سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي

باب-1

صفحو :12

(ت) سنڌي

(الف) خطي:

1- انيس الفقرا

2- دليل الذا ڪرين

3- ملفوظات پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد صاحب رحه

(ب) مطبوع:

1- تاريخ معصومي ترجمو        سنڌي ادبي بورڊ

2- تحفته الڪرام ترجمو ايضا

3- چچ نامه ترجمو     ايضا

4- ماهنامه فرودس     مخدوم نوح نمبر 1954ع

5- الوحيد آزاد نمبر    1935ع

6- تاريخ طاهري ترجمو        مرحوم محمد صديق ميمڻ

7- تاريخ سنڌ (سما ۽ سومرا)     سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي

8- ايضا (ارغون ۽ ترخان)      ايضا

9- پيغام لطيف              جي. ايم. سيد

10- بيان العارفين و تنيبهالغافلين        مرتب شمس العماء ڊاڪٽر دائود پوٽا

11- بيگلرنامه ترجمو  مسلم ادبي سوسائٽي

12- حضرت مخدوم نوح رحه      سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي 1930ع

13- مخدوم نوح              مولوي عبدالحي

14- ابوالفضل ۽ فيضي       مولوي فتح محمد سيوهاڻي

15- قديم سنڌ                مرزا قليچ بيگ ڪراچي 1925ع

16-  جنت السنڌ              مولائي شيدائي سنڌي ادبي بورڊ

17- تمدن سنڌ                ايضا سنڌ يونيورسٽي

18- تذڪره شعراءِ هالا        سليم هالائي

19- مقدمه لطيفي             ڊاڪٽر گربخشاڻي

20- لطف اللطيف     مولوي دين محمد صاحب وفائي

21- احوال شاهه عبداللطيف       مرزا قليچ بيگ

22- مهراڻ جون موجون        پاڪستان پبليڪيشنس

23- رساله مهراڻ              2- سال 1956ع

24- تذڪره امير خاني        پير حسام الدين راشدي

25- سنڌي نظم              مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽا

26- نئين زندگي پرچو        شاهه لطيف نمبر

27- شاعرن جو  سرتاج        نئين زندگي پبليڪيشن

28- سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(ث) اردو

1- تحفته الڪرام ترجمه اردو  سنڌي ادبي بورڊ

2- تذڪره صوفياي سنده             مولانا اعجاز الحق قدوسي

3- هندستان کي عهد وسطي سيد مصباح الدين دارالمصافين

کي ايک جهلک                      علي ڳڙهه

4- تاريخ هندوستان (اکبري دور)      شمس العماء محمد ذکاء الله 1897ع

5- رود کوثر                    محمد اڪرام

6- موج کوثر                  ايضا

7- آدب کوثر                  ايضا

8- برهان پور کي سندهي اوليا        سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري

سندهي ادبي بورڊ

9- دربار اکبري                        شمس العلماء آزاد

10 - بزمه تيموريه                     سيد مصباح الدين دارالمصنفين

                                اعظم ڳڙهه 1948ع

11-   همايون نامه                     گلبدن بيگم سيد ابن شارف علي

 ڳڙهه پريس دهلي

12- توزک بابري                      ترجمه

13- سکينته الاوليا اردو ترجمو دارا شکوه

14- تذکره علماء هند          رحمان علي لکهنو 1914ع

15- تذکره علماء هندو پاک   مسلم هسٽار ريکل سوسائٽي

16- تاريخ اوچ                 محمد حفيظ الرحمان دهلي

 سنه 1931ع

17- مختصر تاريخ سنده              سيد ابو ظفر ندوي اعظم گڙه

18- تذکره الواقعات عرف همايون نامه       از جوهر اکبر آفتابچي ترجمه

                                احمد الدين احمد

19- اذکار اسرار ترجمه گلزار ابرار       غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاري

                                1326هه

20- تزک جهانگيري          مطبوعه لاهور سنه 1960ع

21- خلق نظامي                       حيات شيخ عبدالحق دهلوي مطبوع

                                دهلي

ENGLISH

 

1.   Comparative Tables  of  Muhammedan and Chiristian Dates.

Lt. Col. Haig Luzac & Co 1932.

2.   Historian of Sind V.I Elliot and Dowson Calcutta.

3.   Historian of Sind V.II Elliot and Dowson Calcutta.

4.  Historian of Sind V.III        Elliot and Dowson Calcutta.

5.   Early  Arab Geographers Elliot and Dowsn Calcutta.

6. History of the Kurd Turks – Dr. Ishwari Topa, Usmania Uniersity Deccan.

9. History of Persia Vol: IV Modern period-E.G. Browne.

10.    History of Persia – Sykes.

11. Irfan, Past and present – Donald N. Woilbeur.

12.    Humayun Badshah – S.K. Bannerji Vol: 11-1941.

13.    The History of Persian Literature Vol: IU Ghani-Allahabad.

14. The History of Persian Literature Vol: II Ghani-Allahabad.’

15.    The History of Persian Literature Vol: III Ghani-Allahabad.

15. The Oriental Biographical Dictionary-Willian Beele-1881 Calcutta.

17.    Persian Literature-C.A. Sotrey.

18.    The Combridge History of India-1922.

19.    Shah Latif-His Life of Bhit- Sorley.

21.    Sources of Indian Tradition – W.M Theodre, De-Bary-New York 1959.

22.    Akbar, The Great Mughal – V.A. Smith.

23.    M.T.H. Houtsmae etc – Encyclopaedia of Islam Vol: III- Leyden 1913.

24.    Catalogue of the Persian Manuscripts in the Library of the India Office – Hermanon Ethia-London Vol: ! 1903.

25.    The Persian Litreture Vol: I Part II London 1953, C.A. Storex.

26.    Contribution of India to Arabic Literature- Allahabad 1945.

 

 

ضميمو -3

غ.م. ”گرامي“

حضرت مخدوم نوح سرور رحمة الله عليه ۽ شاهه ڪريم رحه  جا تعلقات

        حضرت مخدوم نوح سرور رحه ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي باهمي صحبتن ۽ تعلقات متعلق هڪ واقعو عرض رکان ٿو.

        هن تازي دور ۾، ٺٽي ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ، نالي ڪڙيءَ غلام الله جي ڀرسان، جهنگ ۾ هڪ مشهور معروف عالم دين ۽ اهل الله بزرگ، حضرت مولانا محمد هاشم سومرو رحه ٿي گذريو آهي. بزرگ سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي، تڏهن پاڻ سو ورهين کان ٻه – چار سال مٿي هئا. پنهنجي دور ۾ استاد العلماءِبه هئا ته ”پير طريقت“به هئا. هي تقريبا 1958ع جي آخر جو واقعو آهي. مون سان گڏ فقير حاجي گل محمد بلاليءَ وارو ساڻ هو. ڏينهن به ٿڌيرا هئا. مڪليءَ جي ٽڪري عبور ڪري، گهوڙا ٻاريءَ ڏي ويندڙ راهه تي، واٽ تي لهي پياسين، ۽ مغرب مهل پيرين پيادا، رڙهي اچي بزرگ جي  ڳوٺ پهتاسون. سندس فقيراڻا ڪک، جهنگ ۾ ”فقر ۽ غنا“، ”توڪل ۽ تڪيه“ جي علامت نظر آيا. اسان مسجد ۾ لٿاسين. نماز ادا ڪري، پيغام موڪليوسين.  سندن حويلي مسجد شريف کان مني ميل جي فاصلي تي هجي سندس فرزند سلام الله اسان جا سلام کڻي حويلي ڏانهن روانو ٿيو، تيستائين مسجد ۾ رهندڙ شاگردن سان رهاڻ ڪئي. اهي شاگرد، ڪي اسان وانگر زيارت لاءِنه آيل هئا، پر ٻڌايائون ته اسان مولانا صاحب وٽ باقاعدي درس نظاميءَ جي تحصيل لاءِ آيل آهيون. ڪيترا شاگرد ”مُلا جامي“ تائين پڙهي رهيا هئا. اها ڳالهه ٻڌي حيرت لڳي ته سو سالن کان وڌيڪ عمر وارو برگزيده روزگار بزرگ، ان عمر ۾ به دين جي خدمت ۾  مشغول آهي! طريقت ۽ سلوڪ ۾ طريقهء نقشبنديه عاليه جي خدمت سان گڏ، ظاهري علوم جي  تڪميل جو  ڪم به ڪري رهيو آهي! اهو محسوس ڪري ان ”مجمع البحرين“ بزرگ جي زيارت جو اشتياق اڃا به وڌيو.

        عشا جي نماز تي سندن فرزند واپس آيو. بزرگن جو پيغام ڏنائين ته ”ابا، طبيعت ناساز آهي، اچي نٿو سگهان. صبح جو ملاقات ٿيندي.“

        نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان جي لاءِ ماني آئي. خيال هو ته جهنگ ۾ ملندو کير ۽ ٻاجهر جو ڍوڍو. پر خونچي کي کوليندي، اسان جون اکيون کلي ويون. نهايت مڪلف طعام  سان اسان کي نوازيائون. ڪڪڙجو ٻوڙ ڦوٽي جي داڳ سان، ڪڻڪ جا اوڦراٽا، سڻڀا ۽ سنوالا،  ان سان گڏ کير، ماني کائي، پيٽ اڊڪو پلي ڪچهري ڪري، سندن فرزند کان حالات ۽ واقعات پڇي، بزرگ جي ظاهري ۽ باطني تصوير جو هڪ خيالي تصور ذهن ۾ رکي ستاسين.، خير جي رات گذري. مُلي ٻانگ ڏني. حوائج ضروريه کان فارغ ٿي، فجر جي نماز ادا ڪري، اچي جڳهه تي ويٺاسون.

        اڃا ٻه ٽي لمحا مس گذريا ته دروازي مان هڪ پيرسن بزرگ، السلام عليڪم چئي داخل ٿيو. اسان سڀ اٿي کڙا ٿياسون. مون کٽ تان لهي، سندن مصافحي لاءِ وڌيل هٿ مبارڪ احتراما وٺي چميا. پاڻ ڏاڍي قرب ۽ جذبي سان ڀاڪر ۾ جهلي، زور ڏيئي فرمايائون:

گــلـي خــوشبـــوءِ در حــمـــام روزي،

رسيد از دست محبوبي بـــدســتــم،

به او گفتم ڪه مشڪي يا عبيري،

ز بــــوي تــــو دلاويــــزي و مــســتـم.

سندن اکيون محبت ۽ سوز جي پاڻيءَ سان آليون ٿي ويون. پڳ جي طره سان اگهي اڳتي وڌڻ لڳا. منهنجي جسم ۽ جان کي ڄڻ بجلي وچڙي وئي، ۽ اکين مان جر جا جام ڇلڪي هليا. جاءِ ۾ فقط هڪ کٽ هئي، جا مون کي ملي هئي. مون سندن هٿن مبارڪن کي جهلي، کٽ ڏانهن آهستي آهستي آندو. پاڻ چڙهي ويٺا.  مون سوڙ کي ويڙهي، ديوار سان ٽيڪ بنائي، ۽ ان تي ٻئي وهاڻا به رکيا. پاڻ ٽيڪ ڏيئي اهلجي پيا.

        سروقد، بدن نحيف ۽ ضعيف، اکين ۾تاب، چهرو ڪتابي، پيشاني نوراني، ڏاڙهي مبارڪ مينديءَ رتي، بيني دراز، هٿ نازڪ، ڪلها ويڪرا، نرڙ تي نشان  سجده نمايان، طبع ۾ جذب ۽ جوش، سوز ۽ ساز، گداز ۽ گريو. هر هر پئي شوڪارا ڀريائون. خشوع ۽ خضوع جا اثرات طاري. هر هر زبان سان پئي چيائون. ربنا ظلمنا انفسنا...

        مان سندن پيرانديءَ کان اڀو بيٺو رهيس. پاڻ مون کي ڇڪي، ڀرسان  ويهاريائون. فرمايائون:

        ”ابا، ڪنن کان وڏو آهيان، ڀرسان ويهه ته تنهنجي ڳالهه ته ٻڌي سگهان.“

        مجلس ۾ ويهارو کن ماڻهو مس هجن، ڪراچيءَ کان آيل مهمان به اچي ويٺا. سڀ باشرع بزرگ، سڀ سفيد ريش ۽ سڀ سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس، فرشته صفت ۽ ضعيف العمر هئا. سڀني کي هيٺ ويهڻ جوا شارو ڏنائون،. ڪي تڏي تي ته ڪي مٽيءَ تي ادب وچان ويهي رهيا. خوش خير عافيت کان پوءِ حال احوال ورتائون، نالو نشان ٻڌائون، ڪم ڪار پڇيائون. ان دور ۾ حضرت مخدوم صاحب ”طالب المولا“ وٽ هوس. مخدوم صاحب جن جو ذڪر ٻڌي، خوش ٿيا.

        ان کان پوءِ رهاڻ شروع ٿي. حضرت مخدوم نوح رحه جو ذڪر، نهايت جذبي ۽ ذوق سان ڪندي. بار  بار پئي چيائون. حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة ... عليه الرحمة (ان تي خاص طرح سان زور ٿي ڏنائون)

        اُن کانپوءِ شاهه ڪريم جو واقعو هن ريت بيان ڪيائون.

        ”ابا، شاه ڪريم، حضرت مخدوم نوح رحه عليه الرحمة جو مريد صادق هو. پاڻ نرم ۽ چيڪيءَ مٽيءَ مان ننڍڙا ڀتر ٺاهيندا هئا، ۽ اهي پوءِ پنهنجي سونهاريءَ مبارڪ تي گسائيندا رهندا هئا. جڏهن تمام لطيف  ۽ لسا ٿي ويندا هئا، تڏهين اهي اجرڪ ۾ ٻڌي، هالين آڻيندا هئا، ۽ اچي حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جي خدمت ۾ هديي طور وٽ چيٺڻ ڪاڻ پيش ڪندا هئا.“ ان واقعي کي بيان ڪندي، مٿن رقت آميز ڪيفيت طاري ٿي ويئي. آبديذه ٿي فرمايائون:

        ”ابا، حضرت نوح عليه الرحمة وڏي مرتبي جو بزرگ هو، سندن فيض مان بر واسجي ويا. اڄ به اويسي فيض پيا ونڊين ۽ آڇين، پر ڪو طالب هجي جو وٽ وٺي.“

        حضرت نوح سرور جي گهر بار ذڪر کي بيان ڪندي فرمايائون:

        ”ابا، ڪتابن ۾ هڪ روايت مخدوم  جعفر رحه بوبڪائيءَ جي آيل آهي، پر اها صحيح نه آهي،  پاڻ بصيرت جا صاحب هئا، کين امانت ”اويسي“ ملي ۽ علم ”لدني“ حاصل ٿيو هو. سندن تربيت خود رسول خدا ڪئي هئي.

        ”ابا، پاڻ ائين ڪونه فرمايائو هئائون ته آءٌ هنن اکين سان، الله کي ٿو ڏسان. ائين چوڻ، ڪمال جي مرتبي وارن لاءِ شايان شان نه آهي. البته هن پنڌ ۾ ڪچا ۽ ابتدائي سلوڪ وارا ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندا آهن. جنهن تي مخدوم جعفر کين عرض ڪيو ته ”ائين نه هوندو، اوهان اکيون مبارڪ بند ڪري ڏسو.“ پاڻ ظاهري اکيون ٻوٽي چيائون: ”هائو، هاڻِ برابر نظر نٿو اچي.“ ان تي مخدوم جعفر وراڻيو ته ”هائو، قبلا، اوهان قلب جي اکين سان ديدار ٿي ڪيو.“ جنهن تي حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة فرمايو:

”جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر!“

اهـــو واقــعـــو بــيــان ڪــنـــدي فــرمــايــائون

        ”ابا، قلب جي بصيرت ته ظاهري حواسن تي به حاوي ۽ محيط ٿئي ٿي. اها نوراني نگاهه، نه فقط ظاهري اکين تي نوراني رنگ ٿي چاڙهي، پر ان سان گڏ سڀني حواسن تي به. ان ڪيفيت جي استغراق ۾ هڪ زماني جو غوث ڪڏهن به لغزش ۽ خطا جو مرتڪب ڪين ٿو ٿي سگهي. البته ڪو ”مجذوب“ يا نئون طالب ان طرح جا ”شطيحات“ بيان ڪري  ته ٿي سگهي ٿو. ان موجب حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة کي علي وجه البصيرت، قلب جي اکين سان ديدارٿي ٿيو ته پوءِ اکيون به ته قلب جي تابع هيون. ان ۾، ابا! ڪهڙو اشڪال ٿو پيدا ٿئي، جنهن تي حضرت مخدوم جعفر جو  واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو؟ ابا اڳين بزرگن مان  امام ابو حنيفه لاءِ جو لکيو اٿن ته کين هت، هنن اکين سان، ستر مرتبا ديدار الاهي ٿيو.“

        اتي مون عرض ڪيو ته، ”سائين، قرآن  ڪريم ۾ ته ظاهري اکين سان ديدار جي نفي آيل آهي.“

        فورا جواب ۾ فرمايائون ته ”ابا! بلڪل ائين آهي، پر ان ۾ ته ظاهري اکين لاءِ چيل آهي. پر ”بابصيرت“ اکين جي ته نفي ڪانه ڪيل آهي! قرآن ۾ ولهم اعين لا يبصرون بها“ به نه آهي. اتي به ظاهري اکين وارن کي ”انڌو“ سڏيو ويو آهي.  ”ولهم قلوب لا يفقهون بها“ به ته چيل آهي. اها قلب جي ڪج رويءَ ۽ انڌائيءَ جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي. ان طرح ”ولهم آذان لايسمعون بها“ به ته آيل آهي. انهن باطني طرح سان  انڌن، ٻوڙن ۽ بي بصيرت ماڻهن کي ته اڳتي هلي ”حيوان“ به چيو ويو آهي! ان طرح، حديث قدسيءَ موجب، ”نور“ جي پالوٽ کان پوءِ ”انسان“ نور ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. اهو ”نور“ ۾ هلي ٿو، ”نور“ ۾ اٿي  ويهي ٿو. ”نور“ ۾ جيئي ٿو، ”نور“ ئي سندس حواس باطنيه ۽ ظاهريه تي طاري رهي ٿو، ابا! ان مقام تي ”ظاهر، ظاهر ئي نٿو رهي ۽ نه ظاهر سان ظاهر جا حڪم ئي لڳائي سگهجن ٿا.“

ان کان پوءِ فرمايائون:

”ابا حضرت نوح عليه الرحمة جو بيت آهي:

اُپٽيان تان انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهــي اکــڙيـــن، عــجــب پــر پسڻ جي

        ”ابا، ان ۾ اکڙين مان مراد ”ظاهري“ به آهي ته ”باطني به آهي، ظاهري اکين جو ٻوٽڻ ۽ پٽڻ ”تجلي ۽ استتار“ جي ڪيفيت ڏانهن اشارو آهي. اهو به هڪ مقام آهي.“

        اتي اچي اسان جي رهاڻ جو اهو حصو پورو ٿيو، جنهن ۾ حضرت نوح رحه جو ذڪر هو. ان کان پوءِ نيرن آئي. مون کي لسيءَ سان ماني ملي. مون اڃا گلاس ڍڪ ڀرڻ لاءِ کنيوئي مس ته فرمايائون:

”ابا، تون لسي نه پي، چاء پي“

        ان کان پوءِ پٽ کي چاءِ لاءِ حڪم ڪيائون. مون لسي رکي ڇڏي. پاڻ حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي زهد جا واقعا ٻڌائيندا رهيا، ۽ اکين مان ڳوڙهن جو مينهن وسائيندا رهيا. آخر ۾ خشوع  سان دعا گهري، حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ منهنجا سلام چئجو، ۽ دعا لاٰءِ عرض ڪجانءِ نڪرڻ جهڙو نه رهيو آهيان، نه ته هالين هوند هاڻي به رڙهي اچان. جواني ۾ ته تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو!

مون هڪ واقعو ٻيو به پڇيو:

”حضرت مخدوم نوح رحه جي درگاهه جي صحن ۾ ”مچ“ ڇوٿو ٻاريو وڃي؟“ فرمايائون:

        ”ان جو جواب ٻئي ڀيري ڏينداسون، اگر حياتيءَ جٽاءُ ڪيو ته“.

        ان کان پوءِ اٿي کڙا ٿيا، ڪراچي وارا سفيد ريش ۽ سفيد پوش ماڻهو سندن پويان لڳا، جي سندن شايد مريد هئا. مون کي ٻانهن کان ڇڪي گهليندا هليا. ٻه – چار وکون مس هلياسون ته هڪ سفيد ريش سائل کانئن ڪنهن وظيفي جي اجازت گهري. پاڻ سخت ڪاوڙيا، ڏاڍي غصي سان ڏانهنس نگاهه ڪندي فرمايائون:

        ”ڇا، عمل وٺي بگهڙ ٿيڻ ٿو چاهين! تون ته ماڻهن کي ائين ڦاڙيندين، جيئن بگهڙ، ٻڪرين کي! موٽ پوئتي!“

        سفيد ريش ۽ سفيد پوش درويشن جو ڪٽڪ، هڪ هڪل سان هڄي، هٽڻ شروع ٿيو، پاڻ هڪ هٿ منهنجي ٻانهن ۾ ۽ ٻئي هٿ ۾ عصا کوڙيندا، هلندا  رهيا. سندن هر ادا محبوبانه، سندن هر قدم مستانه، سندن هر راز رندانه، سندن هر انداز دلبرانه – ادب ۽ احترام جي ڪري، مان سندن قدم سان قدم ملائڻ بدران، آهستي آهستي پويان پئي هليس. پاڻ ڇڪي کڻي اڳيان ڪيائون. کيڙيءَ مان تڙندي ٿاٻڙندي جڏهن حويليءَ جي در ڀرسان بيٺل سڪي ٻٻر وٽ آياسون، تڏهن بيهي رهيا. الله جي قدرت سندن طبع  روان دوباره گهر افشاني شروع ڪئي. حقائق ۽ معارف جا موتي ڇنڊيندا رهيا. ارباب طريقت جي تقويٰ ۽ طهارت جا وقعا، ڪٿي برگزيده روزگار صالحين جي ڪرامات جا تذڪرا، ڪنهن مهل روحاني ڪيف ۽ واردات باطنيءَ جابهار آفرين جهوٽا – ڪيئي سرورآور لمحا پئي آيا ۽ ويا.

فرمايائون:

        ”ابا، اهي ڪراچيءَ جا ميمڻ واپاري آهن، اهي حرامخور، پاڻ کي منهنجو مريد ٿا سڏائين، نه ته آهن پيٽ جا مريد! رڳو  ڏاڙهيون وڌايون اٿن، پر سندن اندر ڪارا آهن، ابا، اڇن ڪپڙن ۽ اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان ته ”باطن“ ۾ اڇائي ڪانه ايندي. ابا! اهو پوڙهو مردود، وڏو مکي چوس آهي، دولتمند آهي، پرمون وٽ ايندو آهي ”مسخرات“ جي عمل واسطي. مان به هر ڀيري ڌڪي ڌوڻي، دڙڪا داب ڪري، پوئتي اماڻيندو آهيانس. ٻيا به ڪراچيءَ جا آهن، پر حال سڀني جو ساڳيو آهي. فرق اهو آهي ٻيا اڃا ته ڪُڇن نٿا، ڇو ته ڏسن ٿا ته وڏي سيٺ جي حاج پوري ٿئي ته اسان به اڳتي وڌون! ابا،  هڙئي دولت جا گهوراآ هن. الله لاءِ ته ڪو ڪو مرد اچي ٿو. هي حرامخور هر جمعي تي ڀڳا بيٺا آهن. اهي هڙئي نمازي به آهن ته حاجي به آهن، پر  آهن هڙئي اندرڪارا، بي ايمان ۽ بڇڙا. جهڙا ايندا آهن، تهڙا موٽندا آهن.“ ان کان پوءِ فرمايائون:

        ”ابا، الله جي نظر آهي نيت تي، خلوص تي ۽ ارادي تي، پر هي هچارا تيل ڦليل، ڪريو، سفيد ڪپڙا پايو. هر هفتي پيا اچن ۽ پوئين پير موٽن. ابا، اصل ڪين ٿا مڙن!“ سندن چهرو مبارڪ سرخ ٿي ويو، فرمايائون: ”ابا، اهي ڪنگ آهن، جي ڍنڍ جي ڪپ تي پير تي پير رکيو اکيون ٻوٽيو، استغراق ۾ بيٺا هوندا آهن. اڃا ڪرڙيءَ ڪنڌ ورايو مس، ته هڪ خفيف ۽ نامحسوس نموني ۾، اُٺ وانگر، ڪنگ جي ڳچي ٿورو اڳتي وڌندو ڏسبي؛ هڪ هلڪو ڇلپو ٿيندو، پوءِي اک ڇنڀ ۾ ڪنڌ سُسي اچي ساڳيءَ جاءِ تي بيهندو. مڇي وڃي ڪنگ جو پيٽ وسائيندي، نه تو ڏٺو  نه مون ٻڌو! نه کڙڪو نه خرابو، سڀڪجهه اطمينان ۽ استغراق جي عالم ۾ ٿي ويندو. ڪنگ جون اکيون ٻوٽجي وينديون؛ ڪو چوندو ته ”تون هين تون“ پيو تنواري، پر ابا، هوندو ٻئي شڪارجي تاڙ ۾!

        ”ابا، اهي ئي آهن بي روح، مردار مردا! جي وتن پئسن لاءِ واجهائيندا. لکن هوندي، ورتن تعويذ  پڇندا. ڀاڙا ڀري، وتن ”مسخرات“ جي عمل لاءِ در در ڌڪا کائيندا! ٿورو نهاري چيائون:

”ابا، الله کي ”نفاق“ ڪٿي ٿو وڻي. هنجي نظر ته دل تي آهي.“

        ائين چئي ٿورو مُرڪيا. سندن تبسم زير لبيءَ ۾ جا محبوبيت هئي، تنهن منهنجي دل ۾ عجيب قسم جو سرور پيدا ڪيو. مرڪندي مون ڏانهن نهاريائون ۽ فرمايائون: ”ابا، قسمت سانگي هن پٽ ۾ آيا آهيو، نه ته اوهان حيدرآباد جون هوائون ڪٿي ٿا ڇڏي سگهو.“ مون ادب کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. فرمايائون:

        ”ابا، پر سال هڪڙو ڏهاڙو خدا جو ٿيو، کُٿابي ويا هُجن ڪاٺيون هڻڻ، مسجد هجي خالي، اسان به  بانگ کان اڳ نڪرون ئي ڪونه، خدا جي ڪئي  ٿي. ان ڏينهن، مينهن به مينهن جهڙو اُٺو. ڪڪر ڪارونڀار ڪيو پئي گجيا. تڙڪي جو نه پير نه اير رهيو.  مان ٻنپهرن کان ساجهر ڀرو نڪتس ٻاهر.  خيال ڪيم ته وڃي طالبن جي خير لهان ته آيا، ڪين  آيا. ابا، ٻاهر نڪري، مسجد ڏانهن  ڏٺم، ٻيوته نه، ٻه – ٽي اڻواقف ماڻهو، مسجدجي در تي، سامهين ٻٻر هيٺان ويٺل نظر آيا. مٿان مينهن پيو وسي. ويجهائيءَ ۾ نه وڻ نه ٽڻ، نه اوهي نه واهي. مان هڪلي وڃي ڀيڙو ٿيس. وڃي ڏسان ته مار! همراهه ڀنگ ويٺا گهوٽين! مون تي جيئن نظر پين، تيئن پنڊپاهڻ ٿي ويٺا رهيا. همراهن جو ساهه سڪي ويو. ويتر جو ڏٺائون لٺ هٿ ۾، سو هڪٻي کي  چيائون؛ خير ڪونهي، ملئون پيو اچي! اڃا ائين  مس چيائون ته مان به اچي مٿان بيٺس: السلام عليڪم! ابا، حرام جو جواب ڏين! ٻانهون ٻڌي بيهي رهيا. مون کين چيو، ”اڙي چُپ ڇو آهيو، ڊڄڻ الله کان گهرجي. نامرادو! ٻيو ته ٺهيو، الله جي در تي ويٺا ڀنگ گهوٽيو! شرم ڪو اچيو ٿو؟“ هڪ مواليءَ وراڻيو: ”بس، سائين، موالي آهيون، مسافر آهيون، وسنهن تي لڙي آياسون- سمجهيوسون ته ڪو مڪان  به هوندو، پر هت ته رڳي مسيت هئي. پاڻيءَ جي سانگي، آبي لپ لاءِ هتي ئي ويهي رهياسين. سائين! الله بخشڻهار آهي، بندو بدڪار آهي. بس الله تي ننگ آهي. سڄو ملڪ مولا جو آهي. ان کان ڪٿي لڪنداسون،بابا!

        ”مولائيءَ ڀنگ جي ان اهتمام جي وجه جواز کي پئي بيان ڪيو، ته مٿان ٻٻر مان برسات جو پاڻي به پئي وڳڙيو. سندس جواب تي، ابا، مان مسجدهجي يا مندر، بر هجي يا ٿر، پر مڃجي ته سهي: ”ٻاهر زيب زبان سين، اندر هچارو!“ ته نه ٿيڻ گهرجي. آخر مون به کيس جواب ڏنو. چيو مان ”ابا، ا ڏاڍا سياڻا آهيو. الله سان به سياڻپ. ڀلا مسجد جو احترام به ڇٽو، مسجد جو پاڻي به وڃايو. پر هن برسات جي پاڻيءَ ته اوهان جي ڀنگ جا رنگ ئي رلائي ڇڏيا هوندا. ان تي ٻئي مواليءَ جواب ڏنو: ”سائين“ بيپرواهه بادشاهه آهي. اسان گندا بندا آهيون، ڪيئن ڪريون، ڪاڏي وڃون؟ چئو ته سچ ٿا. پاڻي مڙيئي سرس پيو ڏسجيس!“ مون کين چيو: ”ابا، ڏسجو ته ڳڪي الله وارا ٿا. ڀلا ائين ڇو نه ڪيو- اهي ڏنڊا ڪونڊا کڻو ها اندر. در تي پاڻ به پسي پيا آهيو ته ڀنگ به پاڻي ٿي ويئي آهي. اصل الله جي گهر ۾ اندر وڃي شغل ڪريو ها! مسجد جي در کان اندر آهن ٻه – چار وکون! الله جو حياءُ ڪريو ها ته ٻاهرنه گهوٽيو ها. مرڳو مسجد جي در تي اچي منڊلي مچائي ٿو. ٻيو نه ته، مار پويو، ڀنگ کي ته مينهن کان بچايو ها! ٻيو ته الله جي گهر کان وڌيڪ  امن ڪٿي ۽ اوڍ ڪهڙي آهي؟“ ابا، الله کان حياءُ هرحال ۾ ڪجي، باقي ماڻهن جي ميار ۽ نيڪيءَ تي جيڪي پيا نُکون ڇنن ۽ ڏاڙهيون وٽين، انهن کان ته اهي ڀنگ وارا چڱا هئا، جن نڪو پاڻ ۽  ٻين کي دوکو ڏنو نڪو مڪر ڪيو. اصل ڀلي در تي ويهي جمنيون چاڙهيائون! اسان جو حال اهو آهي جو آهيون مسجدن ۾، پر عمل آهن بڇڙا. اندر هڪ ته ٻاهرٻي. توبهه، ابا توبهه!“

        سندن ان واقعي ۾ جيڪا تنبيهه آهي، ان کي ته ڪي اهل دل سمجهن. گناه تي پشيمانيءَ جو اظهار ڪرڻ خود نيڪي آهي. مولانا رحه جو اهو واقعو ٻڌي، مان ته ٻُڏي ويس. نظر وڃي زمين تي کُتي! پاڻ منهنجي  پريشانيءَ کي ڏسي، کنگهڪار ڪري، مُرڪندي چيائون: ”ابا، الله وارن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!“ ائين چئي،  فرمايائون:

        ”ابا، جهنڊي وارا وڏا بزرگ ڏاڍا پرهيزگار  هئا. گمنام رهندا هئا. سندن مريد و تندا مفت ۾ مسجدون جوڙيندا، ۽ کوهه کوٽيندا. ڪنهن ڳوٺ ۾ ڏٺائون ته مسجد ڪانهي، ته بس اتي اٽو ٻڌي وڃي پهچندا. سرون وجهندا، کورو پچائيندا، مسجد ٺاهي پوءِ ويندا کائيندا پچائيندا، پنهنجو – رکي ماني ۽ پاڻي. ڳوٺ وارن کان لوڻ جي لپ به نه وٺندا، نڪو لسي نڪو ڳنڌڻ! پر جي ڪٿي کوهه ڪونهي ته اُتي کوهه کڻي، پڪسرو ٻڌي، پوءِ ويندا. ابا، انهن مريدن  ۾ پاڻ بزرگ به هوندو هو. مجال آهي جو ڪير کين سڃاڻي. ابا، الله وارن جا اهي پار آهن.

        ”ابا، هڪڙو ڏينهن خدا جو ٿيو، نماز پڙهي، مسجد شريف ۾ ويٺي مريدن سان رهاڻ ڪيائون. ائين ڪندي ڳوٺ جي هڪ پوڙهي واياڻي در تي سجدو ڪري، ڪٻڙي ٿيندي، اندر لنگهي آئي. اچي پير صاحب جي ويجهو بيٺي. هٿ وڌائي، پڙي مان اندران  مٺيءَ مانيءَ جو اڌ ڪڍي،  پير صاحب ڏانهن وڌايائين. پاڻ بسم الله ڪري، ماني ورتائون. واياڻيءَ  چيو ته ”باس باسي هيم“

        ”ابا، واياڻي ائين ڪٻڙي ٿيندي هلي وئي. مريد حيران ۽ پريشان، ته واياڻي پوڙهي ۽ غليظ، ڪپڙا سندس پليت، هٿ سندس  پليت، ڪفر سان  ملوث ۽ شرڪ ۾ ٻڏل، بزرگ جي ماني وضوءَ کان سواءِ ڪو پچائي ڪونه، پر بزرگ ته ورتي: ائين ڪندي، بزرگ بسم الله ڪري، ماني ڀوري، ٽڪر وات ۾ وڌو ۽ ذرو ذرو ڪري مريدن کي ڏنو. پير هو روشن ضمير، مريدن جي خدشي کي پرکي ورتائون. فرمايائون.

        ”ابا، مريدو! سڀ ڪجهه سهي، پر ٻڌايوم ته مان انهن هٿن  ڏي ڏسان، جن هيءَ مٺي ماني موڪلي آهي، يا انهن هٿن ڏي ڏسان، جن هيءَ مٺي ماني پچائي آهي؟“ مريد هئا صاحب دل، اشاري مان سمجهي ويا.“

        ائين چئي، وري مون ڏانهن نهاريائون، عصا جي ڪُندري زمين تي کوڙيندي، فرمايائون، ”ابا، الله شال پنهنجو ڪري!  اسان ڏاڍا بي سمجه آهيون. الله ته بي نياز آهي، ان کي ساري خبر آهي. شال پنهنجو ڪري ايمان سان هلائي، عمل جي توفيق سان گڏ اخلاص ڏئي.“

        پوءِ دعا گهريائون: اللهم اني اعوذبڪ من علم لا ينفع و عملا لاترفع، و قلب لايخشع! (اي الله، آئون ان علم کان پناهه ٿو  مڱان جو بي نفع آهي، ان عمل کان پناهه ٿو مڱان جو  قابل قبول نه ٿئي، ان قلب کان پناه ٿو مڱان جنهن ۾ خشوع ۽ خوف نه هجي.)

        اها گويا پهرين ۽ آخري ملاقات هئي،  جا 1958ع جي آخر ۾ ٿي. پاڻ موڪلايائون ۽ اسلام عليڪم چئي، حويليءَ ڏانهن وڌيا. جيستائين پئي آيا، تيستائين  پئي کين  چتايم،بزرگن جي ان رهاڻ ۽ سندن بزرگانه اشارات کي پنهنجي لاءِ نعمت عظميٰ سمجهي، سندن فرزند کان موڪلائي واپس ورياسين.

        ان صحبت پنهنجو اثر قائم ڪيو، ۽ خط و ڪتابت جو رشتو هلندو رهيو، ڪيئي عجيب غريب نڪتا سندن مڪتوبات ۾ موجود آهن. حياتي وفا ڪئي ته  ڪڏهن انهن جو انتخاب به پيش ڪيو ويندو. صالحين  ڪلام ۾ جو تاثير آهي، اهو قال جي صاحبن ۾ نه آهي تڏهن ته رومي فرمايو آهي:

قال را به گذار، صاحب حال شو،

پيش مردي ڪاملي پامال شو.

        آخر ۾ پنهنجي محروميءَ جي ڪهڙي پچار ڪجي. 1959ع ۾ سندن فرزند خط لکي اطلاع ڏنو ته مولانا صاحب رحمتة الله عليه جن وفات ڪئي آهي. انا الله  وانا اليه راجعون!

        عزيز مڪرم جناب محبوب علي چنا صاحب جي هيءَ تحرير، جنهن ۾ حضرت مخدوم نوح سرور رحه ۽ سندن معاصرين جو ذڪر خير آهي، اها سبب بني آهي هنن چند ورقن لاءِ دعا آهي ته رب ڪريم شال  صالحين جي ذڪر خير، برڪات ۽ فيوضات جي طفيل اسان ۾ نيڪ عمل ۽ اخلاص جي توفيق عطا فرمائي!

        هي مختصر رهاڻ، ان سلسلي ۾ نڪو اضافو آهي، نڪا تحقيق، البت جناب عزيزم چنا صاحب جي محبت آميز تقاضا هئي ته مان به ٻه اکر ضرور لکان، سو الله توفيق ڏني: ”حضرت مخدوم  نوح سرور رحه ۽ شاه ڪريم رحه جي تعلقات“ متعلق هڪ مشهور روايت، هڪ نوح سرور  جو بيت، ۽ حضرت نوح سرور جي ”ديدار الاهي“ متعق روايت لاءِ  تفهيم، هڪ اهل الله ۽ برگزيده صفات عالم جي روايت سان، بيان ڪرڻ جي برڪت حاصل ٿي.

        ان طرح، چنا صاحب جي ”حبيباڻي حجت“ جي باب ”معذرت“ کان به هيءُ عاجز بچي ويو،  ۽ الامر فوق الا دب“ جي مصداق، ”جهڙو حال پريان نال“ جي نسبت به قائم رهي. از خداخواهيم توفيق ادب! شال اسان جي حياتي پرين جي پچار ۾ گذري، يا پرين جي پاڙي ۾، انهن کان ڌار  رهڻ ڄڻ ته بي سود صرفو آهي. آمين

        حضرت نوح سرور ۽ سندن  معاصرين، عالمن، صالحن، فقيهن ۽ درويشن جي ڌڻيءَ ڏنل ساٿ لاءِ ڇا ٿو وڌيڪ لکي سگهجي. انهن جو ذڪر رحمت الاهيءَ جي نزول جو سبب آهي. اهڙن بزرگن لاءِ ته لطيف چيو آهي:

ڏيــنهــــان ڏورن ڏُٿ سين، راتيون ڪن رهاڻ،

عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.

ضميمو -4

حضرت حاجي ديوان نعمت الله سهروري، رحمة الله عليه

عبدالله وريام

”حضرت حاجي ديوان نعمت الله سهررودي،  رحمت الله عليه“

        صاحب الفيض و الفتوح غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرور رحمته الله جي بابرڪت سهيوڳن ۽ خليفن ۾ سموري سنڌ ۽  هند جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شامل آهن. جن جو ذڪر تفصيل سان هن ڪتاب ۾ موجود آهي. پنجاب جي ضلعي شيخپوره جي هڪ قصبي ”خانقاه ڊوگران“ جو رهدنڙ حضرت حاجي ديوان نعمت الله صاحب سهروردي رحه به انهن مڻيادار موتين مان  هڪ آهي،  جن هتان فيض پرائي، سرزمين پنجاب کي به ان روشنيءَ ۽ نور سان منور ڪيو، جيڪا هن بزرگ پنهنجي مرشد کان حاصل ڪئي هئي.

        هن بزرگ جو نالو نعمت الله ۽ سندس والد بزرگوار جو نالو شاه سليمان هو، پاڻ قوم جا ڊوگر هئا ۽ آباڻي ڌنڌو  زمينداري هو. پر پاڻ انتهائي فقيراڻي انداز ۾ گذاريندا هئا. نعمت الله رحه جن سنه 900هه ۾ ننڪانه صاحب جي  ويجهو هڪ ڳوٺ ”لاڊو آنه“ ۾ پيدا ٿيا. سندن ولادت کان ٻه سال پوءِ سنه 902ع ۾ سندن ننڍو ڀاءُ حاجي محمود تولد ٿيو. ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سندن والد شاه سليمان هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي. جنهن بعد هن ڳوٺ ۾ سندن خاندان جي سار  لهڻ وارو ڪوبه ڪونه هو، ان ڪري سندن والده محترمه پنهنجن پٽن سميت ڳوٺ ”لاڊو آنه“ کي ڇڏي  اچي پنهنجي ڀاءُ مسرور وٽ رهڻ لڳي. مسرور زميندار هو، هن وٽ ڪنهن به شئي جي ڪمي ڪانه هئي ۽ سندس نالي سان ”مسرور“ نالي سان هڪ وڏو ڳوٺ ”خانقاه ڊوگران“ جي ڀر ۾ هوندو هو.

        سندن والده محترمه جو ڪجهه وقت ۾ پنهنجي ڀاڄائيءَ سان به اڻبڻت ٿي پئي ۽ آخرڪار ان جي مهڻن ۽ طعنن سبب ڏکوئجي پنهنجي ڀاءُ جي گهر کي ڇڏي، ٻنهي مصعوم پٽن سميت نڪري پيئي ۽ هلندي اچي ”ڪالر“ جي علائقي ۾ ڳوٺ ”بدو ملي“ پهتي. ان وقت ديوان صاحب جي عمر ڏهه سال هئي،.سندن والده محترمه اچي ڪنهن ڪڻڪ جي فصل تي پهتي، جتي لابارو پئي ٿيو ۽ ڪجهه مزدور بيٺا هئا. بزرگ جي والده صاحبه انهن کي چيو ته اسان کي روزگار سان لڳايو. اهي هنن کي زميندار وٽ وٺي ويا. هن خدا ترسي ڪندي لاباري  لاءِ ڪجهه ٻني ڏيکاري. ننڍڙو نعمت الله هڪ ڪٽيل ۽ مڏو ڏاٽو کڻي وڃي لاباري کي لڳو، پر ٻه چار مٺيون ڪڻڪ جون لڻي وڃي پاسي ۾ هڪ ڪکائين ڇپر ۾ سمهي پيو – قدرت خدا جي جو هن بزرگ جي ڪرامت سان سٺو ٻارو لڻجي ۽ ٻڌجي ويو. ٻنپهرن جو جڏهن مانيءَ جو وقت  ٿيو ته مالڪ، نعمت الله ڏي به مانيءَ لاءِ ماڻهو موڪليو. جڏهن ماڻهو ان ننڍڙي کي سڏڻ پهتو ته حيران ٿي ويو  ته هي سمورا مزدور به ايترو ڪم نه ڪري سگهيا هئا، جيترو هن ننڍڙي اڪيلي سر ڪيو هو،. هن کي ڊپ ۾ اچي ڏڪڻيءَ ورتو ۽ واپس مالڪ ڏي ڀڳو ۽ ان کي اچي سڄي پيرائتي احوال کان واقف ڪيائين. مالڪ پاڻ اچي لڻيل ڪڻڪ ڏٺي ۽ پڪ ٿيس ته هيءُ ننڍڙو وڏي ڪرامت وارو آهي. هن نڍڙي کي زور ڏيئي ارام سان جاڳايو ۽ معافي جو طلبگار ٿيو ته اوهان کي تڪليف ڏني اٿم. ان ڏينهن کان اهوزميندار سندن مريد ٿيو ۽  سندن خدمت پوريءَ طرح سرانجام ڏيڻ لڳو.

        ڪجهه وقت کان پوءِ ديوان نعمت الله رحه پنهنجي والده کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪا هن نيڪ  بيبيءَ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ مسرور وٽ پهچائڻ جي خواهش ڏيکاريائين.

        ديوان صاحب پنهنجي والده کي يقين ڏياريو ته هيءُ زميندار سچيءَ دل سان پنهنجو خيال ٿو ڪري ۽ اهو اوهان کي حفاظت سان پهچائيندو، اوهان مون کي خوشيءَ سان تعليم حي حصول لاءِ سفر جي اجازت ڏيو. اجازت ملڻ تي پاڻ لاهور جي ”نيوين مسجد“ ۾ آيا، جتي جو امام  استاد ڪامل ۽ درويش صفت انسان هو. پاڻ حصرت مخدوم نوح رحه جا مريد هئا.

          ديوان صاحب ان بزرگ جا اچي شاگرد ٿيا ۽ استاد جي خدمت ۽ حصول علم کان کانسواءِ ڪوبه ٻيو مقصد سندن سامهون نه  هو. استاد کي به هن سعادت مند شاگرد سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هيءُ فرمانبردار شاگرد به ڏينهن رات سبق ياد ڪرڻ کان استاد جي خدمت ۾ مشغول رهندو هو.

        ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن استاد صاحب پنهنجي مرشد جي زيارت ۽ حاضريءَ لاءِ سنڌ روانو ٿيو ته سفر ۾ سهوليت خاطر ديوان نعمت الله کي به پاڻ سان وٺي هالا روانو ٿيو. ۽ اچي مرشد جي حاضري ڪيائون.

        مخدوم صاحب جن جي حاضريءَ وقت پاڻ ان استاد صاحب کان پڇيائون ته ”اسان لاءِ ڪهڙي سوکڙي آندي اٿو؟“

        استاد چيو ته، هيءُ سر سائينءَ جن جي خدمت ۾ حاضر آهي.  پاڻ فرمايائون ته، اهو ته اڳ ۾ ئي اسان جو ٿي ويو آهي. تنهن تي استاد صاحٻ پنهنجي شاگرد نعمت الله جو هٿ وٺي مرشد سائين جي  هٿ ۾ ڏيندي چيو ته هي لاهوري تحفو حاضر آهي.

        مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪمال شفقت سان نعمت الله کي ”ديوان“ جو خطاب ڏنو ۽ پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. سندس استاد ڪجهه ڏينهن رهي واپس لاهور هليو ويو.

        ديوان نعمت الله، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض پرائڻ لڳو. مخدوم صاحب جو دستور هوندو هو  ته ڇهه مهينا حجري ۾ رهي ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو هو ۽ ڇهه مهينا دنيا جي سير سفر ۽ تبليغ ۾ مصروف رهندو هو. جڏهن سندن حجري ۾ داخل ٿي عبادت ڪرڻ جو وقت آيو ته  ديوان  نعمتالله کي فرمايائون ته پٽ اسين ڇهه مهينه حجري ۾ رهنداسين. تنهنجي حوالي اهو ڪم آهي ته اسان جي نمن جي وڻن کي پاڻي ڏيئي انهن جي سار سنڀال ڪندو رهه ته جيئن اهي وڻ ساوا ۽ شاداب هجن ۽ هر ايندڙ ويندڙ مهمان  جي آسائش ۽ کاڌي پيتي جو به خيال رکجان. اهو چئي مخدوم صاحب جن حجري ۾ داخل ٿي ويا.

        ديوان نعمت الله جو دستور ٿي ويو ته هو صبح جو  نماز کان فارغ ٿي، کوه مان پاڻي ڀري نمن جي وڻن کي ڏيندو هو ۽ موجود مهمانن ۽ درويشن جي خدمت چاڪري ڪندو هو، پر پاڻ ڪجهه به نه کائيندو هو ۽ سڀ ڪم ڪار ڪري مخدوم صاحب جن جي حجري جي سامهون اچي بيهندو هو.

        ديوان نعمت الله جي انهيءَ ڪرت ۽ مرشد جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾  ڇهه مهينا لنگهي ويا. مخدوم صاحب جي حجري جي اندران در کڙڪايو ۽ فرمايو ته، ”ڪو ٻاهر آهي؟“ ديوان نعمت الله هڪدم جواب ڏنو ته، ”جي سائين، آئون حاضر آهيان.“

        جيئن  ئي دروازو کولي مخدوم صاحب جن ٻاهر نڪتا ته ديوان نعمت الله جي نظر سندن منهن مبارڪ تي پيئي ته سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ وجد جي حالت طاري ٿي ويس. مرشد سائين کيس ڏڍ دلاسو ڏيئي اٿاريو. سندن نظر جڏهن ساين نمن تي پيئي ته خوش ٿي کيس دعا ڏنائون ته ”تو اسان جي نمن کي سائو ڪيو آهي، رب سائين تنهنجي باغ کي قيامت تائين سائو رکندو.“

        جڏهن لنگر خاني ۾ خبر  لڌائون ته معلوم ٿين ته ديوان نعمت الله هر ايندڙ ويندڙ جي بي انتها خدمت ڪئي آهي، پر کيس ڪنهن به کائيندي پيئندي ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي. اهو ٻڌي مرشد سائين جي مٿس جيڪا پيار ۽ شفقت جي پالوٽ ٿي، تنهن هن کي رڱي ڇڏيو ۽ روحانيت ۾ رڱجي جيڪو فيض حاصل ڪيائين، تنهن هن جي حياتيءَ کي بدلائي ڇڏيو  ۽ هن پنهنجي حياتي مرشد جي خدمت ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو،

        هوڏانهن ديوان نعمت الله صاحب جي والده پنهنجي ڀاءُ مسرور وٽ رهڻ لڳي هئي ۽ اهو به ديوان صاحب جي   ولايت ۽ ڪرامتن جو ٻڌي ان جي عزت ڪرڻ لڳا. ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ديوان صاحب جي نالي ڪري ڇڏيو.

        ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن  مسرور جي نياڻي وڏي ٿي، ته کيس ان  جي شاديءَ جو خيال ٿيو، هن ڀيڻ سان  صلاح ڪري ديوان صاحب جي استاد وٽ لاهور ماڻهو موڪليا ته ديوان نعمت الله کي وٺي اچن، اتان کين معلوم ٿيو ته ڇوڪرو فقير ٿي ويو آهي ۽ سنڌ ۾  مخدوم صاحب جن جي خدمت ۾ رهي ٿو.

        مسرور جي چوڻ تي سندس هڪ قديم نمڪ خوار ميراثي آسري الله جي ديوان نعمت الله کي واپس آڻڻ لاءِ سارنگي ساڻ ڪري سنڌ  ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي مخدوم نوح عليه الرحمت جي خدمت ۾ حاضر  ٿيو ۽ کين راضي ڪري ديوان صاحب جي ٻانهن گهريائين. مخدوم  صاحب پنهنجي هن سچي خادم کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. پر نيٺ سندس ٻانهن ميراثيءَ جي حوالي ڪيائون ۽ سندن اکين مبارڪن مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ديوان  صاحب به مرشد  کان ڌار ٿيڻ لاءِ  تيار نه هو ۽ رُئندي رُئندي بيحال ٿي ويو ۽ ڪنهن به صورت ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. آخرڪار مخدوم  اعظم رحه جن فرمايو ته ، ”پٽ! تون وڃ، جتي تون ويندين، تنهنجي نالي جو  اهڙو علم اڀو ڪنداسين، جو تنهنجو نالو قائم هندو ۽ تنهنجون ست پيڙهيون ولي الله ٿينديون، تون جتي به هوندين، اسين توسان همراه هونداسين.“

        مرشد سائين جي اها دعا ٻڌي ديوان نعمت الله، ان ميراثي سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. موڪلائڻ وقت  حڪم چار درويش محمد حسين، مبارڪ شاه، بهاء الدين ۽ مهر علي شاه به ساڻ ڪيائون.

        واٽ تي ميراثيءَ کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي - ديوان صاحب چيو ته مخدوم صاحب جن مون کي رب جي راهه ۾  تنهنجي حوالي ڪيو آهي، ان ڪري وري  هالن جي زيارت نصيب نه ٿيندي، جنهن جو سڄي زندگي افسوس رهندو- هوڏانهن مسرور جي ڳوٺ ۾ ”نصيرا“ نالي هڪ شخص کٻڙ جي وڻ هيٺان روز ٻهارو ڏيندو هو۽ چوندو هو ته هتي هڪ اهڙو ماڻهو اچڻو آهي، جنهن جي زيارت سان سڀ گناه معاف ٿي ويندا.

        نصيري فقير جي پيش گوئي پوري ٿي ۽ ديوان صاحب اچي ان کٻڙ  هيٺان پنهنجو آستانو قائم ڪيو.

        ديوان صاحب جي موٽي اچڻ تي سڀني خوشيون ملهايون. سندن ڀاءُ محمود کي چوريءَ جي عادت هئي،  پاڻ پنهنجي ڪرامت جو ان کي چڪو پياري واصل بالله ڪري ڇڏيائون، ۽ هو دنيا کي ترڪ ڪري رب کي راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ديوان صاحب پنهنجي مامي مسرور جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. جنهن مان کين ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سندن عمر مبارڪ هڪ سو يارهن سال ٿي ۽ پاڻ سن 1011هه ۾ هن فاني جهان کي ڇڏي دارلبقا ڏي راهي ٿيا. سندن نالي پٺيان ”ٺاهه مسرور“ ۽ ”خانقاه ڊوگران“ جي نالي سان مشهور ٿيو، جتي سندن مزار مبارڪ زيارت عام و خاص آهي.

        حاجي ديوان نعمت الله صاحب هالا مان اچي جنهن کٻڙ جي وڻ هيٺان ويٺا هئا. اهو اڃا به درگاه جي کاٻي پاسي موجود آهي. جتي مسڪين شاه مصلو ۽ مٽ رکيو ويٺو آهي. حاجي ديوان صاحب جي مقبري ۾ اندر ٽي قبرون آهن، وچ ۾ سندن تربت، ساڄي پاسي سندن پٽ نوشه ڪالا ۽ کاٻي پاسي قطب شاه ولد صدر ديوان جي قبر آهي، قبو اٺ ڪُنڊو آهي، جنهن ۾ بهترين قاشي ڪيل آهي. ديوان صاحب جي سٺي پاسي پير شاه جو مقبرو آهي، جنهن تي سن 1201هه لکيل آهي، هي قبو به اٺ ڪنڊو آهي. وچ ۾ پير شاه، ساڄي پاسي پير ڪرم شاهه ۽ کاٻي پاسي ڪا نا معلوم قبر آهي.

        هتي ٻيا به ڪيترا قبا آهن، جن ۾ لال شاه عرف محمد ظرف جو قبو، حاجي ديوان جي ننڍي پٽ صدر ديوان جو قبو ۽ حاجي محمود جي چوکنڊي مشهور آهن. حاجي محمود کان سواءِ چوکنڊيءَ ۾ حاجي ديوان جي گهر واري، حسن شاهه، محبوب شاهه، سلطان شاهه، امام شاهه ۽ ٻين ڇهن بزرگن جون قبرون آهن. هن سڄي خانقاهه ۽ مقبرن جي تعمير خاص طرح مولن شاه ۽ ان کان پوءِ لال شاه جي  وقت ۾ ٿي آهي. حاجي ديوان نعمت الله صاحب سان گڏ  مرشد سائين جيڪي چار بزرگ روانا ڪيا  هئا، انهن مان هڪ جي قبر به حاجي محمود جي چوکنڊيءَ جي  سامهون آهي. باقي ٽن جا مزار مبارڪ هيٺين ڳوٺن ۾ آهن:

1- پنڊوري چٺه، تعلقو وزير آباد

2- ٿابل دُڇه، تعلقو گجرانوالا

3- نداله خوجه، تعلقو سيالڪوٽ

        انهن قبن جي ڀر ۾ ڪجهه پراڻيون قبرون آهن

        صدر ديوان  جي قبي جي  پٺيان هڪ چوڪنڊو نئون مرمت ٿيل قبو آهي،جنهن ۾ ديوان صاحب جون واصل بالله پوٽيون راڄ بيبي،. وسان بيبي ۽ هڪ ٻي بيبي آرامي آهن، خانقاه ڊوگران جي تر ۾ هنن بيبين جون ڪرامتون مشهور آهن.

        هڪ ميراثي جو گهوڙو وڃائجي ويو، هو ڳولهي ٿڪو، پر گهوڙو نه لڌس، آخر وڃي بيبين کان پڇيائين، تنهن چيس ته تون ”بگي“ هليو،  اتي توکي گهوڙو لڀندو.

        مياثي چيوته ”بگو“ هتان ارڙهن ميل پري آهي، پر جڏهن اُتي ويو ته گهوڙو چرندي ڏٺائين.

        حاجي ديوان نعمت الله جي خاندان جون ٻيون به ڪيتريون ئي قبرون هتي موجود  آهن، سڄي علائقي کي ڪوٽ ڏنل آهي.

        حاجي ديوان صاحب ۽ پير شاه صاحب جي قبن وچ ۾ ميان مشتاق حسين ڊوگر صاحب، ڏاڏي ميان نادر شاه، والد ميان رحمت ۽ چاچي ميان بهاول شير ۽  ٻين جا مزار آهن.

        هنن درگاهن جي سامهون هڪ ننڍي مسجد موجود  آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها مغل بادشاه همايون جي دور جي تعمير ٿيل آهي، مسجد جي هڪ قبي تي ”در دور همايون تعمير شد“ لکيل هو. ان جي ڀرسان پراڻي قلعي جا آثار اڃا به موجود آهن. جيڪو سکن جي حڪومت جي دور ۾ مغل حڪومت جي صوبيدار پير محمد چٺه تعمير ڪرايو هو، هو علي پور منچر ۾ رهندو هو ۽ ديوان صاحب جي پوين جو مريد هو.

        چوٿين نومبر 1985ع تي قبلا مرشد سائين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن خانقاه ڊوگران جي مريدن خاص طرح ميان مشتاق ڊوگر صاحب جن جي دعوت تي خانقاه ڊوگران ۾ تشريف فرما ٿيا هئا، ساڻن گڏ آئون (عبدالله ورياه) سائين حيدر شاه مرحوم، سائين علي بهادر ۽ منهنجو دوست بابرسومرو پڻ هئاسين. ان ڏينهن سڄي شهر کي سينگاريو ويو هو، اتي جي مريدن جي سڪ ۽ سچائي ناري ۽ لاڙ جي مريد کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي.

        ان سفر ۾ مٿي ڏنل معلومات کان سواءِ اهو به معلوم ٿيو ته حاجي ديوان صاحب جو شجرو هن ريت هو. حاجي ديوان نعمت الله ولد شاهه سليمان ولد شاه ڏتو ولد ملڪ باقي ولد ملڪ لاڊو جنهن جي نالي پٺيان سندن آبائي ڳوٺ ”لاڊو آنه“ ٻڌل آهي، جيڪو سکن جي پاڪ جاءِ ننڪانه صاحب کان ٽي ميل اوڀر طرف آهي. جتي شاه سليمان، جنهن کي مقامي ماڻهو شاهه سليم پڻ چوندا آهن، جو مقبرو آهي،جنهن ۾ شاه سليمان کان سواءِ سندن خليفي مسڪين علي جي قبر پڻ آهي. هيءُ مقبرو گهڻو پوءِ 1918ع ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. جڏهن مال ۾ ساهه گهٽجڻ جي بيماري ٿيندي آهي ته ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي اچي درگاه تي ڇڏيندا آهن ۽ الله جي فضل سان چاڪ ٿي ويندا آهن.

        مرادوند ماڻهو  هتان پنهنجون مرادون ماڻيندا آهن. ۽ عقيدت وارا هتان ڪاٺي به ٻاهر کڻي وڃڻ نه ڏيندا آهن. خليفو   مسڪين علي کوکر اصل هن ڳوٺ ”لاڊو آنه“ جو رهندڙ هو. مقبري جي ٻاهران خليفي ميان محمد عظيم کوکر جي قبر آهي. سامهون هڪ ننڍي مسجد ۽ ان جي ڀر ۾ ميان محرم جي قبر آهي. اهي ٻئي ميان مسڪين علي جا پٽ هئا، جيڪي کانئس پوءِ خليفا ٿيا. هن وقت سندن اولاد مان اعظم علي کوکر موجود آهي، جيڪو درگاه جي سار سنڀال ڪندو آهي. هن وقت هن ڳوٺ ۾ کرل قوم جا زميندار رهن ٿا ۽ هيءَ درگاهه حڪومت پنجاب جي اوقاف کاتي جي حوالي آهي.

        ديوان صاحب جي چئن درويشن مان هڪ محل  حسن جي  مقبري تي ”ٿابل دڇه“ تعلقي گجرانوالا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پڻ وڃڻ ٿيو. هي بزرگ ڏهين – يارهين صدي هجري جو آهي. سندس تعلق سنڌ سان آهي ۽ غوث اعظم حضرت مخدوم نوح رحه جي حڪم تي حاجي ديوان صاحب سان گڏ آيا هئا ۽ پوءِ هن ڳوٺ ۾ اچي ذڪر، فڪر ۽ فيض جاري ڪيو هئائون. سندن مقبرو سن 1372هه/1953ع ۾ امام شاهه ۽ لال شاهه  جي اولاد تعمير ڪيو هو. هن علائقي ۾ کيس ”داتا شاهه حسين“ سڏيندا آهن. روايت آهي ته هي بزرگ محمد حسين پهريائين ڀر واري ڳوٺ ”ٿابل دُڇه“ ۾ اچي رهيا. مغرور دُڇن هن بزرگ کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيڻ کان اڳ ڪا ڪرامت ڏيکارڻ لاءِ چيو ۽ ان وقت ئي بزرگ جي گهوڙن ٻڌڻ وارن ڪلن مان وڻ ڦٽي نڪتا، پر بزرگ ناراض ٿي دُڇن کي پاراتو ڏنو ته:

وڃو دُڇا بکيا ٿابل منڊي

ورکـــان چـــڪ هــٽي

نتيجي ۾ دُڇا هوندي سوندي به بکيا ۽ بي فيض رهيا ۽ ڀر واري ننڍڙي ڳوٺ ورکان ۾ دڪان ٿيا ۽ هر هڪ شئي اتي ملندي  آهي.

        هي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو بزرگ جي نالي سان مشهور آهي. جتي مجاور ڀٽي فقير رهن ٿا ڀرپاسي جون زمينون دُڇا قوم جي زميندارن جو آهن، پري پري کان هن بزرگ تي ماڻهو اچي پنهنجون مرادون ماڻيند آهن.

        مخدوم نوح عليه الرحمت جي فيض يافته بزرگ حاجي ديوان نعمت الله ۽ چئن درويشن، جن سنڌ مان اچي پنجاب ۾ سڪونت اختيار ڪئي. انهن جا ڪيترا مريد شيخوپوره ۽ خانقاه ڊوگران کان سواءِ گجرانوالا، حافظ آباد، سيالڪوٽ  جمون ڪشمير ۽ پنجاب جي  ٻين به ڪيترن علائقن ۾ موجود آهن، جيڪي پرانهين پنڌ تان ڪهي اچي هالا ۾ پنهنجي مرشد ۽ گادي نشين جي حاضري ڪندا رهندا آهن.

        نوٽ: هيءَ سڄي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ آئون پنهنجي مرشد قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين جن جو شڪرگذار آهيان، جن هن سفر ۾ مون ناچيز کي پاڻ سان هلڻ جي اجازت ڏني. ۽ ڊوگر صاحبان کي حڪم  ڪري منهنجي رهنمائي جو انتظام ڪيائون.

        ان کان سواءِ آئون ميان مشتاق حسين ڊوگر صاحب شاهه زمان ولد حاجي فرمان علي ڊوگر صاحب ۽ ميان غلام  صمداني ڊوگر جو پڻ ٿورائتو آهيان.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org