ناشر طرفان
زير مطالعه ڪتاب ”مخدوم نوح سرور رحه جا
سهيوڳي“ دراصل هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مقالو آهي جيڪو
مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي اڍائي
سالن جي مسلسل مطالعي، تحقيق ۽ جاکوڙ جو نتيجو
آهي.
هي مقالو پهريائين سنڌي ادبي بورڊ جي سال
1964 عيسويءَ جي ٽه ماهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو هو،
ان بعد سنڌ جي دانشورن،ا ديبن، عالمن ۽ محققن جي
بار بار تقاضا ٿيندي رهي ته انهيءَ تحقيقاتي ۽
تاريخي مضمون کي ٻيهر ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڙهندڙن
تائين مهيا ڪجي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب سائين
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ انهيءَ تقاضا کي
مدنظر رکندي هن مضمون کي ٻيهر ڪتابي صورت ۾ ڇاپڻ
جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ سندن
ٿورائتو آهي. غوث اعظم حضرت مخدوم نوح سرور رحه
جن جي پنج سو ساله عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو
پيو وڃي. اميد ته اسان جي هن ڪوشش کي قدر جي نگاهه
سان ڏٺو ويندو.
15 جون 1991ع عبدالغفار
صديقي
2 ذوالحج 1411هه
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
رتيءَ جي رهاڻ
رتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙايم جت سين.
(لطيف)
هونئن ته هن سونهري سرزمين جي هڪ ادنيٰء فرزند ۽ سيوهڻ
شريف جهڙي سونهاري ساڻيهه جي نواسي هجڻ جو شرف
بندي کي ضرور حاصل آهي، پر ڪي سڄڻ متان ڪنهن مهل
هي به کڻي سوال پڇن ته هڪ قلندريءَ، سرور سائينءَ
جي خدمت جو شرف ڪيئن حاصل ڪيو؟ انهن صاحبن جي ڄاڻ
لاءِ هي عرض ڪرڻ ضروري ڄاتم ته بندي جي زندگيءَ
جي بهار، هالا شريف ۾ سرور سائينءَ جي سرسبز نمن
جي سايي هيٺ گذري آهي. ان ”رتيءَ جي رهاڻ“ جو
تذڪرو هر ڪنهن وقت بندو ڪندو رهيو آهي.
عرض آهي ته، مان 25- مئي 1951ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج
هالا جي پهرئين پرنسپال ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾ هالا
پهتس. ان وقت حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي
سوانح ۽ سيرت تي فقط ٻه ڪتابچه لکيل هئا، هڪ مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان مطبوع ”مخدوم نوح“ ۽
ٻيو مولوي عبدالحي صاحب جي قلم جو رشحو ”مخدوم
نوحه رحه جي حياتيءَ جو احوال“ قبله مرحوم مخدوم
مولوي غلام حيدر رحه طرفان شايع ٿيل. اهڙي مها
ڌڻيءَ ڌوئل بابت اهو مطبوع احوال بالڪل ناڪافي هو.
ان ڪري پهريائين پهريائين قبله مرحوم سائين غلام
حيدر رحه جي ايماء تي سروري اسلاميه ڪاليج جي
پراسپيڪٽس ۾ غوث الحق حضرت مخدوم نوحه رحه جو ذڪر
خير ڪيم. ان کانپوءِ ڪاليج مخزن ۾ به سندن ”ابيات“
شايع ڪري منظر عام تي آندم. ان زماني، 1953-1954 ۾
ڏيڍ سال جي وقفي لاءِ مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
سنڌي محڪمي جي سرواڻ جي حيثيت ۾ دخلڪار ٿيڻو پيو.
ان عرصي ۾ به مون سروري خدمت نه ڇڏي ۽ قبله طالب
الموليٰ سان گڏ، مڪلي ٽڪريءَ جو سير، ماهنامه
”فردوس“ لاءِ ”مخدوم نوح رحه جا معاصر“ يادرفتگان
جو مقدمو هن
دوري واري دور جا زرين يادگار آهن. وري جڏهن 31
جولاءِ 1954ع تي دوباره هالا وڃڻ ٿيو، تڏهن قبله
”طالب الموليَ“ جي سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام کي
سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو موقعو مليو. رب سائينءَ جي مهر ۽
ماڙ سان اهو مجموعو ميڙي قبله طالب الموليَ
سائينءَ جي حوالي ڪيم، جن ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي
عنوان سان بازار ادب ۾ آندو.
ماهنامه ”فردوس“ هالا محترم قاضي عبدالحي ”سليم“
هالائيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو. چند ناگزير
حالتن جي ڪري، اهو ادبي ڪم به بندي جي حوالي ٿيو.
ان سلسلي ۾ سائين جي سالياني عرس جي موقعي تي مون
”مخدوم نوحه نمبر“ شايع ڪري سروري ٽوڙ جي آڏو پيش
ڪيو. ان وچ ۾ قبله طالب الموليَ جي مشوري سان
”سنڏي ادبي بورڊ“، ”ڪليات امين“ يعني حضرت مخدوم
امين محمد سائين ”امين“ المعروف ”سائين پکن ڌڻيءَ“
جو ڪم بندي جي حوالي ڪيو، جو ڪيتري عرق ريزيءَ ۽
جانفشانيءَ کان پوءِ سرانجام ڪري مڪمل ۽ مفصل
مقدمي سميت سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو. ان
لاءِ اهو معلوم ٿيو اٿم ته اهو ڪم جديد ترتيب لاءِ
گرامي صاحب جي حوالي ٿيو آهي. شال بندي جي محنت جو
ثمر جلد باثمر ٿئي!
25 مئي 1960ع ۾ هالا کي رخصت پذير ڪرڻو پيو، ۽ ان بعد جلد بندو
ولايت اسهيو ۽ ڪرهارض جو چڪر هڻي، بفضل باري
تعاليٰ خيريت سان واپس حيدرآباد پهتو.
”رتيءَ جي رهاڻ“ جو اثر هرحال ۾ مستحڪم رهيو ۽ هالا ۽
هالا وارن سان تعلق هميشه هيجائتا رهيا.
”انجن فروغ ادب“ هالا، جا بندي جي خدمت جو نتيجو هئي ان
جي ڌار ڌار موقعن جي سلسلي ۾ هميشه هالا وڃڻ
ٿيندو هو ۽ قبله طالب الموليٰ سان قربائتيون
ڪچهريون ٿينديون رهيون.
مون کي فيبروري 1962ع ۾ طالب المولا سائين جو رقعهء
عالي مليو ته مان سندن حيدرآباد واري رهائشگاهه تي
اچي ملان. اتي واه جي چوياري گڏ ٿي. ٻيا صاحب به
هئا، محترم گرامي صاحب، محترم عبدالواحد سنڌي
(ايڊيٽر ”نئين زندگي“ محترم رشيد احمد لاشاري
(اسسٽنٽ ايڊيٽر نئين زندگي)، وغيره.
اتي ”نئين زندگيءَ“ جي ”مخدوم نوح نمبر“ لاءِ بحث هليو.
بندي جي حوالي ٻه عنوان ڪيا ويا. هڪ ”هالا، تاريخ
جي روشنيءَ ۾“ ۽ ٻيو، ”مخدوم نوح جا معاصر“. بندي
ٻنهي عنوانن تي تفصيلي ڪم شروع ڪيو. الله جي فضل
سان اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي ۽ تحقيق کان پوءِ
هي مقالو بعنوان ”سرور سائينءَ جا معاصر ۽ سهيوڳي“
سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ محققن جي خدمت ۾ پيش ڪري
رهيو آهيان. افسوس آهي جو ”نئين زندگيءَ“ جو ”نوح
سرور نمبر“ ته ڪونه نڪتو، تاهم عزيز سنڌي صاحب،
ڏاڍو حبيباڻو زور رکيو ته هي مقالو سندس حوالي ڪيو
وڃي، پر جيسين مسودي جي آخري تياري مڪمل ٿئي ئي
ٿئي، ان وچ ۾ حبيبي و محبي گرامي صاحب، حصرت طالب
المولا جي ارشاد ۽ مشوري سان هي مقالو
پنهنجي قبضي ۾ آندو. سنڌي صاحب کان ان لاءِ معذرت
ورتي وئي، حالانڪ اهو ڪم به گرامي صاحب جوئي هو،
پر محبت جو مُٺل ”محبوب“ ڇا ڪري؟
اميد آهي ته ”مهراڻ جا ناظرين ڪرام هن روح رهاڻ جي
مطالعي مان چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهندا ته
”رتيءَ جي رهاڻ“ جو پس منظر مُون لاءِ ڪيڏو نه
”روح آفرين“ آهي!
دعا آهي ته شال منهنجي هيءَ علمي ۽ تاريخي تحقيق،
”مشاهير سنڌ“ جي تاريخ ۽ تذڪري جي سلسلي ۾، مفيد
اضافو بنجي ۽ هن فن سان وابسته احباب، اڳتي هلي هن
”سلسلة الذهب“ کي تڪميل تائين پهچائين – والسلام
12 ڊسمبر 1964ع
محبوب علي چنا
پرنسپال
سچل سرمست آرٽس ڪاليج
حيدرآباد (سنڌ)
بسم الله الرحمٰن الرحيم
غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي نام ناميءَ جو
اثر، هر ڪنهن سنڌ جي باشندي جي دل جي تهن تائين
پهتل آهي. ايتريقدر جو وڏڙيون ۽ وڏڙا سرمي پائڻ
وقت هنن پيارن لفظن ۾ سرور سائينءَ کي ياد ڪندا
آهن. ته ”پير پرور“ ”سائين سرور“ ”نور انور“
وغيره.
مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح رحه جي معاصرن جي
ذڪر ڪرڻ کان اڳ، اسان کي مخدوم صاحب جي نامياري
عصر جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سرور سائين جن 27 رمضان
911هه بمطابق 21 فيبروري 1506ع هن ناسوتي دنيا ۾
قدم رکيو ۽ 27 ذوالقعد 998هه بمطابق 27 سيپٽمبر
1590ع ۾ هن مجازي محلات مان اسهيا. هيءُ عرصو سنڌ
۽ سنڌ واسين لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو. سمن
بادشاهن جو سونهارو ۽ سونهري سمو ڄام نظام الدين
(متوفي 914هه/1508ع) جي وفات حسرت آيات تي هڏڪيون
ڏيڻ لڳو. چنانچه 928هه/1522ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو
اهو تسلط ٿيو، جو تقريبا اڍائي سو سالن تائين سنڌ
پاڻ کي ٻاهرين جي غلاميءَ کان ڇڏائي نه سگهي. سن
927هه/1521ع جي اداس ۽ پريشان ڪن شام هئي، جڏهن
شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز سمي کي شڪست ڏيئي ارغونن
جو جهنڊو، هن سرزمين تي بلند ڪيو. ارغونن جي دور ۾
همايون بادشاه، شير شاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ سن
947هه/1540ع ۾ آيو ۽ 950هه/1543ع تائين شاه حسن
ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندي رهي. اڃا سنڌ
پاڻ سنڀاليو ئي مس ته شاهه حسن ارغون کان پوءِ
عيسيٰ ترخان ۽ محمود بکريءَ درميان خونريز جنگيون
شروع ٿيون. اڃا هن سرزمين کي پوري نجات ملي مس ته
ميرزا باقي ۽ جان بابا جي وچ ۾ تصادم شروع ٿيو.
ميرزا باقيءَ جي خودڪشيءَ کان پوءِ اتر کان اڪبري
رتن ميرزا عبدالرحيم خانخانان ڌوڪيندو آيو، جنهن
ميرزا جاني بيگ کي سن 1000هه/1591ع ۾ شڪست ڏيئي،
سنڌ کي اڪبري سلطنت سان ملحق ڪري ڇڏيو. هت هي
ڄاڻائڻ ضروري آهي ته اڪبر اعظم کي اتر سنڌ، سلطان
محمود ڪوڪلتاشيءَ کان سن 982هه/1574ع ۾ ملي چڪي
هئي. سلطان محمود جي وفات پڻ ان ساڳئي سال ۾ يعني
982هه ۾ ٿي، ۽ ان جي وفات جو سال ”دربهشت آسود“
982هه مان نڪري ٿو. هن تاريڪ دور ۾ سنڌ جا ڪيترا
عالم، فاضل، ۽ صوفي ترڪ وطن تي مجبور ٿيا، ۽ اهڙي
طرح ويا جو وري وطن نه وريا. انهن مهاجرن ۾
درٻيلي، بوبڪ ۽ پاٽ جا صاحب هئا. هن مان ڪن ٿورن
جو تذڪرو بکر ۽ سيوستان جي سرڪارن جي ضمن ۾ ايندو.
انهيءَ مدت کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته
معلوم ٿيندوته مخدوم صاحب جن سنڌ جي هيٺين حاڪمن
جي وقت ۾ موجود هئا.
1. ڄام نظام
الدين عرف ڄام نندو (وفات 914هه مطابق 1508ع)
2. ڄام فيروز (جنهن 927هه مطابق 1521ع ۾ شاهه بيگ
ارغون هٿان شڪست کاڌي)
3. مرزا شاهه بيگ ارغون (وفات 928هه مطابق 1522ع)
4. مرزا شاه حسن ارغون (وفات 962هه/1554ع)
5. مرزا عيسيٰ خان (وفات 974هه/1566ع)
6. مرزا محمد باقي ترخاني (وفات 993هه/1885ع)
7. مرزا جاني بيگ ترخان (وفات 1009هه/1600ع) ۾
جنهن کي نواب عبدالرحيم خانخانان 1000هه/1591ع ۾
شڪست ڏيئي، سنڌ کي اڪبري سلطنت سان ملحق ڪيو.
هندستان جا هيٺيان حڪمران هن سمي ۾ راڄ ڪندا هئا.
1. سڪندر لوڌي (1489-1517ع)
2. ابراهيم لوڌي (1517-1526ع)
3. بابر مغل (1526-1530ع)
4. همايون مغل پهريون دفعو _1530-1540ع)
5. شير شاهه افغان ۽ ان جا پويان (1540-1555ع)
6. همايون ٻيو دفعو (1555ع)
7. اڪبر بادشاهه (1556-1605ع)
مخدوم نوح رحه جي زماني ۾ اپر سنڌ جي دارالخلافه
بکر ۾ اڪبر جي پاران، جي نواب مقرر ٿيا، سي حسب
ذيل آهن.
بکر ۾ سندن ورود جو سال
1. نواب گيسو خان
982هه/1574ع
2. ترسو خان
983هه/1975ع
3. مير سيد محمد امير ولد مير عبدل
983هه/1975ع
4. سيد ابوالفضل ولد سيد محمد امير مذڪور
984هه/1576ع
5. اعتماد خان خواجه سرا
975هه/1577ع
6. نواب فتح خان به شرڪت جاگير
986هه/1578ع
راجا پرمانند (عزيز راجا توڏر مل)
7. نواب صادق خان
994هه/1585ع
8. نواب اسماعيل قلي خان
996هه/1587ع
9. نواب شيرويه سلطان
997هه/1588ع
10. نواب صادق خان (ٻيو دفعو)
998هه/1589ع
مٿئين تاريخي پس منظر جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ هي
پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته مخدوم نوح سرور رحه جو سمو
ڌڻيءَ ڌوئلن ۽ الله وارن سان رليو پيو هو. جيڪڏهن
مخدوم سرور رحه کان ٿورو اڳ جو زمانو به ڏنداسين،
ته پوءِ معلوم ٿيندو ته سونهاري سنڌڙي ڌڻيءَ جي
پيارن سان پُر هئي. ۽ سندس روحاني ماڻ پوريءَ طرح
مالا مال هو. واجب آهي ته ڪن مڻياوارن متقدمين جو
به ذڪر خير ڪريون، جن مان ڪي ته مخدوم سرور رحه جا
مبشر هئا. يعني مخدوم سرور جي والد بزرگوار نعمت
الله صديقي و قريشي کي مخدوم نوه رحه جي هن دنيا ۾
ورود ٿيڻ جي بشارت ڏنائون. هن ضمن ۾ مخدوم نوحه
رحه جا اهي معاصر اچي وڃن ٿا. جن سندن اوائلي
اوسٿا ۾ هن جهان کي ڇڏيو. هتي هي ذڪر ڪرڻ ضروري
آهي ته مخدوم سرور رحه جي تولد وقت سنڌ ۾ ”مهدوي
تحريڪ“ ۽ ”بلاولي تحريڪ“ جو زور هو.
پهرينءَ جو باني سيد ميران محمد شاهه جونپوري
(847/911هه، 1443/1505ع) آهي. ۽ ٻيءَ جو باني سنڌ
جو ناميارو بزرگ حضرت مخدوم بلاول ٽلٽيءَ وارو هو،
جنهن جو ذڪر خير اڳتي ايندو.
1. شيخ ڀرڪيو ڪاتيار:
هي صاحب نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ
ڪاتيار جو باشندو هو. هن جو مقبرو اڃا به هن ساڳئي
ڳوٺ شيخ ڀرڪئي ۾ آهي. هي ڳوٺ گلاب لغاري تعلقي
ماتليءَ جي الهندي 5-6 ميلن تي واقع آهي. هن بزرگ
جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار هو. شيخ ڀرڪئي زهد و
تقوي ۽ رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ
سالڪ مجذوب هو. هن جي مجاهدن ۽ ڪرامتن جا احوال
حديقة الاولياءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ ڪافي آيل آهن.
حديقة الاولياءَ جي صاحب هن جو تعارف هن طرح پيش
ڪيو آهي ته ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ
جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، ترڪ ۽ فنا جي
راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي
واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال
۽ اهل دل، زماني جي نيڪوڪارن جو پيشوا، نامدار
بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“
|