وري، پي. ڊبليو. ڊي. وارن به موقعو هٿان وڃائڻ
مناسب نه سمجهيو. انجنيئرن فتويٰ ڏني ته درياءُ هن
طرف کان کاڌ ٿو ڪري، انهيءَ ڪري نئون بچاءُ بند
ٻڌائڻ گهرجي. سندن رٿ موجب ٽکڙ ”لوُپ“ ۾ اچي ٿي
ويئي. انهيءَ وقت پي. ڊبليو. ڊي جو وزير سيد ميران
محمد شاهه هو، جنهن کي ههڙي تاريخي ڳوٺ کي ٻوڙائڻ
نهايت ناگوار گذريو. پاڻ ڳوٺ جي چوڌاري، بند
ٻڌارايائين ۽ کيس ٻڏڻ کان بچايائين.
ڪير چوندو ته جنهن ڳوٺ ۾ هينئر اٽڪل 500 کن ماڻهو
مس ٿا رهن، جنهن ۾ رڳو مسڪيني ۽ بيروگاري گهر ڪري
ويئي آهي، جنهن جي جاين جا در و ديوار به سَگها نه
آهن، تنهن جي ڪلراٺي زمين اهڙا اعليٰ شخص پيدا ڪيا
هوندا، جن پنهنجي ادبي خدمتن ۽ علمي محفلن، غريب
نوازي، مهمان نوازي، اخوت ۽ مساوات سان ساريءَ سنڌ
کي ٽکڙ جو ثنا خوان بنائي ڇڏيو.
نور محمد ”خسته“
قديم قلمي بياضن ۾، نور محمد ”خسته“ جو نالو ڏسڻ ۾
اچي ٿو، جو وسي شهمير جو ويٺل هو. هي شاعر ٻارهين
صدي هجريءَ جي وچ واري دور جو آهي. هن بزرگ علامه
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي درسگاهه ۾ تعليم ورتي
هئي. جيتوڻيڪ سندس ولادت ۽ زندگيءَ جا مفصل حالات
معلوم نه آهن، تاهم بياض مان 1130هه ۾ سندس هجڻ
ٿابت ٿئي ٿو. هن جي سنڌي ڪلام جو نمونو هي آهي:
تابر افگندي از رخِ تو نقاب،
حشر ٿيو، آفتاب لايو تاب،
آن منم کز تصادمِ هجران،
روز شب ٿو رهان بي خور و خواب.
کشتيء عمرِ من به بحرِ غمت،
لهر لوڏن هڻي ڪئي غرقاب.
تابشِ حسن بيمثال سندئي،
بره ڏيئي وري ڪيو بيتاب.
”خسته“ و خوار منجهه ’وسيءَ‘ مون جيئن،
نيست ديگر کسي ز شيخ و شاب.
حافظ عالي
ساڳي ٻارهين صدي هجريءَ ۾ حافظ عاليءَ جو نالو ملي
ٿو. هي قوم جو ميمڻ هو ۽ ”مومن“ اسلام ڪوٽيءَ جو
شاگرد هو. جيتوڻيڪ سندس ولادت جي تاريخ جي خبر
ڪانهي، پر بياض مان معلوم ٿو ٿئي ته هن بزرگ سال
1192هه ۾ رحلت ڪئي.
حافظ صاحب جو سنڌي ۽ پارسي ڪلام گهڻو هو، مگر
زماني جي انقلابن ۽ قديمي ڪتابن تي اڏوهيءَ جي
حملن ڪري سڀ ڪجهه ناپيد ٿي ويو. فقط ڪو ٿورو ڪلام
هٿ آيو آهي، جنهن مان نموني طور پيش ڪجي ٿو.
سندس پشت مان حافظ يوسف، حافظ ”دلگير“ ۽ حافظ
”بسمل“ جهڙا باڪمال شاعر پيدا ٿيا.
حافظ صاحب پنهنجي استاد، ”مومن“ اسلام ڪوٽيءَ، جي
شان ۾ جيڪو قصيدو چيو آهي، ان مان هي تي شعر بچيا
آهن:
آه اسلام ڪوٽ ۾ منهنجو،
مرد مومن مجاز جو مهندار،
ڪنهن سڃاتو نه ڪنهن سڃاڻڻ جو
معرفت ۾ مٿي سندن مقدار.
سڪ وارن سبق سريو سالم،
پرت وارن پسيو پراهون پار.
ميان ڇتن
حافظ عاليءَ جو همعصر، ميان ”ڇتن“ هڪ درويش صفت
انسان ۽ خاص سنڌي زبان جو شاعر ٿي گذريو آهي، جو
وسي شهمير شاهه جو ويٺل ۽ مور، تعلقي ماتليءَ جي
بزرگن جو شاگرد هو. هن جون ڪافيون، ڏوهيڙا ۽ غزل
چيل آهن، جن مان فقط هي بيت سندس يادگار لاءِ سالم
بچيا آهن.
پراهون پرين، پيو نه پانب پرو،
سُڪا سنڌي سيني کي سريو سرو.
ونيون واجهه ويتر وجهن واءِ واءِ!
ڪري قرب واڍوڙين ڏي ورو!
پسي پاند پازيءَ جو ڀر بو ترابي،
گنهگار جو آهه گولو گرو.
پڪو پرت ۾ ڪيو پتنگن پچي،
رهيا رمز ۾ آڳ مهندان اچي.
____
پکي پڃرو، مڇي مهراڻ، ڦٿڪن پيا ۽ ڦاسن پيا،
ڪڍي ڪاني، منڊي ماري، لمي لڙ ۾، رڙهي رڻ ۾.
محمد صالح ميمڻ ”صالح“
محمد صالح ميمڻ انهن ميمڻن جي بنياد مان آهي، جيڪي
سيدن سان گڏ مٽيارين مان لڏي آيا هئا.
پاڻ شهميراڻي وسيءَ ۾ ڄائو، سندس سنڌي ڪلام گهڻو
ڪري ناپيد آهي. باقي ڪجهه پارسي ڪلام بچيو آهي،
جنهن مان نموني طور پيش ڪجي ٿو.
سندس خاندان مان، ”حامد“، ”مخلص“، ”دائود“،
”ابراهيم“ ۽ ”غني“ پيدا ٿيا.
مرحوم سيد حڪيم محمد شاهه ٽکڙائيءَ جي وفات تي
سندس قطع تاريخ هن طرح چيل آهي.
جناب سيد عالي نسب محمد شاهه،
خجسته خوئ صفوت ماب نيک نگاهه،
ز جام رحمت نوشيد چون رحيق وصال،
سرور يافت ز قربِ کمال خوش ناگاهه،
نزول رحمت بادا فراز مرقد او،
هم از نفائح غفران معطرش مثواهه،
ز سال و صلش هاتف بگوش ”صالح“ گفت،
که باد رحمت وهاب بر محمد شاهه.
1269هه
سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه اول
حڪيم سيد محمد شاهه جو وڏو فرزند ۽ هاڻوڪي سيد
ميران محمد شاهه صاحب جو ڏاڏو، سيد حافظ حاجي حڪيم
ميران محمد شاهه اول، 12 صفر 1245هه ۾ اڳئينءَ ٽکڙ
۾ ڄائو. سندس والد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ ۽ نهايت
ئي قابل حڪيم هو. سندس اوطاق هميشه مريضن سان ڀريل
رهندي هئي، جن جو علاج گهڻو ڪري مفت ڪندو هو.
مران محمد شاهه ننڍپڻ کان ئي نماز روزي جو پابندي
هو. پيءُ جي ورثي مان کيس حڪمت ملي. حڪمت تي کيس
ايتري قدر عبور حاصل هو، جو پريان ڏسڻ سان، مرض جي
شناخت ڪري وٺندو هو.
ملازمت ۽ وڪالت: انگريزن جي حڪومت جو
اوائلي دور هو. هندستاني، خاص ڪري مسلمان، اڃا
انگريزي تعليم ڏانهن متوجهه نه ٿيا هئا. ميران
محمد شاهه عربي، پارسي ۽ سنڌيءَ ۾ چڱي طرح تعليم
حاصل ڪري چڪو هو. دفتري زبان به اڃا پارسي هئي،
انهيءَ ڪري ميران محمد شاهه سنڌ جي چيف ڪمشنر جو
مير منشي ٿيو. اتان وري حيدرآباد جي سيشن جج جو
سرشتيدار ٿيو.
نماز جو ايڏو ته پابند هو، جو هڪ دفعي ڪورٽ ۾ خون
جو ڪيس هلي رهيو هو. ڪيس هلندي هلندي جمعي جي نماز
جو وقت ٿي ويو. پاڻ ڪم ڇڏي نماز تي وڃڻ لاءِ تيار
ٿيو. جج نماز تي وڃڻ کان کيس منع ڪئي. مگر پاڻ نه
مڃيائين ۽ يڪدم استعيفا لکي جج کي پيش ڪيائين. خير
انهيءَ وقت ته کيس جج موڪل ڏني، پر جڏهن اهو ساڳيو
سيشن جج بدلي ٿيو، تڏهن ٻئي جج کي ميران محمد شاهه
لاءِ چيائين ته ”سرشتيدار محنتي آهي، پر نماز جي
وقت ڪورٽ ڇڏي ڏيندو!“
ڪجهه عرصي بعد ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر
ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ملوڪ شاهه (جنهن هاڻوڪي ٽکڙ
آباد ڪئي) تي، کاتي بدلائڻ جي ڳالهه تان، ڪورٽ ۾
مقدمو هلي رهيو هو. ميران محمد شاهه گهڻي وقت
ملازمت ڪرڻ ڪري قاعدن قانون جو چڱيءَ طرح واقف ٿي
ويو هو ۽ پنهنجي عزيز جي بچاءَ لاءِ، پنهنجي نوڪري
کي قربان ڪري، ملوڪ شاهه جي وڪيل سان گڏ ڪم ڪرڻ
لڳو ۽ پوءِ وڪالت جو ئي پيشو اختيار ڪيائين. سندس
همعصر وڪيل، خان بهادر حسن علي آفندي، ديوان
ڏيارام گدومل ۽ خدا بخش نظاماڻي هئا.
هن کان اڳ حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رحه جن جو
ذڪر ٿي چڪو آهي، تنهن ميران محمد شاهه کي چيو ته
”شاهه صاحب، تو جهڙي درويش ماڻهوءَ لاءِ وڪالت ۾
رڳو ڪوڙ ۽ ڪوڙين ڳالهين کي پشت ڏئي، سچ جو لباس
پهرائي، سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ ٺيڪ نه
آهي.“ شاهه صاحب انهيءَ ڏينهن کان پوءِ وڪالت ڇڏي
ڏني.
حڪمت:
اڳيئي سندس آبائي ورثو هو، انهيءَ ڪري وڪالت ڇڏڻ
کان پوءِ وري حڪمت شروع ڪري ڏنائين. ايتري قدر ته
مشهور ٿي ويو، جو جيڪڏهن ڪنهن مريض کي هڪ ڳوٺڙي ۾
ڏسڻ ويندو هو، ته اتان وري ٻيا ماڻهو کيس وٺي
ويندا هئا، ۽ اتان وري ٽئين هنڌ وڃي نڪرندو هو.
تانجو کيس ڳولڻ ئي مشڪل ٿي پوندو هو. ڪمال اهو آهي
ته شاهه صاحب ان حڪمت کي ڪڏهن به ذريعه معاش نه
بنايو، بلڪ دوا دارون خيراتي ڏيندا وٺندا هئا.
ديهه ”مهراڻيءَ“ ۾ ميران محمد شاهه سان گڏ سڀني
سيدن جا حصا هئا. کين به حڪيم جي ضرورت هئي. خاص
ڪري اهل پردي وارن لاءِ. انهيءَ ڪري سيدن صلاح ڪري
پنهنجا حصا ميران محمد شاهه کي بخش ڪري ڏنا، ۽
چيائون ته ”ڳوٺ ۾ ئي طبابت ڪر، باقي ٻاهر نه وڃ.“
مگر انهيءَ زمين مان ڪا ايڏي آمدني ڪانه ٿيندي
هيس، جنهن مان پنهنجي اهل ۽ عيال جي پرورش ڪري
سگهي، انهيءَ ڪري ٻين زمينن جا ٺيڪا کڻڻ شروع
ڪيائين. تڏهن به سندس دل کي تسڪين نه آئي، تنهن
ڪري پنهنجي حڪمت ۽ ان سان گڏ سفر کي جاري رکيائين.
امام ربانيءَ رح جي درگاهه جي مرمت:
هندستان ۾ اسلامي حڪومت جي ڪمزوريءَ ڪري، سکن
پنجاب تي پئي حملا ڪيا ۽ ڪيترن حصن تي قابض ٿي
ويا. سرهندي شريف به سندن حملي جي زد ۾ آيل هو.
انهيءَ ڏي_ وٺ جي ڪري امام ربانيءَ جي درگاهه کي
نهايت سخت نقصان پهتو. جڏهن حضرت صاحب جن اتي
زيارت لاءِ ويا، تڏهن خيال ڪيائون ته درگاهه جي
مرمت ڪرائجي. پر انهيءَ ڪٺن ڪم لاءِ هڪ ته پئسي جي
ضرورت هئي، ٻيو ڪنهن اهڙي برجستي ماڻهوءَ جو اتي
هئڻ لازمي هو، جنهن جي زير نگرانيءَ اهو ڪم ٿئي.
ميران محمد شاهه پنهنجو پاڻ حضرت صاحب جن جي خدمت
۾ پيش ڪيو ۽ کيس اجازت ملي.
شاهه صاحب هڪدم سفر شروع ڪري ڏنو ۽ جتي به حضرت
صاحب جن جا مريد خادم هئا، انهن کان چندا وصول
ڪيائين. ويندي افعانستان ۽ هندستان جي ڪيترن حصن ۾
وڃي نڪتو. ٿورن ڏينهن ۾ ايترو پئسو ڪٺو ٿيو، جنهن
مان درگاهه جو ڪم شروع ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ پاڻ
گهڻو وقت سرهندي شريف رهندو هو. ساڻس گڏ هتان سنڌ
جا ماڻهو، صديق چانيو ۽ احمد پنوهر، به ڪم ڪار جي
نگرانيءَ لاءِ رهندا هئا. آخرڪار اهو مشڪل مرحلو
جنهن لاءِ ڪنهن قابل انجنيئر ۽ وڏي متمول ماڻهوءَ
جي ضرورت هئي، ٽکڙ جي هڪڙي غريب سيد هٿان پايه
تڪميل تي پهتو.
سندس اوطاق: شاهه صاحب جي ”جوسن واهه“ جي
ڪناري تي، هڪ هوادار ۽ ڳوٺ جي ٻين اوطاقن کان ليول
۾ مٿي، اوطاق هئي، جا ساڳئي وقت سندس مطب به هئي.
پاڻ جڏهن به سفر تان موٽندو هو، تڏهن سوين ماڻهو،
سندس اوطاق ۾، سندس سفر ۾ ڏٺل عجائبات جو ذڪر ٻڌڻ
ايندا هئا. انهيءَ وقت موٽر ۽ هوائي جهاز ته هئا
ڪونه، باقي اُٺ ۽ گهوڙا جام هوندا هئا. وڌ ۾ وڌ
ريل گاڏي يا دريائي رستي ڪيو ويندو هو. اهڙي زماني
۾ ايترو سفر ڪرڻ بيشڪ تعريف جوڳو هو.
زهد ۽ عبادت: شاهه صاحب زهد ۽ عبادت جو
ڏاڍو شائق هو. هڪ دفعي ”شاهه نهال“ اولياءَ تي سٺ
ڏينهن اعتڪاف ڪيائين، اعتڪاف ۾ سارو ڏينهن روزو
رکندو هو. شام جو ٿورو کاڌو ۽ ٻاڪرو کيرو پيئندو
هو، جو هڪ خدا رسيده پيرسن زال لاڪس کڻي ايندي
هئي. انهن مجاهدن کان سواءِ روزانه قرآن مجيد جي
منزل جي دور ۽ صبح ۽ شام ”حزب البحر“ جو وظيفو
پڙهڻ، سندس ورد هوندو هو.
علم و فضل: حڪمت کان سواءِ شاهه صاحب علم
جفر، رمل ۽ نجوم ۾ به ڀڙ هو. قرآن مجيد جو به حافظ
هو. وڪالت جي دوران ۾ شاهه صاحب انگريزيءَ جو به
چڱو اڀياس ڪيو. هڪ ننڍي سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾
ڊڪشنري به لکي هئائين، جا ڪمشنر جي لئبريريءَ ۾
موجودد آهي.
شاهه صاحب جو سياست سان به تعلق هو. شاهه صاحب،
شاهه اسماعيل شهيد ۽ سيد احمد بريلوي جي پوئلڳن
سان، دهلي، لاهور امرتسر، عليڳڙهه ۽ اجمير ۾ مليو
هو. انهن کان متاثر ٿي سنڌ ۾ ڪم ڪيائين. سندس صحبت
مان سندس عزيز ۽ شاگرد، علامه اسدالله شاهه
قاضيءَ، سنڌ ۾ خلافت تحريڪ کي زور وٺايو.
نثر نويسي: شاهه صاحب هڪ سٺو نثر نويس هو.
سندس لکيل ڪتاب ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ جو سر بارٽل
فريئر جي ڌيءَ جي پڙهڻ ۽ وندر لاءِ لکيو هئائين.
خاص ۽ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ آهي. ٻيو هڪ ڪتاب ”مفيد
الصبيان“ شاهه صاحب لکيو، جو ليٿوءَ ۾ ڇپايو ويو.
هن ڪتاب جي ٻولي به نهايت دلڪش ۽ خالص سنڌي آهي.
هن ڪتاب جون چند ڪاپيون ڪمشنر جي لائبريريءَ ۾
موجود آهن.
سندس هڪ ٻيو فارسيءَ ۾ طب تي لکيل ڪتاب ”مفيد
الطالبين“ جو مسودو به موجود آهي.
شعر و شاعري: جيتوڻيڪ گهڻو وقت سفر ۾ رهڻ
ڪري ۽ پنهنجي مصروفيتن سبب کيس ايڏي فرصت ڪانه
هئي، جو شعر چوي، تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن مڙيو ئي طبع
آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام گهڻو ڪري پارسيءَ ۾ هو،
جو هينئر ناپيد آهي. صرف هڪ شعر هٿ آيو آهي، جو
پنهنجي جاءِ ٺهڻ جي سال تي جيڪا قطع تاريخ لکي
هئائين، ان مان بچيو آهي. اهو شعر هيٺ ڏجي ٿو:
خدا را دمبدم شکرو ثنائي،
بشد تعمير ابن خوشتر بنائي.
شاهه صاحب 1309هه ۾ رحلت ڪئي. سندس پشت مان سيد
ميران محمد دوم سنڌي زبان جو هڪ سٺو اديب آهي.
حافظ حاجي حامد
ٽکڙ جو مايه ناز شاعر، حافظ حاجي حامد ولد محمد
هاشم ولد محمود ميمڻ، اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس
لياقت ۽ قابليت جو ٽکڙ جي احوال ۾ اڳي ئي ذڪر ڪيو
ويو آهي.
تعليم ۽ تربيت:
حافظ صاحب اڃا ٽن سالن جو مس ٿيو، ته ماتا جي
منحوس بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، ۽ آخرڪار نابين ٿي
پيو. مگر الله تعاليٰ سندس دل کي جا روشني بخشي
هئي، سا لاڪس مشعلِ راهه بڻي ۽ هن پنهنجي حڪمت
آميز شاعريءَ سان ٻين گهڻين دلين کي روشن ڪيو.
ننڍپڻ ۾ ئي قرآن ڪريم جي حفظ ڪرڻ جو شوق جاڳيس،
قرآن شريف جو ڪجهه حصو هتي سنڌ ۾، باقي مديني
منوره ۾ وڃي ياد ڪيائين. مديني پاڪ کان موٽڻ بعد
”ملا ڪاتيارن“ ۾ درس ولي محمد وٽ اچي عربي پڙهڻ
شروع ڪيائين. پر اتي ڪنهن مسئلي تان درس صاحب سان
بحث ٿي پيس، ۽ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين.
جڏهن خواجه عبدالرحمان جن ٽکڙ ۾ آيا ۽ پنهنجي
صاحبزادن جي تعليم لاءِ مولانا محمد متعلويءَ کي
گهرايائون، تڏهن حافظ صاحب به مولانا وٽ عربي پڙهڻ
لاءِ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه وقت اندر چڱو تعداد پيدا
ڪيائين.
سندس پارسي تعليم جو ذڪر هن نموني ڪيو ٿو وڃي ته
هڪ دفعي پاڻ ٽکڙ ۾ مسجد ۾ ستو پيو هو ته مولوي
محمد موسيٰ نظاماڻي ماتليءَ وارو اتي آيو ۽ کيس
ننڊ مان اُٿاري چيائين ته ”حافظ اُٿي پارسي پڙهه!“
حافظ صاحب پارسي پڙهڻ کان انڪار ڪيو، پر آخرڪار
مولوي صاحب جي زور ڀرڻ تي راضي ٿيو. مولوي صاحب
کيس پارسيءَ جي ٽن مصدرن ”آمدن، آوردن ۽ آموختن“
جا گردان سيکاري ڳوٺ هليو ويو ۽ جلد ئي رحلت
ڪيائين. حافظ صاحب انهن لاءِ ٽن مصدرن جو گردان
ڪافي هو. سندس خداداد ذهن کيس پارسي زبان تي مَلڪو
عطا ڪيو.
گذر اوقات: جيتوڻيڪ حافظ صاحب نابين هو،
تڏهن به ٻين وانگي پنڻ ۽ ونڊن تي زندگي گذارڻ
پنهنجي گهٽتائي ٿي سمجهيائين. پنهنجي اهل و عيال
جي پرورش لاءِ حڪمت شروع ڪيائين، مگر انهيءَ مان
ڪو ايڏو اُپراسو نه ٿيندو هوس، انهيءَ ڪري ڪپڙي جو
دڪان کوليائين. انهيءَ دڪان تي پاڻ ئي ويهندو هو.
سندس ذهن ايتري قدر سجاڳ هو، جو ڪوڙن سچن پئسن جي
پرک چڱيءَ طرح ڪري سگهندو هو.
هڪ دفعو سندس دڪان تان ڪپڙو چورائجي ويو. پاڻ
پوليس ۾ رپورٽ ڪيائين، پر چوري نه لڌي، گهڻي وقت
کان پوءِ، هڪڙي مائي حافظ صاحب جي دڪان تي هڪڙو
ڪپڙي جو ٽڪر کڻي آئي ۽ کيس چيائين ته ”هن نموني جو
ڪپڙو ڏي.“ حافظ صاحب يڪدم ڪپڙو سڃاڻي ورتو ۽
مائيءَ کي جهلي پوليس جي حوالي ڪيائين. پوليس جي
وٺ پڪڙ تي مائيءَ چورن جا نالا ٻڌايا. چورن کي
پڪڙي، ڪپڙي سوڌو ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو. جج، حافظ
صاحب جي امتحان وٺڻ لاءِ، سندس ڪپڙو ٻين تاڪين سان
ملائي، کيس چيو ته ”پنهنجو ڪپڙو ڳولهي ڪڍ.“ حافظ
صاحب بنا ڪنهن اٽڪ جي پنهنجو ڪپڙو ٻين ڪپڙن مان
چونڊي ڪڍي ورتو! ٻيا به اهڙا ڪئين واقعا آهن، جي
طوالت جي ڊپ کان نظرانداز ڪيا وڃن ٿا.
وفات: پڇاڙيءَ ۾ سيدن سان ناراض ٿي،
”نورائي“ تعلقي حيدرآباد وڃي ويٺو، ۽ 1315هه ۾
مارواڙي علائقي جي ”ڄاريلي“ ڳوٺ ۾ سفر ڪندي رحلت
ڪيائين ۽ کيس اتي ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس اتي
وفات ڪرڻ جو ذڪر ’مارئيءَ‘ جي واتان پنهنجي هڪڙي
شعر ۾ چيو اٿس:
عمر ع آهي نه ويجهو وطن،
مئي ماڙيين ڪير ڏيندم ڪفن؟
ڪنديم شال ڪنڌيين ڌراڙيون دفن،
پکين پارڪر منهنجا پوندا پٿر!
هن کي گهڻا ماڻهو سندس پيشگوئي تصور ڪندا آهن.
سندن وفات جو سال ”آهه غريب الوطن“ مان
نڪري ٿو.
1315هه
حافظ صاحب جو ڪل اولاد 6 نياڻيون ۽ ٽي پٽ هئا. پٽن
مان مرحوم ”مخلص“ هڪ ناميارو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو
آهي. باقي محمد دائود ۽ محمد ابراهيم به چڱا شاعر
هئا.
شعر و شاعري: جيتوڻيڪ ٽکڙ ۾ حافظ صاحب کان
اڳ به شاعريءَ جو چرچو عام هو ۽ ڪيترا چڱا شاعر به
پيدا ٿيا، مگر انهن شاعرن جي حيثيت اتان جي هڪ
ادبي بنياد وانگر هئي. حافظ صاحب انهيءَ بنياد تي
عمارت کڙي ڪئي ۽ انهيءَ کي زيب ۽ زينت بخشي.
اهو صحيح آهي ته حافظ صاحب جو سڄو ڪلام موزون ۽
بحر وزن جي لڙهيءَ ۾ پوتل ۽ پختو ٿيل آهي. مگر
حافظ صاحب موزون شاعريءَ جي تصنع ۽ تڪلف واري
ڌارئين رنگ ۾ رنگجي وڃڻ کان جي ڪٿي ڪَئو کاڌو آهي.
پنهنجي هر شعر ۾، هو پنهنجي مٺڙي ۽ سٻاجهڙي سنڌي
زبان کي ڇڏي، هروڀرو عربي ۽ فارسيءَ جي ڳاٽي ٽوڙ
لفظن کي ڪونه ٿو ٽنبي. سنڌي پهاڪا، سنڌي محاورا،
ٺيٺ سنڌي رسم و رواج، سندس ڪلام جون امتيازي
خصوصيتون آهن.
تجنيس حرفي: تجنيس حرفي، جا سنڌي شاعرن جو
ورثو چئجي ۽ جنهن جي ئي ڪري سندن ڪلام وڌيڪ
موهيندڙ ۽ وڻندڙ ٿئي ٿو، سا حافظ صاحب جي هر غزل،
مداح، مرثيي ۽ خطبي ۾ موجود آهي.
ڪُٺي جي ڪالهه توسان ڪانڌ، اوريون پاس آتڻ جي،
اهي آريءَ سنديون اڄ تان، ڳڻي ڳالهيون ڳرڻ گهرجي.
رواني:
منهن مثل مهتاب محبن، آه نسورو نور، ميان!
مٽ نه ملاحت، ٿين ملائڪ، حسن نه اهڙو حوُر ميان!
زلف معنبر، مينڍا مشڪي، ڪاڪل محض ڪپور، ميان!
نافع نطق نفيس سندو ۽ شاهي شان شعور، ميان!
سلاست:
محبت مچايو مڱر، الغياث!
جليو جوش کان جيءَ جگر، الغياث!
ٿيو محو هڏ ماهه، وگهريو وجود،
ڪيو عشق ايڏو اثر، الغياث!
شاعر جي اها به هڪ خوبي آهي ته هو جيڪو شعر چوي،
سو جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته نثر به آهي ۽ نظم به
آهي. سمجهجي ائين ته ڪا سادن سودن لفظن ۾ ڳالهه
پئي ٿئي، جنهن ۾ زبان کي اٽڪ ۽ اوک محسوس نه ٿئي.
حافظ صاحب پنهنجو گهڻو ڪلام انهيءَ رنگ ۾ چيو آهي:
آءٌ اکڙين ٺار، وهلو ڪيم وڃ!
دل گهريا دلدار، وهلو ڪيم وڃ!
پير ڏي پنبڻيين، اکيون اوطاق ڪر،
تان ٺرن نِت نار، وهلو ڪيم وڃ!
زور بيان:
حافظ صاحب جي ڪلام ۾ مضمون جي بندش ۽ چستي، ۽ بيان
جو زور نهايت نمايان نظر اچن ٿا:
مون سُيون سانباريان، چُرنديون چَڙيون، تن چوريس،
ڪيئن ويهان ويرون ڏسي، وڄنديون وساري، الغياث!
صاف سنڌي:
واٽ وڻڪارين نڪو رائي نه رند:
پيچرو پٻ جو اپر اونڌو اهڏ.
______
پنهل ڄام سندياءِ پورهيت آهيان،
مٽي مون کي ٻئي درجي دائي نه ڪر!
منظر نگاري:
باڪمال شاعر جي اها به خوبي آهي ته هو جنهن به
ڪيفيت جو بيان ڪري، ته پڙهندڙ جي اڳيان يڪدم اُهو
منظر ڦري اچي. حافظ صاحب ’سهڻيءَ‘ جي واتان،
درياءَ جو دم ۽ دهشت، ڪنن جا ڪڙڪا وغيره انهيءَ
نموني ٿو بيان ڪري، جو يڪدم اسان جي اڳيان اهو
منظر اچي وڃي ٿو:
اتر اوڙاهه ۾ اڳرو، پوي پاتار ۾ پارو،
ٿڌو ٿيلهن سان ٿڙڪائي، وڌيس ڇوليءَ جي ٺنڀ ٺاري،
ڪپر ڪانڊو، سُنوالي سير، جر ۾ جهاڳ، لس لهريون،
ڪسر ڪُن آه ڪالهوڻي کان، وَه واهڙ ۾ واڌاري،
سونهون ٿئين جي سندم سپرين، اچي تون آرَ اونهي ۾،
مُنجهائي آهيان موجب ۾ جهُڙ جهَڪ ابر انڌاري!
يا مارئيءَ جي واتان مينهن جي مند ۾ پنهنجي وطن جو
حال بيان ٿو ڪري، ته يڪم اسان جي اڳيان اهي وليون
۽ وڻ، تل ۽ رايون ۽ ٿر جو متارو مال سرسبز ماٿرين
۾ چرندو نظر ايندو:
ترايون تار تازي سين، پٽن تي پوڄ پاڻي ٿيا،
وطن ۾ ڪيون وڻن جهڙيون، منڌيڙن ماٿريون موُري،
چري چوڏس چڀُڙ ۾ ٿيان، متارا مال مارن جا،
ڀٽن ۾ ٿيون ڀلن ڀيڙيون، ڪَڪي ۽ ڪونج ڪا نوري،
محاورو:
محاورو نثر توڙي نظم ۾ ائين آهي جيئن کاڌي ۾ لوڻ.
محاوري کان سواءِ نثر توڙي نظم ڦڪا ۽ ٻُسا پيا
لڳندا آهن. حافظ جي ڪلام ۾ اڪثر سنڌي محاورا ڪم
آيل آهن. مثلاَ:
روئان رڻ ۾ پنهل لئي پار کڻيو،
ڏيان ڏونگر ۾ آڌيءَ اوڇنگارون.
_______
سدا ث ثباتي نه ڪوٽن کي ڪا،
ميان ماڙيون تنهنجون وينديون ٿي واءُ،
هميشه نه هوندو اهو ڀاڳ ڀاءُ،
پيا ڳالهيون ڳڻيندا مڙئي معتبر.
مٿين شعرن ۾ ”پار کڻڻ“، ”واءُ ٿي وڃڻ“ ۽ ”ڳالهيون
ڳڻڻ“ خاص سنڌي محاورا آهن.
سنڌ جون سورميون: هر قوم پنهنجي جهونين سياسي،
مذهبي توڙي روماني روايتن کي زنده رکڻ جي هر دور ۾
ڪوشش ڪندي پئي آئي آهي. پوءِ انهن روايتن کي بر
زبان ڪيو ويو آهي يا وري قلمبند. سنڌي شاعرن به
پنهنجي ملڪ جي رومانوي قصن کي پنهنجي پنهنجي رنگ ۾
منظوم پئي ڪيو آهي ۽ پنهنجو اصل مقصد به انهن قصن
۽ ڪهاڻين جي سورمن ۽ سورمين جي واتان پئي ظاهر ڪيو
آهي. حافظ صاحب به سهڻي ميهار، سسئي پنهون، ليلا
چنيسر،مومل راڻي ۽ عمر مارئيءَ جي داستانن کي
پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ دهرايو آهي. ملاحظه ڪريو: |