11- فقير بهاء الدين گودڙيو:
مخدوم صاحب جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهر ڪرامتن ۾
مشهور هو. پهريائين هن صاحب درويش موسيَ جوڻ واري
کان فيض حاصل ڪيو. ان بعد سروري ٽوڙ ۾د اخل ٿيو.
هيءُ بهاء الدين دلق پوش به سڏجي ٿو، هن جي هٿ
لکيل نشاني مخدوم رح جي قرآن شريف جو نادر فارسي
ترجمو قبله ”طالب الموليٰ“ جن وٽ اڃا تائين موجود
آهي. اهو ساڳيو نسخو مرحوم قبله غلام حيدر نئين سر
اتارايو هو. انهيءَ خيال سان ته هن کي شايع ڪبو.
هاڻي هن نادر ترجمي کي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ هيڊ آف
اردو ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي تاليف ڪري رهيو آهي
۽ قبله طالب الموليٰ جن جلد شايع ڪرائيندا. تحفة
الطاهرين ۾ مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن راهه وٺيو پئي
ويو، ته ڪنهن نوجوان کي ڏٺائين ته ڪنهن مجازي صنم
جي عشق ۾ مُبتلا دنيا کان بيخبر هو. ماڻهن ان کي
پئي ملامتون ڪيون. هن نوجوان نيزاريءَ سان پئي
جواب ڏنو ته ”اي عزيزو! ملامت ۽ طعني زني مون تان
نه ڪريو. مون کي، منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، ڇو ته
اقتدار جي واڳ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“ نوجوان جو
اهو ڪلام ٻڌندي ئي فقير گودڙيي وٺي هڪ نعرو هنيو ۽
بيهوش ٿي ويو. ٽي ڏينهن استغراق ۾ هو. چون ٿا ته
فقير نعرو هنيو ۽ اهو جوان مجاز مان حقيقت تي پهچي
ويو. ۽ اهل الله جي ٽولي ۾ داخل ٿيو. مخدوم نوح
رحه بابت روايت ته ”هن فيض حضرت عيسيٰ ۽ رسول اڪرم
کان ورتو آهي.“ هن فقير کان صادر ٿيل آهي. هن مان
ظاهر آهي ته سروري ساٿ ۾ هي سڄڻ سرس هو. هن جي
تربت ميان مٺو جي ڀرسان آهي. سماع جو سرور ججهو
هوس ۽ ڏينهن جا ڏينهن بيهوش پيو هوندو هو.
12- سلطان کمر:
جناب مخدوم صاحب جي مريدن مان هڪ فقير آهي. سندس
حجروبه اڪر ۾ مشهور آهي. اتي پڻ مٺي فقير جي حجري
وانگر فقير سيد علي شيرازي جي ميلي کان واندا ٿي،
اچي گڏ ٿيندا آهن. هتي هي واضح ڪرڻ واجب ٿو سمجهان
ته مذڪور ٽن بزرگن فقير گودڙئي، ميان مٺو ۽ سلطان
کمر جون مرقدون دنيا جي بيوفائي ۽ ظالم هٿن ڪري
ڊهي ويون هيون، ۽ ڪنج گمناميءَ ۾ پيون هيون. مگر
نومبر 1953ع واري مڪلي جي سفر ۾ قبله طالب الموليٰ
جن صعبتون وٺي، سڀ حقيقتون هٿ ڪري، مذڪور ٽن بزرگن
جون مرقدون قديم نقشي موجب نشان ڪيون ۽ انهن جا
موجوده ڊٺل حالت ۾ عڪسي فوٽا ورتا.
13- درويش کمڻ:
هن درويش جو ذڪر فقط تحفة الطاهرين ۾ آيل آهي.باقي
تحفة الڪرام هن جي بات کان عاري آهي. تحفة
الطارين جي صاحب هن جو بيان ٺٽي جي پسگردائي وارن
بزرگن ۾ ڪيو آهي. هي صاحب مخدوم صاحب جو مريد هو.
هي صاحب، ڪرامات ۽ خوارق جو صاحب هو. جذبهء شوق ۽
محبت جي بيقراري ايتري هوندي هيس، جو ڪڏهين به
بستري تي نه ليٽيو ۽ نه وري سڌو ستو. نقل آيل آهي
ته هڪ ڏينهن تنها صحرا جي طرف ويو. هن کي وجد ۽
حال اچي ويو. سماع جو آغاز ڪيائين ۽ سندس زبان تي
”احد“ جو اسم جاري هو، برپٽ جا وحشي جانور اچي
سندس چوڌاري جمع ٿيا. ۽ ان جي وجداني حال ۾ موافق
حال رهيا. جيستائين هو سرگرم سماع هو. تيستائين
جانورن به پنهجي جان ان سان همجان ڪري ڇڏي. تحفة
الڪرام ۽ تحفة الطاهرين کان سواءِ ٻين تذڪرن ۾ جن
بزرگن جا نالامخدوم صاحب جي مريديءَ جي حلقي ۾
ڏيکاريل آهن، سي هي آهن: بيان العارفين وتنبيه
الغافلين
14- شاهه محمد حسين
۽
15- يحييٰ فقير منڊڙي
جا نالا قابل ذڪر آهن. شاه محمد حسين سيد
عبدالڪريم جو ستون فرزند هو. جنهن جو ذڪر مٿي ٿي
آيو.
16- بيان العارفين ۽ تحفة الاولياء مان
فقير عبدو ڪيريي
جو به نالو ملي ٿو، جنهن مخدوم صاحب جي وصيت موجب
اچي سندس جسم مبارڪ کي غسل ڏنو. تحفة الاولياء
مان 17 درويش لطف الله ۽ 18 عبدالله ڏيري جا به
نالا معلوم ٿين ٿا.انيس الفقرا قلمي ۾ 19 درويش
حسين، 20- درويش زڪريا اگهم ڪوٽِ، 21- درويش يحييٰ
رانئٽٽوء ۽ 22- رجب فقير رونجهي جن جا احوال ملن
ٿا. لڪياري سادات مان به تمام گهڻا افراد جناب
مخدوم صاحب جا مريد هئا، جن مان سيد ابوبڪر شاهه
لڪياري جو ذڪر خير مٿي اچي ويو آهي. باقي سيد
صدرالدين شاه لڪعلوي جي اولاد مان 23- سيد
ابوالحسن بند سيد محمد به ناليرو مريد ٿي گذريو
آهي. تحفة الڪرام مطابق ”ڪماليت جو صاحب ۽ شريعت
جو پابند مخدوم نوح عليه الرحمت جي سلسلي جو مريد
هو.“ سندس والد سيد محمد صاحب وقت جو وڏو ڪامل
بزرگ هو. سندس وفات جي تاريخ ”درود خدا بر محمد
بود“ 1125/1713ع مان نڪري ٿي. چون ٿا ته صلواة
سڳوري ورد زبان هيس. گويا تاريخ جي مٿين مصرع سندس
ان شغل تي دلالت هئي. سيد ابوالحسن جو فرزند سيد
عبدالرسول به بزرگيءَ ڪري وڏن جو نالو روشن ڪيو ۽
پنهنجي وقت جي ناليرن ۾ داخل ٿيو. انهن سيد صاحبن
جو ذڪر آمري جي ڳوٺ جي ساداتن جي سلسلي ۾ ٿيل آهي.
ٻيو هن سيدن جو سرگروه سيد غازي شاهه هو؛ جو تحفة
الڪرام مطابق ظاهير خواهه معنوي ڪماليتن جو صاحب
هو. آمري ڳوٺ جا جملي سيد سندس صلاح ۽ مرضيءَ جي
مخالفت جائز نه سمجهندا هئا. هن صاحب پهريائين
مخدوم صاحب جي مريد فقير رجب رونجهي سان روحاني
ڪشمڪش ڪئي. پر پوءِ آخر سروري حضور ۾ اچي پيش پيو،
۽ مريدن جي حلقي ۾ داخل ٿيو.
متعلوي سادات جي خاندانن مان به گهڻيي
سروري پاڪ پاڻي پي ناميارا ٿيا. هڪ صاحب جو نام
نامي ته مٿي مخدوم صاحب جي چئن يارن ۾ اچي ويو
آهي. مگر هت متعلوي سادات جي هڪ پاڙي ”موسيٰ پوٽه“
جو ذڪرڪريون ٿا، جنهن جو وڏو 25 سيد طيب شاهه،
مخدوم نوح جي مکيه خليفن مان هو، ۽ اڃا تائين
انهيءَ خاندان جو تعلق سروري درگاه سان هليو اچي،
هن قبيلي جو ڄاموٽ سيدمحمد علي شاهه صاحب هو، جو
تازو انتقال ڪري ويو.
اهڙيءَ طرح سروري ندي تکي وهندي رهي ٿي.
جن به ”رتيءَ جي رهاڻ“ جو صدق ۽ خلوص سان ارادو
ڪيو، سي سروري سرو ۾ مست ۽ سرشار ٿي طالب المولا
بنجي ويندا، ۽ پنهنجو جيءُ جانب جلشانه سان جڙي
قادري ڪڙي ۾ ڪڙجي ”صبغة الله“ جي رنگ ۾ رڱجي، لعل
ريٽا ٿي ويندا. جيئن ”رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم
جت سين.“
يـــا
ڪــڙو مــنــجهه ڪــڙي، جـيئن لُهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.
شاه صاحب
ضميمو-1
هن مقالي جون تاريخي خصوصيتون
(1) هي مقالو ”مخدوم نوح رح سرور جا
سهيوڳي“ اڍائي سالن جي مسلسل ڪوشش ۽ ڪاوش سان
موجوده قرطاسي قالب ۾ آندو ويو آهي.
(2) هڪ سو ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب – عربي،
فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي، خطي خواهه مطبوع
حوالي طور ڏنا ويا آهن، جن جي لسٽ ضميمي نمبر 2
طور پيش ڪئي ويئي آهي.
(3) سڀني هجري سنن جا عيسوي سن ڏنا ويا
آهن.
(4) مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاريءَ
دکنيءَ جي شهره آفاق ڪتاب ”گلزار ابرار“ مان مڪمل
موادهٿ ڪري، سنڌي بزرگن جي احوال ۾ نئون اضافو ڪيو
ويو آهي، جو اڳ ڪڏهن به منظر عام تي نه آيوآهي.
(5) مخدوم نوح سرور جي عصر زرين جو مڪمل
تاريخي پس منظر ڏنو ويو آهي.
(6) سمن جي حڪومت جو تاريخي پس منظر،
هندستان جي عهد وسطيٰ سان تطبيق ڪري ڏنو ويو آهي،
جيئن تاريخ سان دلچسپي رکندڙ برصغير هند و پاڪ جي
تاريخ ۾ ”سنڌ“ جو عهد زرين متعين ڪري، مفيد ۽ علمي
نتيجا ڪڍي سگهن.
(7) معاصر مغل حاڪمن جو ادبي ۽ تاريخي
احوال.
(8) معاصر ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي ادبي
سرگرمين جو تذڪرو.
(9) معاصر مغل اميرن جي تاريخي ڇنڊ ڇاڻ.
(10) معاصر ارغون ۽ ترخان اميرن جو تاريخي
جائزو.
(11) شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح
کيبرائيءَ جي باري ۾ تاريخي توضيحات ۽ ڪن غلط
فهمين جو ازالو، جي تحفة الڪرام کان وٺي اڄ تائين
تاريخ ۾ دهرايون ويون آهن.
(12) لفظ ”هوٿياڻيءَ“ جي نسب جي علمي
تحقيق.
(13) شيخ ڀرڪئي رحه جي سن وفات جي تحقيق.
(14) کيبر جي قديم محل وقوع جي تحقيق.
(15) مخدوم عربي ڌياڻي ۽ شاهه ڀٽائي جي
تعلق جي وضاحت ۽ ڪن غلطين جو ازالو.
(16) حسو فقير ٽوڙيءَ واري جي چاچي ۽ شاهه
ديواني هالائيءَ جو تاريخي تعلق، جنهن متعلق اسان
جو تاريخي دفتر خاموش رهندو آيو آهي.
(17) مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي سن وفات لاءِ بحث ۽
فيصلو.
(18) مخدوم صڌو لانگاهه بٺورائيءَ جو
تاريخي دور.
(19) نواب امير خان ميرابوالبقا جي ٺٽي ۾
وارد ٿيڻ جي تاريخ جي توضيع.
(20) مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين
رضائيءَ سبز واريءَ جي ضمن ۾ ايران جي شاهن جي سمي
جي تطبيق.
(21) ميرڪي سادات جي خاندان ۽ جامع فتاويٰ
پوراني جي مصنف جي تحقيق.
(22) ملا مبارڪ ريلائي سيوستاني ثم
ناگوريءَ جو محققانه ۽ تاريخي احوال.
(23) شيخ هوٿي لاکي جي تحقيق.
(24) شيخ ڪتين لاکي جو احوال جو اڳ ڪنهن
به ڪتاب ۾ نه آيو آهي.
(25) حافظ دائود بدينويءَ جي رحلت جي سال
جي وضاحت.
(26) مخدوم ضياء الدين ٺٽوي جي پڙ ڏاڏي
مخدوم الياس متعلق تاريخي تحقيق.
(27) مخدوم عبدالرحيم بدينويءَ جي پڙ ڏاڏي
مخدوم صالح جو تاريخي تذڪرو، جو اڄ تائين ڪٿي به
پيش نه ڪيو ويو آهي.
(28) شاه عبدالقاسم ٺٽويءَ جي زماني جي
تحقيق.
(29) مخدوم جمعي جي سال وفات جي تحقيق.
(30) درويش آجر جي نالي ”آجر“ لفظ جي
تحقيق.
(31) شيخ عيسيٰ لنگوٽيو ۽ شيخ عيسيٰ
جندالله بابت تحفة الڪرام جي غلطيءَ جو ازالو.
(32) شيخ ابراهيم ڪلهوڙي، سنڌي برهانپوري
جي سال وفات جي تحقيق.
(33) حضرت مولانا شيخ مبارڪ سنڌي
برهانپوري جي سال وفات جي تحقيق.
(34) الهڏني زرگر جي نالي ۽ احوال جي
تحقيق.
(35) سيد خيرالدين بادشاه سکر واري جو
تحقيقي احوال.
(36) شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ سندن
مکيه خليفن ۽ مريدن جو احوال.
(37) سيد علي شيرازيءَ ثاني انجويءَ جي
سال وفات جي تحقيق.
(38) ان کان علاوه هيٺ ڏيکاريل بزرگن جو
احوال سرڪار وار ڏنل آهي:
متقدمين 21
معاصرين
1- سرڪار بکر: 27
2- سرڪار سيوستان ۽ دشت باران 17
3- سرڪار نصرپور 19
4- سرڪار چاچڪان 8
5- سرڪار چڪر هاله 3
6- سرڪار ٺٽو 160
7- پرديسي بزرگ 23
8- خليفا 4
9- معتقد 2
10- مريد 25
139
هن تاريخي ڇنڊ ڇاڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهين
بزرگن جي اولاد، خليفن ۽ مريدن جو احوال آندو ويو
ته پوءِ هڪ هزار کان وڌيڪ بزرگن جو تعداد ٿيندو.
ضميمو 2-
ڪتابن جي لسٽ جي هن مضمون جي لاءِ حوالي طور ڪم
آيا
(الف عربي:
1- تذڪرة المراد (خطي)
2- رحلة ابن بطوطه (مطبوع)
3- نزهة الخواطر (مطبوع) علامه سيد
عبدالحق 1350هه
4- ابجد العلوم جزء ثالث
(مطبوع) ڀوپال سنه 1295هه
5- ثقافته الهند (مطبوع دمشق 1958ع
(ب) (I)
فارسي: (خطي)
1- تاريخ طاهري محمد طاهر نسياني تتوي
2- معارف الانوار محمد صالح تتوي
3- ترخان نامه مير مير محمد
4- تحفته الاوليا حاجي محمد صالح
مجاور بن حافظ
ويڌو مجاور 11- شعبان
1297هه
5- حديقته الاوليا عبدالقادر تتوي
6- محمد ڪمال محمد حسن تتوي
7- محڪ خسروي -
8- تذڪره يدبيضا مير غلام علي آزاد
9- انيس الروح (نامڪمل)
10- رساله فتحي مخدوم فتح محمد بن
مخدوم امين
محمد دستار دويم وفات 7-
شعبان
1015هه
11- سڪينته الروح ماخذ از سفينته النوح
12- لطائف اللطيف مرحوم مير عبدالحسين خان
سانگي
(II)
فارسي: (خطي)
1- تاريخ معصومي تاليف شمس العلما دڪتور دائود
پوتا
2- تحفته الڪرام مطبوع بمبئي 1314هه
3- چچ نامه شمس العلماد ڪتور دائود
پوتا
4- لب تاريخ سنڌ سنڌي ادبي بورڊ
5- مقالات الشعرا ايضا
6- تڪمله
مقالات الشعرا سنڌي ادبي بورڊ
7- مثنوي مظهر الاتار ايضا
8- تحفته الطاهرين ايضا
9- چنيسر نامه ايضا
10- تاريخ ادبيات ايران
رضازاده شفق
11- ماثر الڪرام جلد اول
مير غلام علي آزاد بلگرامي آگره 1910ع
12- ايضا جلد دوم ايضا
13- تحفهء سامي سام مرزا طهران
1314هه
14- خزانه عامره مير غلام علي آزاد
ڪانپور 1900ع
15- ماثر رحيمي جلد اول عبدالقادر نهاوندي
ڪلڪته 1931هه
16- ايضا جلد دوم ايضا
17- ايضا جلد سوم ايضا
18- منتخب التواريخ
عبدالقادر بدايوني ڪلڪته
حصه دوم
1864-1868ع
19- ايضا حصه سوم ايضا
20- بيگلرنام ادراڪي بيگلار
21- مڪلي نامه مجله مهراڻ شماره
2-4-1956ع سنڌي
ادبي بورڊ
22- سرو آزاد مير غلام علي آزاد لاهور
1913ع
23- رياض العارفين رضا قلي هدايت 1319هه
24- مجمع الفصحا 1295هه
25- خزينته الاصفيا جلد اول
مفتي غلام رسول لاهوري لکنو 1290هه
26- ايضا جلد دوم ايضا
27- نفحات الانس مولانا جامي لکنو 1915ع
28- هفت اقليم امين رازي ڪلڪته
1939ع
29- ماثر الامرا جلد اول شاهنواز خان ڪلڪته
1888ع
30- ايضا جلد دوم ايضا 1890ع
31- ايضا جلد سوم ايضا 1891ع
32- تزڪ جهانگيري نولڪشور
33- ايضا مرتب سرسيد احمد
34- اڪبرنامه جلد اول ڪلڪته 1877ع
35- ايضا جلد دوم ڪلڪته 1879ع
36- ايضا جلد سوم ڪلڪته 1887ع
37- تاريخ فرشته نولڪشور لکنو
38- تذڪره شعرا دولت شاه سمرقندي
39- تاريخ فيروز شاهي سراج عفيف ڪلڪته
40- مظهر شاهجهاني ميرڪ يوسف سنڌي ادبي
بورڊ
41- انشاي ابوالفضل جلد اول
42- انشاي ابوالفضل جلد دوم
43- انشاي ابوالفضل جلد سوم |