سيد محمد يوسف: سيد مبارڪ شاهه کان فيض پرايو، جو
سيد محمد جونپوريءَ جي هڪ وڏي مريد شيخ دانيال جو
مهربانيءَ جي نظر ۾ تربيت يافته هو. ان جاءِ تي
عبادت ڪندو هو، جتي سيدمهدي اچي رهيو هو، ۽ جتي
سراين جي شادماني جي جاءِ آهي ۽ سلطان سامئيو
آرامي آهي. سندس بزرگيءَ جا نقل سيد عبدالڪريم
بلڙيءَ واري ۽ ٻين بزرگن کان ٿيل آهن. قاضين مان
شادي ڪري حال ۽ قال جو صاحب اولاد ڇڏيائين. مقالات
الاشعرا“ يا ”تحفة الڪرام“ ۾ سندس شعر بابت ذڪر
آيل نه آهي. مگر مخدوم ابراهيم خليل ”تڪمله مقالات
الشعراء“ ۾ سندس چار موتي بيان ڪيا آهن. جي حظ ۽
برڪت خاطر ڏجن ٿا.
هــــرڪه تــوجه بــدر حق ڪند
تـــــو ســن افـــلاڪ شود دام او
گـرچه جهان جمله شود دشمنش
ڪــج نه ڪند موي از اندام او
سندس فرزند سيد ابراهيم ۽ سندس ڀائٽيو سيد
اسحاق به ڪمال جا صاحب ٿي گذريا آهن. انهن جي
اولاد مان ڪيئي موتي سرجيا، جن علم و ادب، فقيري ۽
ولايت جي ميدان کي منور ڪيو. سندن مريدن مان ميان
آسو بودلو مشهور آهي.
20- سيد محمود بخاري:
سيد محمود بخاري بن سيد حاجي حميد نظام الدين،
ارغونن جي ڏينهن ۾ گجرات کان اچي ٺٽي جي سيد محلي
۾ رهيو. هو مسجد فرخ ۽ عيدگاهه جو پيش امام ۽ خطيب
هو، ۽ نهايت بزرگيءَ ۽ سهڻيءَ حالت ۾ گذاريائين.
سندس اولاد مان سيد طيب سيد رحمت الله، سيد جهنگل،
سيد قاسم ۽ سيد لطف الله مشهور ٿي گذريا آهن. مير
علي شير قانع جو ڏاڏو سيد محمد ڪاظم سيد لطف الله
جو ناٺي هو.
21-22- سيد محمد حسن استرآبادي ۽ طاهر محمد
نسياني:
سيدمحمد حسن، مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ ساڻس متعلق
هو. مير طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ جو مصنف
سندس فرزند آهي. هن جي وڏن جي مزار جي رائنڪ،
عبدالله شاهه جي درگاهه جي پويان اتر طرف يادگار
آهي. طاهر محمد نسيانيءَ ”تاريخ طاهري“ کان علاوه
قصه؟ عمر مارئي مسمي به ”ناز و نياز“ به تيار ڪيو
هو. هي جڏهن 25 سالن جو ٿيو، تڏهين پنهنجي تحصيل
علم کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ 1015/1606ع ۾
ٺٽي ۾ آيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ
990هه/1582ع ۾ ڄائو هو،. هن مولانا اسحاق، مشهور
صوفيءَ جي هٿ هيٺ پنهنجي علم ۽ سلوڪ جا مرحلا طئي
ڪيا.
هن تاريخ طاهري 1030هه/1621ع ۾ پوري ڪئي،
جڏهين سندس عمر 40 ورهيه هئي. هيءَ تاريخ شاهه
محمد بيگ عادل خان ولد شاه بيگ عادل خان ارغُن
قنڌار جي گورنر ڏانهن منسوخ هئي. ”تحفة الڪرام“،
هن سردار کي مرزا بيگ عادل خان ترخان لکيو آهي.
وڌيڪ ڄاڻايو اٿس ته ڀائرن جي دشمنيءَ ڪري مرزا
باقي جي ڏينهن ۾ وڃي اڪبري دربار ۾ داخل ٿيو.
جهانگير جي ڏينهن ۾ قنڌار جو حاڪم بنيو. هو نڪته
سنج ۽ صاحب طبع هو. طاهر محمد نسيانيءَ جي شعر جو
نمونو ڏجي ٿو:
ز دل نقش غمش زائل نگردد.
سويدا حظ انساني نه باشد
23- خواجه مير ڪمال الدين ۽ سندس اولاد:
خواجه عبيدالله احرار جي اولاد مان خواجه مير
ڪمال الدين علوي ٿي گذريو آهي، جنهن جي زيارت جو
شرف حاصل ڪري، همايون بادشاهه ايران کان موٽڻ وقت
دعا جي درخواست ڪئي هئي. ساڳيءَ طرح اڪبر بادشاهه
به مير ڪمال الدين کي زيارت ۽ دعا لاءِ درخواست
ڪئي. هن صاحب ضعف ۽ پير سالي جو بهانو ڏيئي پنهنجي
پٽ ”شهاب الدين“ کي موڪليو. هو ڪيترو وقت بادشاهي
درٻار ۾ رهي وري پنهنجي والد ڏي موٽيو. هي صاحب
”مير محمد حسين گيلانيءَ“، جو شاهه بيگ سان گڏ اچي
ٺٽي ۾ رهيو هو، ان جي نياڻيءَ سان مڱيل هو. شاديءَ
جي ارادي سان اچي ٺٽي ۾ رهيو. ڪلان ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو
۽ اتي ئي گذاري ويو. سندس اولاد مان به ڪافي اهل
الله ٿي گذريا آهن.
24- مير محمد حسين ۽ ان جو اولاد:
حضرت پيران پير جي اولاد مان، ميرمحمد حسين گيلاني
هروي، هرات مان نڪري شاهه بيگ سان گڏجي ٺٽي ۾ آيو.
مذڪور مير شهاب والدين سندس نياڻو هو. سندس فرزند
”مير عبدالله نازڪ“ ۽ سندس اولاد، الله وارن مان
ٿي گذريو آهي.
25- پير شيخ عالي ۽ سندس اولاد:
شيخ بهاء الدين زڪريا ملتاني رحه جي پوٽن ۾ وڏي ۾
وڏو پير آهي. ترخاني زماني ۾ سير ڪندو ٺٽي ۾ ”سيد
علي شيرازي ثاني“ جي باغ ۾ اچي لٿو. سندس ڪرامتن
جي ڪري سيد صاحب کيس باغ نذر طور ڏنو. ڪجهه عرصي
کان پوءِ شادي ڪري، چار پٽ ڇڏيائين. ابو محمد،
محمد صالح عرف فاضل محمد، ويل محمد ۽ شيخ محمد
واصل. سڀ پهتل ۽ الله وارا ٿي گذريا آهن.
26- شيخ ڪالو قريشي ۽ سندس اولاد:
شيخ بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ رحه جي اولاد مان
ترخانن جي حڪومت ۾ ٺٽي ۾ آيو. خسرو خان چرڪس هن کي
پنهنجو نياڻو بنايو. هن جي اولاد مان شاه عبدالله،
شيخ رحمت الله، شيخ عبدالباقي، شيخ عماد الدين ۽
انهن جا پويان نشانبر ٿي گذريا آهن. خسرو خان
چرڪس جو اهوال اڳتي ايندو.
27- قاضي نعمت الله ثاني بن قاضي سائين ڏنو بن
قاضي نعمت الله:
هن صاحب جو ڏاڏو قاضي نعمت الله وڏو ڄام صلاح
الدين بن ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ عالمن جو پيشوا ۽
پرهيزگارن جو اڳواڻ هو. هنن جو نسب حضرت عباس رضي
تعاليٰ عنه سان ملي ٿو.
”هي صاحب وقت جو علامو ۽ زماني جو زبردست عالم
هو. هو پنهجي وقت ۾ عالمن جو مرجع ۽ معرفت سرچشمو
هو.“ مرزا باقي ۽ مرزا عيسيٰ سندس همعصر هئا. هن
جو پٽ رحمت الله به ڪمال جو صاحب هو. ان کانپوءِ
سندس پونير به علم جي شمع کي ٻاريندا آيا. قاضي
رحمت الله جو هڪ شعر ملاحظه ٿئي:
جــائــي ڪه عـــرض دهــد دـــل فگارتو،
روي زمين چو عرصهء محشر بهم خورد.
28- قاضي محمود علامه:
قاضي نعمت الله ثانيءَ جو سوٽ ۽ مرزا باقيءَ ۽
مرزا عيسيٰ جو همعصر، وقت جو علامو هو. فضيلت ۽
ڪمال ۾ بينظير ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
هو. هوگهڻين تصنيفن جو صاحب هو. جهڙوڪ ”تذڪرة
الاولياء“ ۽ درسي ڪتابن جا حاشيا. شعر به چوندو
هو، نمونو ملاحظه ڪريو:
پيــش لطــف ايـــزدي تحــصيـــل حاصل سعي ما ست،
(يڪ) امي راچون ڪند از علم خود صاحب ڪتاب
هن صاحب جا ٻه ناليرا فرزند هئا. هڪ قاضي
عبداللطيف، جو طبع جو ۽ نزاڪت ۾ يگانو هو ۽ حد
درجي جو فاضل شخص هو؛ اولاد ڪونه ڇڏيائين، ٻيو
قاضي قطب الدين جو علم ۽ عقل جي دائرن جو واقعي
قطب هو. ان جي اولاد مان به ڪيترائي فاضل پيدا
ٿيا.
29- قاضي وجه الدين:
وقت جو يگانو ترخاني حاڪمن جو همعصر ۽ عباسي
گهراڻي جو فرد هو. اولاد ڪونه ڇڏيائين.
30- قاضي شيخ محمد اچوي:
پنهنجي وقت جي مشهور عالمن مان هو. پهريائين
”هرات“ مان ”اچ“ شريف ۾ آيو. ”اچ“ ۽ ”ملتان“ جي
فسادن کان پوءِ :”بکر“ کي وطن بنايائين.
سيد مهدي جونپوريءَ جي فائدي ۾ تحريرون
لکيائين. ان ڪري سندس اولاد کي سيد صاحب جي دعا
هئي، قاضي سيد شڪرالله شرازيءَ استعفا جي کان
پوءِ سندس ئي رٿ موجب شاهه حسين قاضي صاحب کي ٺٽي
جي فضا سپردڪئي. تاريخ معصومي، قاضي صاحب جي باري
۾ لکيو آهي ته ”بيشڪ ديني علمن ۾ ڏاڍو ماهر هو
عربيءَ ۾ ڪامل استاد هو.“ ڪيسن فيصل ڪرڻ ۾ احتياط
ڪندو هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي اوائلي دور ۾ فوت ٿي
ويو. قضا جو عهدو سندس اولاد لاءِ سندس وفات
کانپوءِ به مخصوص رهيو. سندس ٻه لائق فرزند هر هڪ
شيخ قاضي احمد ۽ شيخ قاضي فريد پيءُ جي مسند قضا
تي ويٺا. قاضي شيخ احمد جو ذڪر خير تاريخ معصوميءَ
۾ به آيل آهي.
31- مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو:
مخدوم بلاول رحه جي خليفن جي سلسلي ۾ هو. پاڻ حضرت
ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد مان
هو. هميشه عبادتن ۽ وظيفن ادا ڪرڻ ۾ مشغول رهندو
هو. زهد ۽ تقوي جا سالڪ، هدايت ۽ ارشاد جا طالب
سندس معتقد هوندا هئا ۽ سندس ارشادات ۽ عارفانه
قولن تي اعتماد ڪلي رکندا هئا. حديث جي علم ۾
پنهنجي وقت جو يگانو هو. ”شرح اربعين“، ”شرح
ڪيداني“ ۽ ٻيا ڪي رسالا سندس تصانيف مان مشهور
آهن. هن جي وفات همايون بادشاه جي دربدريءَ واري
زماني سن 949هه/1542ع ۾ ٺٽي تي مڪليءَ جي مڻين ۾
داخل ٿيو.
32- مخدوم ميران بن مولانا يعقوب:
معقولي خواهه منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاه
حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏنائين.سندس فيض مان
گهڻن طالبن فيض پرايو. هو سن 948هه/1541ع ۾ گذاري
ويو. ”علامه وارث الانبياء“ سندس وفات جي تاريخ
آهي. هن جي مزار مڪليءَ تي آهي. فرمائي ٿو ته:
ميانهء من و جانان همين من است ونه غير
خـــدا شـــنــ”اس نه ماند ببند ڪعبه و دير
33- مولانا عبدالرحمان:
نقلي علمن ۾ بينظير هو. حياتيءَ جا ڏينهن ديني علم
جي تحصيل ۽ اشاعت ۾ صرف ڪندو هو. مرزا عيسيٰ ۽
مرزا باقي جو همعصر هو. هن جو ذڪر تاريخ معصومي ۾
به آيل آهي.
34- مولانا ڪريم الدين:
فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع، براين ۽ مشڪلاتن جي پاڙ
پٽيندڙ، زهد ۽ تقوي ۾ پنهنجن دوستن ۾ ناليرو ۽
مولانا عبدالرحمان جو همعصر هو. تحفة الڪرام واري،
ان صاحب جو احوال تاريخ معصوميءَ تان ورتو آهي.
35- مخدوم فضل الله:
وقت جو وڏو عالم قدسي فضيلت جو جامع، لساني علمن
جو ماهر ۽ پرهيزگاريءَ ۽ تقويٰ جي زيور سان
سينگاريل هو. هميشه علم جي پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو
هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو. سندس
اولاد مان مخدوم ابوالخير پنهنجي وقت جو ڪامل عالم
هو. ”فتاواي عالمگيري“ جي مسئلن چونڊڻ ۾ شريڪ
رهيو.
36- مخدوم فيروز:
پنهنجي وقت جو عامل ۽ ڪامل عالم هو. بزرلي ۽ علمي
ڪمال سندس اولاد ۾ موروثي هلندا اچن ٿا. ان جو
پوٽو قاضي ابراهيم ظاهري خواه معنوي ڪماليت جو
جامع پيدا ٿيو. هو شاهجهان جي دربار ۾، جهان آباد
جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي بنيو. ڪجهه وقت ٺٽي جو
امين بنجي آيو.
37- مولانا يوسف:
هن صاحب جو بيان فقط معصوميءَ ۾ آيل آهي. ميرمعصوم
لکي ٿو ته ”نهايت ديندار۽ پرهيزگار آهي۽ شرعي علمن
۾ سندس مٽ ڪو ڪونه آهي.“
38- قاضي محمد قاسم:
هڪ مشهور ماڻهو ۽ پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ ڏاڍو
فضيلت وارو ٿي گذريو آهي. سندس پٽ قاضي قاضن وڏي
درجي وارو. متقي ۽ عارفن ۾ داخل هو. ان صاحب جا پٽ
۽ پوٽا دين ۽ دنيا جي وڏن عهدن تي رهيا.
39- ملا احمد:
مرحوم مير نور محمد جي ”تحفة الڪرام“ جي نسخي موجب
هي صاحب قاضي محمد قاسم صاحب جو ڀاءُ هو. شاهه فتح
الله شيرازيءَ جو شاگرد، ابوالفضل ۽ فيضي جو هم
سبق ۽ اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾“ ناليرو عالم هو.
ڪجهه وقت اتي جو قاضي پڻ رهيو. مڪليءَ واري مشهور
رائنڪ سندس يادگار آهي.
40- مخدوم فيض الله:
پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ سيد علي شيرازي ثانيءَجو
ظاهري علم جو استاد هو. سيد صاحب جي فرزند سيد
جلال پڻ سندس شاگردي قبول ڪئي. سيد عليءَ جي اولاد
وارا سادات هن مخدوم جي اولاد جو ادب تمام گهڻو
ڪندا هئا. ۽ تبرڪ خاطر تعليم جي ڦرهي پهريائين
سندس اولاد کان لکائيندا هئا. هو آڪر ۾ رهندو هو.
41- مخدوم اسحاق:
اصل گجرات جو باشندو هو. اگهم ڪوٽ مخدوجم اسماعيل
سومري جو مريد ٿي ٺٽي ۾ آيو. علمي خواهه عملي
ڪماليتن ۾ ڏيهان ڏور مشهور هو. وفات وقت ٻه فرزند
1- ميان احمد 2- ميان عباس نالي ڇڏيائين. ميان
احمد عجيب و غريب ڪمال ۽ حال جو صاحب هو. رسول
اڪرم صلي الله عليه وسلم کان ”احمد ڪتابي“ جو لقب
عنايت ٿيس. سندس شاگردن مان مخدوم عنايت الله
مشهور آهي. ميان احمد جو پٽ ميان محمد هڪ صاحب
فضيلت مدرس هو. ان کان پوءِ سندس فرزند ميان احمد
ثاني مشهور هو، جو مخدوم ضياء الدين جو شاگرد
بنيو. مخدوم محمد اسحاق جو پٽ محمد عباس دنيادارفن
۾ چڱو مشهور ٿيو.
42- ملا شيخ اسحاق اربعائي:
پاڻ اصل ۾ اچ جا هئا. وڏي هدايت ۽ ڪامل ڪرامتن جو
صاحب ٿي گذريو آهي. سيد علي شيرازي جو همعصر هو.
سندس صحبت جي بدولت ڪيئي صاحب، بزرگ بنجي سڳورا
ٿيا. سندس مزار مرجع عام و خاص آهي. اربع جي رات
هر هفتي عموما ۽ ماه پهرينءَ اربع تي خصوصا سندس
مقبري تي ميلو لڳندو آهي. ان ڪري پير اسحاق
اربعائي جي نالي سان مشهور آهي. سندس وفات
975هه/1567ع ۾ ٿي. سندس فرزندن مان شيخ محمد صالح
صاحب هدايت ٿي گذريو آهي. ان کان پوءِ شيخ نعمت
الله ۽ خليفو اسد الله مشهور ٿيا.
43- ملا محمود راهوتي:
مذڪور بزرگ، شيخ اسحاق جو رفيق، معتقد ۽ فيضيافته
هو. صاحب حال هو، گهڻن ئي روحاني مريضن کي فيضياب
ڪيائين، جناب حضرت غوث الثقلين حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جي خلافت باطني
طورمليل هئس.
44- شاهه ابوالقاسم هراتي:
هرات جي رهندڙ شيخ عبيدالله انصار جي اولاد مان،
ٺٽي ۾ آيو. سندس تڙ پوٽي ”شاه عزت الله“ عالمگير
جي زماني ۾ چڱو درجو حاصل ڪيو. ان حساب سان مذڪور
شاهه صاحب مخدوم نوح رحه جو همعصر هو. سندس خاندان
مان ”شاهه محمد يعقوب“، ”شاهه محمد يوسف ۽ شاه
نعمت“ به مشهور اصحاب دل ٿي گذريا آهن. مذڪور شاه
عزت الله جو ڀاءُ ”شاهه اسد الله عرف شاه اسماعيل
صوفي“، روحاني خواهه جسماني طبيب مشهور ٿيو. سندس
دوا درمل جا نمونا بيمثال آهن. هن سڳوري کي اولاد
ڪونه ٿيو.
45- داروغه گهر:
ترخاني دور جو هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ سندس ملازمن
جي فهرست ۾ ناليرو آهي. ”محمد علي ديوان“ جو
ترخاني گورنر هو سو سندس نياڻو هو. هن جو گهراڻو
وڏو ۽ ڏاڍيءَ چڱي انسانيت ڀريءَ حالت ۾ هو، سندس
فرزند ”عبدالواسع“ پڻ پنهنجي وقت جو ناليرو انسان
ٿي گذريو آهي. کانئس پوءِ ”محمد رضا“ رهيو. جو سيد
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو. رسالو ”بيان
العارفين و تنبيه الغافلين“ شاهه صاحب جي حالات ۽
ملفوظات متعلق سن 1083هه/1672ع ۾ تصنيف ڪيائين،
محمد رضا جو شعر ملاحظه ٿئي:
بغم تو هر ڪه جان داد چه غمش ز روز محشر
ڪه ز زهر مي نترسد خورد آنڪ پيش افيون.
46- حافظ رشيد خوشنويس:
ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ خوشنويسيءِ
جي گروهه جو سردار هو ۽ وڏي ۾ وڏن ماڻهن جي فهرست
۾ داخل هو.
47- سيد حسن خوشنويس:
ترخاني دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر هو. سندس
پٽ ”سيد محمد طاهر“ پڻ مشهور ستن قلمن جو نگارنده
۽ ماهر هو. عوام ۾ ڪافي مشهور هو.
48- سيد رحمت الله:
سيد ابو القاسم بيگلار جو فرزند، خط نستعليق ۾
پنهنجي وقت اندر مشهور ۽ معروف هو.
شعراء ڪرام
هاڻي شعراء ڪرام جي دور جو دورو ٿئي ٿو،
جو ”مقالات الشعراء“ جي گلستان جي سير کان پوءِ
عمل ۾ آيو آهي.
49- محمد مقيم بن قاسم منشي:
ترخاني دور جو مشهور شاعر، محمد علي جو ڏوهٽو هو،
مرزا جاني بيگ جو وزير ۽ مشير هو ۽ ساڻس گڏ اڪبر
بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو.
”مومل ۽ مينڌري“ جي عشق جو قصو ”ترنم عشق“ نالي
سندس يادگار آهي.“ ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس هيٺيون
شعر نموني طور ڏنل آهي:
درون ز غير بپرد ازو روي يار ببين
ڪه مه عيان نشود تا هوا نگردد باز.
50- مقيم:
هي به مرزا جاني بيگ جي زماني جو هو ۽ سنڌيءَ
خواهه فارسي ۾ شعر چوندو هو. ”مارئي“ بابت سنڌي
ڏوهيڙا ٺاهيائين، جي اڪبر بادشاه کي ٻڌائڻ لاءِ
مرزا جاني بيگ سان گڏجي ويو. هن کان اڳ مرزا
عبدالرحيم ”خانخانان“ فتح سنڌ وقت به مارئيءَ جا
بيت هن کان ٻڌا هئا. هن جو شعر آهي ته:
سخن مدان ڪه سنجائيدن دو لب زايد،
سخن هما نست ڪه اندر ڪتابها بايد.
51-52- ملا سلامي ۽ ملا عبدالحڪيم:
ٻئي ڀائر پنهنجي وقت جا مشهور ۽ معروف خوشطبع
شاعر هئا. ملا سلامي جون عجيب ۽ کل جهڙيون ڳالهيون
عام ماڻهن جي زبان زد آهن. هو ٻئي ”خواجه عطاءُ
الله“ قاضي محمد حسن“ ۽ ”ميرڪ عبدالوهاب“ جا همعصر
آهن. مقالات الشعراء مان سندس هيٺيان شعر نموني
طور ڏجن ٿا.
ملا سلامي:
ڪس بردهان تنگ تو هرگز نبرده راه،
مـــڪــشـــا بخــنـــده پرده راز نهفته را
---
ســــاق سيمين او بلور يمن،
گر غلط گفته ام بگردن من
ملا عبدالحڪيم چيو آهي:
تيرت گذشت ازتني همچون هلال من،
اينهم گذشت فڪر دگر ڪن بحال من.
53- مير سيد محمد آمي:
مولد مڪه شريف ۽ سندن وطن مدينه شريف هو. مرزا
جاني بيگ ترخان جي آخر ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ لاهور ۽
ملتان جي وچ ۾ داعي اجل کي 1024هه/1615ع ۾ لبيڪ
چيائين. سندس شعر جو قسم ملاحظه ٿئي:
بـــا وصـــف ڪمـــال عــلم و دانش – امي لقبم چو
ذات احمد،
حقا و برب ڪعبه صدر شڪر – در مڪه بزاده چون محمد
صه
54- ادراڪي بيگ لاري:
ارغونن جي قبيلي مان هو. مثنوي چنيسر نامه
1010هه/1601ع ۾ پوري ڪيائين ۽ مير ابوالقاسم سلطان
بن خان زمان سيد قاسم بيگلار ڏانهن منسوب ڪيائين.
ليلان جو ڪونرو کي طعنو ٻڌو:
اگر در ساحري صد ساله باشد،
بسحرت سامري گوساله باشد.
ڪونرو جو جواب:
نگار او منم نقشت ڪهن شد،
در اول از تــو بـــود آخر زمن شد
ڪه در صورتگريدست مصور،
ڪـشــد بــهـتر ز اول نقش آخر.
55- شيخ عبيدالله آهي:
هرات جي بهشتين جي خاندان مان هو ۽ مرزا شاهه بيگ
سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سو تصنيفن کان مٿي، سندس پگهر
جو پورهيو آهي. سندس عمر جي آخري ڏينهن ۾ بيخوديءَ
جي عالم ۾ سرگردان رهيو ۽ پنهنجي ڪتبخاني کي باهه
ڏنائين. جڏهين
همايون بادشاهه ۽ ارغونن جي وچ ۾ جوڻ جي ڳوٺ وٽ
جنگ لڳي، تڏهن هن مجنون کي به هڪ تير لڳو. سن
950هه/1543ع ۾ راهه جاوداني وٺي روانو ٿيو. سندس
سال وفات قانع صاحب ”شهيد عشق گمنامي“ 950/1543ع
مان ڪڍي آهي. سندس شعر ملاحظه ڪريو:
پس از من ڪس نپرسد حال آهي.
شــهــيـد عشق گمنامي دوام است.
---
حيــرت عــشــق تـــو بربوده ز سر هوش مرا،
مانده ام همچو ڪدوي تهي از باده بخاڪ
56- علي قلي بيگ اميدي:
مرزا عيسيٰ ترخان (962هه/1554ع) جي زماني ۾ سپه
سالار بنيو ۽ ساڳئي سال ۾ سلطان محمود بکريءَ سان
جنگ ڪري فوت ٿيو. سندس شعر ملاحظه ٿئي:
دســت در ڪــا عـــدو نــاخـن همت بخشد،
شير باشي اگر از جنگ نريزي سر خصم،
57- مير علي رضا مشهدي آگاه:
مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ واپار سانگي سنڌ ۾ آيو.
مرزا جي قدر و قيمت کيس هت رهائي ڇڏيو. جڏهين مرزا
فوت ٿيو، واپس وطن ڏانهن وريو. مرزا جي توصف ۾ چيو
اٿس:
خلق حسن از نقش جبينت روشن.
زيــبــد بــولائــي عــليت نام حُسن.
58- محمد انوار قنڌاري:
مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ڪاهاني جي خدمت ۾
رهيو. ان بعد بابر بادشاهه جي دربار ڏي ويو. وري
همايون بادشاهه جي خدمت ۾ سنڌ ۾ وري آيو. 9 ربيع
الاول 950هه مطابق 16 جون 1543ع ۾ جڏهين بادشاهه
قنڌار طرف ويو، تڏهن هن صاحب حرمين شريفين لاءِ
رخصت ورتي، پاڻ چيو اٿس:
اي آنــڪه بــچــاه ابــتلا در مــانـــدي،
در دشــت جــنــون بـپاي سربر راندي
زنــهار ڪــه از ڪف ندهي دامن غم
از دوست بود هر آنچه ديدي خواندي
59- محمد اول گجراتي:
جڏهن بيرم خان سنڌ ۾ جوڻ جي ڳوٺ 7 محرم 950هه (16
اپريل 1543ع) ۾ پهتو، تڏهين هي صاحب به هن سان گڏ
هو. اچڻ سان بيمار ٿي پيو، مرزا شاهه حسن هن
تيمارداري ڪري، ٻن سالن بعد هن کي وطن اماڻيو.
فرمائي ٿو:
هر ڪجا دست دهد وصل بتان شادم من
در وطــن گــر نــبــود يار غم آباد من است
60- قاضي احمد غفاري قزويني:
قاضي احمد غفاري قزويني بن امام نجم الدين غفار
وڏو صاحب فضل ۽ صاحب ڪمال ٿي گذريو آهي. سندس والد
مذهب شافعي جي ”حاوي“ ڪتاب جو مصنف هو. ان کان
سواءِ نسخه ”نگارستان“ جو مرتب آهي. حج تان واپس
ديول بندر ۾ سن 975هه/1567ع ۾ فوت ٿيو. ”يدبيضا“
مان سندس سال تاريخ نڪري ٿو، چوي ٿو ته:
پس از عمري نشيند گرد مي در چشم آن بد خو،
نــبـيـنـم در رخــش تــرسم ڪه نـاگه زود برخيزد
61- احمد مڪراني:
شيخ احمد مڪراني جو والد خواهه پاڻ نيمروز جي
حاڪم وٽ چڱي رتبي تي فائز هئا. هي صاحب ڪاوڙجي
مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. هتي ئي فوت
ٿيو. هيٺيان ٻه شعر سندس آهن:
دو روزي بيش نبود صحبت گل،
عــبث خــود را دـهـد برباد بلبل.
دريــن گــلـشــن بياد سرو آزاد،
ســز طــوق غلامي بهر صلصل.
62- حسن قلي خان ابهت:
خان خانان جي لشڪر جو هڪ فرد هو. سيوستان جي جنگ ۾
قتل ٿيو. هي واقعو سن شوال 999هه/1590ع بعد ٿيو،
هيٺيون شعر سندس آهي:
از دست هرڪسي ڪه فتادم فتاده ام،
ســـيماب وار نيست بڪف اختيار ما
63- احمد علي ماڙندراني:
شاهه عباس صفوي شاهه ايران (دور حڪومت
985هه/1577هه 1038ع/1628ع) جي ايلچيءَ سان گڏ سنڌ
۾ آيو. سندس مزاج تي جنون طاري ٿيو. ڪافي وقت
پيرين مٿي اگهاڙو پيو گهمندو هو. هڪ برهمڻ ڇوڪري
سان شغل دل جو لڳي ويس. آخر سندس عزيزن مان ڪو
اچي کيس وٺي ويو. وڃڻ وقت هي بيت اچانڪ چيائين:
جــدا ز دوســت نه دانـــم چــها رود برسر،
ڪه در حضور سرم در سر غمش فرسود
64- اڪبر بادشاه:
جلال الدين محمد اڪبر بادشاه، آچر ڏينهن 5 رجب
949هه/15 آڪٽوبر 1542ع عمرڪوٽ سنڌ ۾ تولد ٿيو. وري
جمع ڏينهن 2 ربيع الثاني 963/4 فبروري 1556ع
ڪلانور ۾ جلوس فرمايائين. 50 سال کن تمڪنت سان
حڪومت ڪري 13 جمادي الاآخر 1014هه/26 آڪٽوبر 1605ع
۾ فوت ٿيو. علم تاريخ ۾ تمام باخبر هو. ڪڏهين
ڪڏهين شعر به چوندو هو. ملاحظه ٿئي:
روشــينه بــڪـوي ميفروشان پيمانه مي بزر خريدم،
اڪنون ز خمار سر گرانم، ز ردادم و درد سر خريدم
65- الهداد:
شيخ الهداد، مرزا جاني بيگ ترخان جي مصاحبنم مان
هو. هن کي سرڪار چڪر هاله انعام طور مليل هئي،
جڏهن مرزا خانخانان جاني بيگ کي دهلي وٺي ويو تڏهن
هن صاحب لاهور ۾ اقامت ڪئي. فرمائي ٿو ته:
گر بعشق تو چو من ڪس بوفا در سازد
تـــرسم آخر ڪه مبادا بسر رحم آئي.
66- آخوند ملا اسحاق بکري:
اصل بکر جو باشندو ۽ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جو
ملازم، مرزا غازي بيگ وقاري جو معلم هو. فرمائي ٿو
ته:
مي طپد دل در برم در شوق تو
مــــي گذارد خانه را از دوق تو
67- بابر بادشاهه:
ظهيرالدين محمد بابر بادشاهه ولد مرزا عمر شيخ بن
سلطان ابو سعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن
امير تيمور گورگان 6 محرم 888هه/14 فيبروري 1483ع
۾ تولد ٿيو. هن حساب سان هي صاحب مخدوم نوح جي وڏي
عمر وارن بزرگن ۾ اچي ها، مگرجيئن ته هاڻي محض
گلستان سخن جي طوطي مقال شاعرن جو ذڪر هلي رهيو
آهي، تيئن بابر بادشاهه کي وسارڻ ٺيڪ نه آهي. بروز
جمع 8 رجب 932هه/20 اپريل 126ع پاڻي پٽ جي ميدان
تي ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي مغلن جو سرموڙ ٿي
هند جو حاڪم ٿيو. 5 جمادي الاول 937هه/25 ڊسمبر
1530ع آگره ۾ فوت ٿيو ۽ سندس وصيت مطابق کيس ڪابل
۾ دفن ڪيو ويو. سندس سال وفات ”بهشت روزي باد
(937هه/1530ع) مان نڪري ٿو. پاڻ اڪثر علمن ۾
مهارت رکندو هو. ترڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين. عروض،
فقه ۽ پنهنجي وقائع بابت تاريخي رسالا لکيائين،
فرمايو اٿس:
عرق چو از رخ آن ماه پاره مي ريزد
ز آفـــتاب درخشان ستاره مي ريزد
68- مرزا محمد باقي بن عيسيَ ترخان:
مرزا محمد باقي پنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ پنهنجي
ڀاءُ مرزا محمد صالح سان وڙهيو. مرزا عيسيٰ خان
ترخان پنهنجو ولي عهد مرزا جان بابا کي ڪيو. مگر
آخر هي تخت تي ويٺو. هن جي اعمال جي شامت هن جي
آڏو آئي ۽ پنهنجو پاڻ کي تلوار هڻي ماري ڇڏيائين.
هي واقعو 993هه/1585ع جو آهي. شعر ۾ ڪهڙي نه حقيقت
ڪئي اٿس:
تــلاش مـنـصــــب دنيا فزوده درد سرم
ڪنون ڪلاه نمد اختيار بايد ڪرد
69- بيرم خان:
ماثر رحيمي ۽ مجالس المومنين ۾ سندس نسب هي آهي
ته بيرم خان بن سيف علي بيگ، بن بيري بيگ بن پير
علي بيگ بن علي شڪر بيگ بن بيرم قوابيگ، جو مرزا
اسڪندر جي اولاد مان هو. همايون بادشاهه سان
همرڪاب رهيو ۽ اڪبر بادشاهه جو اتاليق مقررٿيو.
اڪبر جي ڏينهن ۾ پٽن وٽ 968هه/1560ع ۾ شهيد ٿيو.
ترڪي ۽ فارسي ۾ قابل شاعر هو. سندس نور نظر علم و
فضل جو خان مرزا عبدالرحيم خان خانان هو. سندس
منقبت جا چند بيت سندس قبر تي اڪريل آهن. انهن مان
چند ملاحظه خاطر ٿين: |