هڪ شخص، ترُڪي ٽوپي پيل، وڏي ڏاڙهي، ٽائي ٻڌل، ٽم
ٽم ۾ چڙهيل، ’مخلص‘ کي ملي ٿو. سندس احوال ’مخلص‘
کان ٻڌو:
ديديم ٽم ٽمي را، شخصي چڙهيده بوده،
گردن ۾ ان جي ڪالر ٽائي لڳيده بود.
حالت جا ان بنائي، ڪهڙو بيان تنهنجو،
سر تي ٿي ترڪي ٽوپي، ڏاڙهي ڏڪيده بوده.
ان کان پڇيم ته مسٽر ڪاڏي اوهين وڃو ٿا،
چيائين ته ’ماٺ اُلو!‘ شايد رنجيده بوده.
پيڇو ڇڏيم نه ان جو، پٺيان ٿيس روانو،
آخر وڃي ته هڪڙي گهر ۾ گهڙيده بوده.
سس کي وڃي پيو پيرين، بيٺ ٻڌي ٻئي هٿ،
ورتس انهيءَ بغل ۾، ڳلڙا چميده بوده.
چيائين: ’پري ٿي چاچي، مانع شرعيت آهي‘
چيائين ته ’وس نه منهنجو، شوقم بڙيده بوده‘
’هيءُ قاعدو ته جيسين سامائجي وڇيري،
گهوڙيءَ مٿي چڙهڻ ۾ حرڪت نه ديده بوده!‘
آخر وجهي ڳهاٽي، يڪذات سي ٻئي ٿيا،
مطلوب ساڻ طالب کٽ تي سمهيده بوده.
اين طور من نديديم هرگز گزل کسي را،
سعدي نه شعر ههڙو هرگز لکيده بوده.
سڀ شاعرانِ سنڌي افتاد در تعجيب،
وه واه شعر هن کان وڻها وڄيده بوده.
ميدان جو تماشو توکي ڏسڻ هو واجب،
هو اسپ لنگ يا ڪجهه دائم دويده بوده.
ليڊر تي جلهه ملاحظه ڪريو:
لنگور ٿئي ڇو ٿو تنظيم جو شيدائي،
اهڙي ڪا چري چوتل ماڻس به ڪڏهن ڄائي!
مواليءَ سان ڳالهه ٻولهه:
پيريءَ جي ٿوپ نيز ضعيفن جي لاءِ زور،
ڇا دلفريب آهه ٿيو نشو افيم جو.
پيرن تي مارو:
ڀنگڙي ملي، افيم ملي، چرش پڻ ملي،
پنڪين ۾ سير لاءِ وري عرش پڻ ملي.
آهي اسان جو پير ٿيو عرش جو ڌڻي،
آفيم، ڀنگ، چنڊو ۽ چرش جو ڌڻي.
ان جي نظر سان پهچي وڃو جلد عرش تي،
ٺوڪر هڻون اسان ٿا زمين جي ته فرش تي.
ڇا عرش پر زمين به پيرن مان ٿئي ٿي تنگ،
جن جي وزم کان چرش جو اڏري ويو نام ننگ.
’مخلص‘ صاحب جا مشهور شاگرد: سندس شاگردن جي حلقي
مان مرحوم غلام احمد ”نظامي“، مرحوم جمعو خان
”غريب“، الحاج الله بخش ”سرشار“ عقيلي، وغيره سنڌ
جا بلند پايه شاعر آهن.
سندس نالي تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ هڪ ادبي جماعت ”بزم مخلص“
جي نالي سان برپا ٿي آهي، جا سنڌي علم ۽ ادب جي
خدمت ڪندي رهي ٿي.
هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو پش ڪجي ٿو:
انتخاب
ڪافي
سگهو موٽ مسافر يارَ مري،
تنهن کي پاڻ پڇو ٻه ٽي پير ڀري.
هڪ سهڻيءَ کي سڪ سامان هئا،
ٻيا ڏيرن جا به ارمان هئا،
ٽيون ملڪ پنهنجي ۾ نه مانُ هئا،
چوٿون جت ويا تنهن سان ڏاڍ ڪري.
هڪ سهڻيءَ کي چِڪ چوُر ڪيو،
ٻيو پار وڃڻ به ضرور پيو.
ٽيون ميهر جو جنهن کي پوُر پيو،
چوٿون تِک وهي ته به تار تري.
هڪ عشق تنهنجي جو آزار ٿيو،
ٻيو بت سڄو بيمار ٿيو،
ٽيون نيڻين جاري ناز ٿيو،
چوٿون درد جو دارون ڪير ڪري.
هڪ حال ”هاشم“ جو هيڻو ٿيو،
ٻيو سور سڄڻ تنهنجو ٻيڻو ٿيو،
ٽيون درد مون کي آهي ٽيڻو ٿيو،
چوٿون محب ملي تان شل دلڙي ٺري.
غزليات
يار دلدار، وضعدار، خوش اطوار سندي،
پرتوِ رخ کان ٿيو ماهِ منور پيدا.
______
هڪڙي هجرت گل سندي ۽ ٻي هتي ڪُنجِ قفس،
اي فلڪ چئو آه باقي ڪا سزاي عندليب.
______
عشق تنهنجي ۾ مون سڀ ننگ ۽ ناموس ڇڏيو،
ليڪ توکي نه پيو منهنجو حيا، ڇا باعث؟
______
ناهه جنسِ غير ڏانهن ڪو ميل توڻي حور هوءِ،
ٿيو مثل مشهور هي ’انسان کي ٿيو انسان پسند‘.
______
مون کي دلبر چيو، رڱيندس هٿ،
’چشمِ پُر خون مان خون فشاني ڪر!‘
______
هوا وانگر وڃان اُڏري، آهيان آءٌ اهڙو ديوانو،
پَري پيڪر سندم هوندو اگر قصرِ سليمان ۾.
______
زلف کوليا باغ ۾ جيئن ان سراپا باغِ حسن،
مارِ پيچان جي طرح سنبل ٿو کائي پيچ و تاب.
ڇو پڇين مون کان ٿو ’مخلص‘ هر گهڙي هر لحظي تون؟
عشق ۾ تقويٰ نه واجب، ۽ نه واجب اجتناب.
______
ڇو نه سمجهان سٺي سوغات ملاقات جي رات،
غير جا ذڪر ڪري مان ملاقات جي رات.
مون ٿي ڄاتو اجها هاڻ وهامي ويندي،
ليڪ محشر سندي ساعات ملاقات جي رات.
______
هوش ڪر عشقِ صنم ۾ ٿي نه نادان جي طرح،
ڦاڙ تون دامان نه ايمان جو گريبان جي طرح.
______
ڪوُي جانان کان نه ايندس ڪي مثالِ نقش پا،
خاڪ ناحق کائي چڪر چرخ گردان جي طرح.
ڇو نه ٿيندو تابعِ فرمان او رشڪِ پري،
داغ دل ’مخلص‘ جو ٿيو نقشِ سليمان جي طرح.
______
ٿو چوان آءٌ حال، خوب و زشت منهن تي، صاف صاف،
آهيان او آئينو جنهن کان ٿيا مڪدر سو هزار.
شڪر، قاتل جي سبب او سڀ زبانون ٿي پيا،
جي ڀڄي رهجي پيا زخمن ۾ خنجر سو هزار.
______
آئينو ٿي ٿو رهان هر وقت پيشِ روي دوست،
او ڏسي مون کي سدائين، آءٌ نهاريان سوي دوست.
سير جنت جو جڏهن رضوان ڏيکاريو مون کي،
بي تامل منهن مان نڪتو ’هاءِ لطفِ ڪِري دوست!‘
دل کان بهر روشني ياقوت گوهر ۾ نه ٿي،
نورتن آهي عجب هي قابلِ بازوي دوست.
پنهنجي دل مان ٿو ڪڍان ان وقت آفت خيز آه،
ياد جنهن دم ٿو پوي مون کي قدِ دلجوي دوست.
حسرتِ ديدار ۾ بلبل جي دل بيتاب ٿي،
تا قفس آني صبا جنهن دم چمن کان بوي دوست.
ٿو اچي آواز عاشق جو ڪناري قبر کان،
’هاءِ خالي دوست جي پهلوءَ کان پهلوي دوست!‘
سچ ته عاشق جي مرڻ تي ’مخلصا‘ قربان ٿي،
چشم مصروفِ نظاره، سر تهِ زانوي دوست.
______
دل ڪنهن سان رکان هاءِ جو دلبر نه ملي ٿو،
ڇا ظلم سهان ڪوئي ستمگر نه ملي ٿو.
خط منهنجو نيو جنهن سو ڪبوتر نه ملي ٿو،
ڇا ذڪر ڪبوتر سندو، هڪ پر نه ملي ٿو.
زلفن جي طرح عُمر بسر آه ٿي منهنجي،
هن خانه بدوشن کي ڪٿي گهر نه ملي ٿو،
ڇا ساڻ ڏيان يار جي دندان کي تشبيهه،
ڪنهن جاءِ تي اهڙو ڪوئي گوهر نه ملي ٿو.
هڪ طالبِ زر بت نه ٿيو، غور سان ڏس تون،
حق آه ته الله ڀري بي زر نه ملي ٿو.
جا هجر کان ٿي چاڪ، سا دل منهنجي سبي ڪير،
اهڙو ڪوئي استاد رفوگر نه ملي ٿو.
’مخلص‘ جو لبالب ٿئي عرفان جي مئي سان،
ساغر او بجز ساقيء ڪوثر نه ملي ٿو.
ظرافت ۽ طنز
محرر مان وري ٿيا پيشڪار، آهسته آهسته،
سيکاريو آهه عهده ڪاربار، آهسته آهسته.
اهو دور حڪومت ٿيو ته ٿيندا جلد ايل ايل بي،
لهار آهسته آهسته، چمار آهسته آهسته.
ڪرڻ جن کي نه آئي ڳالهه سي لڪچر ٻڌائن ٿا،
ٿيا تهذيب جا پتلا ڳنوار، آهسته آهسته.
هماري ميم صاحب جون اکيون آهن هينئر لڳيون،
چيو بٽلير کي صاحب، ”پڪار آهسته آهسته!“
بغير از ڪورٽ شپ ڪهڙو وري ٿيو لطف شاديءَ جو،
وڌايم ان پريرو سان پيار، آهسته آهسته.
_______
مزي جهڙو ٿيو آهي ته سائي پان ۾ رولو،
وڃائي رنگ قدرت جو وجهي دندان ۾ رولو.
به ظاهر سبز ٿيو ليڪن به باطن خون سان ڀريل،
وجهي لالائي ان جي لعل ۽ مرجان ۾ رولو.
چون دانا ته ”خوردن پان باشد حيض مردانه!“
ٿئي جنهن کان ته مردن جي سموري شان ۾ رولو!
_______
... ٻيءَ کي چيو ته ”منهنجي تون ٻڌ ڳالهه هيءَ
ٻڙي:
ڪهڙا مئن جا حال ادي ڙي ڪريان بيان،
اٿندي وڃن سلون ڏي لوٺيا اهي لڙي،
ڏاڙهي ڏين حجام کي پيئي مڇن تي مار،
اخلاق سڀ انڌن جا ويا سربسر سڙي،
ان کان وڌيڪ ظلم وري هي ٻيو تون ڏس،
زالن جي طرح مرد وجهن پير ۾ ڪڙي،
منهن ۾ مثال مرد ۽ پيرن ۾ ڄڻڪ زال،
پورا ته هيجڙا ته سندن پير هيجڙي،
آهي اميدن جلد زمانو اهو اچي،
ڪنجرو وجهن ڪلهن ۾ ۽ پائين پڻ پڙي،
زال جا بار سڀ هو کڻن پنهنجي سر مٿي،
جنڊ پڻ پيهن، رڌين وري دال ۽ وڙي!
رنگ فيشن
حبذا اي رنگ فيشن، مرحبا، صد مرحبا!
بنده بي دام آهي تو ڪيو عالم تمام!
پيرس و لنڊن مان نڪري هند ۾ اڄ سير لاءِ،
ڪالجن جي نوجوانن ۾ ٿيو تنهنجو مقام.
جامه زيبيءَ تنهنجي آهي مون کي ڪيو حيرت زده،
ٿيو بجا، ٻهروپين جو جي چوان توکي امام.
وار ٿيا ڪڏهين مٿي تي چٽ ڪڏهين ڏاڙهي مڇون،
پڻ ڪڏهن عينڪ جي صورت ۾ ٿئي چشمِ انام.
هندو ۽ مسلم جي صورت ۾ نه جڏهن ٿئي تميز،
بندگي ڪنهن کي ڪريون اڄ ۽ ڪريون ڪنهن کي سلام.
دين ايمان نقد ٿيو سڀ تنهنجي قدمن تي نثار،
سر به ٿئي صدقو جڏهين تنهنجو ڏسون ٿا خوش خرام.
ٿيو يقين ڪامل ڪندين تون جهٽ اميرن کي فقير،
ورهه ڏهه ويهه جيڪڏهن تنهنجو هي ٿيندو مقام.
هن کان زياده آه ڇا تنهنجي حڪومت جو ثبوت،
ٿو وٺين آفيسرن کان خوب ٿي ڪارِ غلام.
آهي ناممڪن ڪيو هن تنهنجي نيرنگيءَ جي وضع،
”با مسلمان الله الله با برهمن رام رام!“
_______
ويو ملڪ ۾ وڌي اڄ سگريٽ پان ٻيڙي،
انسانيت جو سمجهن بلڪل ٿا شان ٻيڙي.
ٻيڙي پيڻ کي ڄاڻن معيارِ آدميت،
وڏ ماڻهپي جو آهي گويا نشان ٻيڙي.
ٻيڙيءَ سوا حياتي ڪنهن ڪار جي نه ڪم جي،
رازِ حيات ڪارڻ ٿي رازدان ٻيڙي.
مجلس جو زيب زينت ٻيڙيءَ سوا نه آهي،
محفل جو شان شوڪت ٿي بي گمان ٻيڙي.
تهذيب يورپيءَ جو ٻيڙيءَ ۾ راز مضمر،
شائستگي جهان جو ٿي داستان ٻيڙي.
هڪڙي ٿئي ٿي پوري ان مان ٿي ٻي دکائين،
هر هر گهري ٿو تن جو گويا دهان ٻيڙي.
انسان جي زندگيءَ کي بيڪار تنهن بنايو،
گوياڪ آهي ڪوهِ آتش فشان ٻيڙي.
ڏاها چون ته ٻيڙي قاطع حيات آهي،
جهٽ پٽ ڪري فنا ٿي هر ڪنهن جي جان ٻيڙي.
ٻيڙي پيئڻ سان گڏ ٿئي بدبوءِ وات ۾ ٿي،
نفرت جو آه باعث اڄ الامان ٻيڙي.
ٻِيڙي پيئو نه يارو، ٻيڙي بُري بلا ٿي،
انسان تي اچي ٿي لاريب سا قضا ٿي.
پٽيوالن جي پڪار
ڪن پٽيوالن چيو روئي ته ”ڪاڪا ڪرڙ ٻڌ:
”تنهنجي در تي هي اسان جي درد جو فرياد آه.
”هن مڙن منشين اسان کي آه بلڪل تنگ ڪيو،
”جيل خانن ۾ به ههڙو ڪونه ڪو بيداد آه!
”هن ۾ هرگز شڪ نه ڪو نوڪر اسين سرڪار جا،
”شاهي پئسن مان وري تنخواه جو ارشاد آه.
”ڏينهن جو ڇڪيون پکا ۽ يا ته ڊوڙڻ ۽ ڊڪڻ،
”ڌوپ ۽ گرميءَ ۾ سارو جسم ٿيو برباد آه.
”بند آفيسون ٿين تان حڪم ٿئي گهر تي هلو،
نت نئون سر تي اسان جي ٿيو ستم ايجاد آه.
گهر سڄي کي ڏيون ٻهاري ۽ ٻيا برتن مليون،
هن نسوري ظلم جي ڪهڙي نه ٿي روداد آه!
جي ڪريون ڪجهه هان ۽ هون تان سر مٿي پادر وسن،
هن اسان جي حال کي انصاف وارا ڪي پسن!
_______
دلبر چيو مون هوندي، ڇا دين جي حاجت ٿئي،
’مسجد ۾ اذان ڇو ٿئي مندر ۾ ڀڄن ڇو ٿئي!
هلنداسون کڻي ڪنڌ تي، جلسي ۾ سڄڻ توکي،
هي اٺ به اٿئي حاضر، تيار فٽن ڇو ٿئي!
غربا کي ملي ٿي اڄ، مشڪل سان رکي روٽي،
پوءِ متيز تي يارن جي اڄ چاپ مٽن ڇو ٿئي!
نظم، سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ تي
ڏنو روح الامين حق جو اهو پيغام سنڌڙيءَ کي،
ملي جلي حقيقي عزت و اڪرام سنڌيءَ کي.
دوامي عيش حاصل ٿئي، اچي آرام سنڌيءَ کي،
رکان خوش حال ۽ خورسند شاد و ڪام سنڌڙيءَ کي.
مصيبت بمبئيءَ کان بي گمان آزاد سا ٿيندي،
رهي آزاد ۽ دل شاد ۽ آباد سا ٿيندي!
شراب روح پرور جو پياريان جام سنڌڙيءَ کي،
ڏيان قدرت سان پنهنجي اِي عجب انعام سنڌڙيءَ کي،
نئي سر زندگي بخشيان مئل اجسام سنڌڙيءَ کي،
رساڻيان بان رفعت تي ته نيڪو نام سنڌڙيءَ کي.
ڦٽل هن باغ ۾ سرنو بهار بي خزان ايندو!
بهار بي خزان ان سان گڏ ته عيش جاودان ايندو!
اهو راحت فزا آهي مليو الهام سنڌڙيءَ کي،
ڪري سو فتح وارو آخر النجام سنڌڙيءَ کي،
نظر بد سان ڏسي ڇو دشمن اسلام سنڌڙيءَ کي،
چئي ڀائي ڀڄن ويندا هرنام سنڌڙيءَ کي.
ڪريو ڪوشش دل و جان سان ته سنڌڙي جلد صوبو ٿئي!
نه پرواهه، جي مخالف ڪو کٽڻ ۽ سيٺ خوبو ٿئي!
انهيءَ آواز ربانيءَ ۾ آهي راز نصرت جو،
يقين ڄاڻو ته انهيءَ راز ۾ ٿيو ساز نصرت جو،
عجب دلڪش ٿيو ان ساز ۾ آواز نصرت جو،
سراسر آه ان آواز ۾ اعجاز نصرت جو.
چون هندو ته ’ناممڪن اهو سنڌ جو سوال آهي!
’ٿئي هي سنڌ جدا اي ڳالهه مشڪل پر محال آهي!‘
مگر قدرت چيو منهنجي اڳيان ڪنهن کي مجال آهي،
سڄي دنيا ڪئي مون، ڪهڙو ٿيو سوال آهي.
ڌڻي قدرت جو هڪڙو ئي خدائي ذوالجلال آهي،
اڳيان ان جي سدا آسان هر هڪ شيءِ محال آهي.
ڦٽائڻ جي وسائڻ جي فقط انهيءَ کي طاقت ٿي،
جنهين جي سامهون دنيا تماشا گاهِ عبرت ٿي.
نه مشڪل امر ٿيو آهي ڪڏهن سنڌ جي جدائيءَ جو،
نه هن ۾ دخل آهي زور ۽ زور آزمائيءَ جو،
نه گهرجي گوڙ گولن جو نڪو لشڪر هوائيءَ جو،
مگر ڏسڻو تماشو ڪبريا جي ڪبريائيءَ جو.
وجهي پٺ ۾ پرن وارن کي، بي پرکي اڏائي ٿو!
تڏهن او پنهنجو نالو قادر مطلق سڏائي ٿو!
ڪريان آخر ٿو ڪجهه احوال هت مرقوم سنڌڙيءَ جو،
خدا ڇا خلقيو هو خوبتر مقسوم سنڌڙيءَ جو،
برابر شير جي طاقت ۾ هر معصوم سنڌڙيءَ جو،
شگفته چون گلِ ريحان هو بوم سنڌڙيءَ جو.
نظر ڪئيسون ته هرڪا جنس سستي ۽ سهانگي هئي،
فقط هڪ زندگي بيمار جي البت مهاني هئي.
اسان جي ديس جو ڪهڙو نظارو روح پرور هو،
تماشو قدرتِ حق جابجا ڇا جلوه گستر هو،
نه نالو مفلسيءَ جو هو نه ڪو بکيو ۽ بي زر هو،
گداگر ان زماني جو به ڄڻ شاهي تونگر هو.
نه ڪڏهين جاءِ ڪنهن تي ڪوبه سائل ٿي نظر آيو،
اميريءَ ڏانهن هر ڪو مست مائل ٿي نظر آيو.
مگر جڏهن وڃي گڏياسين، بمبئيءَ جي حڪومت سان،
تڏهن ڀرجي وياسون يڪ قلم افلاس و نڪبت سان،
ٿياسون ڪين هرگز آشنا صنعت ۽ حرفت سان،
نه خاطر خواه ٿي تعليم ڪا شوميء قسمت سان.
جنهين پاليا هزارين سا صفا محتاج ٿي ويئي،
ڌياڻي تاج جي جا هئي اها بي تاج ٿي ويئي!
رهن هن ساڻ گڏ ڇا ڇا اوهان کي نعمتون مليون،
وئي راحت يڪا يڪ ۽ سراسر زحمتون مليون،
ٿيو حاصل رڳو شر ڪهڙيون ٻيون برڪتون مليون،
پرائي چاپلوسيءَ کان هميشه ذلتون مليون.
مصيبت کان اسان کي جلد تون آزاد ڪر، مولا!
وري هن سنڌڙيءَ کي خير سان آباد ڪر، مولا!
الاهي فضل سان تون ڪاميابي ڪامراني ڏي،
وڃائي درد پهريان پوءِ عيشِ جاوداني ڏي،
مري وياسين، فنا ٿياسين، نئين سر زندگاني ڏي،
اسان کي باغ پنهنجي جي سگهو تون باغباني ڏي.
اسان جي جذبهء دل کي سلامت تا قيامت رک!
مسلمانن جي حالت تي نظر لطف و عنايت رک!
ڪئي مون طبع جي دريا مان هي سلڪِ گهُرَ پيدا،
ڪري جو قدر ان جو، ڪر اهو اهلِ هنر پيدا،
صداي مرحبا هر قلب مسلم مان تون ڪر پيدا،
خدايا نظم هن ۾ ڪر اجابت جو اثر پيدا.
اها ’مخلص‘ جي آهي تنهنجي در تي التجا، سائين!
ڪجان پوري مسلمانن جي من جي مدعا، سائين!
علامه قاضي اسدالله شاهه ’فدا‘
علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ ولد سيد الهه بخش شاهه
تاريخ 15 شعبان المعظم 1385هه جي مبارڪ ڏينهن ۾
اڳنيءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. ٽکڙ جي مشهور شخصيتن مان شاهه
صاحب هڪ هو، جنهن جي شهرت هندستان تائين پهتي.
تعليم و تربيت: سندس پهريون استاد حافظ يوسف هو،
جنهن وٽ سنڌي، پارسي ۽ فقهه پڙهڻ کان پوءِ صرف
نَوَن مهينن جي قليل عرصي ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين.
حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان جن جي مريد هئڻ سان
گڏوگڏ، وٽن مڪتوبات شريف امام رباني مجدد الف ثاني
۽ مڪتوبات شريف خواجه محمد معصوم ’عروه الوثقيٰ‘
به پڙهڻ شروع ڪيائين. اتان فارغ ٿي، حيدرآباد ۾
مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جان تعليم
يافته ٿي نڪتو، مگر کيس علم جي اڃا به گهڻي اُڃ
هئي. تنهن ڪري علم حديث پڙهڻ جو ارادو ڪيائين ۽
مائٽن کي ٻڌائڻ سڻائڻ کان سواءِ، ديوبند هليو ويو.
(ڇو ته کيس خبر هئي ته والدين ايڏي دور دراز سفر
جي کيس اجازت نه ڏيندا). اتي پهچي نهايت محنت ۽
جفاڪشيءَ سان پنهنجو سبق سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ لڳو. اتي
جو صدر المدرسين، حضرت شيخ الهند مولانا محمود
الحسن ديوبندي، شاهه صاحب ڏانهن خاص توجهه ڏيندو
رهيو.
هوڏانهن وري مائٽن مٽن کي سندن گم ٿيڻ پريشان ڪري
وڌو. کين اها ته خبر ڪانه هئي ته ڪو هي ماٺيڻو ٻار
ايترو پري وڃي نڪرندو. اٺن مهينن گذرڻ کان پوءِ،
شاهه صاحب خود پنهنجي خيريت جو خط لکيو. مائٽن اڃا
کيس ڳوٺ آڻڻ جو خيال پئي ڪيو، تنهن کان اڳي سيد
ميران محمد شاهه اول، جو سرهند شريف ويل هو، سو
ڳوٺ وٺي آيس.
علم طب: طب ۾ سندس استاد سيد ميران محمد شاهه اول
هو، جنهن وٽان چڱو فيض حاصل ڪيائين. سندس ٽکڙ ۾ هڪ
عاليشان دواخانو هو، جتان ڪيترن مريضن کي شفا حاصل
ٿيندي رهندي هئي، سندس دوا زود اثر ۽ گهٽ قيمت
واري هوندي هئي. غريبن جو علاج مفت ڪندو هو.
ڪتبخانو: سندس هڪ عاليشان ڪتب خانو هو، جنهن ۾
اٽڪل پنج ڇهه هزار معلومات افزا ۽ ناياب ڪتاب
موجود هئا. ڪتابن سان ايتري قدر محبت هيس، جو جڏهن
ٻوڏ جي زماني ۾ ماڻهو گنجي ٽڪر ڏانهن لڏيندا هئا،
تڏهن پاڻ روئي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ”ٻوڏ جي ڊپ
کان جان ته بچايان ٿو، پر جان کان پياريون شيون
ڇڏڻيون ٿيون پونم، انهيءَ جو افسوس اٿم!“ ڏک جهڙي
ڳالهه آهي، جو سندس وفات کان پوءِ، اهي نادر
الوجود ڪتاب، سندس اولاد جي بي توجهيءَ ڪري،
اڏوهيءَ جي نذر ٿي ويا ۽ ڪي ته درياءَ ۾ ٻوڙيا
ويا.
تحريڪ خلافت: هي اهو زمانو هو، جڏهن هند جي هر
هندو ۽ مسلمان انگريزن مان بيزار ٿي، پنهنجي گردن
مان غلاميءَ جي طوق کي لاهڻ لاءِ جدوجهد آزادي اڳ
ئي شروع ڪري ڏني هئي، ٻئي طرف وري انگريزن جي
اسلامي ملڪن تي جارحانه حملن هندوستاني مسلمانن کي
هيڪاري مشتعل ڪري وڌو هو ۽ ان جي ڪري خلافت
عثمانيه جي تائيد ۾ هندستان ۾ تحريڪ خلافت عمل ۾
آئي.
خلافتين ۽ ڪانگريسين گڏجي هڪڙي پليٽ فارم تي ڪم
ڪيو ۽ اهي جوش خروش ڏيکاريان، جو هندستان جي
وائسراءِ لارڊ ريڊنگ جا وائيسر ئي ڦري ويا ۽ حڪومت
کي لکيائين ته: ”جيڪڏهن ترڪن سان صلح نه ڪندا ته
هندستان ۾ بغاوت ٿي پوندي.“ انهيءَ کان پوءِ ئي
انگريزن ترڪن سان ”لوزان“ وارو عهدنامو ڪيو.
سنڌ ۾ خلافت جو باني اسدالله شاهه هو. خوش قسمتيءَ
سان کيس نور محمد وڪيل، عبدالجبار وڪيل، شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ پير غلام مجدد سرهنديءَ وغيره
جهڙا، مخلص ۽ بي لوث نوجوان ڪارڪن ملي ويا، جن جي
قومي خدمتن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. شاهه
صاحب سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري غافل مسلمانن کي غفلت
جي ننڊ مان جاڳايو.
امن سڀا: تحريڪ خلافت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، انگريزن
وري ”امن سڀا“ برپا ڪئي، جنهن جا ڪيترا ملت فروش
سردار ٿي پيا، جن وقت بوقت زبان سان، توڙي قلم
سان، آزاديءَ جي متوالن جي راهه ۾ رنڊڪون پئي
وڌيون. حيدرآباد شهر جي قاضي ابراهيم شاهه به ”امن
سڀا“ ۾ شامل ٿي، مسلمانن جي دلين کي سخت صدمو
پهچايو. کيس ڪيترو ئي سمجهايو ويو، مگر بي سود.
حيدرآباد جو قاضي ٿيڻ: رمضان جي عيد هئي: قاضي
ابراهيم شاهه حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن کي عرض ڪيو
ته: ”هن عيد تي انگريز خلاف ريزوليشن پاس ڪيا
ويندا.“ گبسن يڪدم آرڊر ڪڍيو ته: ”جيئن ته عيدگاهه
ڪنٽومينٽ ايريا ۾ آهي، انهيءَ ڪري انگريزن خلاف
جيڪڏهن ڪنهن جي به زبان مان هڪ لفظ نڪتو، ته کيس
هڪدم گرفتار ڪيو ويندو.“ خلافتين مجبور ٿي شاهه
محمد مڪيءَ واري ميدان تي نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو،
پر اتي وري ابراهيم شاهه جي ڀاءُ محمود شاهه
اعتراض اُٿاريو ته: ”آءٌ نماز پڙهائيندو آهيان!“
نيٺ ”شاهه جي قدمن“ ي نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
عيد واري ڏينهن سخت گرمي هئي. ”شاهه جي قدمن“ وارو
ميدان، سڄو گند ڪچري سان ڀريل هو، نماز پڙهڻ لاءِ
نڪا ڇانوَ هئي، نه وري ڪي تڏا تونريون هيون. مگر
مسلمانن جي دلين ۾ ذرا به جنبش نه آئي ۽ صفون ٻڌي
بيهي رهيا. امامت جا فرائض علامه اسدالله شاهه ادا
ڪيا. انهيءَ ڏينهن مسلمان ابراهيم شاهه سان
بائيڪاٽ ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن، اسدالله شاهه کي شهر
جو قاضي مقرر ڪيو ويو.
سندس تقرير نهايت اثر واري ۽ آواز رعبدار هو.
مرحوم پير غلام مجد سرهندي ڳالهه ڪندو هو ته:
”جيڏيءَ مهل شاهه صاحب انگريزن جي ظلم و تشدد جو
ذڪر ڪندو هو، ته سندس منهن جوش کان لعل ٿي ويندو
هو ۽ اهڙي ته پرجوش تقرير ڪندو هو، جو ٻڌندڙن جون
دليون جوش مان ڀرجي وينديون هيون.“ |