سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي

باب-1

صفحو :2

سندس مجاهدن لاءِ تحفة الڪرام ۾ آيل آهي ته ”پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ سخت رياضتون ڪيائون“ حديقة الاولياءَ واري وري ائين لکيو آهي ته ”پهرين وقت ۾ بيشمار رياضتون مجاهدا ڪيائين ۽ سخت عبادتون ۽ ڪٺن ڪم هن کان وجود ۾ آيا“ سندن وفات جو سال ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل ڪونهي. مگر تحفة الڪرام ۽ حديقة الاولياءَ مان اهو پرو پوي ٿو ته هي صاحب هالا ڪنڊي:ءَ جي مخدوم احمد ۽ محمد جن جو همعصر هو. مخدوم احمد (جنهن جو ذڪر بعد ۾ ايندو، جن جي وفات حديقة الاولياءَ ۾ 924هه/1527ع آيل آهي. ۽ تحفة الڪرام واري صاب 930هه/1523ع ڄاڻائي آهي. هن حساب سان ڀرڪيي ڀلاري جو هن دار  فانيءَ مان الوداع ڪرڻ 925هه/1519ع ۽ 935هه/1528ع جي وچ ۾ سمجهڻ گهرجي. مخدوم نوح رحه جي ولادت کان اڳ پاڻ هڪ دفعي چيائون ته ”مخدوم نعمت الله کي لطف الله نالي هڪ اهڙو فرزند ٿيندو جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي حضور حاصل ٿيندو“ هاڻِ به هر سال هن صاحب جو عرس 9-10-11 شعبان ٿيندو آهي.

2- درويش نوحه رحه کيبرائي: هن درويش جي باري ۾ تحفة الڪرام ائين لکيو آهي ته ”هي مال چارڻ تي گذران ڪندو هو ۽ حال جو صاحب ۽ ڪرامت جو ڌڻي هو. حديقة الاولياءَ ۾ آيل آهي ته جڏهن شيخ حماد جمالي جي دعا سان ڄام تماچي دهليءَ کان واپس موٽندي کيبرن وٽان اچي لنگهيو تڏهن درويش کيس ٻڌايوته ”ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام  تماچيءَ جي نالي جي منادي اچي رهي آهي.“ حالنڪ اهو زمانو ڄام جوڻي جو هو. مذڪور روايت مطابق جيڪڏهن ڄام جوڻي کان پوءِ ڄام تماچيءَ جو نالو اچي ٿو ته اهو ڄام تماچي اول بن ڄام انڙ آهي. ۽ ان جو پٽ ڄام خيرالدين آهي، ۽ نه ڄام تماچي ٻيو بن ڄام خيرالدين، جنهن جي پٽ ڄام صلاح الدين جي ضمن ۾ تحفة الڪرام جي صاحب، شيخ حماد جمالي جو ذڪر آندو آهي. ٻي ڳالهه مزي واري اها آهي ته جيڪڏهن ويچارن سمن بادشاهن جي سمي کي هندستان جي عهد وسطيٰ جي  زماني سان تطبيق ڏينداسون ته پوءِ تاريخ معصومي خواهه تحفة الڪرام جا احوال سن ۽ سال محض قياسي ثابت ٿيندا. ان سلسلي ۾ تحقيق ڪندي  هي واضح ٿيو آهي ته سمن حاڪمن جي حڪومت جو آغاز زير بحث آهي. پر انهن جو انجام متفق طور ارغونن هٿان 927هه/1521ع ۾ ڏيکاريو ويو آهي. تحفة الڪرام جو صاحب انهن جي حڪومت جو آغاز سال 752هه/1351ع  ۾ ڄاڻائي ٿو. بيگلارنامي ۾ انهن جي حڪومت جو آغاز سال 734هه/ 1439ع تي پهچايو جو ڪنهن به تاريخي زاويه نگاهه سان درست نه آهي. جيڪڏهن اسان تحفة الڪرام جي روايت کي خيال ۾ آڻيون ته ڄام انڙ سمن جي حڪومت 752هه/1351ع ۾ شروع ڪئي ته پوءِ ائين مڃڻ سان ٽي – چار تاريخي ڪڙيون پاڻ ۾ ملي نه ٿيون سگهن، ان جي مقابلي ۾ جڏهن بيگلارنامه جي سن وارو زمانو خيال ۾ آڻبو ته پوءِ ڪڙيون لڳ ڀڳ ملي وڃن ٿيون. ڄام انڙ دهليءَ جي سلطان پاران سيوستان جي حاڪم ملڪ رتن کي ماريو. ان جو احوال ابن بطوط پنهنجي سفرنامي ۾ ڏنو آهي. ابن بطوط  سنڌ ۾ 734هه/1333ع) ۾ آيو هو ۽ مٿيون واقعو 734هه کان تمام ٿورو اڳ جو آهي. ڇو ته ابن بطوط قلعي جي ديوار تي ٽنگيلن جا لاش ڏٺا هئا، جي محمد تغلق جي غلام عماد الملڪ قيصر رومي کي شڪست ڏيئي بعد ۾ لٽڪايا ويا هئا. ان روشني ۾ اٽڪل سنه 733هه/1332ع) وٺبو. تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام جي حوالن سان ڄام انڙ ساڍا ٽي سال کن حڪومت ڪئي ۽ ڄام جوڻي تيرهن سال کن، يعني ڄام جوڻي بن بابينه حڪومت جون واڳون 736هه/1335ع ۾ ورتيون. ان کان پوءِ سندس ڀائٽيو ڄام تماچي بن ڄام انڙ 748هه/1347هه ۾ حڪمران ٿيو. ان کان پوءِ سندس پٽ خيرالدين حاڪم ٿيو. انهن ڏينهن ۾ محمد شاهه تغلق سنڌ ۾ آيو ۽ فوت ٿيو. اهو سال آهي 752هه/1351ع، يعني ڄام انڙ بعد ڄام خيرالدين بعد سندس پٽ ڄام ڀنڀو عرف بابينو تخت تي ويٺو ۽ پندرهن سال حڪومت ڪيائين. جيڪڏهن ڄام خيرالدين کي ٽي سال حڪومت لاءِ ڏجن ته ‎ڄام بابينو 754هه/1353ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ ان جي حڪومت 769هه/1367ع تائين هلي. هن جي دور حڪومت ۾ فيروز شاهه تغلق سنڌ تي ٻه دفعا ڪاهي آيو هو. مشهور مورخ فيروز شاهي جي مولف سراج عفيف جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته 762هه/1361ع ۾ سنڌ تي ڪاهيائين، ۽ اهو  به ڏيکاريو اٿس ته ڄام ڀنڀي پنهنجي چاليهه هزار پياده ۽ ويهه هزار سوارن سان سلطان جو قلندرانه مقابلو ڪيو، ۽ کيس اڍائي سالن تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو. تحفة الڪرام هن حملي جو سال 772هه/1370ع ڏيکاريو آهي. حالانڪه جيڪڏهن سندس روايت مطابق سمن جو راڄ 752هه/1351ع ۾ شروع ڪجي، ته پوءِ ڄام بابينه بن خيرالدين جي حڪومت جو سال وڃي 791هه/1388ع سان لڳندو. جو تاريخي واقعات جي مطابقت ڪري وڌي ويندي. مسٽر اليٽ تحفة الڪرام جي پيش ڪيل، سمن جي راڄ جي آغاز  واري سال سان متفق رهيو آهي. ڇو ته تاريخ فيروز شاهيءَ جي غلطي هن صاحب به دهرائي آهي ته محمد شاه تغلق جڏهن سنڌ ۾ 753هه/1351ع ۾ آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم سومرو هو. حالانڪه هي صحيح نه آهي. خود تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامو ۽ تحفة الڪرام، هن روايت جي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. ان وقت ۾ خيرالدين بن ڄام انڙ حاڪم هو جو سمو هو ۽ نه سومرو، ٻي وڏي عظيم غلطي تاريخ معصوميءَ خواهه تحفة الڪرام وارن هيءَ ڪئي آهي، جو ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچي بن ڄام انڙ جي احوالن ۾ سلطان علاﺂالدين جي لشڪرڪشيءَ ۽ قيد و بند ۾ وجهڻ جا واقعات ڏيکاريا اٿن. حالانڪه سلطان علاﺂالدين خلجي 715هه/1315ع ۾ فوت ٿي ويو هو، جڏهن سومرن جو زمانو هو، ۽ سمن جو سمو شروع ئي نه ٿيو هو. لازما هي زمانو تغلق گهراڻي جو آهي ۽ سلطان علاو الدين خلجي جي بدران سلطان محمد شاهه تغلق سمجهڻ گهرجي. مٿئين تاريخي پس منظر مان ظاهر ٿيو ته ڄام جوڻي جي حڪومت جو زمانو 736هه/1335ع ۽ 748هه/1347ع جي وچ جو آهي. ان حساب سان شيخ حماد جمالي ۽ اسان جي درويش نوح کيبرائي جو امڪاني سمو اهوئي آهي، جو ڄام جوڻي جو آهي، يعني  736هه/1335ع ۽ 748هه/1347ع جي وچ ۾.  ڇو ته جڏهين نوح کيبرائيءَ ڄام تماچيءَ کي خوشخبري ڏني، تڏهن اڃا ڄام جوڻي جي حڪومت هئي.

   هن دريش کي ”نوح هوتزاني“ ڪري سڏجي ٿو، جو سنڌي تلفظ موجب ”هوٿياڻي“ سمجهڻ گهرجي. هوٿياڻي ۽ هوٿي ٻئي هڪڙيون ذاتيون آهن. سماٽ جي انيڪ ذاتين ۽ سندن  شجري جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته ”هوٿي“ به هڪ ذات آهي  جا ان صاحب جي پڍيان سڏجي ٿي جو ”هوٿي“ هو.  هالا بن ساند بن پالي بن  رائدان جو چوٿون پٽ هو. هاڻي زماني جي حساب سان هي درويش مخدوم نوح کان تقريبا 165 سال اڳ جو آهي، ۽ دليل الذاڪرين خواه تحفة الاولياء جي صاحب حاجي محمد صالح مجاور آندو آهي ته مخدوم صاحب جي والد بزرگوار جي همعصر درويش ”نوح هوتزاني“ کين چيو ته ”منهنجي مرڻ کان پوءِ پنهنجي فرزند جو نالو ”نوح“ رکجو. هي درويش نوح، وڏي درويش نوح جي پيڙهيءَ مان آهي. هن هوٿياڻي درگاه جو تعلق سروري درگاهه سان گهاٽو آهي.

   موجوده کيبر ڳوٺ جي اتر اٽڪل ٽن ميلن  تي سهتن جو ڳوٺ آهي. جنهن جي سامهون اها درگاهه واقع آهي. سندس مجاور فقير محمد هڪ لائق ۽ پنهنجي هوند وارو آهي. اهو ياد رکجي ته کيبر قديم ”وڪئي ۽ جمعي“ خاصخيلن جي ڳوٺ  جي اتر ۾ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي.

3- مخدوم عربي ڌياڻو (ديانو): پير آسات (جنهن جو مقبرو مڪليءَ تي آهي) جو سڳو ڀاءُ مخدوم نوح جو استاد، قرآن شريف جو حافظ پراڻن هالن ۾ هڪ  وڏو ڪرامتن جو صاحب بزرگ ٿي گذريو آهي، مولانا غوثي صاحب  ”گلزار ابرار“ مطابق پاڻ عجيب و غريب ۽  هوشربا خوارق ۽  عادات جو صاحب هو. پاڻ 980هه/1572ع ۾ وصال ڪيائين ۽ پراڻن هالن ۾ مدفون آهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي سوانح نگارن ڄاڻايو آهي ته شاه صاحب جي والده هن بزرگ جي دختر نيڪ اختر هئي، مگر ائين وسهڻ دست نه آهي ڇو ته شاه ڀٽائيءَ جي ولادت 1102هه/1690ع ۾ ٿي ۽ هن بزرگ جي وفات ۽ ڀٽائي گهوٽ جي ولادت جي وچ ۾ 122 سالن جو وقفو آهي. باقي  ائين چئجي ته سندس پيڙهيءَ مان آهي. ان ڪري شاه ڀٽائي مخدوم ڌياڻي جي ڏهٽاڻ ۾ ٿيو. ٻيو به هڪ تعلق مرحوم قانع ڏيکاريو آهي. پاڻ مخدوم عربي ديانه جي احوال ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”هاڻي ان جي اولاد مان مخدوم محمد عالم نالي شخص حيات آهي، جو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ ان جي فقيرن ۾ داخل آهي.“ هن بزرگ جو فرزند مخدوم  بايزيد مخدوم نوح جو معاصر هو. سندس ڀاءُ پير آسات سيد جونپوريءَ جو مريد، مڪليءَ تي مدفون آهي. سندس اولاد مان محمد حسين مشهور هو، جنهن جا پٽ  احمد ۽ محمد ٺٽي ۾ هئا. احمد جهان آباد ۾ شاهه غلام محمد صوفي جي  خدمت ۾ رهندو هو.

4- شاهه ديوانو هالائي:  هي صاحب به جليل القدر مشائخ ۽ مقتدر صاحب ڪرامت بزرگ مخدوم عربيءَ سان گڏ مدفون آهي. دليل الذاڪرين جي روايت مطابق حسو فقير ٽوڙيءَ واري جو چاچو مجذوب ۽ ديوانو هوندو هو، تنهن کي ڪشف ٿيو ته ٿوري وقت ۾ دين اسلام جو هڪ مجدد پيدا ٿيڻو آهي، جو وڏو ولي الله ٿيندو. ان جي خوشخبري هن صاحب، مخدوم نعمت الله سان بيان ڪئي، ٿي  سگهي ٿو ته مذڪور مجذوب شاه ديوانو هجي.

5- مخدوم عبدالرشيد هالائي: هيءُ جيد عالم ۽ وڏو متقي بزرگ هو. ماڻهن مان هڪ وڏي جماعت ان کان علمي ۽ عملي ڪمالات حاصل ڪري پنهنجي وقت ۾ با هدايت ٿي ان حلقي ۾ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد هالائي پڻ شامل هئا.

6- مخدوم اسحاق ڀٽي هالائي: هيءُ شيخ بهاﺂالدين زڪريا ملتانيءَ جي خاندان  جو مريد فضيلت ۽ ڪمالات ۾ بينظير  ۽ الله تعاليٰ جي مقتدر ولين مان آهي. هن صاحب جون ڪرامتون بيشمار آهن.سندس سپوٽ پٽ مخدوم  احمد ۽ مخدوم محمد آهن.

7-8 مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد: موجوده هالا پراڻن جي ڀٽي بزرگن جا بزرگ وڏي  پايي جا اولياءَ ٿي گذريا آهن. هي صاحب ڄام نظام الدين کان وٺي شاه حسن ارغون جي حڪومت تائين رهيا. سڀني تاريخن  يا تذڪرن ٻنهي ڀائرن جو احوال گڏ  ڏنو آهي. حديقة الاولياء ۾ آيو آهي: ”محمد اسحاق جا فرزند وڏن ولين ۽ نامدار بزرگن مان آهن ۽ هالڪنڊيءَ ۾ سڪونت اٿن.“

   مخدوم احمد هميشه گمناميءَ ۾ گذاريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن هو صاحب، محفل سماع ۾ ويندو هو، ته عجب رقت طاري ٿي ويندي هيس. آخري زماني ۾ به هو نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ آيو هو، هتي اتفاقا هڪ محفل سماع ۾ هڪ سوناري نينگري ڏاڍي سوز و گداز سان چند بيت پڙهيا، جن کي ٻڌندي ئي مخدوم صاحب واصل الله ٿي ويو [1]  هن جو  جنازو هالڪنڊي کڻي آيا. رستي ۾ جنازه کان ذڪر جلي بلند آواز سان ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن صاحب 930هه/1523ع ۾ وفات ڪئي. پر حديقة الاولياء واري صاحب 934هه/1527ع ڄاڻايو آهي. ان جي اولاد مان ڪيئي بزرگ پيدا ٿيا. جن مان مکيه هيٺيان آهن:

   مخدوم فتح الله، مخدوم احمد ثاني، مخدوم عبدالحميد، مخدوم عمر ۽ انجا ٽي پٽ، مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالرﺂف محب رسول جنهن جا مولود مشهور آهن. مخدوم فتح الله، مخدوم نوح رحه سرور جو همعصر ۽ مخدوم عبدالرﺂف، شاه ڀٽائي جو سهيوڳي آهي.

   مخدوم محمد ننڍو ڀاءُ هو ۽  علوم  ظاهري جي تحصيل ڪري اوج ڪمال تي پهتو. اڪثر خلق الله جي خدمت ڪندو هو ۽ انهن جي خيراتي ڪمن لاءِ وقت جي حاڪمن وٽ ويندو هو. ان بزرگ جي اولاد مان به گهڻائي معرفت جا صاحب ٿيا جن مان هيٺيان مشهور آهن.

مخدوم محمد يوسف، مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محدم يعقوب

9- درويش زڪريا: هي مذڪور مخدوم محمد اسحاق جو ڀائٽيو ۽ راه هدايت جو مالڪ ۽ خدا رسيد و بزرگ هو.

10- شيخ ابوبڪر: هي هالا جو هڪ  ڪامل ۽ قديم ولي آهي. مخدوم نوح جو ستون ڏاڏو مخدوم فخرالدين ثاني به ان بزرگ جي مقبري ۾ مدفون آهي.

11- درويش رڪن ڀرا: هي مخدوم احمد جو خاص خادم هو.الله تعاليٰ جي دائمي رضا ۽ راهه جي قرب جو  واصل هو.

12- مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي: هي وڏي مقام وارو صاحب حال بزرگ هو. مخدوم نوح رحه هن فيض جي صاحب سان صحبت ڪئي هئي.

13- سيد عبداللطيف حسيني: هي هتان جي قديم بزرگن مان آهي. مير علي شير قانع جي ڏينهن ۾ سيد فتح محمد شاه سندس اولاد مان هو. اهي شاه سڳورا سروري رنگ اختيار ڪري ”سروري ٽوڙ“ ۾ داخل ٿيا.

14- مخدوم صدرالدين راهوتي: هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ جي ڳوٺ ”جائيه“ ۾ رهندو هو، هميشه وعظ ڪندو هو، چتين لڳل ٽوپي پهريندو هو. وڏوپرهيزگار ۽ متقي بزرگ هو.

15- مخدوم بلاول ٽلٽيءَ وارو: هيءُ بزرگ اصل ٽلهٽي (ٽلٽي تعلقو سيوهڻ) جي واهڻ جو واسي هو. شرعي خواهه روحاني علمن ۾  ڪامل هو. سندس خاص شرعي فرقو ”بلالي“ سنڌ ۾ رائج آهي، جنهن تي جداگانه تحقيق ڪبي. ارغونن جي خلاف هن بزرگ علم بغاوت کنيو ۽ شاهه بيگ هن کي پوئين وقت ۾ ڪافي تڪليفون ڏنيون. پاڻ سنه 929هه/1522ع ۾ وفات ڪيائين  ۽ سندس مرقد باغبان (هاڻوڪو باغ واهڻ) ۾ آهي. تاريخ معصومي، تحفة الطاهرين حديقة اولياء تحفة الڪرام  ۾سندس ڪافي ڪرامتون آيل آهن. تاريخ معصومي هن صاحب جي احوال ڏيندي آخر ۾ لکيو آهي ته ”بيشڪ اهي ئي بزرگ آهن جي مئل دلين کي جيئرو ڪن ٿا.“ ”تذڪره صوفيائي سنڌ“ جي مولف حتفة الطاهرين جي حوالي سان سندس مرقد  مڪلي ۾ درگاه شيخ  حماد جمالي جي عقب ۾  ڏيکاري  آهي، جو حقيقت جي بلڪل برعڪس آهي. سندس مرقد اڄ به مرجع خلائق آهي ۽ ”باغبان“ ضلع دادو ۾ موجود آهي، جتي ماهيانو تقريب ۽ ساليانو ميلو ٿيندو آهي. سنڌ جي سرهندي بزرگن جي وڏي  ڏاڏي حضرت خواجا عبدالرحمان جان سرهندي جي ملفوظات مان پتو پوي ٿو ته پاڻ هجرت کان پوءِ جڏهن سنڌ ڏانهن آيا، تڏهن جن اهل ممات بزرگن جي زيارت ڪيائون، تن مان حضرت مخدوم بلال رحه به آهي. ان کان پوءِ سندن منزل سيوهڻ ۾ ٿي.

        هي مخدوم بلال، مخدوم جمعي جو همعصر هو، جنهن جو ذڪر بعد ۾ ڏنو ويو آهي. (تحفة الطاهرين ص 30) مير علي شير قانع هن صاحب کي شاعر ڄاڻايو آهي ۽ سندس هيٺين رباعي پنهنجي معروف ڪتاب ”مقالات الشعرا“ ۾ ڏني آهي:-

در راه خدا ز سـر قــــدم بـــــايــــد ســـــاخـــت،

سرمايهء  اختيار  خـــــود مـــــي بـــايد بـاخت

ڪـــفـــر اســـت بخـــــود نمائي بردن بجهان

از خويش برون شده سويش مي بايد تاخت

        مخدوم بلاول رح پنهنجي خليفي سيد حيدر شاهه  سنائيءَ کي ڪجهه قدر اٽو ڏيئي فرمايو ته ”هنن نشان وارو بزرگ ڪنهن زماني ۾ تو وٽ ايندو. ان جي حضور ۾ ”برگ سبز است تحفهء درويش“ جي مصداق هي اٽو اسان جي طرفان مهماني طور عرض رکج.“ انهيءَ  ارشاد بعد سيد حيدر شاه سنائيءَ وٽ مخدوم نوح رح جو وڃڻ ٿيو ۽ شاهه صاحب اها امانت ڏيئي پنهنجو فرض ادا ڪيو. مولانا غوثي هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت مطابق لکيو آهي ته هن کي خواجه خضر کان روحاني فيوضات حاصل ٿيا. مخدوم بلاول جوگهاڻي ۾ شهيد ٿيڻ جو واقعو  ڪنهن به تاريخ يا تذڪره ۾ آيل نه آهي.

16- درويش پنيو ناريجو: هي دشت باران جو ممتاز ولي آهي. هن جون ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. پاڻ سن 900هه/1494ع ۾ لاڏاڻو ڪيائون ۽ ”ريڻ“ نديءَ جي ڪناري ڳوٺ ”ريده“ ۾ سندس تربت آهي.

17- درويش هالو سهتو: هيءُ به دشت جو ٻيو مقتدر ولي آهي ۽ مذڪور درويش پنئي جو همعصر هو ۽ طهارت ۽ پاڪائيءَ جو  بيحد خيال رکندو هو. هن جي تربت آمريءَ ۾ آهي.

18- دوريش علاالدين ٻگهو: هن مشهور وليءَ جي دعا سائين مقبول هوندي آهي.  هن صاحب 900هه/1494ع  ۾ وفات ڪئي ۽ دشت ۾ برهمڻ آباد جي قريب آرامي آهي. مان پاڻ زيارت ڪري آيو آهيان.

19- قاضي صڌو ابن حماد: هن پيڙهي خطبيه جي قاضين سان ملي ٿي، هيءُ به دشت جي اوليائن مان ٿي گذريو آهي. هن جون ڪئين  ڪرامتون نشانبر آهن. سن 900هه/1494ع  ۾ لاڏاڻو ڪيائون. سندن تربت ڳوٺ ”ونهيري“ ۾ آهي.

20- مخدوم جعفر بوبڪائي: مخدوم جعفر ابن مخدوم ميران بوبڪن تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ جو ويٺل، شريعت ۽ طريقت جو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. تحفة الڪرام کيس مخدوم نوح ره جو همعصر ڄاڻايو آهي. ان صاحب ۽ مخدوم نوح رح جون ڪافي ملاقاتون به ٿيون آهن، ۽ ان بابت ڪيتريون روايتون به مشهور آهن. مگر هي صاحب مخدوم نوح رحه کان عمر ۾ وڏو هو ۽ بابر جي ڏينهن ۾ ارغونن سنڌ تي لشڪر ڪشي جا 17 ذوالقعد سنه 921هه مطابق 24 ڊسمبر 1515ع ۾ ٿي هئي، ان جي  روايت هي صاحب مرزا عيسيٰ ترخان (وفات 974ه/1566ع) کان ڪندو هو. هي حوالو تاريخ معصومي آندو آهي. جيئن ته مخدوم جعفر جو سال وفات معلوم نه  آهي ۽  هي مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ زنده هو، ان مان ظاهر آهي ته هن جي وفات 962هه/1554ع (جو شاهه حسن ارغون جو سال وفات آهي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي سال وفات 974هه/1566ع جي وچ ۾ ٿي آهي) مولانا غوثي پنهنجي مشهور تذڪره ”گلزار ابرار“ ۾ لکيو آهي ته شيخ طاهر ابن يوسف سنڌي برهانپوري جو استاد زادو هو. مسيح زمان شيخ عيسيٰ قاسم جندالله برهانپوري رحه کان روايت آهي ته حڪيم عثمان بوبڪائي کيس چيو ته مخدوم جعفر رضه آخر عمر ۾ مطاق جا ڪتاب درياهه ۾ وهائي ڇڏيا، ۽ احياء العلوم، (غزالي) عوارف المعارف، (شهاب الدين سهروردي) فصل الخطاب ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب مطالع ڪندا هئا، ۽ ٻيو ڪوبه شغل نه هين. ۾”باد بروحش، مقام جنت فصل الخطاب“، هن جي تصانيف مان ”خلل العقود في طلاق السنود“، ”المتانه في مرمة الخزانه“ ۽ ”عجالة الطالگبين“ مشهور آهن. جن مان، هن صاب جو مذهب ۽ فقه ۾ اعليٰ درڪ معلوم ٿئي ٿو. ان جي اولاد مان مخدوم عبدالغني ۽ مخدوم نورالدين مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. مقالا الشعراء ۾ هن صا حب کي مرزا شاهه حسن جو استاد پڻ سڏيو ويو آهي ۽ سندس تربت مڪليءَ تي ڏيکاري وئي آهي. کيس علم رمل ۽ علوم نجوم ۾ بينظير سڏيو ويو آهي. هي شعر سندس آهي:

بهار طﺂ دلدار طرفه رنگي داشت،

که آهوان حرم را بصيد مي آورد

مگر سندس مرقد بوبڪن ۾ ئي مشهور  آهي.

21- درويش چرڪس: هي صاحب ونگي جو رهواسي هو، جو ڳوٺ چاچڪان جي سرڪار کان پري علحدو خطو آهي. سندس والد جو نالو ”ڏنو“ ۽ سندس ذات ”سرڪي“ هئي. تحفة الڪرام، کيس انهن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو ته ”هي هڪ عاشق دين ۽ راه حقيقت جو سالڪ هو. ميدان تحقيق ۾ ان جي توفيق جو گهوڙو سڀني کان اڳيان هو. اڪثر درويش ان جي نظر مان فيض وٺندا هئا. حديقة الاولياء ۾ هن بزرگ سان شيخ ڀرڪئي ۽ مخدوم بلال جي ملاقاتن جو ذڪر آهي. ۽ هي ظاهر آهي ته اهڙي پايي جا بزرگ به هن درويش کان ڪنبندا رهندا هئا. هي صاحب مذڪور ٻن بزرگن جو همعصر آهي ۽ مخدوم نوح رحه جي ٻالجتيءَ ۾ هن درويش جو دور دوره هو.

22- مخدوم صدو لانگاه: بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ نصريه جو نواسي، شاهه شهيد عنايت الله صوفي جو پنجين پيڙهي ۾ ڏاڏو، پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏو  پير هو. ۽ ايتريقدر ته صاحب توڪل ۽ تارڪ هو، جو رات جو گهڙن جو پاڻي هاري چوندو هو ته ”نئون ڏينهن نئون رزق“. هن جي وفات  جو سال ڪنهن به تذڪري ۾ آيل نه آهي، پرجيئن ته شاه عنايت  شهيد، جو سندس چوٿين پيڙهيءَ ۾ پوٽو آهي. ان جي ولادت 1065هه/1656ع ۾ ٿي ۽ مخدوم نوح رحه جي وفات  998هه/1590ع تي.  ان حساب سان شاهه شهيد جي ولادت ۽ مخدوم  نوح رح جي وفات جي وچ ۾ 67 سالن جو فرق آهي. ان ڪري مخدوم صدو لانگاهه ضرور مخدوم رحه جي مقتدر  بزرگن مان هوندو. تحفة الڪرام ۾ هي ڄاڻايو  ويو آهي ته سيد عبدالڪريم بلڙي رحه واري جو ساڻس (مماتيءَ بعد) معتقدانه رستو هوندو هو.

23- مخدوم صدرالدين راهوٽي: هي عامل ڪامل ۽ جامع العلوم بزرگ ٿي گذريو آهي. هي راهوٽ ڳوٺ جو رهواسي هو، جو بٺوري پرڳڻي ۾ هو. هن جو پٽ مولانا ضياالدين مخدوم نوح رحه جو همعصر هو.

24- شيخ ڀريو ويرداس: هي هڪ مجذوب، موحد وجد ۽ مستي جي راهه جو سالڪ بزرگ هو. اصل برهمڻ هو. هميشه جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ رهندو هو. ۽ انسان کان ڀڄندو هو. آخري وقت ۾ اچي گنجي ٽڪر جي دامن ۾ رهيو. حديقة الاولياء جو صاحب لکي ٿو ته هن صاحب جي درويش سان ملاقات ڪئي. ۽ اسحاق آهنگر جو سنڌي بيت هن کان ٻڌو. هي سنڌي شعر جي شروعات آهي. سندس وفات 903هه/1497ع ۾ ٿي آهي. ۽ گنجي ٽڪر جي دامن م آرامي آهي.

25- حاجي ويسر: هي پنهنجي وقت جو نامور، صالح ۽ پرهيزگار بزرگ  هو ۽ شيخ ڀرڪئي ڪاتيار جو همعصر هو.

26- مخدوم ملا آري سونڊوي: هي بزرگ، وقت جي ڪامل،  ۽ شيخ المشائخ سيد علي شيرازي ڪلان (ولادت 795هه/1392ع ۾ وفات 877هه/1472ع) جو ناميارو مريد آهي، ڪينجهر جي سڄي ”گندرا“ قوم هن جي مريد هئي.ان جي اولاد مان مخدوم ملا بايزيد ۽ ملا ابوبڪر مشهور آهن. ملا ابوبڪر مخدوم نوح رحه جو همعصر آهي.

27- سيد محمد حسين المعروف سيد مراد انجوي ٺٽوي: هي صاحب سيد احمد بن عرف ميران محمد جو فرزند هو. ڄمندي ئي ڄام هو. هن جي تولد جون  نشانيون گهڻن ئي بزرگن ڏٺيون،جن مان شيخ عيسيَ لنگوٽيو، بيرکر ۽ گنج قلندر مشهور آهن. هي صاحب ڄام فتح خان بن ڄام سڪندر سمي جي عهد 831هه/1427ع ۾ پيدا ٿيو. هن جون ڪرامتون بيشمار آهن، جي حاجي محمد حسين صفائي جي تاليف ڪيل رساله ”تذڪرة المراد“ ۾ آيل آهن. سندن وفات  893هه/1487ع ۾ ٿي. کين ٽي فرزند بنام 1- سيدمنصور 2- سيد نعمت الله ۽ 3- سيد حمايت عنايت ٿيا. جن جو ڪثير اولاد آهي.

28-29 سيد احمد ۽ سيدمحمد مشهدي: سيد محمد عابد مشهدي جا فرزند آهن ۽ 910هه/1504ع ۾ ساموئي ۾ آيا. سيدمحمد هت گذاري ويو. سيد  احمد رهي پيو. شاهه بيگ  ارغون هنن ساداتن کي محله مغلواڙي ۾ آباد ڪرايو ۽ وجه معاش به مقرر ڪيو. ان جي اولاد مان سيد محمد، سيد دائود، سيد احمد ۽ سيد يعقوب مشهور آهن. سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد دائود شهيد سيد جعفر بکريءَ جي ذريعي شاه عبدالڪريم جو وڃي خليفو مقرر ٿيو.

30- شيخ فلحو: هي صاحب شيخ بهاء الدين جي اولاد مان ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. سيد مراد وٽ وڃي سندس ڪرامت ڏيکارڻ جو واقعو سيد عبدالڪريم جي رسالي ۾ آهي. پر ”تذڪرة المراد“ ۾ ان کان ابتڙ آهي.

31- پير ڪريم: هي قديمي بزرگ ۽ شاندار ڪرامتن جو صاحب سرزمين ساڪري ۾ مدفون آهي. گدڙ ان جا بيحد مطيع آهن. هن جي وفات سمن جي عهد جي وچ ۾ واقع ٿي.

سرور سائينءَ جا معاصر: هاڻي اچون ٿا سرور سائين جي سپتين سهيوڳين تي. نيڪ  روشن هجي  ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ڇهن مکيه سرڪارن ۾ ورهايل هئي ۽ هر هڪ سرڪار وري  ڌار ڌار محلن ۾ تقسيم ٿيل  هئي. اهڙو بيان آئين اڪبري ابوالفضل ۽  ميرڪ يوسف جي تاريخ ”مظهر شاهجهاني“ ۾ پڻ درج ٿيل آهي. ان دور ۾ سنڌ جو هيٺئين طرح ورهاڱو ٿيل هو.

1- سرڪار بکر:  ان ۾ 12 محلا هئا: بکر، اچ، ماٿيلو، اوٻاوڙو،  الور، درٻيلو وغيره.

2- سرڪار سيوستان: ان ۾ 9 محلا: سيوستان، پاٽ، باغبان، ڪاهان، لاکاٽ وغيره.

3- سرڪار چاچڪان: ان ۾ 11 محلا، چاچڪان، جوڻ، فتح باغ وغيره.

4- سرڪار نصرپور: ان ۾ 7 محلا:  نصرپور، امرڪوٽ، هالا ڪنڊي، سماواتي، اگهم وغيره.

5- سرڪار چڪر هالا: ان ۾ 8 محلا: چڪر هالا، غازيپور وغيره.

6- سرڪار ٺٽه: ان ۾ 18 محلا: ٺٽو، (تته): بندر لاهري، بتوره (بٺورو)بهرامپور، ساڪرو وغيره.

        ان ڪري اسان بزرگن جا نالا سرڪار وار ڏينداسون. بزرگن جي ذڪر خير ڪرڻ کان اڳ ۾ قارئين ڪرام کي هي ذهن نشين ڪرائڻ ٿو چاهيان ته  تاريخ معصومي، مرزا شاهه حسن، مرزا عيسيٰ ۽ مرزا محمد باقي ترخان ۽ سلطان محمود خان، جن جي زماني جي سيدن، عالمن، مشائخن، قاضين، فاضلن۽ شاعرن جي بيان ۾ جن بزرگن جو احوال آندو آهي، اهي سڀ مخدوم نوح رحه سرور سائين جن جا مڻيادار معاصر آهن. انهن جو اندز ايڪونجاهه آهي.

        وري مرحوم مير علي شير ”قانع“ پنهنجي مشهور تصنيف ”مقالات العشراء“ ص 282 ۾ سپاهي جي ضمن ۾ شاهه حسن ارغون ”المتخلص“ ”سپاهي“ جي ستاويهه کن سهيوڳين جو ذڪر ڪيو آهي، جي گهڻو ڪري ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ سڀ اچي ويا آهن. مرزا  باقي جي ضمن ۾ به اٺن معاصرن جو ذڪر مير علي شير ”قانع“ ڪيو آهي، سو به تاريخ معصوميءَ تان ورتل آهي، چڱو هاڻي بزرگن جي باتين جي ڀيدن مان ڀاونا لهو.

بکر سرڪار جا بزرگ

1- ميرابوالبقا: بکر جو هڪ نهايت سڳورو سيد فقيري ۾ خاص حال جو مالڪ هو، همايون بادشاه جڏهين هتي آيو تڏهن سيد صاحب جي زيارت لاءِ سندن گهرتشريف فرما ٿيو.

بکر جي چوڪيدارن کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن رستي ويندي تير وسائي سيد صاحب کي شهيد ڪيائون. همايون بادشاهه کي هن جي شهيد ٿيڻ ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو.

2- شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاه طيب هروي: اصل خراسان جو باشندو هو. ۽ ترڪماني فسادن بعد سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۾ مقيم ٿيو. شاهه حسن ارغون کيس بکر جو ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو. پاڻ ذي اثر واعظ هو. 997هه/1588ع ۾ وفات ڪيائين، پاڻ شاعر به هو ۽ سندس هي شعر قابل داد آهي:

جهاد نفس به ست از جهاد اسلامــــي،

ڪه در درون جان است دشمن دين را

3- شاهه جهانگير هاشمي: ”تحفة الڪرام“ ۾ هن صاحب کي مذڪور شاهه طيب جي اولادمان ڏيکاريو ويو آهي. مگر ”مقالات الشعرا“ ۾ کيس هاشمي ڪرماني سڏيو ويو آهي. هن جو نسب سندس والد جي طرفان شاهه قاسم انوار (757-837هه=1356-1433) ۽ مادر طرفان شاه نعمت الله ولي (731-834 = 1330-1430) تائين پهچي ٿو.  شاهه حسن جي ڏينهن  ۾ خراسان مان اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ شاهه حسن جي درٻار جي فصيح ۽ بليغ شاعرن مان هو. ”فن شعر ۾ بينظير هو“ مثنوي تحفة الاحرار جي جواب ۾ ”مظهر الاثار“ لکيائين ۽ ”مظهر الانوار“ پڻ  ”مخزن الاسرار“ جي جواب ۾ لکيائين، مگر پوئين مثنويءَ جو اڃا پورو پرو پئجي نه سگهيو آهي. ”ديوان هاشمي“ به سندس علمي ۽ ادبي نشانين مان آهي. سنه 946هه/1539ع ۾ حج ڏانهن ويندي ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو. سندس هڪ ٻه شعر نموني خاطر ڏجن ٿا.

بي تو نه بود هوس جرعه مي در سرما،

گر همه چشمئه خورشيد بود ساغر ما

---

ذڪرت بخير باد ڪه در  بزم ڪائنات،

خــــامــوش نـــيست انجمني از دعاي تو

---

4- قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بن قاضي قاضن بن قاني ابوالخير: اصل سيوستان (سيوهڻ) جو باشندو هو. صالح والد جو صالح فرزند هو. سندس تڙ ڏاڏو قاضي ابوالخير، جو فضيلت ۽ حال جو صاحب هو، سو وڃي بکر ۾ رهيو. قاضي صاحب سڀني همه تن موصوف هو. هي پهريون شاعر آهي، جنهن جي بيتن کي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اوليت جي فضيلت ڏني وڃي ٿي. سيد محمد جونپوري عرفمهدي جونپوريءَ جو مريد هو.

        شاه حسن جي ڏينهن ۾ پنهنجي آبائي عهدي بکر جي قضا تي قائم ٿيو ۽ جڏهن پيرسن ٿيو تڏهين استعيفا ڏيئي پنهنجي ڀاءُ قاضي نصرالله کي بکر جو قاضي مقرر ڪرايائين. قاضي نصرالله بابت تحفة الڪرام هنن لفظن ۾ لکيو آهي، ”قاضي نصرالله ظاهري خواه معنوي ڪمالات سان سينگاريل هو. وڏن جو طريقو پوريءَ طرح روشن رکندو آيو. قسمت جي ڏينهن گذارڻ کان پوءِ عزت ۽ ناموريءَ سان گذاري ويو. قاضي قاضن جي وفات شاهه حسن جي وفات کان چار سال اڳ 959هه /1551ع ۾ واقع ٿي. شاهه ڪريم رحه جو روح شال سڪون ۾ هجي جنهن جي معرفت قاضي قاضن جا ڪتي جي تارن وانگر ست روشن ستارا (بيت) سنڌي ادب جي آسمان کي روشن ڪرڻ لاءِ اسان کي عنايت ٿيا. سندس هڪ ٻه بيت برڪت لاءِ ٻڌو:

(1)     ڪنز قــدوري ڪـــافــيو جي پڙهي پروڙين سڀ

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي آڀ

(2)    ”لا“ لاهـــيـنـــدي ڪـــن کي ”لا“ موراهين نـاهه،

بـــالله ريءَ پــريــان، ڪــٿ نه ڏســـي ڪــــي ٻيو

        گلزار ابرار جي مصنف مولانا غوثي ڄاڻايو ته شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، جنهن جو قبو برهانپور کان اتر آهي، سندس با عقيدت دوستن مان هو.  ذات حق باد گشن روحش.

5- قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم: هي بزرگ محل درٻيلي سرڪار بکر جو ويٺل هو.  علم جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز ڪاهاني محدث وٽ ڪيائين. پورو متقي ۽ پرهيزگار هو. شاهه بيگ جي فتح بعد باغبان ۽ راوت ۾ پڻ اچي رهيو هو. سن 934هه/1527ع ۾ سنڌ  کان گجرات ۽ اتان پوءِ مديني منور ويو ۽ ”ڪتاب النور السافر في اخبار القرآن العاشر“ جي حوالي  مطابق سندس وفات ذوالحج 984هه/1576ع ۾ ٿي. سندس ٽي فرزند – شيخ صالح، شيخ رحمة الله ۽ شيخ حميد هئا، جي پڻ نيڪ والد جا نيڪ ميوا هئا. خدا صاحب مرهين!..... شيخ حمت الله بابت تحفة الڪرام لکيو آهي ته ”شيخ رحمة الله جو وجود خداجي خاص ۽ نسوري رحمت هو.  فضل ۽ ڪمالات جي فن سان سينگاريل عالم هو. مناسڪ الحج متعلق هن جا ٽي رسالا يادگار آهن، جن مان ”المنسڪه المتوسط“ عرب ۾ رائج ۽ معروف آهي. هن صاحب جي وفات مڪي شريف ۾ 12 محرم سن 993هه/ 14 جنوري 1575ع ۾ واقع ٿي. شيخ حميد نالي، مرحوم قانع ڄاڻايو آهي ته علوم عقلي ۽ نقلي ۾ تعريف جو لائق هو. حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس هيس. خان اعظم ڪوڪه سان گڏجي مڪي شريف ۾ ويو. اتي اهل حديث جو امام بڻيو سندس وفات 1009هه/1600ع ۾ ڏيکاري وئي آهي. مير معصوم به کانئس گجرات ۾ فيض حاصل ڪيو.

6- شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد سنڌي درٻيلوي: هيءُ بزرگ درٻيلي جو ساڪن هو ۽ علم حديث ۽ علم تفسير ۾ وڏي مهارت  رکندو هو. سن 947هه/1540ع ۾ سنڌ مان گجرات ڏي ويو ۽ اتان وري مديني منور ۾ وڃي مذڪوره قاضي عبدالله سان مليو. پاڻ ڌار ڌار علمن ۾ رسالا تصنيف ڪيا اٿس.

7- مولانا يونس سمرقندي: علم ۽ عرفان وارن جو پيشوا ۽ وقت جي عالمن جو اڳواڻ هو. مرزا شاه حسن جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ ماوراءَ النهر کان سنڌ ۾ داخل ٿيو، ڪجهه وقت مرزا شاه حسن کي ”شرح مواقف“ ۽ ٻين علمن پاڙهڻ ۾ مشغول رهيو. سندس وفات سنه 951هه/1544ع ۾ ٿي.

8- مولانا يوسف: فقط تاريخ معصومي واري صاحب هن بزرگ بابت لکيو آهي ته ”نهايت ديندار ۽ پرهيزگار آهي. ۽ شرعي علمن ۾ سندس مٽ ڪوبه ڪونه آهي.“

9- سيد تاج الدين بکري: هي بکر جي صحيح النسب سيدن مان آهي. نقابت جي عدهي (سيدن جي پڳداري) تي فائز هو، هي ”واجب التعظيم نقيب ظاهري خواهه معنوي سقارت جي اسباب جمع ٿيڻ ڪري سڀني سيدن کان ممتاز هو: تاريخ معصوميءَ جو صاحب لکي ٿو: هُن جي دور ۾ به بکر جي سيدن جي نقابت انهيءَ بزرگ جي اولاد سان تعلق رکي ٿي.“ بکر ۾ سندس گهڻو اولاد موجود آهي.

10- مولانا فخري هروي: باڪمال ۽ بافضيلت مرد،مرزا شاهه حسن جي زماني جو فخر ۽ اڪابرن مان هڪ هو، هن جون تصنيفون صنايع ۽ بدايع، عروض ۽ منطق بابت آهن.

شعرجو نمونو جومير علي شير قانع ڏنو آهي، سو ملاحظه ٿئي:

مجنون ڪه ره باديه سر ڪردچه سرداشت،

لــيلــي نه مــغيــل اســت ڪه از بــاديه رويد

11- مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الحسيني الترمذي: هي صاحب شير قلندر بابا حسن ابدال مشهور ولي الله جي نسب مان هو. وڏو  عالم، فاضل ۽ سخي ٿي گذريو آهي. مٿئين شاهه قطب الدين جي فوت ٿيڻ بعد سلطان محمود خان هن کي بکر جو شيخ اسلام مقرر ڪيو. ذوالقعد 991هه/1583ع ۾ عالم آخرت ڏانهن روانو ٿيو.  جامع مسجد جا سندن جڳهه جي ڀرسان آهي، سا سندن نشاني آهي. سندس گرامي قدر فرزند مير معصوم مصنف ”تاريخ معصومي“ جنهن جا نشان اڃا تائين سکر ۾ موجود آهن، يعني منارو وغيره. پهريائين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاه وٽ وڏي مرتبي کي پهتو. خان خانان سان گڏجي سنڌ جي فتح ڪرڻ واري مهم ۾ نمايان حصو  ورتائين. ديوان ۽ خمسه جو صاحب آهي. ”نامي“ تخلص ڪندو هو ”طب نامي“ ۽ ”مثنوي ناز و نياز“ (سسئي ۽ پنهون) سندس يادگار آهن. هي صاحب 1014هه/1405ع ۾ هن دنيا کان جاوداني جهان طرف روانو ٿيو. سندس هڪ شعر حظ خاطر ملاحظه ٿئي:

چه خوش ست آنڪ از خود روم و تو حال پرسي

بــتو شــرح حــال گــويــم بــزبــان بــي زبــانــــي

12- شاه حسين تڪدري: مرزا شاهه حسن جي دربار جو هڪ خدا رسيد امير هو. طبع جي تيزيءَ  ذهن جي صفائيءَ ۽ سهڻن اخلاقن ۾ وڏي منزل حاصل هيس. ”روضة السلاطين“  سندس تصنيف آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس هيٺيون شعر يادگار آهي:

بر اوج دو روزه نشوي عره ڪه ناوڪ

هر چند رود رو بهوا باز بخاڪ است

13- مير شاهه  مسعود صدر: مرزا شاهه حسن جي درٻار جو ٻيو شاعر، خوش طبع طالب علم ۽ فاضل عالم هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر حقيقت افروز چوندو هو. ”مقالات الشعراء“ سندس هيٺيون شعر ڏنو آهي.

افــوس ڪه بـــرباد شـــد ايـــام شـــــباب

ماند است همين نامم چون نقش بر آب

بـــاقــي نــفسي ست پاس نتوانم داشت

مــانــنــد حــباب مـي  شوم خانهء خراب

14- مير قاسم خان نمڪين هروي: هي صاحب ملا مير سبزواريءَ جو پٽ هو، جو امام موسيٰ رضا جي  روضي جو متولي هو. هي بزرگوار اڪبر بادشاه جي دربار ۾ چار هزاري منصب تائين پهتو.  قنڌار جي جهنگ ۾ شهيد ٿيو، ۽ لوهريءَ (روهڙي) جي ٽڪريءَ تي درياهه جي  ڪناري تي مدفون آهي. جنهن کي  (ستين جو آستان) يا  (ٿان) ڪري ٿا سڏين. حالانڪ هن کي ”قاسم خاني“، ستياسر، ڪوهه هفت دختر، ۽ ”ڪارماٿري“ به لکيو اٿن ۽ سڏيو اٿن.


[1] . ڊاڪٽر دائودپوٽي هنن بيتن جي اُپٽار هن طرح ڪئي آهي، جنهن بيت ٻڌندي مخدوم صاحب غش ٿي ويو، سو هيءُ هو:

ســڏ ســڻــي پڄرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،

ڪوڙي دعوا دوست جي ڪڄاڙي کي ڪن.

مبين عيسي جي سنڌيءَ ۾ هي بيت هن طرح آيل آهي:

ســڏ سڃــاڻي پــريــنءَ جــو، واڪــي جي نه ورن،

ڪوڙي دعوا دوس سين سي ڪڄاڙي کي ڪن،

طلب نه سچــي تــن، هــنــهــم ســڌ ســڌائــيــون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org