هي عبرت جو مڪان ڏسڻ وٽان آهي. ”تذڪره اميرخاني“
۾، مظهر شاهجهانيءَ جي مصنف ميرڪ يوسف بن مير قاسم
”نمڪين“ جي حوالي سان محترم حسام الدين راشديءَ
آندو آهي ته قتل نه ٿيو آهي، مگر قنڌار کان واپسي
وقت راهه ۾ راهه رباني وٺي راهي ٿيو. مير قاسم خان
اڪبر بادشاهه جي پاران بکر تي يارهون گورنر هو ۽
سندس سال ورود 1004هه/1515ع آهي. ٻيو دفعو اڪبر جي
انتقال بعد عهد جهانگيرجي پهرين سال ۾ گورنر ٿي
آيو ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيو. ۽ ستين واري ٿان کي
پنهنجي خاندان جو قبرستان مقرر ڪيو. لب تاريخ
مطابق سندس سال وفات 1019هه/1610ع آهي. پر ڪتبه
مطابق سندس سال وفات 1018هه/1609ع ۽ /1019هه/1610ع
به آهي. سندس مدفن صفحه صفايا قاسم خواني يا ستين
جو آسٿان روهڙي شريف ۾ آهي. ميرابوالقاسم کانسواءِ
ٻيون به سو کن قبرون آهن ۽ 1018هه/1609ع کان
1086هه/1675ع تائين اها جاءِ قاسم خاني خاندان جي
قبرستان طور ڪم ايندي رهي آهي. ايوان جي وچ ۾ هڪ
وڏو چبوترو آهي، جنهن ۾ ڏهه قبرون آهن. منجهس
پنجين نمبر قبر ابوالقاسم نمڪين جي آهي. ان پٿريلي
تربت تي دستوري گلڪاري بدران لوڙهه جي مٿان خواهه
ٻنهي پاسن تي قرآني آيتون ۽ مشائخن جا عربي قول
اُڪريل آهن. ان پٿر تي وڏي پارسي نستعليق اکرن ۾
سيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:
مير ابوالقاسم آن يگانه عصر، ڪـه بجز تخم دين و
داد ڪشت،
ملڪ اقبال در تصرف داشت، چــون اجل در رسيد جمله
بهشت،
ديــده دل ڪـــشــاد و بــرگيرد، عــبرت اي
عاقلان پاڪ سرشت.
اندرئين طرف وري هيٺيون ڪتبو آهي جو مٿئين قطعي جو
حصو سمجهڻ گهرجي.
گـــربــود ستر از حرير چه سود،
چون نهد مرگ
زسيدر بالين خشت،
خلف منير او ز ”داغ ابي“،
چونڪه تاريخ سال فوت نوشت،
1018هه
گفت ملهم مُرا بگوش ضمير، سال فوتش ڪه ”باد جاش
بهشت“
1018هه
وري پيرانديءَ جي ڪتبي جي پوئين مصرع مان 1019هه
سال نڪري ٿو، مصرع هي آهي:
سال وفات او طلب از ”داغ داد“ ڪرد
1019هه
هن جو لائق فرزند نواب امير خان عرف مير
ابوالبقا هو، جو تحفة الڪرام جي لکڻ موجب پيءُ کان
به ٻه – ٽي پد مٿي چڙهي ويو ۽ اڪبر بادشاه پاران
ٺٽي جو اٺون نواب هو. ٺٽي ۾ سندس ورود ٿيڻ جي
تاريخ تحفة الڪرام 1037هه/1627ع ڄاڻائي آهي، مگر
لب تاريخ جي ڇاپي ۾ غلطي آهي. 1054هه نه مگر
1044هه/1634ع هئڻ گهرجي. جو نواب امير خان کان
پوءِ نواب مظفر خان الموسوم به مير عبدالرزاق
معموري جو سال ورود 1049هه/1639ع آهي، پر راشدي
صاحب تذڪره امير خانيءَ ۾ مظهر شاهجهانيءَ جي
حوالي سندس ٺٽي ۾ سال ورود 1039هه/1629ع ڄاڻايو
آهي ۽ هي به لکيو آهي ته مرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ
بعد هن گورنري ڪئي. هن صاحب ميرپور بٺوري واديءَ
جو باني آهي (جنهن جو مفصل ذڪر بندي ميرپور بٺوري
جي مقالي ۾ ڏنو آهي، جو سه ماهي مهراڻ ۾ شايع ٿي
چڪو آهي) علم فضل ۽ فراست ۾ معروف هو ۽ سندس
سياڻپ جا گهڻائي قصا مشهور آهن. شاعر به باڪمال
هو. ٺٽي جا امير خاني سادات سندس نسل مان آهن، جن
مان مير ابوالمڪارم متخلص ”شهود“ مشهور آهي. سندس
هڪ مثنوي ”پريخان سليمان“ مشهور آهي. سيوهڻ ۾
مدفون آهي.
اچو ته نواب امير خان ۽ ”شهود“ صاحب جي
اشتهار جو مزو وٺون. امير خان: فلڪ به سوختگان
پيشتر هي سوزد – بين زغال ڪه مخصوص بهر سوختن است.
”شهود“ جي تربت تي پنهنجو ٺاهيل ڪتبو لڳل آهي.
ملاحظه ٿئي:
کسي گر بپر سد ز تاري ماهه
همين گو ”بجنت خدا داد جا“
1073هه
/1662ع
15- امير غياث الدين رضائي سبر واري:
مير غياث الدين محمد عرف سلطاني رضائي عريضي
سبزواري ”حبيب السير“ جي مصنف ”خواند مير“ جو پوٽو
۽ ”سلطان جنيد صفوي“ جو ڏهٽو هو. شاه بيگ ارغون جو
مقرب هو. هن سان گڏ سنڌ ۾ اچي بکر ۾ مقيم ٿيو. هي
صاحب به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شعر جو نمونو
ملاحظه ٿئي:
نــقــش پــايء نــاقه لــيليٰ نه گرد آلوده بود
سرمه بهر روشني چشم مجنون سوده بود
سندس پٽ مير ابوالمڪارم کي پهريائين مرزا شاه حسن
ارغون ۽ ان کان پوءِ سلطان محمود خان عراق و عجم
جي بادشاهه ڏانهن ايلچي ڪري هو. جتان قسمين قسمين
نوازشون ۽ ”سلطاني“ جو خطاب وٺي موٽي آيو. نهايت
خوش طبع هو ۽ علمي ڪمالات سان سينگاريل هو ۽ طبع
موزون هيس. مقالات الشعراء ۾ سندس هي شعر آيل آهي:
عاقبت سوختن و ساختنت ڪاري ڪرد
صــيقــل آئيـــنه گــرديد ڪف خاڪستر
مير ابوالمڪارم جو فرزند مير عبدالله عرف
خان عريض سيوستان ۾ ڄائو ۽ نپنو. ان بعد هي پنهنجي
ڀاءُ ميرعبدالرسول سان گڏجي ٺٽي آيو. ۽ اتي
1054هه/1644ع ۾ گذاري ويو. ان جي اولاد ۾، ٺٽي جا
سادات عريضي سبزواري سڏبا هئا. مير عبدالله عريضي
جي طبع موزون هئي. سندس ڪلام جو نمونو مير علي شير
قانع مقالات الشعراء ۾ ڏنو آهي. ملاحظه ڪريو:
پـــي نــا ديـدن عيب من وتـــو
مزه مسمار شد بر روزن چشم
16- مولانا عبدالخالق گيلاني:
هي علم جو يگانهء روزگار، ميرمعصوم جوهمعصر هو. ان
ڪري اسان :”تاريخ معصومي“ جو احوال ڏينداسون.
تاريخ تحفة الڪرام هن بزرگ جو ذڪر فقط حوالي طور
ميرڪ شيخ عبدالباقيءَ جي ضمن ۾ ڪيو آهي ۽ بس.
هي صاحب مولانا علامي عبدالله يزدي جو
شاگرد رشيد هو. ابتدا ۾ سن 972هه/1564ع ۾ قنڌار
کان بکر ۾ آيو ۽ مير معصوم جي جاءِ تي درس و تدريس
۾ مشغول رهيو. ٿوريئي وقت ۾ ٺٽي جو سفر اختيار
ڪيائون ۽ شيخ ميرڪ جي خدمت کان شرف حاصل ڪري ڪي
ڏينهن سندس منزل ۾ سڪونت ڪري، علم جي تحصيل ۾
مشغول رهيا. ٺٽي جي اڪثر فاضلن سندن شاگرديءَ جو
شرف حاصل ڪيو. پاڻ مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح
الله جا همعصر هئا. آخري ڏينهن ۾ پاڻ دکن ڏانهن
راهي ٿيا، جتي رحلت ڪيائون. سندن رشيد شاگردن مان
قاضي محمود ٺٽي ۾ موجود هو، جنهن جو علم ۽ فضل ۾
بلند رتبو هو.
17- شيخ رڪن الدين مير غورماني:
هن جو احوال فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي.
ميرمعصوم رقم طراز آهي. ”شيخ رڪن الدين علاﺂ
الدوله سمنانيءَ جي اولاد مان هو ۽ شيخ عبدالوهاب
پورانيءَ جي همشيره شيخ جي نڪاح ۾ هئي. نهايت خوش
طبع ۽ لطيف گر هوندو هو ۽ موسيقيءَ جي فن جي ڏاڍي
واقفيت هيس. سلطان محمود جي اوائل ۾ هو ٺٽي کان
بکر ۾ آيو ۽ ٻه سال کن گذاري هندستان ويو. جتي
980هه/1527ع جي آخر ۾ وفات ڪيائين.“
18- قاضي دائود:
هن جو به احوال فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي. هي
صاحب اصل فتح پور جو هو، جا سيويءَ جي پسگردائيءَ
۾ آهي. سلطان محمود خان جي حڪومت جي اوائل ۾ بکر
شهر جي قضا جو عهدو قبول ڪري، شرعي مقدمن جا فيصلا
ڪندو هو. في الحقيقت هو صاحب پنهنجي زماني جو
يگانو هو. دينداري پرهيزگاري ۽ درويشيءَ جو مالڪ
هو. شرعي فيصلا ڪندي ڪنهن به ڌر ڏانهن لاڙو يا چشم
پوشي ڪانه ڏيکاريائين. شريعت جو صاحب، متقي ۽
ديندار بزرگ هو. شوال 981هه/1573ع ۾ بکر ۾ فوت
ٿيو.
19- مولانا عبدالله مفتي:
هي بزرگ اصل ملتان جو ويٺل هو. حقيقت ۾ مولانا
عقلي علمن ۾ وڏي دسترس رکندو هو. مولانا جي طبع جي
تيزي ۽ ذهن جي نزاڪت تمام بلند هئي. 970هه/1562ع ۾
فوت ٿيو.
20- مير يونس محمد ارغون:
هن صاحب جو احوال تحفة الڪرام جي صاحب، ارغوني ۽
ترخاني اميرن جي ضمن ۾ تاريخ معصوميءَ تان آندو
آهي. هي امير پهريائين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان
مرزا جي ملازمت ۾ هو. پوءِ مرزا شاه حسن ۽ سلطان
محمود خان جو درباري امير ٿيو. ترڪي ۽ پارسي زبانن
۾ اعليٰ درجي جو شاعر هو. سن 985هه/1577ع ۾ وفات
ڪيائين. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي وفات جو
تاريخي مادو حسب ذيل ٺاهيائين:
”رستم از قيد اين و آن اي دل.“
21- مولانا يار محمد عرف مولانا ياري:
هي بزرگ اصل هرات جو هو.نهايت قابل شاعر ۽ خوش طبع
انشا پرداز هو. سلطان محمود هن کي ايلچي ڪري
همايون بادشاه ڏي موڪليو. مگر هو صاحب اتي هلي نه
سگهيو. سو موٽي سيتپور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين
۽ اتي ئي فوت ٿيو. سندس ڪلام مان هڪ شعر، نموني
طور پيش ڪجي ٿو، جو گجرات بابت چيو اٿس:
”گــــــجرات خوش دياري، اما بشرط ياري،
بي يار چون توان بود در اين چنين دياري“
22- مولانا ابراهيم ولد مولانا جمال الدين مفتي:
هن جو ذڪربه فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي. هي
صاحب، زاهد، عابد، ۽ گوشه نشين هو. فقه جي علم ۾
سندس مٽ ڪونه هو. سندس هر فتويٰ کي متفق عليه جي
حيثيت حاصل هئي، ان دور جا قاضي سندس فتويٰ تي عمل
ڪندا هئا. 98 ورهين جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏايائين.
23- مولانا قاسم ديوان:
ابتدا ۾ هن بزرگ مخدوم ميران جي خدمت ۾ رهي علم جا
مرحلا طئي ڪيا. پوءِ ٻاهر وڃي مولانا محمود ”سرخ“
جي مشهور مدرسي جو متعلم ٿيو. ان بعد سنڌ ۾ آيو.
سلطان محمود جنهن وقت سيويءَ جو حاڪم ٿيو تڏهين هن
کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي هن کان قرآن شريف ۽
ٻين ڪتابن جا سبق حاصل ڪندو هو. هن صاحب
977هه/1596ع ۾ وصال ڪيو.
24- ملا اسحاق بکري:
هن صاحب جو احوال تحفة الڪرام ۾ آيو آهي. نهايت
فضيلت جو صاحب ۽ سلطان محمود خان جو ملازم هو.
آخر ۾ مرزا جاني بيگ جي فرزند غازي بيگ وقاريءَ
جو استاد مقرر ٿيو.
25- ميرڪ بايزيد:
ميرڪ بايزيد ميرڪ ابو سعيد پورانيءَ جو لائق فرزند
هو. مير ابو سعيد بن مير علي شاهه سبزواري عرب
شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ جلال الدين بايزيد
پورانيءَ جو ڏهٽو هو. هن صاحب جا ٻه فرزند ميرڪ
بايزيد ۽ ميرڪ شيخ محمود، علمي خواهه عملي ڪمالات
جا جامع هئا. ٻئي ڀائر سبزوار کان اچي قنڌار ۾ رهڻ
لڳا، جتان پوءِ شاه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا.
ميرڪ بايزيد بکر۽ سکر جي ”شيخ الاسلام“ جي عهدي تي
مقرر ٿي، سکر ۾ رهڻ لڳو، ۽ سندس ڀاءُ ميرڪ محمود
ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندس ذڪر ٺٽي جي عالمن ۽
فاضلن جي ذڪر ۾ ايندو.
ميرڪ بايزيد جا ٻه فرزند شيخ ميرڪ محمد
اول ۽ شيخ عبدالوهاب مشهور ٿي گذريا آهن. ٻنهي
لاءِ تاريخ معصوميءَ لکيو آهي ته : ”شيخ محمود
ميرڪ جا ڀائٽيا پنهنجي وقت جا سرڪردا ۽ زماني جا
اڳواڻ هئا.“ شيخ محمد لاءِ تحفة الڪرام لکيو آهي
ته ”هن حياتيءَ جا ڏينهن ڪماليت جي صاحبن وانگيان
مکيه ۽ مشهور ماڻهن جي نموني ٿي گذاريا ميرتقي
الدين ۽ ميرمحمد افضل نالي ٻه پٽ ڇڏي ويو.“ ٺٽي جي
ضمن ۾ شيخ عبدالوهاب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”شيخ
ٺٽي ۾ اچي نهايت بزرگيءَ سان وڏن جي طريقي کي زنده
رکڻ ۽ سڀني علمن ۾ ماهر هجڻ جي حالت ۾ سنه
970هه/1562ع ۾ گذاري ويو. صاحب تاريخ معصومي شيخ
عبدالوهاب جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي، لکي ٿو ته
شيخ عبدالوهاب سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ خصلتن سان
سينگاريل هو. نهايت خوش طبع ۽ مجلس جو مور هو. شعر
نهايت چڱيءَ طرح سمجهندو هو. شريعت جو پابند ۽
تمام پرهيزگار هو. بادشاهن کي نصيحت ۽ وعظ ڪرڻ جي
حتي الامڪان ڪوشش ڪندو هو. ظلم ۽ بدعت کي دفع ڪرڻ
لاءِ ڏاڍو سعيو هوندو هوس. فقه جي علم ۾ ”جامع
فتاوي پوراني“ جا ٺٽي ۽ بکر ۾ مشهور آهي، سا هن
صاحب جي تصنيف آهي. تاريخ معصومي ۾ انهي ڀائرن جي
وفات جو اتفاق سنه 990هه/1582ع ۾ ڏيکاريل آهي.
تحفة الڪرام ۾ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي شهادت
992هه/15814ع ۾ مرزا محمد باقيءَ هٿان ڪرايل مذڪور
آهي. حالانڪه تاريخ معصوميءَ ۾ شيخ عبدالرحمان ولد
شيخ ميرڪ جو نالو آندل آهي، جو صحيح آهي. مرزا شاه
حسن جي حياتي ۾ عبدالوهاب پورانيءَ جو نالو نشانبر
آهي. تان جو سندس لاش سان به هي صاحب گڏ هو.
مقالات الشعراء ۾ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي وفات
جو سال 990هه/1528ع ڏيکاريل آهي، جو صحيح آهي.
هن جي ڪلام جو نمونو ذرا ملاحظه ڪريو.
اهــل دنــيـــا همه ر بند زڪام هوس اند،
گل اين باغ ندانم ڪ چه بوداشته است
26- مخدوم اسد الله بن مخدوم احمد:
هي صاحب مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جو ڇهون ڏاڏو
آهي. اڪبر جي زماني ۾ سنڌ جو ”قاضي القضاة“ هو. هن
سنڌ جي دوري ڪندي رياست خيرپور جي حدن ۾ پپريءَ جي
ڳوٺ ۾ سنه 966هه/1558ع ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کان
پوءِ سندس وڏي فرزند مخدوم جمال الدين به هتي ئي
سڪونت اختيار ڪئي ان بعد سندس فرزند مخدوم يحييٰ
به اتي ئي فوت ٿيو. مگر مخدوم يحيي جو فرزند مخدوم
عبدالخالق پپريءَ مان لڏي اچي کهڙن ۾ رهيو. جتي
سندس اولاد موجود آهي،. مخدوم عبدالرحمان شهيد ان
مخدوم صاحب جو پڙپوٽو آهي.
27- مخدوم محمد عثمان درٻيلائي:
قاضي صاحب کي ديني علوم سان گڏ عقلي ۽ نقلي علمن
۾ پوري مهارت حاصل هئي. کيس پنهنجي ڳوٺ درٻيلي ۾
وڏو مدرسو هوندو هو. جنهن ۾ ديسي خواهه پرديسي
شاگرد اچي تعليم وٺندا هئا. تاريخ معصوميءَ مطابق
سندس جهڙو تارڪ الدنيا ٻيو ڪوبه سندس وقت ۾ ڪونه
هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٿورو يا گهڻو نذر نياز،
خواهه بخشش، قطعا قبول نه ڪندو هو. ظاهري ذريعه
معاش نه هوندي به رب ڪريم هن کي عنايات لامتناهي
سان مستفيض ڪندو هو، جو مان سڄو مدرسو پيو هلندو
هو، پاڻ سنه 1002هه/1593ع ۾ وفات ڪيائون.
02- سيوستان سرڪار ۽ دشت باران جا بزرگ
1- قاضي ڏتو:
قاضي صدرالدين جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. سندس
والد، قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو، جو تحفة
الڪرام ۾ شيخ محمود جي اولاد مان ڏيکاريل آهي،
سوبه هڪ خدا رسيد بزرگ هو. قاضي ڏتي پهريائين
تعليم ”مطول“ تائين پنهنجي پيءَ قاضي شرف الدين
کان ورتي.تفسير ۽ حديث جي تڪميل،حضرت مخدوم بلال
رحه جي خدمت ۾ حاصل ڪيائين، ۽ ٻيا اڪثر علوم ۽
فنون مخدوم فخر پوٽي ڪاهانيءَ ۽ حضرت عبدالعزيز
هرويءَ ثم ڪاهانيءَ جي حلقه درس ۾ رهي پڙهيائين.
ان دور جي مشهور ارڙهن تفسيرن جي مختلف تفسيري
مضمون سندن ذهن ۾ هر وقت موجود رهندا هئا. ترڪي
اکر به پڙهي ويندو هو؛ علم جفر ۽ ٻيا ڪي ناياب
علم به ڄاڻندو هو؛ ۽ ڪشف جو به صاحب هو. مرزا شاهه
حسن ڪيترو وقت سندس خدمت ۾ رهي علم پرايو. علم ۾
کيس ”امام جارالله زمخشري“ ۾ مدفون آهن.
2- شيخ خضر سيوستاني:
شهزادي دارالشڪوه جي مشهور تصنيف جي اردو ترجمي
”سڪينة الاولياء ۾ ”ميان مير“ سيوهاڻيءَ جو ذڪر ۾
آيل آهي ته سندس مرشد شيخ خضر سيوستان جي جبلن ۾
رهندو هو. پاڻ انهيءَ جا مريد ننڍپڻ ۾ ئي ٿيا هئا.
شيخ خضر سنڌ ۾ قادري سلسلي کي چوٽ تي چاڙهيو. پاڻ
پرهيزگاريءَ توڪل ۽ استغنا جو پتلو هو. پهريائين
هو قبرستان ۾ گذاريندو هو. پوءِ سيوستان لڳ هڪ
پهاڙ ۾ وڃي گوشه گير ٿيو. اتي هن هڪ تنور بنايو
هو، جنهن ۾ روٽيءَ پچڻ جي نوبت ڪڏهن به نه آئي
گرميءَ ۽ سردي ۾ هن جو لباس هڪ تهبند هو. شهر ۾
گهٽ ايندو هو. دنيوي تعلقات کان ايترو ته پاسو
ڪندو هو. جو سواءِ الله تعاليٰ جي سندس ڪوبه رفيق
۽ دوست نه هو. وڻن جي پنن تي گذران ڪندو هو. شيخ
خضر سنه 994هه/1585ع ۾ وفات ڪئي.
3- شيخ مير محمد عرف ميان مير:
هي صاحب قاضي سائين ڏني جو نورچشم هو. قاضي سائين
ڏنو، حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه جي
اولاد مان هو، ۽ وقت جو وڏو عالم ۽ متقي بزرگ هو.
شريعت کي طريقت سان طريقت کي حقيقت سان شامل
رکندو هو. ”ميان مير“ جي ولادت تحفة الڪرام
957هه/1550ع لکي آهي، مگر مستند ذريعي مطابق
975هه/1567ع آهي، پاڻ دنيا جي ولين جو اڳواڻ ۽ وقت
جو قطب هو. سندن والده بيبي فاطمه قاضي قاضن جي
ڌيءَ ۽ وقت جي ”رابعه“ هئي. سندس ڀيڻ بيبي ”جمال
خاتون“ به پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ”ميان مير“ رحه
نظريهء وحدة الوجود جو عالم ۽ حامي هو. ستر سالن
جي عمر ۾ سن 17ل ربيع الاول 1045هه مطابق 31 آگسٽ
1635ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائون. جهانگير ۽ شاهجهان
جي ساڻن بيحد عقيدت هوندي هئي، داراشڪوه سندس سنگ
آستان جو ادني خادم هو. سندس خليفن مان شيخ شاهه
محمد المشهور به ”ملا شاهه بدخشي“ خاص طرح سان
مشهور آهي.
4- سيد مير ڪلان:
سندس پورو نالو سيد مير علي ڪلان هو. هي بزرگ اصل
ڪربلا معليٰ جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي قنڌار ۾
رهيو. مرزا شهاه بيگ جي وقت ۾ سيوهڻ ۾ اچي مقيم
ٿيو. ۽ گهڻو وقت لعل شهباز جي مزار پرانوار تي
گذاريندو هو. سندس ڏهٽاڻ ۽ پوٽاڻ تمام گهڻو هو.
سيد مير معصوم شاهه بکري به سندس ڏهٽاڻ مان هو.
سيوهڻ جا کاٻروٽي سبزواري سادات سندس اولاد مان
آهن.
5-6 ملا دائود سيوستاني ۽ مُلا نورفالحق مشتاقي:
ملا دائود فضيلت ۽ علم جو صاحب ۽ وقت جو مقتدر
عالمن مان هو، هي صاحب مخدوم نوح رحه جو همعصر هو.
سندس فرزند رشيد استاد نورالحق ننڍي هوندي
ڏاڍو غبي هو. خواجه خضر جي فيض اثرڪري سندس حافظو
برق وانگر تيز ٿي ويو ۽ پاڻ استاد جي لقب سان ياد
ڪيو ويندو هو. شعر جي ميدان ۾ سندس تخلص ”مشتاقي“
هو. جڏهين مرزا محمد علي صاحب تبريزي اصفهاني
(وفات 1080هه/1669ع) سنڌ مان اچي لنگهيو، تڏهن کيس
ملا جو شعر ڏاڍو وڻيو ۽ چيائين ته ”هن خطي ۾ هن
ملا جهڙو شاعر نه ڏٺو اٿم.“
سندس شعر ملاحظه ٿئي:
برگ سبزي برڪف آزادگان باشد گران،
شرط آزادي اگر اينست سروآزاد نيست.
7- حيدر هروي:
هي صاحب مرزا شاه حسن جي زماني ۾، پنهنجي ملڪ کان
ڪهي اچي سيوستان پرڳڻي جي هڪ مکيه آباديءَ پاٽ ۾
رهيو. مرزا شاه سام صفوي بن شاه اسماعيل صفوي
(شهادت 983هه/1575ع) جي تذڪره شعري بنام ”تحفه
سامي“ ۾ سندس لقب ”ڪليجه“ (جيرو) لکيل آهي. ڇو ته
اوائل ۾ جيرن پچائڻ جو ڪم ڪندو هو. کيس ”ڪليجه“ جي
لقب سان ياد ڪندا هئا. سيد عبدالرشيد بن عبدالغفور
حسيني ٺٽوي پنهنجي مشهور فرهنگ ”فرهنگ رشيدي“ ۾
لکيو آهي ته ”ڪلوچ“ لفظ جي معنيٰ آهي، ”ڪليچهء
بزرگ“ يعني وڏو جيرو. ان ڪري ميرمعصوم تاريخ
معصومي ۾ کيس ”حيدر ڪلوچ“ لکيو آهي. پاڻ صاحب
ديوان هو، شعر جو نمونو پيش خدمت آهي:
دلا مجنون صفت خود را خلاص از قيد عالم ڪن،
ره صــحــري مــحــنــت گـيرو و در واديءَ غم ڪن،
پس ازين بخاڪ ڪويت من و عجز بي نوائي ڪه ڪنم دعائي
جانت ببهانهء گدائي
8- مخدوم عباس هنڱورجائي:
هي بزرگ اصل پاٽ جو ويٺل هو. هن جو ذڪر تاريخ
معصوميءَ ڪيو آهي. 947هه/1560ع جي اوائل ۾ هنڱورجن
۾ اچي رهيو. علم تفسير، حديث، فقه ۽ ٻين علمن ۾
تبحرتام حاصل هوس. مسئلن جي تحقيق ۽ تدقيق محققانه
۽ عالمانه نموني ۾ ڪندو هو. زاهد ۽ تقوي ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ هوندو هو. حديث جي درس و تدريس وقت نياز ۽
نئڙت ڪندو هو، قال قال رسول الله صلي اله عليه
وسلم چوڻ وقت بي اختيار ٿي ويندو هو، ۽ سندس اکين
مان ڳوڙها وهي هلندا هئا، جنهن ڪري سامعين به بي
اختيار ٿي ويندا هئا. 14 شعبان 998هه/1589ع ۾ عالم
آخرت ڏانهن اسهيو. غوثي صاحب ”گلزار ابرار“ ۾ لکيو
آهي ته قاضي عبدالسلام سنڌي جو خانديش جي قضا تي
قائم هو، ۽ حڪيم عثمان بوبڪائي جي شاگردن مان هو،
تنهن سنڌ مان تحصيل علوم مخدوم صاحب کان حاصل
ڪيا. ۽ اهو به ڄاڻايو اٿس ته هاڻي مخدوم صاحب کان
پوءِ شيخ حبيب الله درس و تدريس ۾ مصروف آهي.
9- مخدوم محمود فخر پوٽو ڪاهاني:
ڳوٺ ڪاهان (هاڻوڪو ڳاهن جي ڳوٺ نزديڪ ٽلٽي) جو هڪ
معروف ۽ مشهور بزرگ هو. تاريخ معصوميءَ ۾ سندس ذڪر
خير ان طرح آيل آهي ته ”عالم رباني هو، سنڌ ۾ علم
پکيڙڻ جو سهرو سندس سر تي آهي.“ ظاهري ۽ باطني علم
جو صاحب هو. هرات مان سنڌ ۾ اچڻ وقت رستي ۾ کانئس
ڪيتريون ڪرامتون ظاهر ٿيون. ”شيخ الاسلام“ جي درجي
تي فائز هو. هن صاحب جو ڳوٺ ڳاهن ۾ وڏو مدرسو هو،
جنهن مان ڪيترا طالب العلم ديني علوم جي تڪميل ڪري
نڪتا. پاڻ اتي ئي وفات ڪيائون.
10- مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ۽ سندس پٽ:
ڳوٺ ڳاهي جو ٻيو قابل فخر بزرگ مخدوم عبدالعزيز
محدث ابهري آهي، جوڄام فيروز جي ڏينهن ۾ شاهه
اسماعيل صفويءَ جي بغاوت ڪري ٻن گوهرن سان گڏ هرات
کان ڳاهن جي ڳوٺ ۾ سن 918هه/1513ع ۾ آيو. تاريخ
معصومي خواه تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر آيل آهي. تحفة
الڪرام ۾ لکيل آهي ته ”تبحر ۽ تحقيق جي مصرجو
عزيز، علم ۽ تدقيق جي ملڪ جو شهنشاهه هو.“ سندس ٻه
فرزند مولانا اثيرالدين ۽ مولانا يار محمد فضيلت ۽
ڪمال جا روشن ستارا ۽ علمن جي جامعيت ۽ يگانه هئا.
اتيئي وفات ڪيائون. مشڪوات شريف جي شرح ۽ اڪثر
مروج ڪتابن جي حاشين جهڙيون عجيب و غريب تصنيفون
يادگار ڇڏي ويا. مولانا اثيرالدين ڪڏهن ڪڏهن بيت ۽
مثنوي به چوندو هو.
11- سيد حيدر سنائي:
محترم جي ايم سيد جو جدامجد، مخدوم بلال رحه جو
خليفو ويٺل ڳوٺ سن، وڏي پائي جو بزرگ هو. تاريخ
معصومي خواهه تحفة الڪرام ٻنهي سندس احوال آندو
آهي. ”ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر هليه ۽
مخدوم بلال رحه جي خدمت ۾ حاضر ٿي، واضح حالات،
ڪشف ۽ يقين جو صاحب ٿيو.“ سندس اولاد به گهڻي
بزرگيءَ سان موصوف آهي. پاڻ صاحب ڪرامات ٿي گذريو
آهي. مرزا شاهه حسن جي حڪومت ۾ سن 938هه/1530ع ۾
رحلت ڪيائون. هن صاحب جو ذڪر خير علامه غوثيءَ
پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ به ڪيو آهي، ۽ آخر ۾
هي مصرع لکي اٿس:
”بصارت بابصيرت روزيش باد“
12- شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني:
شيخ مبارڪ جنهن کي تايخ جا طالب شيخ مبارڪ
ناگوريءَ جي نالي سان ياد ڪندا آهن، سو شيخ خضر
جو فرزندهو. شخ خضر شيخ موسيٰ جي اولاد مان هو.
شيخ موسيٰ شيخ مبارڪ جو چوٿون ڏاڏو يمن مان لڏي
اچي سيوستان جي نزهتگاهه ”ريل“ ۾ مقيم ٿيو. هي
نائين صدي هجريءَ جو واقعو آهي. شيخ خضر ڏهين صدي
هجريءَ ۾ سير و سفر جي خيال سان ناگور جي شهر ۾
پهتو، جتي مخدوم جهانيان جي جاءِ نشين شيخ بخاري
اُچوي، شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌي جو
مريد ٿي، ظاهري ۽ باطني علوم ۽ فيوضات حاصل ڪري
سنڌ موٽي آيو. ۽ سال 911هه/1505ع ۾ کيس شيخ مبارڪ
ڄائو. هي تحفة الڪرام جو بيان آهي. ٻين تذڪرن ۾
آهي ته شيخ خضر ناگور ۾ اچي رهيو ۽ شيخ مبارڪ اتي
ڄائو. اسان تحفة الڪرام جي بيان کي ترجيح
ڏينداسون. ازان سواءِ تحفة الڪرام لکيو آهي ته شيخ
مبارڪ، شيخ فياض بخاريءَ ۽ شيخ عمر ٺٽويءَ کان
مريدي جا ارشادات ورتا. هن مان ظاهر آهي ته هي
صاحب هتان سنڌ مان عقلي توڙي نقلي علمن ۾ متبحر ٿي
باقي ڏينهن ناگور ۾ گذارڻ لڳو. هڪ ٻيو نڪتو تحقيلق
طلب آهي، ته مرحوم ”قانع! سندس اقامت گاهه اڪبر
آباد ڏيکاري آهي، ۽ نه ناگور. مگر ماثر الڪرام جي
صاحب ان جي تصديق ان طرح ڪري ٿو. 950هه/1543ع ۾
آگره (اڪبر آباد) ۾ آيو، ۽ قريب پنجاهه سال اتي
رهي، علمي حلقن کي وڏو فائدو رسايائين. پنج سو
ضخيم جلد پنهنجي هٿ مان لکيائين. جڏهين آخري عمر ۾
سندس نظر ويهي رهي، تڏهن حافظي کان ڪم وٺي
لکائيندو هو. اهڙيءَ طرح چار جلد بنام. ”منبع عيون
العاني“ سندس ان خداداد ذڪاوت تي شاهدي ڏين ٿا.
پاڻ آگري ۾ 17 ذياالقعد 1001هه/1592ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس ٻن نور نظر فرزندن شيخ ابوالفيض –
فياضي (وفات 1004هه/1595ع ۽ شيخ ابوالفضل (قتل
1011هه/1602ع) اڪبري درٻار کي پنهنجي علم و فضل
سان منور ڪري ڇڏيو. اڪبري دربار جا روشن رتن بنيا.
شيخ فيضي ”ملڪ الشعرا“ هو ته ابوالفضل وري قلم ۽
سيف جو صاحب. شيخ فيضي به نقطه تفسير ”سواطع
الالهام“ ۽ ”موارد الڪلم“ بي نقاط پيش ڪيو ته
ابوالفضل وري ”آئين اڪبري“ عيار دانش“ ۽ مڪتوبات
علامي، لمعروف ”انشاي ابوالفضل“ ميدان ادب ۾ آندا.
شيخ فيضي جو هيٺيون شعر واقعي سندس علم و تبحر جو
دليل آهي ته:
آنـــم ڪــه فــنــون ذو فــنـــــون دارم
انـــوار چـــــــراغ رهــنــمـــــــون دارم،
ابن ڪالبدم ز خاڪ هند است ولي
در هـــر بُــــن مُـــو هـــزار يـــونان دارم.
هي آهن سيوستاني خاڪ جا آبدار ۽ تابناڪ ذرا.
13- مخدوم نجيم:
”ريل“ جي بزرگن جو سردار، مريدن جي وڏين ٽولين جو
صاحب ۽ مخدوم نوح عليه رحمت جو همعصر هو.
14- درويش رڪن الدين ولد ڏتو:
الله پاڪ جي درگاهه جو هڪ مقبول بندو هو. گهڻو ڪري
عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. ڪافي ڪرامت جو
صاحب هو. چون ٿا ته پوين ڏينهن ۾ وجد جي غلبي ۽
ذڪر جو جوش کان سندس هڪ عجيب حالت ٿي پيئي هئي.
جڏهن به ڪو بلند آواز يا ڏاڍيان ڳالهائڻ ڪن تي
پوندو هوس، تڏهن هڪدم وٺي درد ڀري دانهن ڪندو هو.
۽ انهن دانهن جي ٻڌڻ سان اهو آواز ڪندڙ ساهه ڏيندو
هو. سندس وفات سن 988هه/1580ع ۾ واقع ٿي.
. تاريخ معصومي عجم جي بادشاه جو نالو طهماسپ
لکيو آهي. مير علي شير قانع، ”مقالات الشعراء“
۾ تاريخ معصوميءَ جو نقل ڪيو آهي. مگر تحفة
الڪرام ۾ شاهه اسماعيل صفوي ڄاڻايو اٿس. سلطان
محمود ڪوڪلتاشي جو سن وفات 982هه/1574ع آهيد.
مگر تاريخ معصومي خواهه تحفة الڪرام ۾ جڏهين
سلطان محمود جو بيان اچي ٿو. تڏهين پڌري پٽ
ظاهر آهي ته شاه طهماسپ صفويءَ جي طرفان حق
بردي بيگ 969هه/1561ع ۾ ايلچي ٿي آيو ۽ هتان
سلطان محمود ميرابوالمڪارم گڏي ڏنو، ان ڪري
ان وقت شاه طهماسپ عجم جو بادشاه هو ۽ نه شاهه
اسماعيل سفوي. ڇو جو بادشاهه اسماعيل
920هه/1523ع ۾ فوت ٿي چڪو هو. تاريخ ۾ آيل آهي
ته هن ساڳئي سال شاهه طهماشپ اڪبر بادشاهه ڏي
به ايلچي موڪليو.
.
هي پهاڙ منهنجي خيال مطابق يڪ ٿنڀي آهي، جتي
الله وارن جون نشانيون نشانبر آهن؛ چنا
|