126- درويش ڀرڪيولنگ:
هن کي مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو. ۽ ڪجهه
وقت نغارو وڄائيندو هو. ٽڪريءَ واري سمن جي
قبرستان جون اڪثر عمارتون خصوصاََ سهسي لنگ جون
ماڙيون ڊاهي انهي جي پٿرن مان هڪ وڏو منارو ٺاهيو
هئائين. رات جو انهيءَ تي چراغ جلائيندو هو، ته
جيئن عربي سمنڊ جي سوداگرن کي سهولت ٿئي.هن صاحب
کي انهن سوداگرن کان ڪافي نذرانا ملندا هئا.
جنهنڪري حاڪم مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو. جيڪو به
هن وٽ ويندو هو ان کان چاڪريءَ جو ڪم وٺندو هو
سيد علي شيرازيءَ کي به تڪليف ڏنائين، جنهن تان
مخدوم نوح رحه دل ڪوسي ڪئي ۽ مرزا باقي کيس مخفي
طرح شهيد ڪرائي ڇڏيو.
127- درويش سيد حليم:ڏاڍو
ڪمال جو صاحب هو ۽ درويش آجر جو همعصر هو. سندس
درگاهه دائود عرف دادرس جي مزار جي ڀرسان آهي.
128- درس علاﺂالدين سومرو:
سيد علي ثاني شيرازيءَ جو همعصر آهي. ٻنهي جي وچ ۾
گهڻيئي سوال جواب سنڌي زبان جي بيتن ۾ مذڪور آهن.
اصل شيخ بهاﺂالدين ملتانيءَ جي سلسلي جو مريد آهي.
هن جي مزار شيخ جميل ۽ پير پٺي جي وچ تي اهل دل جو
زيارتگاهه آهي.
129- شيخ عبدالوهاب:
محمد طور ۾ رهندڙ عباسي خليفن مان هڪ وڏي ۾ وڏو
خليفو هو. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي
پسگردائي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس درندا مطيع
هئا. مرزا باقي هن جي رجوعات ڏسي هن کي محمد خليل
مهردار هٿان شهيد ڪرائي ڇڏيو.
130- راڻو عبيد:
ڌاراجا بندر جي نڪامره قوم جو سردار هو. هي صاحب
سن 1000هه/1591ع ۾ زنده هو ۽ ڪڪرالي جو حاڪم ڄام
جرار جو همعصر هو. هن جون ڳالهيون مشهور آهن، جي
صحيح واقعات جي صورت ۾ هي صاحب پيش ڪندو هو.
131- حضرت شيخ حسين صفائي:
ٺٽي جي اوليائن ۾ عالي مرتبو اٿس. سندس والده حضرت
پير مراد شيرازيءَ جي خادمه هئي. ان ڪري اهڙي
برگزيدي ماحول ۾ ان کي تربيت جو موقعو مليو. حضرت
شيخ صفائي پنهنجي پير و مرشد حضرت مراد جي سوانح
حيات ”تذڪره المراد“ جي نالي سان مرتب ڪئي. کيس
حضرت مراد منصب ”عرضبيگي“ عنايت ڪيو. فقر، درويشي،
استغهنا، بي نيازيءَ ۾ وڏو مقام حاصل هوس. شاه
حسن ارغون ڪيترا دفعا ساڻس ملڻ جي تمنا ظاهرڪئي،
مگر هو صاحب هميشه انڪار ڪندو رهيو. پاڻ
931هه/1524ع ۾ وفات ڪيائين. ”خيرالبقا“ مان سندس
سن وفات نڪري ٿو. حضرت مراد جي پوئتان مدفون ٿيل
آهي. ”خيرالبقا“ کي جيڪڏهن ابجد جي انگن ۾ شمار
ڪبوته سال 944هه/1547ع نڪري ٿو.
132- پير صلاح الدين:
پنهنجي وقت جي وڏن صوفين مان هو. ”تحفة الطاهرين“
۾ لکيل آهي ته ڄام فيروزجي ڏينهن ۾ هن جون ڪرامتون
ظاهر هيون. ان جي نتيجي ۾ حڪومت تان هٿ ڌوئڻا پيس.
هن صاحب ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽ محله ڀائيخان ۾ مدفون
آهي.
133- مخدوم بلال:
هي عامل عالم۽ اهل دل عارف هو. هن جون ملاقاتون
حقيقت جي ڄاڻندڙ مخدوم جمعي سان ٿينديون رهنديون
هيون. هميشه تسبيح، تهليل، صوم و صلوات ۾ مصروف
هوندو هو. سندس مزار درگاهه شيخ جماليءَ جي ڀرسان
مڪليءَ تي آهي.
134- سيد عبدالقدوس:
هي صاحب لڪعلوي (لڪياري) ساداتن مان هو. ترخاني
دور ۾ حج تي ويو ۽ اتان حضرت علي سائين جو وار
مبارڪ کڻي ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي اچي رهائش اختيار
ڪيائين. شهر جا ٻيا سادات ساڙ وچان هن جي سيادت
کان انڪارڪ ندا هئا.
135- ميان لال:
شيخ عالي جي فرزند شيخ محمد واصل جو صحبتي هو.
ترخاني دور جو بزرگ هو. سندس روحاني تصرفات بي
انداز آهن. سندس مرقد ڪڏهن پيدا ۽ ڪڏهن ناپيد
آهي!“
136- شيخ فريد:
جام حقيقت جي خمار کان مخمور هو. علم ۽ فضل جو
صاحب هو. اطاعت ۽ عبادت ۾ ڪمال هوس. جذبهء محبت
جي مقام، ۽ تصوف جي غلبي ۾ رتبو عالي هوس. هن جون
ڪيتريون ڪرامتون ظاهر آهن. پورچوگيزن جي حملي وقت
شهيد ٿيو ۽ ٺٽي ۾ ان بازار جي محلي ۾ مدفون آهي.
137- شيخ حسن:
هي پنهنجي وقت جو وڏو صاحب بصيرت هو. سندس صحبت
مخدوم اسحاق اربعائي سان هئي. چون ٿا ته هر روز
نماز فجر بيت الله ۾ پڙهندو هو. ٻيون به ڪيتريون
ڪرامتون کانئس ظهور پذير ٿيون . آن بازار واري
محلي ۾ سندس مزار آهي.
138- سيد ابراهيم:
فضل و ڪمال ۾ وڏو مقام حاصل هوس. مختلف علوم
متعداوله جو به استاد هو. شيخ حسن کان فيض حاصل
ڪري دنيا وارن کي واٽ ڏيڻ لڳو. سندس مزار پنهنجي
مرشد جي برابر آهي.
139- شيخ موسيٰ لانگاهه:
صاحب حال ۽ اهل دل هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي آخر
عهد ۾ ملتان مان ٺٽي پهتو. قلندرانه مشرب هوس.
سرود سان سرس سڪ هيس. پورب جي مقام تي سندس عجيب
حالت ٿي ويندي هئي ۽ ٽي ڏينهن استغراق ۾ رهندو هو.
سائل قوالن کي هن وٽ وٺي ويندا هئا. جڏهن محفل
سرود پورب وقت گرم ٿيندي هئي، تڏهن هن کان دعائون
گهرندا هئا. سڀ الاهي بارگاه ۾ مقبول ٿينديون
هيون. جامع مسجد شاهجهاني جي سامهون ارڪه جو قلعو
هوندو هو، جنهن کي حاڪم جو قلعو به چوندا هئا. ان
جي ديوار جي متصل محلي ڀائيخان ۾ سندس مزار
پرانوار آهي.
140- سيد ابراهيم:
هي صاحب اجل ابرار ۽ اڪمل احرار هو. سڄي عمر ڇڙو
رهيو. فرنگين جي حملي وقت شهيد ٿيو. سندس مرقد
مجلندن جي ڀرسان محلي سهتيه ۾ آهي.
141- پير کٿوريو:
صاحب جمال ۽ اهل ڪمال مان هو. چون ٿا ته فرنگين جي
شورش وقت کيس ٻه ڪاري زخم رسيا. هڪ ڪلهي تي ۽ ٻيو
پيرن جي هيٺان. جنهن ڪري شهيد ٿيو، سندس تربت ڊهي
ويئي هئي. هڪ سو سالن کان پوءِِ کڻي کوٽين ته سندس
جسم سالم نڪتو ٻنهي زخمن مان خون جاري هو. سندس
مزار مفتين جي ڳوٺ جي متصل محلي سهتيه ۾ آهي.
142- سيد ابابڪر:
هي صاحب اولياء عظام جي گروه جو وڏو ميمبر هو.
عجيب حال ۽ استغراق ۾ رهندو هو. فرنگين جي شورش ۾
شهيد ٿيو. روايت آهي ته فرنگين جي اچڻ کان اڳي
ماڻهن کي هن حادثي کان واقف ڪيائين ۽ پنهنجي شهيد
ٿيڻ جي به خبر ڏنائين.
143- پير غبي:
ترخاني دور ۾ هندستان کان ٺتي ۾ آيو. قلندر سرمست
هو. سندس نالو دراصل ٻيو هو. سندس مجذوبانه
ڪرامتون ڪيئي مشهورآهن.
144- بيبي راڻي:
خوشيءَ جو عالم آهه جو مخدوم نوح رحه جي معاصرن ۾
هن ”ڪاملهء دور، رابعه عصر، صاحبه عرفان“ جو به
احوال اچي ٿو، جنهن کي دنيا وارن وٽ مشهور ڪرڻ جو
سهرو مخدوم نوح جي مشهور مريد ۽ خليفي حضرت بهاﺂ
الدين گودڙ ئي جي سر تي آهي. هي سڄي روايت تحفة
الطاهرين ۾ آيل آهي. پهريائين بيبي صاحبه ڪنج
گمناميءَ ۾ هئي. سندس هڪ پاڙيسري کي اچي مشڪل
ورايو، سو گودڙئي بادشاهه وٽ ويو ۽ ان کيس بيبي
راڻيءَڏي موڪليو. جڏهن هو سائل هن پارسا جي دروازي
تي پهتو، تڏهن هن صاحبه هن کي دفع بلا جي خوشخبري
ٻڌائي. مگر فرمايائين ته ”هاڻي شهره آفاق ٿيس،
منهنجو دنيا ۾ رهڻ سهڻو نه آهي.“ چون ٿا ته ٽن
ڏينهن کان پوءِ ان شخص جي مشڪل ڪشائي ٿي ۽ ان
ساڳئي ڏينهن هن صاحبه هن دنيا مان سڌاريو.
145- شاهه ڏنو:
معارف ۽ حقائق جو صاحب هو، ڏينهن روزن ۾ ۽ راتيون
عبادتن ۾ صرف ڪندو هو. سيد ڪمال شيرازيءَ جو صحبتي
هو. چون ٿا ته سيد ڪمال علم ظاهري هن صاحب کان
حاصل ڪيو.
146- شيخ حاجي بهاﺂالدين:
هي صاحب شيخ ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. ظاهري فضل
وڪمال ڏاڍو هوس، ٻه ڀيرا حج ڪيو هئائين. پير مراد
جو مريد هو ۽ مرشد جي نظر بابصير سان درٻار رسول ۾
”عرضي بيگي“ جي منصب تي فائز هو. ”تذڪرة المراد“ ۾
سندس احوال آيل آهي.
147- پير بابو:
شيخ حاجي بهاﺂالدين جو نوازيل هو. پير مراد کان به
مراد حاصل هيس. سندس اصل نالو عمر هو ۽ ”تذڪرة
المراد“ ۾ کيس ”شهيد والا سيد“ ڪري لکيو ويو آهي.
تحفة الڪرام کيس بخارا جي سيدن مان لکيو آهي. سندن
رياضت ڪري پير مراد کيس ”بابو“ بمعني رياضت واري
جو خطاب ڏنو. منقول آهي ته ڪڪراله جي زمين ۾ ڪهر
ماڻهن جي هٿان شهيد ٿيو ۽ پاڻ سر مبارڪ هٿ ۾ کڻي
مدفن گاهه تي پهتو.
148- سيد احمد بخاري:
صاحب حال هو، ظاهري علمن ۾ ڪافي دسترس هيس پير
بابو سان محققانه صحبتون ڪندو هو. ان جي روضي جي
ڀرسان سندس مرقد آهي.
149- مسڪين ترخان:
هي صاحب شاهه بيگ ۽ مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ شان،
مان عزت وارن اميرن مان هو. مرزا شاه حسن جو ڏاڍو
معتمد هو. ايتريقدر جو مرزا جڏهين ملتان ورتو،
تڏهين ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جو فرزند
۽ نياڻي سندس سنڀال ۾ ڏنا ويا.
150- فرخ ارغون:
مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي نامي گرامي اميرن مان
نهايت بهادر ۽ مشهور بزرگ هو. سندس نشان ٺٽي ۾
عاليشان مسجد جامع فرخ آهي، جنهن جي شاهجهان جي
ڏينهن ۾ دوباره تعمير ٿي جا هاڻي ناپيد آهي.
151- مير عليڪ ارغون:
شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي اميرن مان ڪمال بهادريءَ ۽
نهايت دانائيءَ ۾ مشهور هو. همايون بادشاهه جي اوج
وارن ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن هن کي ڪنهن موقعي تي
اوڏانهن موڪليو. اتان بنا اجازت موٽي اچي چيائين
ته ”بادشاهه جو اهڙو نمونو ڏٺم، جو عنقريب ڪو
ماڻهو سندس برخلاف بغاوت ڪندو.“ حالانڪ هيءَ صورت
ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به ڪانه هئي. مگر قدرت خدا
جي، جو سندس چوڻ سچ ٿي پيو ۽ همايون بادشاهه شير
خان هٿان دربدر ٿيو.
152- ملا بهبود:
مرزا عيسيٰ جي خاصخيلن مان هو. مرزا باقي کيس محل
مان هڪ ٻانهي پرڻائي، جنهن مان مير علي پٽ ڄائس.
پاڻ مرزا باقي جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي
شهيد ٿيو.سندس پٽ، پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي،
”مرزا علي سلطان“ سڏائڻ لڳو.
153- قاضي خميسو:
اج حاجي بهااا
اصل ۾ هڪ رول ماڻهو هو. قاضيءَ جو لقب ”برعڪس نهند
نام زنگي ڪافور“ وانگر آهي. مرزا باقي جي دربدريءَ
واري وقت ۾ رفاقت ۽ بخت جي ياوري جي برڪت سان،
نالائق هوندي به، مرزا باقيءَ جي ڀاءُ مرزا صالح
جون جاگيرون هٿ ڪري ساري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدارا
الهام ٿيو. سندس اوج هن حد کي پهتو جو هزارن گهوڙن
۽ نوڪرن سان نڪرندو هو. مگر انسانيت ۽ اخلاق کان
بنهه ڪريل هو.
154- خواجه خليل:
پهريائين ته ويچارو ڳڻ ۾ ڪونه هو. مگر مرزا باقيءَ
کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ ڪري کيس مهردار جو
عهدو عنايت ٿيو. پنهنجي سر بااخلاق ماڻهو هو. سندس
رائنڪ مڪليءَ تي مشهور آهي،.هن رائنڪ ٺهي راس ٿيڻ
کان پوءِ وصيت ڪيائين ته ”جنهن صورت ۾ هن جي تعمير
حڪومت جي ڏينهن ۾ ٿي آهي ۽ متان ڪنهن مزور سان
ناحق ٿيل هجي، ان ڪري مون کي ان ۾ دفن نه ڪجو.“ ان
ڪري کيس انهيءَ کان ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ علحده گنبذ ۾
دفن ڪيو ويو.
155- ملا محمد علي:
مرزا جاني بيگ جو وزير هو. ٺٽي ۾ هڪ محلو سندس
نالي سان مشهور آهي. سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني
وزير جعفر خان وٽ منشي هوندو هو. کيس وري ٻه پٽ
محمد مقيم ۽ محمد عارف نالي ٿيا. محمد مقيم پيءُ
جي گادي والاري۽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش وٽ منشي
بنيو.
156- ملا گدا علي ڀائيخان:
ملا گدا علي ڀائيخان ولد مهتر علي، مرزا جاني بيگ
جي اميرن مان هو، مرزا غازي بيگ سان گڏ زهر کائي
گذاري ويو. ڀائيخان جو محلو سندس نالي تي اڄ تائين
مشهور آهي.
157- محمد امان ترخان:
جاني بيگ جي اميرن مان هو،. عام طورف کيس ”ملڪ
امان“ چوندا هئا. ”چوڪ مل امان“ سندس نالي مشهور
آهي.
158- امير بيگ ارغون:
مرزا جاني بيگ جي لشڪر جو بخشي هو، ۽ ساڻس گڏ اڪبر
بادشاه جي حضور ۾ ويو. اميربيگ جي بازار ان ڏانهن
منسوب آهي.
159- مير احمد بيگ مزنگ:
مرزا جاني بيگ جو خاص ماڻهو هو. مرزا غازيءَ کيس
سلطان جو لقب عطا ڪري، وڪيل ڪل بڻايو ۽ اعتماد خان
جو لقب ڏيئي،قنڌار صوبي ۾ سنڀال لاءِ موڪليو. سندس
پٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي ۾ مشهور هئا. پير
پٺي جي درگاه جي ڏاڪڻ جا ”کٽي“ جي لقب سان مشهور
آهي، سا مير شرفو جي يادگار آهي. سندن محلي ۾ امير
خاني سادات رهڻ لڳا.
160- مخدوم يوسف طيونه:
هن بزرگ کي ”طونه“ ڪري لکيو ويو آهي. هن جو ذڪر
تاريخ معصومي آندو، جنهن تان تحفة الڪرام واري نقل
ڪيو آهي، پنهنجي وقت جي زاهدن مان هو. قرآت جي علم
۾ پوري مهارت رکندڙ هو، ۽ عبادت ۽ رياضت ڪندڙ هو.
سندس ڪرامتون مشهور آهن، سن 938هه/1531ع ۾ عالم
بقا ڏانهن راهي ٿيو.
پرديسي پرين
هاڻي انهن مڻيادار مشائخن جو ذڪر ڪبو، جن
جي شهرن يا ڳوٺن جي خبر نه آهي؛ يا جيڪي پرديسي
پرين وانگرديس کان دور، پرديس جي پرانهن پيچرن
سان پيچ پائي ويا!
1- ميان عبدالرشيد:
بصيرت وارو عالم، پنهنجي وقت جو يگانو عارف،
مخدوم نوح رحه جو همعصر هو.
2-3- شيخ قاسم ۽ سندس فرزند شيخ عيسيٰ جند الله
پاٽائي:
شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائيءَ پنهنجي تصنيف ”عين
المعاني“ جي تمهيد ۾ پنهنجو سلسلهء نسب هن طرح
لکيو آهي. عيسيٰ بن قاسم بن يوسف بن رڪن الدين بن
معروف بن شهاب الدين المعروف الشهابي الجندي
السندي الهندي المندن الرائي العشقي الشطاري. سن
947هه/1540ع کان 950هه/1543ع تائين، جڏهن همايون
سنڌ ۾ هو ته هت سخت افراتفري پيدا ٿي. ڪيترا عالم
۽ صوفي وطن ترڪ ڪري بي وطن ٿيا. انهن مهاجرن ۾
اسان جو شيخ قاسم ۽ سندس وڏو ڀاءُ شيخ طاهرمحمد
محدث به هئا. پهريائين هو احمد آباد ۾ آيا.ان وقت
حضرت محمد غوث گوالياري جي بعيت ڪري مرشد جي اجازت
سان ايلچپور برار آيا. انهن ڏينهن ۾ برار جو حاڪم
تغال خان هو، جو عالمن ۽ نيڪن جو قدردان هو. اتي
ٻه ٽي سال رهيا. 5 ذوالحج 962هه/21آڪٽوبر 1555ع
مسيح الاولياء يا مسيح القلوب شيخ عيسيٰ جي ولادت
ٿي. هن صاحب 9 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو، ۽
ٻيا علم پنهنجي چاچي شيخ طاهر محدث کان حاصل ڪيا ۽
شيخ قاسم سن 981هه/1573ع ۾ فوت ٿيو. شيخ قاسم رحه
بابت شيخ عيسيٰ لکيو آهي ته مون پنهنجي چاچي کان
ٻڌو ته پاڻ فرمايائون ته ”منهنجو ننڍو ڀاءُ شيخ
قاسم جو مشرب صوفيانه هو، هن جي دلا آويز گُفتار ۽
پسنديده افعال مان اخيار ۽ ڀلارن جون علامتون ظاهر
هيون. پاڻ شاعر به هو ۽ تاريخ گوئيءَ تي دسترس
هيس. سنڌيءَ ۾ سندس بيت مشهور آهن.“ 982هه/1574ع ۾
تغال خان جي فوت ٿيڻ ڪري برهانپور جي حاڪم محمد
شاهه فاروقي هن خاندان کي ڇڪيو ۽ هي برهانپور ويا.
شيخ طاهر محمد ۽ شيخ عيسيٰ، جن جي برهانپور وڃن
کان پوءِ اتي جا سنڌي خاندان جي هندستان جي مختلف
شهرن ۾ هئا، سي به اچي برهانپور ۾ رهيا. برهانپور
گويا اهل سنڌ جو مرڪز بنجي پيو، ۽ هڪ مستقل محلو
”سنڌي پوره“ مشهور ٿي ويو. جو اڄ به موجود آهي.
شيخ عيسيٰ روحاني اڃ لاهڻ لاءِ سفر اختيار ڪيو، ۽
شيخ يوسف ۽ قاضي جلال الدين ملتاني کان فيض پرايو.
ان زماني ۾ حڪيم عثمان بوبڪائي برهناپور آيو. انک
ان وڌيڪ عمل جو سبق حاصل ڪيائين. مگر آخر ان صاحب
شيخ محمد غوث گوالياري جي مريد شيخ لشڪر محمد عارف
جي هٿ تي بعيت ڪري روحاني رندن جو پرو لڌو. اطاعت
شيخ به واهه جا ڪيائين. رياضتن ڪندي ڳري ڪنڊا ٿي
ويو هو. سماع جو حامي هو ۽ درس و تدريس جو خاص
مشغلو هوس. شيخ عيسيٰ هيٺين فارسي ۽ عربي ڪتابن
جو مصنف آهي. 1- روضته الحسني شرح السماي الاهي.
2- عين المعاني. 3- انوارالاسرار تفسير (هن لاءِ
تحفة الڪرام ۾ ذڪر آيل آهي). 4- رساله حواس پنجه
گانه (5. حاشيه بر اشاره غريبه، ڪتاب ”انسان ڪامل“
شيخ عبدالڪريم جيلي. 6-شرح قصيده برده فارسي –
رساله قبلة المذاهب اربع مع اشارات اهل تصوف 8-
حاشيه برشرح ضيائيه، مولانا جامي. 9- فتح محمدي.
10- تتميم شرح مائة عمال. 11- رساله عقود. 12-
ترجمه اسرارالوحي. ازان سواءِ چند ٻيا رساله به
سندس قلم مان نڪتا.
14- شوال 1031هه/ 22 آگسٽ 1662ع ۾ فوت
ٿيو، ۽ پنهنجي حجره عبادت ۾ دفن ٿيل آهي. سندس
مزار خانخانان عبدالرحيم ٺهرائي. کيس چار صاحبزاده
۽ ٻه صاحبزاديون پيدا ٿيون. صاحبزادن جا نالا هي
آهن: 1- شيخ عبدالستار. 2- شيخ فتح محمد. 3- شيخ
طحه، 4- شيخ هاشم، سندس خليفن مان هيٺيان مشهور ٿي
گذريا آهن.
1- حضرت شيخ عبدالعزيز لاهوري 2- حضرت شيخ محمد
صديق ڪابل 3- حضرت شيخ عبدالقدوس، 4- حضرت شيخ
فريد بن عبدالحڪيم. 5- حضرت نورالاايمان. 6- حضرت
شيخ محمد سنڌي 7- حضرت حاجي نعمت الله 8- حضرت شيخ
برهان الدين راز الاهي 9- حضرت شيخ اسماعيل فرحي
10- حضرت سيد قاسم.
معلوم هجي ته تحفة الڪرام جي غير معلوم
شهرن ۽ ڳوٺن جي بزرگن جي باب ۾ شيخ عيسيٰ جندالله
جو ذڪر ساڳيو آيل آهي. سندس سن وفات ۽ سندس فرزند
شيخ عبدالستار جو ذڪربه آيل آهي؛ مگر شيخ عيسيٰ
لنگوٽي جي ضمن ۾ ان صاحب ان کي شيخ عيسيٰ سنڌي
برهانپوري لکيو آهي، جو سراسر غلط آهي. ڇو ته
عيسيٰ لنگوٽيه جي وفات سن 831هه/1437ع ۾ ٿي، ۽ شيخ
عيسيٰ جندالله جن سن 1031هه/1622ع ۾ - يعني ٻن
صدين جو فرق. هيءَ مير قانع جي کُليل غلطي آهي.
4- شيخ طاهر محدث مسيح الاولياء جو چاچو،
ڪمال جو اهل الله هو. ڪن روايتن مطابق پاڻ شهاب
الدين سنڌي جا شاگرد هئا. ۽ ڪن روايتن مطابق حضرت
جعفر بوبڪائي جي والد مخدوم ميران جا فيض يافته
هئا. ”برهانپوري سنڌي اوليائن جو سر موڙ“ هو ۽ شيخ
عيسيٰ رحه جو استاد ۽ نگران. سندس انتقال
1004هه/1595ع ۾ ٿيو. سندس اٺ ڪتاب تصنيف ٿيل مشهور
آهن: 1- تفسير مجمع البحار 2- مختصر قوة القلوب 3-
منتخب مواهب لدنيه 4- ملتقطه جمع الجوامع سيوطي 5-
موجز قسطلاني 6- تفسير مدارڪ 7- اسامي رجال صحيح
بخاري 8- رياض الصالحين.
سندس ننڍو ڀاءُ شيخ طيب به الله وارو ٿي گذريو
آهي. سن 950هه/1543ع ۾ فوت ٿيو. |