبيب جي حضور جي |
|
واٽ نھ وڃائين |
|
اھي ٿورا انھن جا |
|
اصل کان آھين |
|
پر سر انھن کان سرسا |
|
جو ڪنڌ بھ ڪپائين |
|
پيرن وانگر ڪين ڪي |
|
راز بھ ٻڌائين |
|
پير حقيقت پانھنجي |
|
لوڪان نھ لڪائين |
|
سر سڄڻ جي سر کي |
|
پاڻ ۾ پائين |
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
ات پير ئي پڄائين |
|
پر سر ٿا سرچائين |
|
سجدا ڏيئي سڄڻ کي |
|
|
* |
|
|
سر کي جھلي سھڻا |
|
ٿا پلپل پيار بھ ڪن |
|
سو سو ڀيرا سڪ مان |
|
چاھئون چميون ڏين |
|
سر کي سيني تي رکيو |
|
محبّت مان ملن |
|
ٻانھون ھار ڪري کڻيو |
|
ڳچي منجھھ وجھن |
|
پري ٿيو پرينءَ کان |
|
تھ سر لئي خوب سڪن |
|
ويھو رھن ورھھ ۾ |
|
تھ اڱڻ عجيب اچن |
|
سر سلامت تنھنجو |
|
اھا دعا بھ چون |
|
طالب مولا طلب مان |
|
سر کي سلام بھ ڪن |
|
پرين پير چمن |
|
اينھين ٿئي نھ ڪڏھين |
|
|
* |
|
|
پير تھ رڳي پير ٿيا |
|
پر سرسا سر سو وار |
|
ڪارا وار ڪلھن تي |
|
رڳي رعبدار |
|
وڏا جاه جلال جا |
|
پيشاني ۾ پار |
|
بيحد ڀِرن جا ٿين |
|
ڏاڍا ڪي ڏھڪار |
|
اڙٻنگ آھن اکيون |
|
جنگي ٻئي جھونجھار |
|
پنبڻيون پيڪانن جان |
|
قھري منجھھ قطار |
|
نظرون نھارن جي کڻيو |
|
تھ شير بھ ٿين شڪار |
|
سونھن سونھاري سان |
|
شھپر ٻئي شھڪار |
|
ڪٿي گل گلاب جا |
|
ڪٿ رنگينا رخسار |
|
ڪنڍا نڪ ڪونڌن جا |
|
جڙيل جلويدار |
|
ڏند چپ سوڌا سھڻا |
|
گجگوڙيون گفتار |
|
اوچا ڪنڌ انھن جا |
|
جن جا مٿا مڻيادار |
|
صفون ڀڃن ٿا سو دفعا |
|
سھڻا سي سردار |
|
ڪسن تھ بھ قبول پون |
|
قربئون وٽ ڪلتار |
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
ڪي ويھي ڪن ويچار |
|
تھ تسليم ڪن تن کي |
|
وھوا سڀ وينجھار |
|
تن کي پير پڄن ڪيئن |
|
جن جا حوصلا ھشيار |
|
پير ويچارا پٽ تي |
|
سر سدائين سوار |
|
طالب مولا تن جي |
|
وڃي پري پئي پچار |
|
ھو سوري جا سينگار |
|
سوري نھ سينگار تن جو |
|
|
* |
|
|
پيرن برابر پرينءَ ڏي |
|
نانگو ٿي نيو |
|
پر سر سڄڻ کي پانھنجو |
|
قربئون جھڪي ڪيو |
|
ات پير نھ پڄي سگھيا |
|
جت سر وڌي ويو |
|
پير رھيا ئي پٺ تي |
|
۽ ڳچي پاند پيو |
|
پي پيالو عشق جو |
|
سر کلي ٿيو کيو |
|
سر ئي ويو سڄڻ وٽ |
|
ات ٻيو نھ ڪو ٽيو |
|
سر پاتو صديقي چوي |
|
لالڻ وٽ ليو |
|
اينھين ڪڏھن ٿيو |
|
جو پيرن ٻڌو پٽڪو! |
|
|
* |
|
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
چڱا ھئن ٿا چون |
|
تھ پيرن جايون پنھنجون |
|
جن ۾ جتيون پون |
|
پرين وھاري پاڻ سان |
|
تھ بھ پير پري ئي ھون |
|
ڪوڙ نھ ڪبو ڪڏھين |
|
جو صحيح سمجھيوسون |
|
سر سڄڻ جي سر سان |
|
سدا، ڏٺوسون |
|
چڳون تن جون چاھھ مان |
|
وٺيو دلبر ڌون |
|
سدائين سنڀرون |
|
تھ ھنجھون حاصل سرن کي |
|
|
* |
|
|
سدائين سرن جون |
|
جوٽون وھاڻا |
|
سڄڻ جي سينن کي |
|
سر ئي سيباڻا |
|
چمن پيشاني پيار مان |
|
پرين ٿا پاڻا |
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
ٿين حبيبن ھاڻا |
|
ماڻا ۽ ٽاڻا |
|
انھن سان عجيب جا |
|
|
* |
|
|
جِتي سر کپت |
|
ات قدم ڪپجي ڇا ڪندا! |
|
سر جي اتي سوڀ ٿئي |
|
جت پيرن جي نھ پڄت |
|
سر، اتي صديقي چوي |
|
جتي گھورون گھت |
|
پرين پڇن نھ پيرن کي |
|
سر جي وٽن وڻت |
|
پير نھ ڪن پرڻ ۾ |
|
ڪڏھن ڪابھ ڪپت |
|
پر پيرن سندي پت |
|
سر ئي سدائين ٿو رکي |
|
|
* |
|
|
سسن جي سدا ٿئي |
|
رڻن ۾ ئي راند |
|
پير وڍجن تھ پري پون |
|
سسي پوي پلاند |
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
وقت نھ ڏي ويساند |
|
ھڻيو ٿي ھنڌ ڪري |
|
سسي نھ وڃي وڙواند |
|
اھا اصلئون آھھ ڪا |
|
خاوند سندي خاند |
|
تھ سسيون نيزي پاند |
|
ڌڙ ويچارا ڌوڙ ۾ |
|
|
* |
|
|
ڏاھپ سان ڏولي |
|
جاني جوٽون ڪري ڏنيون |
|
ويھي ڪيئين ورونھن سان |
|
ٻاجھاري ٻولي |
|
اسان اڳ ۾ ئي تھ پي |
|
ڳالھھ اھا ڳولي |
|
سدا ملي سر کي |
|
جانب جي جھولي |
|
طالب مولا ڪو ڀڃي |
|
ھي پرجھي پرولي |
|
توڙي ھئا منجھھ ھولي |
|
تھ بھ ڦٽيل پير پري رھيا |
|
|
* |
|
|
پيرن ڇيھھ ڇنا |
|
تھ بھ پھچن در دوست جي |
|
سرن اچي آستان تي |
|
سجدا سو ڏنا |
|
سروھھ سوري کان وري |
|
ڪڏھن ڪونھ ڊنا |
|
موٽن مورھئون ڪين ڪي |
|
سينگارين سنا |
|
ڪوجھا جي ڪنا |
|
تھ بھ سڄڻ جا صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
جڏھن پير پرڻ کان |
|
مورھئون ٿيا مجبور |
|
پھچايئون نھ پنھنجي |
|
منزل تي مھجور |
|
ڏنئون جواب جنبڻ کان |
|
سانجھي ۽ سحور |
|
منٿون مڃيئون ڪين ڪي |
|
۽ مڙيا نھ ھو مور |
|
تھ سر سرڻ ئي لڳو |
|
پھتو پھريين پور |
|
اگھيئين ھلي آستان سان |
|
نراڙ وارو نور |
|
ھو ويچارو وھڻ کان |
|
ويو ٿي وھلور |
|
قرب مان قريشي چوي |
|
ڪيائين ڪلور |
|
حاصل ٿيو حضور |
|
طالب مولا تڏھين |
|
|
* |
|
|
عاشق ھلن ابتا |
|
مورھئون مٿي ڀر |
|
سر ڀر سڌا ٿا وڃن |
|
دلبر واري در |
|
پيرين پنڌ وساريئون |
|
مرڳو ڇڏي مگر |
|
قرب مان قريشي چوي |
|
وڃڻ جي ڪن ور |
|
پارين ٿا پرت جي |
|
پيغمبراڻي پر |
|
سريو ڪن ھو سر |
|
منزلون محبوب جون |
|
|
* |
|
|
سپر سڀڪوئي ڪري |
|
ڪپر ڪري ٿو ڪو |
|
پيرن ساڻ تھ پنڌ ۾ |
|
ھرڪو ھلي ٿو |
|
جنھن پيرين پنڌ وساريو |
|
سو صادق ۽ سچو |
|
طالب مولا توڙ ڪري |
|
جيڪو جاني جو |
|
سر جنھين جو سٽ ۾ |
|
سر ڀر سري سو |
|
مڃائي مٿو |
|
محبّت محبوبن کي |
|
|
* |
|
|
ڪٿي سير سرن جو |
|
ڪٿي پيرن پنڌ |
|
ھن جو سير سماء تي |
|
ھنن ھي ئي ھنڌ |
|
قريشي چئي ڪنڌ |
|
قرب سان ٿو ڪپجي |
|
|
* |
|
|
سر کي چميون چاھھ مان |
|
ڏين وھون ويچاريون |
|
راتيون وھائن رمز ۾ |
|
سر سان سچاريون |
|
سيءُ نھ سريتن کي لڳي |
|
جن لئي سر ٿيا ستاريون |
|
سر کي سينن تي رکي |
|
ٻکجن ٻانھياريون |
|
وٺن ساءُ سرير جو |
|
سر ڏئي سوڀاريون |
|
منھن تي رکي منھن کي |
|
ڏين مٺيون موچاريون |
|
طالب مولا جن ۾ |
|
طلب جون تاريون |
|
سي ري سر سرچن ڪين |
|
ڪي سدا سوگاريون |
|
سر ڏنا جن سر کي |
|
گل تنين گاريون |
|
اھي سيني سمھاريون |
|
سريتن صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
سريتِيون سمن تي |
|
سدائين سھڙن |
|
سريتن جي سڪ ۾ |
|
رکي سر نھ سمھن |
|
سريتا سريتن تان |
|
صدقو سر ڏين |
|
سريتا صديقي چوي |
|
سر ڏئي سرچن |
|
جي سر ڀر سري اچن |
|
تن پيرن پنڌ وساريو |
|
|
* |
|
|
سريتن ۽ سريتن ۾ |
|
وڏا فرق ڦير |
|
سريت سريتي ڪانھ ٿئي |
|
اھا آھي ڪير؟ |
|
سريتيون لڀن لکن مان |
|
سريتيون ڍيران ڍير |
|
سريتن رڳي سونھن ٿي |
|
سريتن ڀلا ڀير |
|
سريتن جي صاف دل |
|
سريتن من ۾ مير |
|
سريتيون سر ڏين ٿيون |
|
سريتون مڙئي خير! |
|
سريتون ھلن حساب تي |
|
نينھن جي ڪن نبير |
|
سريتن کي صديقي چوي |
|
حبيبن جي ھير |
|
سريتن سر پير |
|
سريتون ٿين سکڻيون |
|
|
* |
|
|
سريتون سو ھزار |
|
سريتي ڪاڪا ٿي ٿئي |
|
سريت ھرھر ڏي ھڏي |
|
سريت پلپل پيار |
|
سريت محڪم مال تي |
|
سريت وفادار |
|
سريت طالب طمع جي |
|
سريت قرب قرار |
|
سريت رڳو سمھڻ لھءِ |
|
سريت سار سنڀار |
|
سريت ٻي جو سر گھري |
|
سريت سر ڏي يار |
|
سريت پري پيرن سان |
|
سريت ڀر ڪاپار |
|
سريت فقط سامھون |
|
سريت پرپٺ پار |
|
سريت ڀلي سھڻي |
|
پر سيرت جا نھ سينگار |
|
سريت آخر ٿي ٿئي |
|
ڌڪا ڏيو ڌار |
|
ڄمي ڏي ڄمار |
|
سريت صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
پير ڳولين پنڌ ۾ |
|
وريو وريو واٽ |
|
ڦٽجو ڦاڪون جي ٿين |
|
تھ اٿڻ کان ڏين آٽ |
|
سر ڪڏھين نھ سر ڪيا |
|
جي قرب مان ٿيئن ڪاٽ |
|
چڙھن نيزي نوڪ تي |
|
تھ بھ اوچا انھن ڳاٽ |
|
سچ پچ صديقي چوي |
|
ڪڏن جئن ڪنواٽ |
|
لڏن نھ اڳيان لاٽ |
|
مٿا مٿيرن جا |
|
|
* |
|
|
مدامي منصور جان |
|
سرويچ ئي سڏجن |
|
سر ھميشه حق تي |
|
ڪڏيو ٿا ڪپجن |
|
سر جِتي ڏين سجدا |
|
پير اتي نھ پڄن |
|
پيرن پڇا ناھھ ڪا |
|
سر اطاعت ڪن |
|
سردارن جي سٿ ۾ |
|
پير نھ پڳ ٻڌن |
|
وڻن ڪنھن کي ڪين ڪي |
|
جي اگھاڙا ٿين |
|
سر اگھاڙا سڀين پرين |
|
ٺھيو ٿا ٺھن |
|
ڪانگيون ڪلاھون ڪڏھين |
|
پيرن ۾ نھ پون |
|
قرب سان قريشي چوي |
|
سڀڪي سر سھن |
|
جھڪن جانب اڳتان |
|
تھ بھ ھنجن منجھھ ھجن |
|
پيرن پنڌ وساريو |
|
ڏسي سرڻ سرن |
|
تن لئي طالب تڏھين |
|
سڄڻ روز سڪن |
|
ٻنھي ٻانھن وچ ۾ |
|
سھڻن وٽ سونھن |
|
ٿا گفتا گوءِ کڻن |
|
سچ پچ صديقي جا |
|
|
* |
|
|
پيرن کي پريت جا |
|
اصلئون آھن انڌ |
|
ھلن ات ھو ھيج مان |
|
جت حبيباڻا ھنڌ |
|
نماڻن نصيب ٿيا |
|
رڳي پراڻا پنڌ |
|
پر قبول پون ڪنڌ |
|
سڄڻ وٽ صديقي چوي |
|
|
* |
|
|
پيرن پنڌ گھڻا ڪيا |
|
حبيب وٽ ھلي |
|
پِرين جي پيزار جي |
|
سرن مٽي ملي |
|
سورن جي صديقي چوي |
|
سرن ڳالھھ سلي |
|
ھڻي انھن ھنڌ ڪيو |
|
رمزن منجھھ رلي |
|
سر ٿيا جي صدقي |
|
تھ جاني جھول جھلي |
|
ھي ھلي ڪا چلي |
|
ٿين پير پرينءَ تان صدقي! |
١ ۽ ٢ مارچ ١٩٦٧ع
اسلام آباد
راولپنڊي |
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
هوم پيج
--
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|