سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي

باب-1

صفحو :10

صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين.

عــــمر مــــون جي چت، اوتاڪون ٿرن ۾

سندس وفات بلڙي شريف ۾ سن 1030هه/1620ع ۾ ٿي. کين اٺ فرزند هئا. جن جو مختصر طرح بيان ڏجي ٿو:

1- سيد للو هن تي ڏاڏي سائينءَ جو نالو رکيل هو. ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو.

2- سيد عبدالرحيم: هن سيد  بابت ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحه چيو هو ته هن جي ڄمڻ ۾ وڏي ٿيڻ تي خدا جو شڪر بجا آندم ۽ چيم ته الحمد الله جو سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو آهي.وڏي درجي جو صاحب هو. اتفاقا پي جي حياتيءَ ۾گذاري ويو.

3- سيد جلال: هن تي چاچي سائين جو نالو رکيل هو، پنهنجي وقت جو عابد هو. والد جي حياتيءَ ۾ هڪ ڏينهن هالن کان موٽِيو ٿي آيو ته کيس چورن شهيد ڪري ڇڏيو.

4- سيد برهان؛ شاندار ڪماليتن جو هڪ برهان پيدا ٿيو هو. هيءَ پڻ پيءَ جي حياتي ۾ گذاري ويو.

5- سيد للو ثاني: هڪ مجذوب سالڪ هو. سير و سياحت ۾ مشغول رهندو هو. پيءَ بعد ڪجهه وقت زنده رهيو.

6- سيد دين محمد: والد جي زماني ۾ گوشه نشين هو. نهايت شان شوڪت ۽ بيپرواهيءَ جو مالڪ هو. پڻس وفات وقت هن کي سڏي ولايت جي امانت  ڏني چون ٿا ته اڳ ڪپڙن پائڻ جو شوقين هو. هو پيءَ بعد مٿو ڪوڙائي ڪفني ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهي تي اوڙهي، سجاده نشين جي حيثيت ساڻ گاديءَ تي ويٺو، ۽ پيءَ جو نالو هر لحاظ سان، بزرگيءَ ۽ عزت سان قائم رکيائين.

7- سيد محمد حسين: سيد عبدالڪريم هن کي ”خادم الفقرا“ جو لقب ڏنو هو ۽ خادمن کي چيو هئائين ته جنهن وقت دعا جي ضرورت پئيو ته هن کي عرض ڪجو.

8- سيد عبدالقدوس: ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، مگر ننڍڙي هوندي وڏائيءَ جا آثار نمايان هئس ۽ ٻارن کي گڏ ڪري حلقو ٻڌي ذڪر کي لڳي ويندو هو. سيد دين محمد بعد سيد عبدادليل ۽ ان بعد سندس فرزند  سيد عبدالغني ان بعد سندس فرزند، عبدالواسع ”ڪريمي رنگ“ کي پکيڙيندا رهيا. ڪريمي معتقدن ۽ مريدن جي لسٽ  ته ڊگهي آهي. جن به صاحبن جو پرو مون لڌو آهي. انهن جو ذڪر پيش  خدمت ڪريان ٿو:

ڪريمي فقراء

1- درويش مهرار نهڙيو؛ پنهنجي وقت جو هڪ بزرگ هو.  ابتدا ۾ ٻيو مرشد هوندو هوس، جو فوت ٿي ويو. ان بعد سيد صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين ته ”ڪيترو وقت ٿيو جو منهنجو (روحاني) مڙس مري ويو آهي ۽ هاڻي حضرت جن کي مڙس ڪيو اٿم،.“

2- درويش احمد: پنهنجي  وقت جو يگانو ۽ ان وقت جي بزرگن جهڙو مخدوم حامد دودائي، درويش عبداللطيف، مخدوم ضياء الله، درويش سمو، مخدوم عيسيٰ ۽ سندس پٽ ميان عبدالقدوس سان صحبتون هيس. خاص ڪري سيد عبدالڪريم جو فيض يافته هو.

3-4- ميان عبدالله ۽ درويش هارون: سيد صاحب جي نظر جا نورازيل هئا.

5- درويش الهڏتو لوهر: سيد صاحب جو مُريد ۽ وڏي ڪرامت جو صاحب، مڪليءَ واري عيدگاهه جي ڏکڻ  ۾ آرامي آهي.

6- تحفة الطاهرين ۾ درويش الهڏنو زرگر جو ذڪر خير به آيو آهي. جنهن جي روحاني تصوف ڪري کاري ڳوٺ جي پيرزادن کي جي سيد عبدالڪريم جي فقيرن جي خلاف هئا، نمائي ڪريمي درگاهه جو پانڌيئڙو بنايائين. شيخ بهاء الدين زڪريا رحه جي اولاد مان شيخ ڪالو قريشي جي اولادم جي ذڪر ۾ آيل آهي، ته سندس پڙ پوٽو شيخ سلام الله سيد عبدالڪريم جي اولاد ۽ سجاده نشين سيد عبدالغني جي صحبتن  مان ۽ الهڏني زرگر جي زيارتن مان فيض پرائيندو هو. هڪ نڪتو قابل غور آهي ته

تحفة الڪرام جي مترجم هن کي الهڏنو زرگر لکيوآهي، مگر تحفة الطاهرين ۾  ”الله دنه زرگر“ آهي.

7-8 سيد  قاسم مشهدي ۽ سيد جعفر بکري: سيد احمد مشهدي جي اولاد مان سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد دائود شهيد حق جي طالبن جي فهرست ۾ داخل ۽ حال جو صاحب ٿي گذريو  آهي. هو سيد جعفر رضوي بکري، يوسف بکري جي پوٽي جي هٿان سيد صاحب جو خليفو ٿيو، پير جي  ميلي تي ٺٽي جي خلق کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۽ موٽائي آڻڻ سندس ذمي هو. شعبان مهيني ۾ هڪ خلاصو ميلو ٺٽي ۾ سندس جاءِ تي ٿيندو هو، جنهن ۾ فقير ٽولين ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. سندس وفات جي تاريخ ”في جنة عالية“  1054هه/1644ع مان ڪڍي اٿن. تحفة الطاهرين ۾ سندس فرزند سيد لطف الله بابت به لکيل آهي ته ”صاحب حال ۽ صاحب ڪرامت هو“ ٻنهي مٿين صاحبن جون تربتون سيد محمد يوسف بکري جي پاڙي ۾ آهن.

9- قاضي منور بن مخدوم مراد بن مخدوم صدرالدين راهوتي: هي صاحب به پهرين قيمتي لباس پهريندو هو. مگر سيد صاحب جي نظر بابصر هڻي هن کي سلوڪ جو سالڪ بنائي ڇڏيو.

سروري ٽوڙ

        هاڻي اچون ٿا انهن الله وارن تي جن سڌي طرح سروري فيض جي پالوٽ جو پلر پي پاڻ کي ”سروري ٽوڙ“ ۾د اخل ڪيو. يعني سندن مرادوند مريد.

1- سيد علي شيرازي ثاني انجوي: سيد علي بن  سيد جلال  بن سيد علي ڪلان بن سيد احمد بن سيد محمد عرف سيد ميران محنمد انجوي شيرازي ثم ٺٽوي شيرازي سادات جو برگزيده بزرگ هو. سير ۽ سلوڪ ۾ وڏن کان به وڌيڪ توفيق وارو ۽ نهايت متقي هو. هن صاحب پنهنجي وڏي ڏاڏي سيد محمد کي مراد اوٺي جي ڳوٺ مان کڻائي هاڻوڪي وڏي مقبري ۾ رکايو. سندس مرقد به هن وڏي قبر ۾ آهي. حديقة الاولياء ۽ تحفة الڪرام موجب پاڻ 971هه/1563ع ۾ وفات ڪيائون. پر تحفة الطاهرين 981هه/1573ع سندس سال وفات ڄاڻايو آهي. تاريخ معصوميءَ ۾ به 971هه ڄاڻايل آهي۽ وفات جي تاريخ ”فات الحاتم بجوده“ 981هه مان ڪڍي وئي آهي. سال وفات جي حرفن کي ابجد جو حساب لڳائبو ته 981هه سال نڪرندو. ان ڪري 971هه سال غلط ۽ 981هه سال صحيح سمجهڻ گهرجي.  نهايت حليم، زاهد، سخاوت جو صاحب هو. سماع جو نهايت شوق هوندو هوس. پهريائين درويش آجر کان فيض ورتائين ۽ پوءِ تحفة الطاهرين مطابق ”بجناب فيض ماب حضرت پير ولايت، صاحب ارشاد و هدايت، پيشوا اهل عرفان، سردفتر اصحاب ايقان، مصباح مڪان، روح مفتاح خزائن فتوح، مخدوم نوح قدس سره العزيز رسيده باوج عرفان تصاعد غود واز مقام فنافي الله گذشته، بدرجه بقا باالله واصل گرويده – ان بعد مخدوم نوح رحه ۽ سيد علي صاحب جون ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن. رسول اڪرم جي شرف باريابيءَ کان مشرف ٿيندو هو. ”معارف الانوار“ مصنف  محمد صالح ٺٽي واري ۾ لکيل آهي ته پاڻ رساله ”آداب المريدين“ 64 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هئائين، ۽ سن 954هه/1547ع ۾ لکي پورو ڪيائون. هن حساب مطابق انتقال وقت سندن عمر 91 سال هوندي. هيءُ ”دين جي بزرگن جو دستور العمل آهي، ۽ سندس يادگار آهي“. ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي ته هڪ دفعي سيد عبدالڪريم بلڙي واري سنڌيءَ ۾ هڪ بيت معما طور پنهنجي استاد جناب مخدوم نوح رحه کي هالين شريف موڪليو. مخدوم صاحب جواب موڪليو. ٻئي سوال  جواب مير علي شيرازيءَ کي معلوم ٿيا. پاڻ انهن کي گڏي هيٺيون بيت فارسيءَ ۾ پيش ڪيائين.

جـــان بــجــانـــان ده و گـــــرنه از تـــو بـــستاند اجل

خود تو مننصف باش اي دل، اين نڪويا آن نڪو

سندس صالح فرزند سيد جلال پڻ تقويٰ ۽ ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو. ۽ پيءُ جي طريقي تي هلندڙهو. سڀني عالمن  ۾ وقت جو يگانو ۽ ذهن جي لطافت ۾ بينظير ۽ ڪمال انسانيت  ۽ سخاوت رکندڙ هو. تاريخ معصومي ان بزرگ جي باري ۾ وڌيڪ لکي ٿي ته ”ٿوري پيدائش هوندي به  وٽانئس ماڻهن کي پڻس کان وڌيڪ بهرو ملي ٿو. ۽ سيد جلال پيءُ کان وڌيڪ شريعت جو پابند آهي.“ هن بزرگ جي گهر ۾ مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ ترخان  جي نياڻي هئي، سيد جلال جي وفات بعد سندس فرزند سيد مير محمد وڏي شان ۾ مشهور ٿيو ۽ ”ترخان نامو“ سندي تاليف آهي. شيرازي ساداتن جو گهرو لاڳاپو مخدوم صاحب جن سان معلوم ٿئي ٿو.  اڃابه فقير عيسيٰ لنگوٽيءَ جي اوڀر ۾ هڪ ٿلهي تان هالن ڏي منهن ڪري معتقد دعا گهرندا آهن. سيد علي ثاني جي عرس  جو سماع جو بندوبست به ”سروري ٽوڙ“ ڪندا آهن.

2- درويش قاسم جولاهه: تحفة الڪرام واري صاحب هن بزرگ جو  ذڪر هالن جي بزرگن جي ضمن ۾ آندو آهي. ”هي صاحب ڪورڪو ڌنڌو ڪندو هو، پر مخدوم صاحب جي مريدن جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تاڃي ۽ پيٽي کان خوب واقف ٿيو هو.“

3- ميرڻ ڪاتيار: نصرپور جي سماوات پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ڪاتيار ۾ رهندو هو. پهريائين ڪجهه ڏات الاهي مليس. مگر اها مٺ پٽي ساري ڪمائي ڪُٽ ڪري ڇڏيائين. پوءِ سيد عبدلاڪريم  کيس مخدوم صاحب وٽ وٺي آيو  جتان اڳي کان اڳرو ٿي ويو.

4- سيد ساجن سوائي: اصل مٽيارين جو هو، پر پوءِ ڳوٺ ڪوڇي ۾  اچي رهيو، جو ونگي ۽ ولهار جي سرزمين ۾ واقع هو. مخدوم نوح رحه جو مريد ۽ پنهنجي وقت جو عمدو شيخ طريقت ٿي گذريو آهي. سندس ڪرامتون ڳاڻائي کان ٻاهر آهن. سندس وفات واري ڏينهن اڃا به وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي هزارن جو مال فروخت ٿئي ٿو.

5- لڌو بهار: مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو. سندس ڳوٺ وغيره بابت  ٻي ڪابه حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي.

6-  دوريش قطب: ”دليل الذاڪرين“ مطابق سندس ڳوٺ ڪاهره ٻيلو هو. ۽ مخدوم نوح رحه جو مکيه مريد هو. بوبڪن ۾ سندس اچڻ ۽ مخدوم جعفر جي طالبن ۽ ساڻس ملاقات جو ذڪر تحفة الڪرام ۾ آيل آهي.

7- درويش صابر سومرو: بٺوري پرڳڻي جي هٽڙي ڳوٺ جو ويٺل هو، مخدوم صاحب جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل ۽ ڪمال وارن جي خوبين سان موصوف هو.

8- درويش بادو: نيرون ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ ناهيو جو رهندڙ هو ۽ مخدوم صاحب جو مريد هو. جڏهن پهريائين مخدوم صاحب وٽ بيعت لاءِ آيو، تڏهن مخدوم صاحب قلب تي نظر رکي ڪلمو شريف پڙهايس، ڪلمي شريف پڙهڻ سان مڇيءَ وانگر ڏڪي ڏڪي بيهوش ٿي ويو، ۽ مردي وانگر زمين تي سيخ ٿي پئجي رهيو. ٽي ڏينهن ان حالت ۾ پيو هو. ان بعد چمڪيو ۽ گمراهن کي راهه ڏيکاريائين.

9- مخدوم ابو مصطفيٰ ٺٽوي: هڪ زبردست عالم، مخدوم جو مرادوند مريد، معاصر۽ متعلم هو. هو وقت جي ولي سيد للو جي نياڻيءَ مان هو. سندس تربت ٽڪريءَ تي پير شيخ عالي جي ڀرسان آهي. کيس هڪ برڪت ڀريو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مخدوم بايزيد هو. هي صاحب به پنهنجي وقت جو هڪ عامل ۽ ڪامل طالب هو. علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجن همعصرن ۾ استاد مڃيو ويندو هو. صفا ۽ برگزيدگي ۾ ڪافي حصو عنايت ٿيل هوس. سندس پٽ، ميان محمد حافظ جيد عالم هو. پني جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. ان بعد سندس فرزند ميان علي اڪبر پيءُجي جاءِ تي ويهي نالو ڪڍيو. اولاد ڪونه ڇڏيائون.

10- ميان مٺو فقير: مخدوم صاحب جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. ٺٽي جي هڪ مشهور مسجد ”جامع فرخ“ ۾ گهڻو گذاريندو هو. آڪر ڳوٺ ۾  سندس حجرو مشهور آهي. مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، فقير اتي اچي گڏ ٿيندا آهن. پير آسات جي پيرانديءَ واري ڏاڪڻ وٽ دفن ٿيل آهي. سندن مفلوظات مان آهي  ته ”جڏهن ستايل ۽ بدحال ٿيان ٿو. جڏهين خودي جو خيال ڌاري مٿو مٿي ٿو کڻان تڏهن ”مٺو“ يعني کوٽو آهيان. پر جڏهين ڪسر نفسيءَ جي ڪري پنهنجو مٿو نياز ڪري هيٺ جهڪايان ٿو تڏهن ”مٺو“ سڏينم ٿا ۽ مٺو ڪري کائينم ٿا“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org