علم ۽ فضل: حضرت سرهنديءَ پنهنجي عمر جا اٽڪل 32
بهار ٽکڙ ۾ گذاريا. علم ۽ فضل حافظ محمد يوسف
مولوي لعل محمد متعلويءَ کانسواءِ، سنڌ جي ٻين
ڪيترن برگزيده عالمن کان پرايائين. ننڍپڻ کان سندس
بيپناهه ذهن ۽ بيمثال حافظ ضرب المثل هئا. قرآن،
حديث، فقهه، منطق، نحو، رياضي وغيره ۾ سندس ڪمال
کي ڏسي ڪيترا باڪمال ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا.
ملڪ جا مشاهيير عالم سندس آڏو طفل مڪتب پيا لڳندا
هئا. سندس گفتگو ۽ قوتِ استدلال، مور طرز بيان ۽
قادر الڪلاميءَ جا عجيب جوهر هئا.
طب: فن طب ۾ پير صاحب کي وڏي مهارت حاصل هئي. سندس
دوا جو اثر تير بهدف هو. دوا جو پيسو ڪڏهن به نه
ورتائين.
سادگي: ٿر ۾ سندس عاليشان خانقاهه آهي، جتي سندس
اولاد ۽ مسافرن لاءِ عاليشان عمارتون ٺهرايون
هئائين، اتي پاڻ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ سادي جاءِ
ٺهرايائين. سندس کاڌو ۽ لباس نهايت سادو سودو
هوندو هو. باوجود اهل هئڻ جي به پنهنجي والد جي اڻ
کٽ مريدن سان آمد و رفت ۽ زماني سازيءَ واري راهه
رسم بلڪل ٽوڙي ڇڏيائين.
شعر و شاعري: شعر و شاعري، جنهن جو سَلو ننڍپڻ کان
ئي سندس گلشن طبع ۾ سرجي چڪو هو، تنهن اڳتي هلي،
نوبت انهيءَ حد تي پهچائي، جو پير صاحب پارسي ۽
عربيءَ جو هڪ باڪمال ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي پيو.
سندس ڪلام ”خيابانِ سرهندي“ جي نالي سان 166 صفحن
تي مشتمل، سندس حياتيءَ ۾ ئي ڇپجي چڪو هو. سندس
پوئين دور جا اشعار اڃا غير مطبوع آهن.
هجرت: 1329هه ۾ ٽکڙ مان هجرت ڪري پنهنجي
زمينداريءَ جي سانگي، تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر
۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي پنهنجي نالي سان
”ڳوٺ پير سرهندي“ ٻڌايائين.
وفات: پير صاحب 1367هه ۾، 77 ورهين جي ڄمار ۾ وفات
ڪئي. سندس لاش کي مقبره شريف ۾ پنهنجي والد ۽ ڀاءُ
جي ٻن پٽن جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. هيٺ سندس ڪلام جو
انتخاب پيش ڪجي ٿو:
انتخاب
غزليات
لبم از اشک اگر حنا ميداشت،
غازه سان بر رخ تو جا ميداشت.
گر مقامِ دلم بد انستي،
زلف را بر زمين کجا ميداشت.
رنگ کاهي ز بهر غمزهء تو،
کاشکي جذب کهربا ميداشت.
گل شادي ز گرد غم ميرست،
ز ابر لطفت اگر حيا ميداشت.
بقرار و وصال دل نرسيد،
کز طپيدن بکف عصا ميداشت.
يار اگر بهر دفع درد سرم،
از رخِ صندلي طلا ميداشت.
نرهاندي اسير خود ز کمند،
در خم زلف مشکسا ميداشت.
کي مجالِ فلک بي برما،
کز حوادث رسن بپا ميداشت.
شکوه هجر پيشِ يار نشد،
نگهش سرمه برنوا ميداشت.
در تگا پوئي وصل ”سرهندي“،
از پرِ رنگ باد پا ميداشت.
______
بتو بود اين اميدم که بکار خواهي آمد.
پي اين دلِ رميده، به شکار خواهي آمد.
زسر جهان گشتم، بره تو خاک گشتم،
به اميد آنکه روزي به مزار خواهي آمد.
بشبِ وال اي چشم مد از تو چشم دارم،
که بپايش از در اشکِ بنثار خواهي آمد.
بتلازمي که پيدا از وجودِ حسن و عشق است،
متوقعم که گاهي به کنار خواهي آمد.
بجواب نامه من که سجنجل ست طوطي،
بگذارشِ محبت، بگذار خواهي آمد.
”سرهنديا“ چه گوئي که شنيده ام بکوئي،
که براي مشک موئي به تتار خواهي آمد.
______
رخ گلابي عجبي، زلف نقابي عجبي،
آفتابي عجبي، زير سحابي عجبي.
بي تو چون ماهيء بي آب بگلشن ماست،
اضطرابي عجبي، رنج و عذابي عجبي.
ز آتش روي تو چون زلف پريشان دارم،
انقلابي عجبي، عقده و تابي عجبي،
بيت ابروي تو کلکِ ازل از نقطه خال،
انتخابي عجبي کرده زبابي عجبي.
خال بر کنج لبش هر که به بيند گويد،
وه ذبابي عجبي شکر نابي عجبي.
لب و دندادن ترا وصف محق اينست،
در حبابي عجبي در خوشابي عجبي،
دل ديوانهء ما از نگه مست توشد،
از شرابي عجبي مست و خرابي عجبي.
در برش جوش هوس موج لطافت انگيخت،
اين حبابي عجبي خاسته زابي عجبي.
خوش فتاده ست خط سبز تو بر دفتر حسن،
گشته بابي عجبي زيب کتابي عجبي.
خوش بود گر کني از دولت وصلش آباد،
به ثوابي عجبي خانه خرابي عجبي.
نام کوثر نبرد هر که خورد از لب تو،
ميءِ نابي عجبي شهد و شرابي عجبي.
لحظه باش که از جور جفائي تو کنم،
سر شابي عجبي بند طنابي عجبي.
خواهم از چشم سخندان توتا شرح دهد،
به خطابي عجبي معني و خوابي عجبي.
شکر از لب بفشان بهر زکوات حسنت،
قند نابي عجبي، بهر نصابي عجبي.
غنچهء طبع من از گفتهء بلبل بشگفت،
از رخِ خوب تو ”سرهندي“ عاجز دارد،
صبر و تابي عجبي نقص بر آبي عجبي.
______
ترا من دل صفا دانسته بودم،
نگاري با وفا دانسته بودم.
سواد طرهء تو بخت خود را،
به سر ظل هما دانسته بودم.
خمِ زلف شکستن آفرينست،
براي خود خدا دانسته بودم.
بسه تحقيقِ مسلسل گيسوانٽ،
تسلسل را روا دانسته بودم.
به محشر عروه الوثقائ ايمان،
سرِ زلف ترا دانسته بودم.
چو بادي بر سرِ مويت وزيدي،
سرِ خود را فدا دانسته بودم.
بصد اميد گلقندِ لبت را،
براي دل دوا دانسته بودم.
سرِ تسليم بر خاک درِ تو،
حريف نقش پا دانسته بودم.
ز ديوانِ جمالش بيت ابرو،
ز اشعارِ خدا دانسته بودم.
دلِ بيمار خود را دانهء خال،
به از حب الشفا دانسته بودم.
بطاقِ ابرو انت اي بتِ من،
سجود خود روا دانسته بودم.
ز کينِ خويشتن سنگين دلت را،
چو رخسارت صفا دانسته بودم.
تو هرگز بامن از مهر و مروت،
نکردي آنچه ما دانسته بودم.
دريغ و درد با ”سرهندي“ از به،
چه ها کردي چه ها دانسته بودم.
در تتبع قدسي و عرفي.
بر در گهت فتادن و مردن گناه من،
ديدن ز خاک برنگرفتن گناه کيست؟
دز ديده ديدن آه کشيدن گناه من!
خنيدن و کرشمه نمودن گناه کيست؟
از ديدن تو چشم نه بستن گناه من!
پيش آمدن نقاب کشادن گناه کيست؟
گفتن بگر يه وصل تو جستن گناه من!
رفتن بخنده زود گذشتن گناه کيست؟
دل دادن و وفا طلبيده گناه من!
دل بردن و جفا بنمودن گناه کيست؟
گفتن ز عشق خود نه نهفتن گناهه من!
پيش رقيب رفتن و گفتن گناه کيست؟
عاشق شدن ترا ز تو جستن گناه من!
کشتن بهجر و رحم نکردن گناه کيست؟
قربان شدن فداي تو گشتن گناه من!
زنجيدن و ز خويش براندن گناه کيست؟
در بر گرفتن و نه هليدن گناه من!
خود را رهاندن و برميدن گناه کيست؟
”سرهندي“ اين مطايبه گفتن گناه من!
وه وه نگفتن و نشيدن گناه کيست؟
مسبح بر غزل مولانا جامي رحه
اي که بر اوج شرافت تو همان ماه وشي،
در فروغ تو کند خور ذره آسا رمشي،
يابد از خوان نوالت دو جهان پرورشي،
ختم بر ذات معليٰ تو عالي منشي،
شاد باش ايدل و از هجر چرا در تپشي،
”لي حبيب عربي مدني قرشي،
که بود درد و غمش مايه شادي خوشي.“
لطف جويم ز تو چو معدن لطف و کرمي،
فضل خواهم که تو در فضل بعالم علمي،
هم شفاعت ز تو جويم که شفيعِ اممي،
هم ز تو صله مدحت که کريم النسبي،
کيف يا سيدنا مدحک ينشا بنمي،
”فهم رازش چه کنم او عربي من عجمي.
لاف مهرش چه زنم او قرشي من حبشي.
اي گرامي گهر از لجهء صنعِ يزدان،
جز خدا هست ترا برهم عالم رجحان،
نيست امکانِ نظيرت بفضاي امکان.
زان سبب ذات تو بي سايه در آمد بجهان،
لامکان نيز ندارد ز مکانش چو نشان،
”ذره وارم بهوادارئ او رقص کنان،
تا شدم شهرهء آفاق بخود رشيد وشي“
تا ز عشقت خبرم داده ز خود بيخبرم،
دردي دارم بدل و نشهء هجرت بسرم،
گرشبي جلوه کند طلعت اودر بصرم،
ديده بندم ز دو عالم بجمالش نگرم،
دل چو شد همدم دلبر غم او شد زبرم،
”گرچه صد مرحله دور ست ز پيش نظرم،
وجهه في نظري کل غداه وعشي.“
شرح اسرار خدا از منشِ مست مپرس،
گنج عرفان ز فقيهان تهي دست مپرس،
صحت از آنکه بتيرِ مزه اش مپرس،
رستنِ آنکه دلش طرهظ او بست مپرس،
مهر رويش که مه از شرم نديدست مپرس،
”صفت بادهء عشقش زممنِ مست مپرس،
ذوق اين مي نشناسي بخدا تا نه چشي.“
يا رب از مان برسان خواجهء مارا صلوات،
آل و اصحاب و را نيز رسان تسليما،
آن صلواتي که مرا هست نجات عرصات،
وان سلامي که مرا باد برات جنات،
چشمهء نوش که من يافتمش بي ظلمات،
”مصلحت نيست مرا سيري ازان آب حيات،
ضاعف الله به کل زمان عطشي.“
هر چه از کتم عدم سوي وجود آمده اند،
در قيامت چو سر از بيم بپاي تو نهند،
اختيار همه آن روز بدستِ تو دهند،
نه پسندي که گناهم بکند زار و نزيند،
غير مهرش که نهند بر دل ”سرهني“ بند،
’جامي‘ ارباب وفا جز ره عشقش نروند،
سر مبادت گر ازين راه قدم باز کشي.“
رباعيات
اي واي ازين داوري و جور و ستم،
در قسمتِ او فتاده در کتم عدم.
خوش خوش بنشستند و نمودند رقم،
کين خسته هميشه باد در رنج و الم.
______
در خاک سيه تا تو گرفتي منزل،
من بي تو شدم خاک بر سر پاي بگل،
برمن شده از مردنت اي راحت دل،
مردن آسان و زندگاني مشکل.
______
اين خود چه معامله ست اي بار الــٰه!
من ترک گنه خواه و تو فعل گناه!
من مي نه کنم تو ميکناني از من،
دانم بکه بار گردد اين باد افواه!
______
در شاعر و ملا بلحاظ شر و خير،
فرقي است بکن در کتب آنان سير،
شاعر نه نگارد ورقي غير از خود،
ملا نه نويسد سخني غير از غير!
حافظ محمد هارون ”دلگير“
حافظ محمد هارون ”دلگير“ ولد محمد يوسف 1299هه ۾
موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو.
تعليم و تربيت: علامه يوسف ڌارين شاگردن کي جڏهن
فرش تان کڻي عرش جو سير ڪرايو هو، سو هيءُ ته سندس
فرزند هو ۽ اهڙو ڪري ڇڏيائينس جو پڇاڙيءَ ۾ کانئس
به گوءِ کڻي ويو. علامه يوسف جو علم هميشه ڪڪر
جيان وسندو رهيو. انهيءَ مان جن طالب علمن قطره
جهٽا، تن مان سندس هن لائق فرزند جو مرتبو مٿي هو
۽ اهي علم جا قطرا جي سپ وانگر سندس ذهن ۾ داخل
ٿيا، سي سڀ ماڻڪ بنجي دنيا ۾ آيا. ٻارهن سالن
تائين ”دلگير“ مرحوم پنهنجي پيءُ وٽ پارسي ۽ سنڌي
پڙهي پڄائي، انهيءَ کان پوءِ قرآن ڪريم ياد
ڪيائين.
1314هه تائين، علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وٽ عربيءَ
جي تعليم حاصل ڪيائين. 1316هه ۾، آقا محمد حسين
جان کيس پنهنجي فرزندن، محمد اسماعيل جان ۽ محمد
يعقوب جان جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو.
حافظ صاحب صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ خود به
پير صاحب جي صحبت مان ججهو فيض پرايو. علمي رهاڻين
۽ محفل شعر و سخن، ”دلگير“ جي قلم کي ڪافي قوت
حاصل ڪئي. پير صاحب خود به ”دلگير“ کي نثر ۽ نظم ۾
دل کولي داد ڏيندو هو. اهو سلسلو 1328هه تائين
هليو، جيستائين پير صاحب ٽکڙ ۾ رهيو.
ذريعه معاش: هنن برگزيده بزرگن جو درس و تدريس کان
سواءِ، ٻيو ڪوبه ظاهري طور ذريعه معاش ڪونه هو.
تنهن ڪري مفلسيءَ جي مڙئي مٿن مارو رهندو هو. حافظ
محمد يوسف جي وفات کان پوءِ، سندس درسگاهه ”دلگير“
جو دامن جهليو ۽ ”دلگير“ جي سرچشمه فيض مان گهڻائي
علم جا اڃايل سيراب ٿيا.
سعيدپور واري سيد محمد ڪامل شاهه مرحوم جو ”دلگير“
سان خاص قرب هوندو هو. سندس خط و ڪتابت جو ڪم به
”دلگير“ ڪندو هو. جڏهن به سندس صاحبزاد گرمين جي
موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن يڪدم ”دلگير“ کي
گهرائيندو هو ته اچي کين ديني تعليم ڏئي. حافظ
صاحب کي ڪامل شاهه مرحوم کان چڱو خاصو وظيفو ملندو
هو.
جيئن ته اڳي گهڻو ڪم پارسيءَ ۾ هلندو هو، انهيءَ
ڪري ”دلگير“ خط پٽ لکڻ، شادين جي دعوتن جي مسودن
ٺاهڻ، ڪنهن جي ولادت يا وفات تي قصيدن يا مرثين
چوڻ ۽ قطعه تاريخ لکڻ مان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري
وٺندو هو.
”دلگير“ حافظ خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن
پنهنجي گذران لاءِ ٽکڙ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هنيا.
خوشخطي: ”دلگير“ نهايت اعليٰ پايه جو خطاط به هو.
ڪيترا ليٿو پريس وارا پنهنجا ڪتاب وغيره حافظ صاحب
کان لکائيندا هئا. گهڻا شوقين اصحاب ناياب قلمي
ڪتاب وٽانئس ڪتابت ڪرائيندا هئا. ان وقت ٽکڙ مان
نڪرندڙ رسالن، ”بهار اصلاح“ ۽ ”الاصلاح“ جو ڪاتب
حافظ صاحب ئي هو. علامه اسدالله شاهه جي ڪتابن جا
مڙيئي مطبوع نسخا به حافظ صاحب ئي تيار ڪيا هئا.
متعلوي ساداتن جي پراڻي شجري کي اتاري نئون ڪيو
ويو، سو به حافظ صاحب جي هٿ جو هڪ ادنيٰ فن هو،
جنهن جو معاوض کيس ڪي مڻ اناج ۽ ڪجهه روڪڙ ملي.
انهن اکرن کي ڏسي، حافظ صاحب کي داد ڏيڻ کان سواءِ
رهي نٿو سگهجي.
نثر نويسي: مرحوم جي فارسي دانيءَ ۽ نثر نويسيءَ ۽
انشا پردازيءَ تي وقت جا نامور عالم ۽ فاضل به رشڪ
کائيندا هئا.
مرحوم سنڌي زبان جو به هڪ سٺو انشاپرداز هو. سندس
مضمونن کي جيڪڏهن گڏ ڪري شايع ڪجي، ته هوند پارسي
۽ سنڌي زبانن جي انشاء جو چڱو مجموعو موجود ٿي
سگهي ٿو. مگر افسوس زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري
اهي جواهر پرا اهڙي اهڏ ۾ اچي ويا، جو انهن جو هن
وقت ملڻ نهايت مشڪل آهي. صرف ڪي زباني روايتون وڃي
رهيون آهن ۽ ڪجهه فارسي ڪتابن تي سندس لکيل
تقريظون ۽ تاريخي قطعات.
وفات: حافظ صاحب جي وفات نهايت پُردرد ٿي. 1340هه
۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد فاروق
رکيائين. هن ٻار جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي
بزرگيءَ جا آثار موجود هئا. جيئن جيئن وڏو ٿيندو
ويو، تيئن تيئن حسن صورت سان گڏ حسن سيرت ۾ به
ترقي ڪندو ويو. اهڙو اولاد هونئن به هر هڪ رشتيدار
جي دل ۾ گهر ڪري ويندو آهي، پر هن سهڻي سلڇڻي پٽ
تي حافظ صاحب جو بيحد پيار هوندو هو. مگر افسوس،
قضا ۽ قدرت جي ڪير آڏو اچي. معصوم محمد فاروق 4_
ذوالقعد 1352هه ۾ وفات ڪري پيءُ جي ڄڻ ڪمر ٽوڙي
وڌي. انهيءَ کان پوءِ حافظ صاحب غمگين گذارڻ لڳو.
پوري چوٿين مهيني يعني 11 ربيع الاول 1353هه آچر
جي ڏينهن منجهند مهل، جيئن سعيدپور مان گهوڙي تي
چڙهي گهر پهتو ۽ وهنجي سهنجي اڃا مانيءَ تي ويٺو
ئي مس، ته کيس رت جي اُلٽي آئي ۽ جيسين حڪمين جو
هٿ رسي، تيسين هن مفلس عالم ۽ فاضل جو روح قفس
عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو. کيس صرف هڪ نياڻي هئي،
جا به هاڻي تازو رحلت ڪي ويئي.
شعر و شاعري: شاعري ڄڻ ته ”دلگير“ جي گهر جو ورثو
هئي. طبيعت ايتري قدر روان هوندي هيس، جو ڪنهن به
”طرح“ تي في البديهه شعر چئي ويندو هو، جن ڏينهن ۾
”مخلص“ روپوش ٿي ٽکڙ ۾ آيو هو، انهن ڏينهن ۾ ٻنهي
جا پاڻ ۾ شعرانه معرڪا ٿيندا هئا.
هڪ دفعي صبح جو سوير جيئن ”مخلص“ مرحوم بازار ۾
آيو، تيئن ڏٺائين ته ماڻهن جي اها چهل پهل آهي ئي
ڪانه. پريان حافظ صاحب به بيٺل هو. ”مخلص“ چيو ته:
”اڙي يارو، سبب ڪهڙي وسي ويران ٿي ڏسجي؟“
حافظ صاحب يڪدم گره ملائي:
”خدا جي خلق جنهن ۾ جا بجا حيران ٿي ڏسجي!“
پوءِ ائين اڌ ڪلاڪ تائين پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪندا هليا.
هڪ دفعي ”مخلص“ مصرع ميدان ۾ اڇلي:
”وئي هلي نيٺ آبرو منهنجي.“
حافظ صاحب چيو:
”ملڪ ۾ آهه گفتگو منهنجي، شهر ۾ آهه جستجو منهنجي،
عشق بازيءَ ۾ يار جي، هيهات، وئي هلت نيٺ آبرو
منهنجي.“
سندس ڪلام: ”دلگير“ جو جيڪو به ڪلام هٿ آيو آهي،
انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي، ته پاڻ سنڌي شعر تمام
گهٽ چيو اٿس، ۽ سنڌيءَ ۾ جو ڪجهه چيو اٿس سو به
سڄو پارسي زبان جي ترڪيبن، محاورن، استعارن ۽
ڪناين سان ڀريل آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي ته اهڙا شعر اٿس،
جو سواءِ پارسي دان جي ٻيو ڪو سمجهي نه سگهندو.
البت هڪ غزل هٿ آيو آهي، جو سڄو تجنيس حرفي ۽ خاص
سنڌي محاورن سان سينگاريل آهي. چند بند ملاحظه
ڪريو:
سڄڻ جي سڪ ۾ ويو سينو سڙي اڄ،
پرين ڌاران پيم ڳوڙها ڳڙي اڄ.
جدائيءَ جو جيئڻ ٿيو تنگ دل ٿي،
گنگهر گهاريان بنا تنهنجي گهڙي اڄ.
ٻڌم ٻانڌاڻ توسان پيچ پختو،
ڪِڙم ۾ آئون ٿيس ڪامل ڪڙي اڄ.
نڪون لاهي وهي ٿو نير نيڻين،
ڪري لائق اچج لالن لڙي اڄ.
______
رواني: حافظ صاحب جي ڪلام (غزل، قصيدي، مرثيه ۽
نظم ۾) بي پناهه رواني موجود آهي:
اڄ وري ڪنهن ساڻ دلبر بزم آرا آهه ٿيو،
منهنجي خارن ۾ ٻين سان باده پيما آهه ٿيو.
هاءِ محرومي، جو عرضِ حال پڻ مشڪل لڳي،
نامه بر جو حال ڏيندي بند گويا آهه ٿيو.
هل وري هيڪر ڏسون حسن و جمالِ روي دوست،
دل ۾ هي ”دلگير“ کي اڄ شوق پيدا آهه ٿيو.
______
زور ڪلام: ”دلگير“ جي طبع نهايت مغموم رهندي هئي،
۽ سندس غم جو اثر سندس ڪلام ۾ موجود آهي. مثال طور
هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
ٿيو آهه درد کان بي رنگ بيان منهنجو،
ستم جي خون ۾ ٿيو غرق داستان منهنجو.
وڃي ٿو تا بفلڪ شور الامان منهنجو،
ڏسي هي ظلم ويو تاب ۽ توان منهنجو،
لکان مان ڪهڙي طرح درد دل سندو احوال،
جو باهه فرقت کان قلب ٿيو سڙي پامال!
نه جوش علم رهيو ۽ نڪي بهار سخن،
رهي نه ملڪ ۾ رعنائي و وقار سخن،
اجل ڪيو هاءِ عجب رنگ سان فشار سخن
رهيو نه آهه ٻيو گل ڪو يادگار سخن:
مٽي هوا ۽ ڦري ويئي ملڪ جي حالت،
نه آهه ڪنهن به بشر جي اندر کي ڪا فرحت.
پنهنجي والد محترم جي وفات حسرت آيات تي حافظ صاحب
جيڪا اشڪ فشاني ڪئي آهي، تنهن جو هڪ بند ملاحظه
ڪريو ۽ سندس قلم جو زور ڏسو:
برخيز که آه از دلِ ناشاد برکشيم،
غوغاي نوحه و نالهءَ بيداد برکشيم.
چون شمع سيلِ اشک فشانيم بر زمين،
و ز سوز دل غريو چو فرهاد برکشيم.
آواز دردناک رسانيم بر فلک،
وا حسرتا بعالمِ ايجاد برکشيم.
بر سر زنيم دست تغايبن کفِ اسف،
حنانه وار نوحه و فرياد برکشيم.
از دود آه روي فلک نسيه کنيم،
پاداش زين ستمگر و جلاد برکشيم.
______
منظر نگاري: منظر نگاري حافظ صاحب جي ڪلام جي
خصوصيت آهي. خاص ڪري مرثين ۽ قصيدن ۾ هن ڪمال ڪري
ڇڏيو آهي.
چمن جو نقشو هن طرح ٿو چٽي:
باغ ۾ بلبل ٿي ڳائي اڄ ترانو عيد جو،
گل کليا گلشن ٽڙيا آيو زمانو عيد جو،
نو بهار آيو چمن ٿيو آستانو عيد جو،
وات ۾ هر هڪ کي آهي داستانو عيد جو:
عيد هيءَ ڪهڙي، ڏني جنهن ڪامگاريءَ جي نويد،
غنچهء دل کي ملي اڄ نو بهاريءَ جي نويد.
باغبان حيرت ۾ پيو هن ساز سامان کي ڏسي،
تخت گل مهندان وري بلبل غزل خوان کي ڏسي،
سرو ۽ شمشاد تي قمريءَ خوش الهان کي ڏسي،
سبزهء نورس تي ابرِ گوهر افشان کي ڏسي،
ڪاڪِل مشڪين ڪڍي سنبل سنواريو پاڻ کي،
نشترن پڻ قابل نظاره ڪاريو پاڻ کي.
______
شيخ نور محمد مرحوم جي فرزند جي پيدائش تي جيڪو
قصدو چيو اٿن، تنهن ۾ باغ جو منظر ملاحظه ڪريو:
بحمدلله که کارم خوشتر افتاد،
غم و محنت ز عالم گشت برباد.
نسيمِ صبح در بستانِ عالم،
سحر گه مزده و تهنيتي داد.
صبا از لاله و گل عطر بيزي،
براي لاله رواين کرد ايجاد.
گسته در چمن شيرازه نسرين،
فشانده عنبر تر جعد شمشاد.
گل اندر جلوه گاهِ خوش زباني،
حديثِ مطرب و مي کرد ايجاد.
عروسانِ بهاري پرنيان پوش،
ز جام ارغواني مست دلشاد.
قدح در دست مستان بر لبِ جو،
کفِ ساقي ز بخشش ابر جواد.
بنفشه برکنارِ جوئباران،
خطي چو برلبي خوبان نوشاد.
قد سروِ سهي در طرف بستان،
دهد از قامت شيرين لبان ياد.
______
قادرالڪلامي: ”دلگير“ جو ڪلام هڪ قادر الڪلام
استاد واري پختگي رکي ٿو. سندس نعتيه شعر جا چند
مصرع پيش ڪجن ٿا: |