غــيــر مــنظــور نــظــر سـاخــتـه اي
يــعــنــــــي چه
بــــنــــده را ز نــظــــر انــــداخــتــه اي
يــعـنـــي چه
توڪه با هرڪس و ناڪس همه دم لطف ڪني
قــيـ؛ــمـــــت حســــن بــــر انـــداخته اي،
يعني چه
99- امير شاه قاسم بيگلار بن ايرڪ بيگ بن چوچڪ
بيگ:
بيگلار گهراڻي مان هو. جو حضرت علي رضه جي اولاد
جي سللسي ۾ داخل آهي. اصل سمرقند جو هو. مير شاهه
قاسم شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ پهچي
ڏاڍيون عنايتون حاصل ڪيون، جهيجن جا پرڳڻا جاگير
۾ مليس. عمرڪوٽ جي راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان
شادي ڪيائين. جنهن مان 947هه/1540ع ۾ مير
ابوالقاسم خان زمان فرزند پيدا ٿيس. هو همايون
بادشاهه واري پهرينءَجنگ ۾ گذاري ويو، جا سن
952هه/1545ع ۾ لڳي هئي. سندس تربت تور ڪئي جي ڳوٺ
(مقام درويش ونهين) ۾ آهي.
100- سندس فرزند ابوالقاسم خان زمان:
پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهجي ماءُ سان
پٽپن ۾ رهڻ لڳو. ان بعد شاهه حسن سندس تربيت لاءِ
ڏاڍي ڪوشش ورتي.ان کان پوءِ مرزا عيسيَ وٽ مرزا
باقيءَ کان ڀڄي جان بابا سان مليو. ان وٽ سندس
بهادريءَ جا ڪارناما نشانبر آهن. ان بعد مرزا جاني
بيگ وٽ رهي چونڊ اميرن ۾ داخل ٿيو. مرزا جانيءَ
سان گڏ درباري اڪبر ۾ به ويو. سن 954هه/1547ع ۾
فوت ٿيو، ۽ تورڪيءَ جي ڳوٺ يعني ”قبرستان ميان
ونهيئي“ ۾ مدفون آهي.
پاڻ شگفته طبع شاعر هو. فرمائي ٿو:
”مقصود عاشقي ست بهر صورتيڪ هست
دلـــبـــر اگـــر ســپــيـــد نــبــاشد سياهڪي
101- سندس سپوت پٽ مير ابوالقاسم سلطان المتخلص
”بيگلر“:
سن 969هه/1561ع ۾ ڄائو. ادراڪي بيگلار جنهن جو ذڪر
اڳ ٿي چڪو آهي، ”مثنوي چنيسرنامه“ سندس نالي منسوب
ڪئي. ”تاريخ بيگلارنامه“ سندس طبع جو جولانيءَ جو
نتيجو آهي. هت هي ذڪر ڪرڻ واجب آهي ملا عبدالقادر
بدايوني صاحب ”منتخب التواريخ“ ۽ مير محمد طاهر
نسياني صاحب ”تاريخ طاهري“ ڄاڻايو آهي ته ”مثنوي
چنيسر نامه“ هن صاحب جي تصنيف آهي. مگر مير علي
شير ”قانع“ هن جي ترديد ڪئي آهي ۽ ڄاڻايو آهي. هي
صاحب ممدوح آهي ۽ ٺاهيل ادراڪي بيگلاري جي آهي. هن
تحقيق ۾ ”قانع“ صاحب صحيح آهي. سندس طبعزاد رباعي
ملاحظه ٿئي:
اي ابـــر فـلڪ قطره بر آورده تست،
در بطن صدف گر هر پرورده تست،
در دامــــن گـــل بوي بر آورده تست
اي بــــاد صبا اين همه آوارده تست،
سندس وفات سن 1030هه/1620۾ ٿي.
102- خان زمان جو ٻيو نمبر فرزند مقيم سلطان
پڻ ارغون ۽ بيگلار قوم ۾ نهايت شاندار ٿي گذريو
آهي.
103- مرزا ڪامران بند بابر بادشاهه:
هي صاحب گلرخ بانو جي بطن مان 14-915/1509ع ۾
ڄائو. 932هه/1525ع ۾ کيس ڪابل ۽ قنڌار سپرد ٿيا.
ٻن سالن کان پوءِ ملتان صوبو به کيس مليو.
937هه/1530ع ۾ جڏهين بابر فوت ٿيو تڏهن هن جو
اختلاف همايون سان شروع ٿيو، ڪابل ۾ جڏهن همايون
بادشاهه پهتو، تڏهن ان کان به اڳ ڪامران سنڌ ۾
آيو. مرزا شاهه حسن جي نياڻي چوچڪ بيگم سان نڪاح
ٿيس. ان کانپوءِ مرزا ڪابو ويو. همايون جي ملازمن
کيس قيد ڪري نابين بنائي ڇڏيو. سنڌ مان ٿيندو حج
تي چوچڪ بيگم سان گڏ روانو ٿيو. ۽ مينا ۾ سن
964هه/1556ع ۾ فوت ٿيو. شعر، علم ۽ فضل ۾ دسترس
ڪامل هو. ملاحظه ڪريو.
چـــشــم بر راه تـــو داريــم شد ايامي چند
وقت آن شد ڪه نهي جانب ما گامي چند
بهر صيد دل مادانه خال تو بس است،
هر دم از زلف منه برسر مادامي چند
هن جو فرزند مرزا ابوالقاسم ”شوڪتي“ گواليار جي
قلعي ۾ سن 973هه/1565ع ۾ فوت ٿيو. تاريخ هيٺين سٽ
مان نڪري ٿي. ”نماند از ڪامران نام ونشاني“
(973هه/1565ع)
104- سيد نجم الدين محمد ابوالقاسم ڪاهي:
سندس نسب سمرقند ۽ بخارا جي وچ ۾ ميان ڪال جي جبل
جي ساداتن سان متعلق آهي. ”رند مشرب، مستغني مزاج
۽ رسم و قيود کان عاري هو“. تمام عمر تجريد ۾
گذاريائين. پاڻ چوي ٿو:
عـــــروس دهر ”ڪاهي“ رانزيبد،
ازان رو همچو عيسيٰ گشته فردم.
بکر ۾ شاهه جهانگير هاشمي جي صحبت مان فيض حاصل
ڪري درگاه اڪبر ڏي ويو. قصيده ”لازم فيل“ ٺاهي هڪ
لک تنڪا انعام حاصل ڪيائين. ان جو مطلع هي آهي:
تــا بـغـيــبلان ميل ديدم دلستان خويش را،
صرف راه فيل، ڪردم نقد جان خويش را.
بنارس ۾ ڪجهه وقت رهي آخر عمر جو وقت آگري ۾
گذاري، 988هه/1580ع ۾ فوت ٿيو. سندس سال تاريخ هن
مصرع مان نڪري ٿو:
ز جهان رفت قاسم ڪاهي (988هه/1580ع)
شعر، موسيقي ۽ معما ۾ ڪمال هوس. ديوان جو صاحب پڻ
هو. سندس دل جا ڪجهه ٽڪر شعرجي صورت ۾ ملاحظه
ڪريو:
نـــه نرگس ست عيان برسر مزار مرا،
ســـفيد شد برهت چشم، انتظار مرا.
ز خـضر عمر فزونست عشق بازار را،
اگــر ز عــمـــر شمارند روز هجران را.
---
از گـــــريهء من حال رقيب تو خرابست
ز آنروي ڪه مرگ سگ ديوانه بآبست
105- مرزا لعل بيگ:
ترخانين جي وقت ۾ پهريائين ٺٽي جو ڪوٽوال ۽ پوءِ
شاهه بندر ۽ لاهري بندر جو بنيو. فرمائيٿو:
هر ڪه در بند خود افتاده چون بهره نبرد،
زرد رو نـــاله ڪـــــــنان خيزد و برباد رود،
لائـــق مــحـــفــل رندان نبود ابوالهوسي،
ڪه بــيــڪ گـــردش ايـــام پئي داد رود.
106- محرم:
محرم ڪوڪه، مرزا ڪامران جو همراهه ۽ همدم رهيو. هڪ
شعر ۾ چوي ٿو:
آتش فتاده درمي، از آه آتشينم،
سوراخ شد دل تن، ازنالهء حزينم
107- مراد:
مراد ڪوڪه مرزا ڪامران جو حاضريءَ وارو نوڪر هو.
هي وفا شعار ملازم ساڻس گڏجي سنڌ ۾ آيو. سندس شعر
آهي:
جامه گلگوني درآمد،مست در ڪاشانه ام،
خـيز اي همدم ڪه افتاد آتشي در خانه ام.
ســنــدس پــٽ مــزيـد پڻ صاحب طبع هو.
108- معتصم:
مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. هي تمام
بهادر ۽ جوان دل هو. مرزا جي ملازمت ۾ رهي حياتيءَ
جا ڏينهن پورا ڪيائين. چوي ٿو :
سنگ روي و سخت دل از فڪر روزي فارغ اند،
آســيــا را آب و دانه زيــن ســبب از خـود رسيد.
109- نيازي:
بخارا جي سيدن مان هو، شعر، معما، عروض ۽ هجو
گوئي ۾ ڪمال هوس. مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ آيو.
مرزا باقي به سندس خيال رکندو آيو. سندس شعر هيٺ
ڏجي ٿو:
بروي آتشين زلف تو اي سيمين ذقن پيچد،
بلي چون موي برآتش فته بر خويشتن پيچد.
110- همايون بادشاه:
همايون بادشاه بن بابر بادشاهه 913هه/1507ع ۾
ڄائو. پڻس جي فوت ٿيڻ بعد آگري ۾ 937هه/1530ع ۾
تخت نشين ٿيو. سنه 947هه/1540ع ۾ شير شاهه کان
شڪست کائي سنڌ ڏانهن رخ ڪيائين. 950هه/1543ع ۾
عراق عجم طرف ويو. 962هه/1554ع ۾ سڪندر سوريءَ کي
شڪست ڏيئي پاڻ هند جو حاڪم بنيو. 963هه/1555ع ۾
ڪتابخانه جي ڇت تان ڪري پيو ۽ ان صدمه جانگاهه ۾
وفات ڪيائين. قابل شاعر ۽ صاحب مذاق هو. سندس شعر
ملاحظه ٿئي:
وصف لعل تو بر زبان من است،
آتــش درمــيــان جـان من است
---
نالهء زار مراني چو شــنيدن گيرد،
آه از رو زنهء سينه ڪشيدن گيرد.
ٺٽي جا بزرگ
شعر جي گلستان جو سوکائتو سير ڪري، هاڻي اسين وري
ٺٽي جي برزگن جي بات جي تات تنواريون ٿا.
111- مولانا مصلح الدين لاري:
فقط تاريخ معصومي هن صاحب جو احوال ڏنو آهي. نهايت
وڏو عالم۽ عربي علوم جو وڏو ڄاڻو هو. مرزا شاهه
حسن جو استاد به رهيو. سن 951هه/1544ع ۾ موڪلائي
حج جي ارادي سان مڪه معظمه روانو ٿيو، ۽ اتيئي فوت
ٿي ويو. شمائل ترمذيءَ جي شرح، بنام ”شمائل نبوي“
تفسير بيضاويءَ جو حاشيو، منطق جو فارسي شرح ۽ ٻيا
رسالا سندس تصنيف ڪيل آهن.
112- قاضي ڪاشاني:
قاضي شيخ احمد جنهن جو احوال مٿي ٿي آيو آهي، ان
سان گڏ تاريخ معصوميءَ جي صاحب هن صاحب جو بيان به
هڪ جملي ۾ آندو آهي. تحفة الڪرام ۾ سندس احوال ڪين
آهي. باقي مقالات ۾ مرزامحمد باقي جي همعصرن ۾
سندس نالو آيل آهي.تاريخ معصوميءَ ۾ لکيل آهي ته
”سندس ڪماليت ظاهر ڪرڻ کان هو بي نياز آهي.“
113- ميرمحمود پورائي:
هن صاحب جو احوال به فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل
آهي. بلند اقبال سيدن مان هو. پهريائين هرمز جي
رستي کان ٺٽي پهچي، شيخ بايزيد پورانيءَ جي
نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. ان بعد بکر ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪيائين. هن صاحب جو احوال بکر جي بزرگن ۾
اچڻ کپي ها، مگر هتي ڏجي ٿو.
نهايت زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو، هميشه گوشه
نشين رهندو هو. دنيا وارن سان دل نه رکندو هو.
ڪڏهين ڪڏهين عيدن جي موقعن تي سلطان محمودجي درٻار
۾ ويندو هو. سنه 977هه/1569ع جي اوائل ۾ راه فنا
کان راه بقا ڏي ويو.
114- سيد شاهه منبه؛
پيران پير جي اولاد مان آهي. سيد ڪمال شيرازي، سيد
شاه عبدالله حسيني ۽ سيد شڪرالله شيرازي جي
چوياريءَ جي هڪ ڪڙي هو. هن سڳوري جي قاضي شڪرالله
سان ڏاڍي محبت هوندي هئي،. جتي هينئر سندس تربت
آهي، اتي هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو. هن خاني جي
صاحبه ۽ اُن جو پٽ سندس خدمت ڪندا هئا، جي سندس
پيرانديءَ کان آرامي آهن. ”سندس ڪرامتون ظاهر ۽
سندس مناقبن جو نشانيون نشانبر آهن.“ ”تحفة
الطاهرين ۾ آيل آهي ته سندس ملاقات خواجه خضر سان
به ٿي هئي.
115- پير بدر:
هڪ وڏو ولي ارغون جي ڪاهه وقت شهيد ٿيل ۽ جتن جي
پاڙي ۾ مشهور آهي. هن بزرگ جي بلند مرتبي متعلق
عجيب داستان ٻڌا ويا آهن. هن کي تحفة الطاهرين
”شاهه بدر“ ڪري لکيو آهي.
116- پيرعباس:
درويش آجر جي وقت جو هڪ بزرگ هو. سندس حالات عجيب
۽ ڪرامتون بينظير آهن. تحفة الطاهرين جي صاحب لکيو
آهي ته ڪوڙهه جي مرض وارو هتان شفاياب ٿئي ٿو.
پنهنجو ذاتي تجربو پڻ بيان ڪيو اٿس.
117- پير شاهي:
ملڪ امان جي چوڪ جي سامهون، جتي مدفون آهي، اتيئي
گهر هوندو هوس. مرزا عيسيٰ جي ڏينهن ۾ فرنگين جي
لشڪر جي حملي ۾ شهيد ٿيو. هي واقعو سن 963هه/1555ع
جو هو.
118- شاهه مسڪين:
هڪ ڪامل فقير هو. ڪن روايتن موجب عالي نسب سيد هو.
جتي مدفون آهي اتيئي مقيم هو. فرنگين جي فساد ۾
شهيد ٿيو. بزرگيءَ جي برتريءَ ۽ ڪمالات جي فوقيت ۾
مشهور هو. ميان ابوالقاسم نقشبندي چوندو هو ته
”ٺٽي ۾ هن جهڙو ڪامل بزرگ ٻيو ڪو دفن ٿيل نه آهي.“
119- پير دادن:
هڪ وڏي ۾ وڏو پير ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. مٿي
اگهاڙو وارن کنڊڙيل ۽ تڪيه وارو فقير هو. ڪن
روايتن مطابق سيد يوسف بکريءَ جو همعصر هو. مگر
هن صاحب جو مذڪور شاهه سان دلي تعلق هو.
مڪليءَ جا مڻيا
هاڻي اچو ته مڪليءَ جي چند مڻين مان مخدوم
صاحب جي معاصرن جو ذڪر خير ڪريون. ڪن صاحبن جو ذڪر
خير ته اڳ ۾ ٿي چڪو آهي ۽ ڪن جو ذڪر وري مخدوم نوح
رحه جي مرادوند مريدن ۾ ٿيندو.
120- شيخ جيو:
شيخ ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. سندن والد شيخ
نعمت الله سمن جي دور ۾ ٺٽي آيو. هن حساب سان هي
مخدوم نوح رحه جو همعصر آهي. تاريخ وفات هن بزرگ
جي معلوم نه آهي. ”مگر ڪرامت جي ڪرڻن ۽ هدايت جي
نور سببان کيس ”مڪليءَ جو ڏيئو“ سڏجي ٿو.“ سندس
بزرگيءَ ۽ ڪمال جي تعريف سڀني تاريخي ڪتابن ڪئي
آهي. تحفة الڪرام ۾ آيل آهي ته ”نهايت نورانيت ۾
هيءَ درگاه سڄي مڪلي ٽڪريءَ تي ممتاز هئي.“ ”تحفة
الطاهرين“ لکيو آهي ته ”معرفت جو نور سندس
پيشانيءَ مان ظاهر هو ۽ هدايتن جا شعاع سندس جبين
مان نڪتا پئي. ڪيترن ماڻهن سندس فيض تربيت ڪري، حق
جي راهه ورتي ۽ سندس همت طفيل معنيٰ جي ملڪ ۾
رسيا.“ ”حديقة الاولياء ۾ سندس لاءِ وڏو قصيدو
موجود آهي، جنهن مان ڪجهه پيش خدمت ڪجي ٿو:
آن ســــــرور افــــتخار دروان، صــــدر
زمــن و مدار دوران،
مــــرات خـــــصــــائل رضــيه خــورشيد
جمال شيـخ جيه،
خضرد دويم و مسيح ثانــــي سـرچــشــمه آب
زنــدگاني،
مــــــرغ چمنش ز پـــــرده راز، هـمــوار
چـنـين بود نواساز.
121- شيخ حسين سومرو:
هي صاحب، سيد محمد حسين عرف پير مراد شيرازيءَ جي
خاص مريدن مان آهي. ڪلا قوم سندس اولاد آهي ۽ هي
سڀ سيد صاحب جي گهراڻي جا مريد آهن.
122- درس ڀنڀو:
هي درويش، سيد علي شيرازي جو هڪ ڪامل مريد ۽ سندس
مقبري جي اوڀر طرف آرامي آهي.
123- مخدوم جمعو:
”هڪ وڏو ولي، ڪامل، متقي، فضيلت ۽ ڪمال ۾ مشهور،
حال ۽ قال سان موصوف، ۽ سيد علي شيرازي ثاني ۽ شيخ
اسحاق اربعائيءَ جو همعصر هو.“ سندس وفات جي تاريخ
معلوم نه ٿي سگهي آهي. مگر جيئن ته پاڻ سيد علي
شيرازي ثاني (وفات 981هه/1573ع) جو همعصر هو، تيئن
سندس وفات ڏهين صديءَ جي آخر ۾ ليکي ويئي آهي.
124- درويش آجر:
تاريخن هن بزرگ جو نالو ”آجر“ ڏيکاريو آهي. ۽
ترجمي ۾ وري هن لفظ ”آجر“ کي ”آچر“ لکيو ويو آهي.
”آجر“ لفظ جي تحقيق ڪندي معلوم ٿيو ته آجر، آجور،
آجر (آگور لفظ مان نڪتل آهن) ۽ سندس معنيٰ ٿيندي
”پڪل سر“ ان لحاظ سان ”اجر (تراش جي معنيٰ ”سر ڪٽڻ
وارو“ يا ”رازو“ آهي. جيڪڏهن مذڪور لفظ جون اهي
معنائون وٺجن ته اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته
هي صاحب پهريائين معمار هوندو. مگر تاريخ جي
ڪتابن مان ظاهر آهي ته هي صاحب ڀوڳڙي هو. سندس
بزرگي هن مان ظاهر آهي ته سيد علي ثاني شيرازيءَ
هن کان فيض پرايو. ان .کان پوءِ مخدوم نوح رحه جو
مريد ٿيو.
125- سيد شاهه عبدالله حسيني:
پيران پير جي اولاد مان مٿي ڄاڻايل يارن يعني،س يد
منبه، سيد ڪمال، ۽ سيد قاضي شڪرالله، وڏي ۾ وڏو
يار آهي. هيءُ سڳورو شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾
گجرات کان ٺٽي ۾ آيو. هي صاحب مجرد رهيو ۽ عبادت ۽
رياضت ۾ مصروف. چڱي وقت گذرڻ بعد سندس قبر ڊهي
ويئي. سيد حافظ الله گجراتي پنهنجي خليفن شيخ
يعقوب ۽ ابوالبرڪات کي مڪلي تي وڃي سندس ڊٺل نشان
کي ظاهر ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ اهو ارشاد پيران پير
طرفان صادر ٿيل هو. ”تحفة الطاهرين“ لکيو آهي ته
انهي بزرگ ٺٽي ۾ اچي سيد علي شيرازايءَ کي هن ساري
حال کان باحال ڪيو. چون ٿا ته شيخ يعقوب خليفو
ابوالبرڪات پٿر کڻي آيا. ۽ سيد علي پنهنجي هٿن سان
رکندو آيو. هي صاحب عبدالله اصحابيءَ جي نالي سان
مشهور آهي. سندس تربت تي نئين عمارت سن 1350هه
بمطبق 1931ع ۾ ٺهي راس ٿي. |