سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي

باب-1

صفحو :6

شهــي ڪه بگـــذرد از نه سپر افسر او

اگر غلام علي نيست خاڪ برسر او

هڪ ٻيو شعر ڏجي ٿو:

اي ڪوي تو ڪعبهء سعادت ما را،

واي روي تـــــو قــبــــله عبادت ما را،

خوش آنڪه بهديهء عــنايت سازي،

وا رســتـه ز قــيـد و رسم عادت ما را.

70- مرزا پاينده بيگ بن مرزا محمد باقي ترخان: مجذوب الحال هو. ان ڪري سندس والد جي وفات بعد پٽس مرزا جاني بيگ تخت نشين ڪيو ويو. سندس شعر ملاحظه ڪريو:

فلڪ بڪام ڪه گرديد ڪاخرس نفگند،

تــراز ســنــگ فـــلاف قــيـــاس بايد ڪرد.

71- مرزا جاني بيگ بن مرزا پاينده بيگ بن مرزا محمد باقي ترخاني: مرزامحمد باقي جي فوت ٿيڻ بعد اميرن وزيرن هن صاحب کي 8 شوال 9993هه/ 13 آڪٽوبر 1585ع تي تخت نشين ڪيو. ست سال سهڻي نموني حڪومت ڪيائين. پوءِ مرزا خانخانان کيس شڪست ڏيئي دهليءَ وٺي ويو. پنج هزاري  منصب ۽ سنڌ ملڪ واپس مليس. شهزادو خسرو بن جهانگير (تولد 995هه/1587ع) سندس ناٺي هو. بادشاهه اڪبر ساڻ گڏ هو ته برهانپور ۾ سرسام ڪري 27 رجب 1008هه/1599ع ۾ فوت ٿيو. سندس مقبرو ڪوهه مڪليءَ تي آهي. شعر باشعور ۽ حقيقت افروز چوندو هو. نموني طور پيش خدمت آهي:

عشقي خواهم ڪه از خودي پاڪ ڪند،

آبـــي مـــــزه اي ڪه دهر نـــمناڪ ڪند

پــــاي ڪــه بــيـابـــان عــمـــل را ســپـــرد

دـسـتــي ڪه گــريبان هوس چاڪ ڪند

سندس فرزند مرزا غازي بيگ وري سنڌ تي  مغلن پاران راڄ ڪندو هو، ۽ عالم، فاضل ۽ شاعر هو. عالم نواز به هڪڙو ئي هو. طالب آملي، ملا مرشد يزد جردي ۽ شمس به سندس درٻار ۾ رهندا هئا. ”طالب“ سندس باري ۾ چيو آهي ته:

چـــــراغ انــــجــمــن دهـــر مــيـــرزا غــــــــازي،

ڪه زواست روشن اين هفت ڪاخ ظلماتي.

پاڻ صاحب ديوان آهي ۽ هڪ مثنوي بنام ”ساقي نامه“ به سندس چيل آهي. سندس شعرجو نمونو پيش خدمت آهي. سندس تخلص ”وقاري“ هو:

شــاخ جـنـون ز عـشــق توام سبزه شد هنوز،

اين ابتدا ست گل به ازين خواهدم شگفت.

---

بــزم عــشــق ســت ”وقــاري“ بـــادب بايد بود،

ڪه در آن جز بلب زخم تڪلم ڪفر ست

”طالب“ آملي جواب ڏنو:

موبمو قفل دهان باشد ڪه در مذهب عشق،

بــا بـتــان جـز بلل زخم تڪلم ڪفر ست.

هن جي عزيزن هن کي سن 1021هه/1612ع ۾ عبداللطيف نالي هڪ خانه زاد غلام هٿان هڪ قول موجب گهٽو ۽ ٻئي قول موجب زهر ڏياريائون. سندس سال وفات ”زدست غلام گل بردن رفته، دريغ!“ مان نڪري ٿو.

72- مولانا محمد حسين المشهور ملا جانباز ولد ملا سروري بن ملا حسين ٺٽوي: سادات شڪر الاهي جي پاڙي ۾ گذاريندو هو. ”سلامي سندس همعصر هو. هيٺيون شعر سندس آهي:

”جــانبـاز“ ترا دادن جان عار نباشد،

پروانه جز از سوختنش ڪار نباشد.

73- مخدوم حامد تتوي: ملا سلامي کان ٿورو اڳ جو آهي. سندس شعر ملاحظه ٿئي:

بي نسيم سحري غنچه نبايد بشگفت،

ڪــارهــا در گــرو وقــت مـعـين باشند

74-75- خان اعظم: مرزا عزيز ڪوڪه بن شمس الدين محمد خان اعظم اتڪه اڪبري وڏن اميرن مان هڪ هو. هي اڪبر جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو. هي صاحب شيخ حميد بن قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم باغباني سان گڏ حج تي ويو. احمد آباد ۾ سن 1033هه/1623ع ۾ وفات ڪيائين، سندس شعر ملاحظه ٿئي:

منه اي طفل اشڪ از خانهء چشمم قدم بيرون،

ڪه مــردم زادها از خانه مي آيند ڪم بيرون.

سندس وڏو ڀاءُ ”محمد يوسف“ پڻ اڪبري پنج هزار منصب جو صاحب هو. ۽ سن 973هه/1565ع ۾ فوت ٿيو. سو به صاحب مثنوي ”يوسف زليخا“ هو. چيو اٿس:

در ڪوي مراد خود پسندان دگراند،

در واديء عـشـق مــستمندان دگراند

76- خنجر بيگ ارغون: ارغونن جي خاندان مان هو ۽ مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي. سندس وفات جي تاريخ هن سٽ مان نڪري ٿي. ”صد واي ز  خنجر بيگ“ 1002هه/1594ع. سندس شعر ملاحظه ٿئي.

وه چه ان شوخ پس فتنه گري پيدا ڪرد،

عــالــمــي را بــادا و نــگـهي شيدا ڪرد.

77- ملا جلال داعي: مرزا جاني بيگ جي متعلقن مان هو، هن جي مدح ۾ چيائين:

زهـــي ز عـــدل تــو آسوده خلق رحماني،

حـلــول ڪـرده بدلهاي خلق چون جاني.

ز بس نــوال و ڪـرم عقل خيره گرديده،

نـدانـــد آنـڪه بگويد تو بحريا ڪاني.

بدست تـربيتت ”داعي“ آ نچنان باليد،

ڪــه رفـته رفته نهد پا به تخت سلطاني

مقطع تي مرزا ڪجهه ڪاوڙيو، ان ڪري داعي پاڻ کي زهر ڏيئي سن 1000هه/1591ع ۾ هلاڪ ڪيو.

78- محمد رضا دانش بکري: سلطان محمود بکري جي متعلقن مان هو. سلطان محمود جي مدح ۾ چيائين ته:

”مــرا در دولت سلطان محمود،

خدا مستغني از گردون نموده،

ڪه او را در ســجود درگـــه وي

ســر اخــلاص را وازون نموده“

79- خسرو خان چرڪس: چنگيز خان جي اولاد مان چرڪس خان ڏانهن منسوب آهي. جو قبچاق جي پٽ تي حڪومت ڪندو هو، ابتدا ۾ ملا جاني بندري وٽ هو. ان بعد مرزا عيسيٰ خان وٽ ننڍي ملازمت ۾ آيو. سندس ذاتي جوهر سبب جلدي پرڳڻي جي عملداري عطا ٿيس. مرزا جاني جي ڏينهن ۾ قابل اعتماد امير هو. جهڙس توفيق ۽ خير جو صاحب ٻيو ڪو هن سرزمين تي پيدا ڪونه ٿيو. جيتريون سندس نشانيون آهن،ا نهن جي ڏهين  حصي جيتري توفيق به ڪنهن امير يا بادشاهه کي نه ٿي. ٺٽي ۾ مڪليءَ جي گرد و نواح ۾ ٽي سو سٺ مسجدون، رائنڪون، پليون، کوهه ۽ تلاءُ ٺهرايائين، هي هڪ نامور ترخاني اميرهو، ۽ صاحب  طبع به. چرڪس قبيلي وارن جي ارڏاين ڪرڻ ڪري مرزا غازي بيگ جي دل تان ڪري پيو، هڪ روايت موجب هو ٺٽي کان لاهري بندر پهچي اتان ايران هليو ويو ۽ ٻيءَ روايت موجب هو هتي گذاري ويو. سندس هيٺيون شعر  ”مقالات الشعراء“ ۾ آيو آهي:

خـسرو!! خاني تو در وقتيڪه از جان ڪرم،

هر صباح و شام مي خواني بسي اهل همم،

خـــانــئه درگــاه رب الــعـالـمــين باشي اگر،

از تــو نــاراضــي رود  جاني زتن سوئي عدم.

سيد عبدالقادري ٺٽوي ”حديقة الاولياء سنڌ“ هن صاحب ڏي منسوب ڪئي هئي.

خسرو  خان جو فرزند لطف الله دربار خواهه قنڌار ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هو، ۽ قنڌار مان پٺاڻن جي تڙڻ ۾ نمايان ڪم ڏيکاريائين. هن جو پٽ فتح الله به ڏاڏي جي وقت ۾ مرادون ماڻي، چاچڪان جي پرڳڻي تي خودمختيار ٿي رهيو. اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪالو خان قريشيءَ کي خسرو خان نياڻي ڏني، ان ڪري اهي قريشي سندس حويليءَ ۾ رهڻ لڳا.

80- عبدالله راجي: سکر جي طرف جو رهواسي ۽ ملا سلاميءَ جو سهيوڳي هو. فرمايو اٿس:

در آن دــارڪ از درد يـــــار نيست اثر،

اگر بهشت بود بهتر از وي  است سقر.

81- ملا عبدالعلي رافت ٺٽوي: مرزامحمد باقي جو همعصر هو. ”ساقي نامه“ جو مصنف آهي، ٻه شعر سندس يادگار آهن:

بـهــار آمـــده فڪر صهبا ڪنيد،

در عيـــش بــروي خـــود وا ڪنيد،

صــبــــا ميزند حرف در گوش گل،

جو زرداري امروز ڪن صرف مُل.

82- مرزا عبدالرحيم خانخانان رحيم: بيرم خان جو فرزند ۽ اڪبر جو پيارو سپهه سالار، لاهور ۾ سن 964هه/1556ع ۾ ڄائو. سندس والد جي شهادت وقت سندس عمر چار سال هئي. اڪبر بادشاهه هن جي تعليم و تربيت جو ڪم  آخوندي  ملا محمد امين اند جاني جي حوالي ڪيو. فاتح سنڌ هو، صاحب سيف وقلم هو. دهلي ۾ سن 1036هه/1626ع ۾ فوت ٿيو.  سندس احوال ”ماثر رحيمي“، از خواجه عبدالباقي ۾ مفصل آيل آهي. ترڪي،فارسي ۽ هنديءَ ۾ شعر چوندو هو. چڱو، سندس شعر مان سواد وٺو.

نيم فضول ڪه جويم وصال همچو توئي،

بس ست همچو مني را خيال همچو توئي.

---

اي دوســت نه دشــنـــي دل آزاري چــيــســـت،

خــوي تــو نه دهــر ســت ســتمـگاري چيست،

چشم تــو نه بخت ما ست پرخواب چراست،

بــخــت تــو نه چشم ما ست بيداري چيست.

83- محمد شريف شاهد: مرزا غازي جي حڪومت جي زماني ۾ پنهنجي وقت ۾ حسن جي عالم ۾ بينظير هو. اڪثر ڌڻيءَ جا بندا سندس ديدار فرحت آثار لاءِ ايندا هئا. جهڙو هو پاڻ گل نودميده، تهڙي هيس طبع لطيف ۽ شگفته. شعر ملاحظه ڪريوس:

نيست در ملڪ سخن رسم امانت داري،

ڪــاملآنــســت ڪه او معنيء بيگانه برد.

84. محمد شريف ٺٽوي: ملا سلاميءَ سان هجو ۾ ڏي وٺ ڪندو هو. سلامي هڪ دفعي چيو:

گـــــــر نــبــاشــــي گـــاده اشـــــــرار تو،

هـــان قـــرادر اســـم شر پيدا چراست

آخرت تصحيف تــفــست زين سبب،

ڪونت از ڪير خران پاره بجا است.

شريف جواب ڏنو:

بقول مسخره از جا رود چگو نه شريف،

ڪه سگ هميشه بياوه زبان برون دارد،

اگــر نه اوسـت سزاوار نار چون اسلام،

در اســم او هــمگي صورت نگون دارد.

85- ملا محمد رضا شڪيبي اصفهاني: هن صاحب جو ذڪر نفحات الانس، ماثر رحيمي ۽ ”ميء خانه“ ۾ آيل آهي. هن جي والد صاحب جو نالو ظهير الدين عبدالله امامي هو. 964هه/1556ع ۾ ڄائو، 34 سالن ۾ اصفهان ڇڏي هرمز بندر تان ديبل بندر تي پهتو. ان بعد احمد آباد جي رستي کان آگري پهتو. اتي خان خانان جي خدمت ۾ رسيو ۽ سن 1013هه/1604ع ۾ فوت ٿيو. شاعر رنگين بيان شيرين زبان هو. سندس شعر پر اثر ملاحظه ٿئي:

لايق مجلس نيم ليڪ از براي چشم زاخم،

شاخ خشڪي نيز درڪار است بستان ترا،

---

پروانه نيڪ رفت ڪه درپيش شمع سوخت،

آگــه نــشــد ڪــه ســوخــتن غايبانه چيست

86- مرزا صالح ابن مرزا عيسيٰ ترخان: پنهنجي والد جي وقت ۾ مريد بلوچ هٿان سن 9470هه/1562ع ۾ شهيد ٿيو. هيٺيون شعر ملا بدايوني جي ”منتخب التواريخ“ ۾ ڏانهس منسوب آهي. تاريخ معصومي پڻ دهرايو آهي.

بر ان عزمم ڪه در ملڪ جنون از سر قدم مانم،

مــتــاع هـــوش و دانــش را بــبازار عــدــم مــانم.

87- امير طاهر صدر: جڏهين همايون بادشاهه ٻٻرلو جي باغ وٽ لٿل هو، تڏهن هن صاحب کي 947هه/1540ع ۾ مرزا حسن وري ٺٽي ڏي ايلچي ڪري موڪليو. چيو اٿس:

زيــنـت دنــيــا بــود مـــــال و حشم،

ليڪ پيش اهل معنيٰ بي بقا ست.

88- احمد طباخ: ارغونن جي زماني ۾ رهندو هو. ڪلام پڪو هوس. ملاحظه ٿئي:

نهاده شمع چراغي براه پروانه،

ڪه تا فروغ دهد اتحاد يار بيا.

89- سيد عبدالقادر حسيني: ترخاني دور جو مورخ، ”حديقة الاولياء سنڌ“ جو مصنف ۽ امير خسرو خان چرڪس جو معاصر، سيد عبدالقادر ولد سيد محمد هاشم ابن سيد محمد الحسين ٿي گذريو آهي. امير خسرو خان چرڪس ڏانهن هي ڪتاب منسوب ڪيو اٿس. حديقة الاولياء ۾ هر جڳهه اولياء ڪرام جي صفت ۾ شعر چيا اٿس. هت امير خسرو خان جي مدح ۾ شعر چيو اٿس، ان مان نموني طور ڏجي ٿو:

جمال صورت و معنيٰ، ڪمال دين و دول،

نــهــال دولــت جــاه و گـــل حــديقة جان،

سـحـاب دســـت نوالش چو قطره بار شود،

ز  قـطـهــره قــطــــره شود رشح قلزم عمان.

90- علي بيگ جلاير: بابر بادشاهه جي ملازمن مان هو. سن 950هه/1543ع ۾ همايون بادشاهه سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪيترين جنگين ۾ ثابت قدميءَ  کان ڪم ورتائين، چوي ٿو ته؛

گفتم ڪه عدم گشت وجودم ز غم تو،

گفتا ڪه مساوي ست وجود و عدم تو.

91- علي خان: مرزا  باقي جي متعلقن مان هو. ”تاريخ طاهريءَ“ ۾ هيٺيون بيت سندس ڏنل آهي:

اي عــلــي خــان رو، نڪوئي ڪن ڪه بعد از مرگ تو،

نيڪ و بد گويد ڪه آن مسڪين برحمت در گذشت.

92-93- علمي ۽ ڪلامي لاري: علميءَ جو نالو شمس الدين محمد هو. دکن جي اميرن سان تعلق هوس، حرمين کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ بکر طرف ويو. 975هه/1567ع جي ويجهي زماني ۾ فوت ٿيو. ”يدبيضا“ ۾ سندس هيٺيون شعر آيل آهي:

قــبــاي ســبــز در بــرســرو ناــزش مي توان گفتن،

سخت ڪو ته ڪنم عمر درازش مي توان گفتن

        سندس ڀاءُ ”صدرالدين محمد ڪلامي“ افضل خان امير دکني ڪري اهو تخلص رکيائين. سن 977هه/1569لع ۾ گذر ڪيائين. ”بدبيضا“ ۾“ سندس هيٺيون شعر آيل آهي:

قدط توسايه نيفگند وقت جلوه ناز

ڪه سر و ناز بپايت نهاده روي نياز

94- غضنفر بيگ: ارغوني خاندان سان تعلق هوس. مرزا باقي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏيس.تڏهن وڃي ڪڇ پاسي مقيم ٿيو. مرزا جاني بيگ جي دور حڪومت ۾ خسرو خان چرڪس جي سفارش تي مقبول درگاهه بنيو. مرزا خانخانان سان وڙهندي سوستان ۾ شهيد ٿيو. مرزا باقيءَ جي هجو ۾ هيئن چيو اٿس:

نــمــود آواره ام مــر زاي بــاقي – نـــيــــا ســــايــد دمـي برجاي باقي

زحق است عنقريب اين آر زويم- ڪه گوشم بشنو داي هاي باقي

        وري هيٺين آرزو ڏيکاري ٿو جا به جلدي اثر پذير ٿيس:

ديـــده ور  راه نگارند همه – محبي خود سوي يارند همه

در چمن بين بسوي لاله و گل – از تب عشق فگارند همه

95- غلام حسين گجراتي: بيرم خان جي همراهيءَ ۾ سنڌ ۾ آيو.  چوي ٿو:

دل چو صافي گشت نتوان ساختن باتيره جسم،

قــطـره چــــون گــوهر شود چندان نسازد باصدف.

96- مير غلام علي ولد مير محمد محسن: سيد محمد حسين المعروف سيد مراد شيرازيءَ جي ڏهٽن مان هو. وقت جو ”موحد“ هو، مشڪل ۽ معنيٰ خيز بيتن جون شرحون ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بيت ۽ غزل به  چوندو هو، نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

عــابــد خلوت گزين دوش چوپيمانه خواست

از اثـــر مــئي دلش ڪو چئه جانانه خواست

97- ملا ابوالفتح فتحي: هيءُ مشهور ملا بوبڪن جو رهواسي هو. مخدوم جعفر جي ڏينهن ۾  هو چوي ٿو:

ترا گمان ڪه مجنون ز ليلي آواره ست

يقين ما ست ڪه ليلي جزاز بهانه نبود

98- فيروزه: همايون بادشاه جو همراهه ٿي سنڌ ۾ آيو. ”حنفي“ تخلص هوس. موسيقي، شعر ۽ طنبوري وڄائڻ ۾ ڪمال رکندو هو. چوي ٿو:

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org