افسوس آهي، جو سياست جي ميدان ۾ پير پائڻ ڪري شاهه
صاحب جي شعر گوئيءَ جو ذوق بلڪل ماٺو ٿي ويو. گهڻن
سالن کان شعر چوڻ بلڪل ڇڏي ڏنو اٿس. سندس ابتدائي
ڪلام سڀ موجود آهي. جو اميد ته عنقريب شايع ٿيندو.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
انتخاب
”ڪافيون“
مون کي ماڻن سان مار، اصل انڪار نه ڪر.
ڪافي ڪهڻ لاءِ سيف هي ابرو،
تير تبر تلوار، نپٽ نروار نه ڪر.
ڳالهه ڳجهي جا توسان ڳرهيم،
تنهنجو ذڪر اذڪار، پر اظهار نه ڪر.
سال سڪئي ٿيم سهڻا سائين،
هاڻ هتي هڪوار، اچڻ کان عار نه ڪر.
ناوڪ نينهن جو بيشڪ بڇ تون،
ڏوٺ ڏمر ڏهڪار، تپي تڪرار نه ڪر.
”ميران شاهه“ جون منٿون ماهي،
مڃ مٺا منٺار، حيا هر بار نه ڪر.
________
سهسين ڀليڪار، ڪانگلڙا!
جيءُ جيءُ کيانتا آئين اوتاري!
ڪانگ ويجهو ٿي ولهيءَ کي، دل سندو چئو داستان،
ڳالهيون ڳجهه راز رمزون، ڪر اڳيان منهنجي عيان،
بند لهن او بار، ڪانگلڙا، گهوٽ گهڙي جي مون سان
گذاري.
ڪانگ ڪي اڳيان قريبن، ڪيئي قصو منهنجو تمام!
هت عجيبن جي اچڻ جو، آندئي ڪهڙو انجام؟
پايئين ڳچيءَ هار، ڪانگلڙا، هو جي ولهيءَ ڏي واڳون
واري.
ڪانگ، مون مشتاق جي، محبوب ڪئي ٿي ڪا مقال!
ڪا سڪايل جي ڪڏهن، سهڻو اچي لهندو سنڀال!
ڪهڙا سندس پار، ڪانگلڙا، پاري نه مون سان پرت
پياري.
ڪانگ وڃ تون تنهن ولايت، پرينءَ کي پيغام ڏي.
حال مون ”مهجور“ جو چئو، ڪرنشون ڪوڙيين ڪري.
روئج زارو زار، ڪانگلڙا، ڪهل اچي ڪامان ڪوهياري.
________
پسي رات سپني ۾ پکيون پراڻيون،
صحيح سي سڃاتم پياريون اباڻيون.
ولر ڪيو ويڙهيچون، ويون مون وڪوڙي،
ڏئي زور زانوءَ کي ڪا جوٽ جوڙي_
سنڀالي سڻاينئوم سڪ جون ڪهاڻيون.
سڻايو سهيلين مون سڏڪا ڀري، ميان،
سندم حال ابتر اصل کان ڪري، ميان_
ته ڪيئن قيد ۾ ٿيو سندم ٻانهون ساڻيون.
هڄي ويئي هرڪا ٻڌي حال هيڻو،
سڏيو سومري کي سڀن ڪُر ڪميڻو_
ٿيون روڄ راي ۾ نرمل نماڻيون.
پٽن منجهه پهري ڀريئون پاند پيرُن،
پسيون پاس آندئون ۽ ڏٿ، ڏار ڏونرن_
کلي ٿي کارايئونم مکڻيون مانڌاڻيون.
ورهيه وِرهه جا ويام ان وقت وسري،
عمر جي آري مان ويس ڄڻ ته نڪري_
صبح جو ڏٺم پر سِري سومراڻيون.
سڻج سڏ سرور سڪايل جا ساري،
هي گهوٽ ري جا گهنگهر ٿي گذاري_
”ميران شاهه“ مارن سان ٿين رس رهاڻيون.
غزليات
جي هلي هڪوار عاجز جي اڱڻ ايندو عجيب،
جان جند، سر ساهه، گهر تڙ، تت هي گهوريندو غريب.
دائما دلبر جي دوريءَ کان دکي ٿو درد دل،
درد ان جو وصل درمان، مرضَ ان جو مه طبيب.
هڪ اڀاڳيءَ جو اڙانگي ساڻ انگ آهي اڙيو،
ٻيو وجهي ٿو رنڊ روڪون راهه ۾ رهزن رقيب.
وصل جي وجهه لئي ولهيءَ جو وس هلي ٿو ڪونه،
پر پرين پردي اندر پڻ قلب کان آهي قريب.
سڱ ڪري هن سنگدل سان سور سهسين مون سٺا،
ٿيو ندوريءَ جو نکٽ نحس ۽ نپت ناقص نصيب.
محب جي محبت ۾ محنت ”مير“ کي منظور آهه،
نيٺ نيزارين سان ڦيريندو نظر نوري نجيب.
________
پرينءَ منهنجي کي ڪو پانڌي وڃي پيغام پهچائي،
ته لالن تنهنجي لاءِ لوٺي ڏينهان راتيان ٿي
ليلائي.
سندءِ صحبت جڏهن ساري، هنجون هاري ڪري هاڃو،
جدائيءَ ۾ سندءِ جاني جيئڻ جنجال ٿي ڀانئي.
نماڻيءَ جي اندر ۾ نينهن ڪيو ناسور اي نازڪ!
انهيءَ وِر ڪئين وِلاتن جا ڇڏيا سڀ ويڄ ورچائي.
ولهيءَ کي وير واجهائي، ورهيه تولئهء ويا گذري،
پکي ۾ پورهيت جي پڻ پرين آ پيرڙا پائي.
ڪچي ڪا وصل جي وائي نه ڪج سهڻي اڳيان ساٿي،
متان او شوخ شيرين لب انهيءَ گفتي کان شرمائي.
منٿ ۽ معذرت ڪج ”مير“ جي پاران وڃي پانڌي،
سڪايل جا سڻي هي سور سهڻو مان سانڱائي.
________
عشق وارن کي عجيبا عيش جو ڪونهي ضرور،
سوز سڪ ۽ سور مان تن جي سري سيني سرور.
نينهن ناوڪ جو نشان ٿي هٿ قريبن جي ڪسڻ،
مرڪ مشتاقن سندو ۽ شير مردن جو شعور.
رنج راحت، فرح محنت جو نه سڪندن کي سماءُ،
عشق جي آتش سندو تَن ۾ تپي تِنِ جي تنور.
تات تاري، عمر ساري، يار آريءَ جي اٿن،
ٿو هُري، هَر هَر هئين ۾، تن کي هو تن جو حضور.
جيءَ جفا ته به دل صفا عاشق سچي سهڻي سدا،
ناز ٿا ناڪار ڀانئن ۽ غصو ڄاڻن غرور.
منٽ جي هن ”مير“ کي منهڙو پسائي ماهرو،
تان هنئين تان هوند هٽجي، هجر جو هيڪر حَرور.
________
دنيا خود مطلبيءَ سان پر آهي:
دنيا هيءَ آهه مطلب جي، جنهين ۾ خير خواهه ڪونهي،
گهڻائي دوست چائن ٿا، مگر ڪو باوفا ڪونهي.
ملن مشڪن، گلي لائن، عزيز ۽ خويش ٿا چائن،
اندر ۾ پر رکن ڪينو، منجهن ڪو دل صفا ڪونهي.
دلاسا دلبريون ظاهر ڏکن ۾ ٿا ڏين مون کي،
حقيقت ۾ مگر دمساز دل جو دلربا ڪونهي.
سکن ۾ ڪئين سلامي پر نه سورن ۾ ٿين ساٿي،
برائيءَ ۾ بهادر ڪئين، وفائي ۽ وِلا ڪونهي.
وڃن پئسي تي منهن ميو، گهڻائي مرد مطلب جا،
سٻر سالم سچو ساٿي، سٻاجهو باسخا ڪونهي.
لڳي هر ڪنهن کي پنهنجي، ڪانه ٻئي جي ٿو رکي
پرواهه،
اَلا! اڄ ملڪ ۾ ”مهجور“! ڪو مردِ خدا ڪونهي.
تعليم:
دوست، دل سان ٻڌو اڄ ملڪ جي هيءَ ماجرا،
ٻيو سڄو سڌري جهان ويو هت جهالت جابجا.
علم جي حاصل ڪرڻ جو ناهه ڪنهن کي ڪو خيال،
بوالفضولي ۽ برائي، ٿي تڏهن بي انتها.
جيئن ڏيو روشن ڪري، گهر علم تيئن دل جو چراغ،
جنهن جي دل اونداهه تنهن کي، ڪيئن سڏيون انسان
ڀلا؟
علمواري کي ٿين حاصل ٻئي دنيا ۽ دين،
ٿو ٿئي بي علم کان پر خود خدا خالق خفا.
زال توڙي مرد لاءِ آهي ضروري علم ٿيو،
نر ۽ ناريءَ جي پڙهائڻ ۾ ٿيو بس بي ريا.
پير توڻي مير يا، هاري هجي يا ڪاسبي،
علم کان عاري رهيا جي جلد ٿيندا سي فنا.
من اندر ”مهجور“ جي، منشا رهي ٿي هيءَ مدام،
علم سان روشن رهي، هي ديس سارو دائما.
سيد غلام محمد شاهه ”ناظم“
سيد غلام محمد شاهه ”ناظم“ ولد سيد جلال شاهه
1319هه ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو.
تعليم ۽ تربيت: ”ناظم“ صاحب، سنڌي، ڪجهه پارسي ۽
قرآن شريف جي تعليم حافظ ”بسمل“ مرحوم کان پرائي.
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي زمينداري ڪمن ڪارين ۾
مشغول رهندو پئي آيو آهي.
عادات و اطوار: نهايت خوش طبع ۽ خوش وضح آهي. آواز
سريلو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي ڳائيندو به آهي.
شعر و شاعري: شاعريءَ ڏانهن ننڍپڻ کان رغبت اٿس.
سندس غزل ۽ ڪافيون ڪي پارسي آميز ۽ ڪي صاف سنڌي ۾
آهن. ڪلام ۾ چڱي رواني اٿس.
سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
تو ڇڏيا ڪاڪل ڪلهن تي پنهنجي پهرائي پرين،
وات ويچارن کي وجهيو نانگ نايو ٿا وٺن،
مُوءَ مڻيادار ”ناظم“ ڏنگ ڏکوين کي هڻن،
وات وسهر پنهنجا پٽيو ور ورايو ٿا وٺن.
________
هي ته ڏس جرڪن سدا جلوا ڪريو جانب سنديون،
مست مشتاقن کي ڪن ٿيون پرت ڏيو پياريون اکيون.
من سندم ويهي ڪري وئين قيد ڪَجلين سان قريب،
تو کڻي مون ڏانهن مٺا، جنهن دم وري واريون اکيون.
جي کڻي مون ڏي نهاريئي ٻاجهه ڀريا نيڻ ٻئي،
مون مٺا تنهنجون ٿي صبح و شام سي ساريون اکيون.
هڪ نهارڻ سان ”ناظم“ جي کسيائين جان و دل،
سچ چوان هي لءِ هڻڻ ڌاڙي جي هن ڌاريون اکيون.
محمد خان ”غني“
قاضي محمد دائود جو فرزند ۽ حافظ حاجي ”حامد“ جو
پوٽو محمد خان ”غني“، مارچ 1903ع مطابق 18 ذوالحج
1320هه ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو.
حسن اتفاق اهو ٿيو، جو هن جسماني عالم ۾ اچڻ کان
اٺ ڏينهن اڳ، مرحوم ”مخلص“ جو هڪ کير پياڪ پٽ، کيس
داغ جدائيءَ جو ڏيئي، ابدي دنيا ۾ وڃي آرامي ٿيو.
”مخلص“ صاحب اڃا پٽ جي ورهه ۽ وڇوڙي ۾ ڳوڙها ڳاڙي
رهيو هو، ته کيس محمد خان جي ڄمڻ جي مبارڪ ملي. نه
رڳو مبارڪ، مگر محمد دائود پنهنجو اهو اڪيلو
فرزند، پنهنجي وڏي ڀاءُ ”مخلص“ جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
انهيءَ ڏينهن کان وٺي محمد خان ”مخلص“ جي گهر نپنو
۽ اها ٿڃ پيتائين جا اٺ ڏينهن اڳ ”مخلص“ جو فرزند
پيئندو هو. محمد دائود، محمد خان تان ايتري قدر ته
دست بردار ٿيو، جو اڄ ڏينهن تائين به محمد خان جا
گهڻا آشنا کيس محمد دائود جي بدران ”مخلص“ جو
فرزند سمجهندا آهن.
تعليم و تربيت: ”غني“ صاحب جي ابتدائي تعليم، ٽکڙ
جي لوڪل بورڊ سنڌي اسڪول ۾ ٿي. ڪجهه پارسي ۽ قرآن
شريف، حافظ ”بسمل“ مرحوم وٽ پڙهيو. سنڌي فائينل
پاس ڪرڻ بعد، 1916ع ۾، حيدرآباد ۾ ماستر مقرر ٿيو،
جتي 1923ع تائين نوڪري ڪندو رهيو.
تپيداري پاس ڪرڻ ۽ اخباري دنيا: 1923ع ۾ ماستري
ڇڏي، تپيداري پڙهڻ ويو. 1924ع ۾ اهو امتحان پاس
ڪيائين.
6_ جون 1924ع کان جڏهن ”مسلمان“ اخبار ميرپورخاص
مان شايع ٿيڻ لڳي، تڏهن محمد خان، پهريائين ته ان
انتظار ۾ ته جيستائين تپيداري ملي، تيستائين اخبار
۾ ڪم ڪندو رهيو، مگر پوءِ ”ڪل شيءِ يرجع الي اصله“
جي مصداق قدرتاً پنهنجي مورثي پيشي ۾ اچي ويو،
يعني ”مخلص“ مرحوم جي قائم ڪيل اخبار ”مسلمان“ جو
ايڊيٽر ٿيو ۽ 1931ع ۾ ”مخلص“ مرحوم جي حياتيءَ ۾
”مسلمان“ جي باقاعدي چارج ورتائين. اڃا تائين پاڻ
هاشمي پريس جو مالڪ ۽ ”مسلمان“ اخبار جو ايڊيٽر
آهي.
نثر نويسي: سندس نثر چڱو، عام فهم ۽ سليس ۽ ساديءَ
ٻوليءَ ۾ آهي، جو هڪ بلند پايه اديب کان وٺي هڪ
معمولي پڙهيل ماڻهوءَ تائين به چڱيءَ طرح پڙهي ۽
پروڙي سگهي ٿو.
ظرافت: فن ظرافت ۾ به چڱو مَلڪو حاصل اٿس.
ڳالهائيندي ٻولهائيندي نهايت عجيب عجيب لطيفا بيان
ڪندو آهي.
”مسلمان“ اخبار ۾ ”علامه کڙپي“ جي نالي سان شايع
ٿيل مزاحيه مضمون سندس ئي لکيل آهن.
شعر و شاعري: شاعري ته لاڪس ڪو مشڪل مرحلو ڪونه
هو. پاڻ انهيءَ خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن سنڌي
شاعريءَ کي بحر وزن جي پابنديءَ ۾ آندو، ۽ انهيءَ
خاندان مان مرحوم حافظ حاجي حامد ۽ ”مخلص“ جهڙا
باڪمال شاعر پيدا ٿيا. ڄائي ڄم کان وٺي سندس خون ۾
پيءُ ڏاڏي جي وسيلي سان، شاعريءَ جا جزا موجود
هئا، مگر هر ڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي ظاهر
ٿيندي آهي. آخر اها گهڙي به اچي ويئي. ”غني“ صاحب
جي شاعريءَ جي شروعات به هڪ عجيب واردات آهي.
سيد حاجي محمد حافظ شاهه مرحوم جي اوطاق ۾ راڳ ۽
رنگ جي دور کان سواءِ ٽکڙ جي نو آموز شاعرن جي
تربيت به ٿيندي هئي. هڪ رات سندس محفل ۾ ”اڄ ويو
سهڻو سندم دلبر سڌاري هاءِ هاءِ“ مصرع طرح تي طبع
آزمائي ٿي رهي هئي. محمد خان کي موقعو ملي ويو. هڪ
غزل، جو گهڻين غلطين سان پُر هو، عيسيٰ شيديءَ جي
هٿان شاهه صاحب ڏانهن ڏياري موڪليائين. غزل پڙهڻ
بعد، شاهه صاحب کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ پٺي ٺپري
چيائينس ته ”ابا انشاءَالله حافظ ”حامد“ جو بنياد
ڪڏهن به پٺ تي نه پوندو.“ انهيءَوقت غني صاحب جي
عمر اٽڪل 13 سال هئي. حافظ شاهه سندس رازادان ۽
حافظ شاهه جي اوطاق سندس وندرگاهه هئي. جيئن ته
خود ”مخلص“ مرحوم جي شاعريءَ جي ابتدا هڪ عشقيه
داستان سان ٿي هئي، ان ڪري ان خوف کان ته متان
”مخلص“ صاحب ائين سمجهي ته ڪنهن جي عشق جي
آري ۾ اچي ويو آهي، تنهن ڪري ڪيترو عرصو ”مخلص“
مرحوم کان پنهنجو ڪلام مخفي رکندو آيو. ڳالهه آخر
ڪيتري لڪندي، نيٺ ”مخلص“ کي خبر پئي جو سندس ڪلام
پڙهي خوش ٿيو ۽ کيس شعر چوڻ جي اجازت ڏنائين.
انهيءَ کان پوءِ ”غني“ صاحب باقاعدي شاعري شروع
ڪئي ۽ حافظ ”بسمل“ مرحوم کي استاد ڪري ورتائين.
قومي شاعر: 1916ع ۾، حيدرآباد ۾، هڪ ”بزم شعراء“
قائم ٿي، جنهن جي زير سايه هر هفتي مشاعرا ٿيندا
هئا.
”غني“ به ان مجلس ۾ حصو وٺڻ لڳو، جنهن ڪري سندس
انهيءَ وقت جي شاعريءَ تي به اهو رنگ چڙهي ويو،
جيڪو اڄڪلهه سنڌي شاعرن اختيار ڪيو آهي، يعني هجر
و فراق، گل ۽ بلبل وغيره، ڇو ته انهن شاعرن لاءِ
طرح مصروعون به اهڙيون ئي هونديون هيون.
14_ ڊسمبر 1924ع جو واقعو آهي. حيدرآباد ۾ هڪ وڏي
ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ رکيل مشاعري لاءِ طرح
مصرع ”چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“
مقرر ڪيل هئي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني نامور
شاعرن شرڪت ڪئي ۽ سڀني جو ڪلام عشقيه هو. فقط هڪ
”مخلص“ مرحوم هو، جنهن ”بات سڀ بيڪار بلڪل گل ۽
گلزار جي“ مصرع ڪم آڻي سنڌي شاعريءَ جي رخ کي قومي
شاعريءَ ڏانهن موڙيو. انهيءَ تلقين جو ”غنيءَ“ تي
به اثر ٿيو. انهيءَ موقعي کان پوءِ پاڻ جيڪو
پهريون نظم لکيائين، سو قومي هو. هونئن به اخباري
دنيا ۾ اچڻ ڪري کيس اڪثر قومي نظم لکڻا پيا، جنهن
ڪري سندس بياض ۾ وڏو حصو قومي نظم ئي ملن ٿا.
ساڳئي وقت تي عشقيه ۽ نعتيه شاعري به ڪندو آيو.
مرثيه تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس.
سندس ڪلام: ”غني“ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ مغلق ۽ دقيق
عربي ۽ پارسي لفظن جي ڀرمار کان گهڻو تڻو گريز ڪيو
آهي. سندس ڪلام ۾ سادگي، رواني، صاف سنڌي زبان ۾
نظر اچي ٿي. تجنيس حرفي ته سندس اباڻو ورثو آهي.
تشبيهون، تلميحون، استعارا ۽ ڪنايا وغيره به سندس
ڪلام جي جان آهن.
تجنيس حرفي: ”غني“ صاحب سنڌي شاعرن جي دستور موجب،
عمر مارئي، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، سسئي پنهون ۽
مومل راڻي وغيره تي خوب طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص
ڪري عمر مارئي جي داستان تي پنهنجي ڏاڏي حافظ
”حامد“ وانگي گهڻو ڪجهه لکيو اٿس. اهو سمورو ڪلام
تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل آهي. هونئن به سندس
ڪلام جي گهڻي حصي ۾ تجنيس حرفي ملي ٿي:
ڏيٺ ٿي، پوءِ ڏسڪندن کي ڇو ڏمر ڏيکاريين:
منهن لڪائي محب ڇو ماڻن سان تن کي ماريين.
تيئن وڃي قابو ڪڙن ۾ قيد دل ٿيندي سندم،
ونگ وارن ۾ وجهيو جيئن ٿو ورايو واريين.
دڙ دلاسي دلبريءَ جي دوست دعويءِ دمبدم،
پاڻ تون پيمان پنهنجا ڇو نه پيارا پاريين.
وڙ ڪري ڪا وصل واري واڳ دلبر تون وراءِ،
غم لهن غمگين جا گڏجي گهڙي جي گهاريي.
آسرو آهم ”غني“ ايندا اڱڻ آخر اهي،
هاءِ جنهن جي لاءِ هيڏيون تون هنجون ٿو هاريين.
رواني ۽ سلاست: ”غني“ صاحب جي ڪلام ۾ رواني ۽
سلاست جهجهي آهي. ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته
سندس زبان مان بنا ڪنهن ڪاوش جي بيساخته شعر نڪري
ٿو. پڙهندڙ جي زبان کي اٽڪ ۽ رنڊڪ محسوس نه ٿيندي.
سادي ۽ سليس زبان ۾ اوچن خيالن کي ادا ڪرڻ ”غني“
جي هڪ خصوصيت آهي. مثلاَ:
سڄڻ جي سوا ڪنهن سان ٿي سينڌ ناهم،
سماءَ سور جي پوءِ ڪنهن کي سڻايان.
ڏکن جا ڪٽيان ڏينهن ان آسري تي،
چپن کي اچي تنهنجي چانئٺ چمايان.
وڌي وقت جيئن جيئن وڇوڙي سندو ٿو،
ڪري نير نارا اکين مان وهايان.
خودي منهنجي خواهش اهائي رکي ٿي،
پڻي تنهنجي پيرن جي پنبڻين ۾ پايان.
گهرن گهور، گهر تڙ، سسي ساهه گهوريان،
مگر ڪنهن طرح ساڻ ناتو نڀايان.
________
محاورا: ”غني“ صاحب جي ڪلام ۾ محاوري جي چاشني
جهجهي ملي ٿي. ملاحظه ڪريو:
منهنجي مدهوشي پڪاري هيئن چوي ٿي بار بار،
جان جادوءَ سان جهٽيندڙ منهنجا جادوگر سلام.
________
منهنجو جن مارن جي جهوريءَ ۾ جهڄي ٿو من مدام،
سي سگهوئي سار لهندم ڪين ڍاريندا ڪي ڊڦ.
________
ڇڏي ننڊ نيڻن نه آرام آهي، سڄي رات تارا تڪي ٿي
وهايان.
مٿين شعرن ۾ ”جان جهٽڻ“، ”جهوريءَ ۾ جهڄڻ“، ”تارا
تڪڻ“، سنڌي محاورا آهن.
منظر نگاري: سٺي شاعر جو ڪلام منظر نگاريءَ سان
سينگاريل هوندو آهي. ”غني“ صاحب جي ڪلام ۾ منظر
نگاريءَ جو به چڱو حصو نظر اچي ٿو. ٿر جي تراين جو
پلر جي پاڪ پاڻيءَ سان پُر ٿيڻ، تنهن ۾ ماروئڙين
جي راند روند ڪرڻ ۽ ڇيلن جي ڇانگن جو چرڻ ملاحظه
ڪريو:
اڄ ترارين ۾ اچي پلٽي پلر تازو پيو،
وهنجيو تن ۾ وريتيون ٿيون وجهن ڇاڇول ڇٻ.
ويئي ويسونيءَ مٿان کيرول جي ول ويڙهجي،
ڪٿ ملي ڪونڍير، ڪوري ساڻ سي پيا ته جهٻ.
ڇانگ ڇيلن جي ڇڙي پهتي مڙهي ۾ ماڳ تي،
ڏهر ۾ ڏهه ڏهه ٿا ڏسجن ۽ ٻُڪر پاسي ۾ ٻه ٻه.
________
معامله بندي: معامله بني شاعريءَ جي مکيه جزن مان
هڪ آهي. ان ۾ هڪ شيءِ جي مقابلي ۾ ٻيءَ شيءِ کي
آڻي شعر ۾ سمائڻ هڪ شاعر لاءِ نهايت ضروري آهي.
مثلاً گل لاءِ بلبل، شمع لاءِ پروانو وغيره ”غني“
صاحب جي ڪلام ۾ معاملي بندي ملاحظه ڪيو:
مثل قمريءَ جي ٿو ڪريان ڪوُ ڪوُ،
سرو ڪهسار جي سدا ٿي طلب.
باغبان کي ٿي هيئن چيو بلبل:
مون کي گلزار جي سدا ٿي طلب،
سرخروئي گهران ٿو الفت ۾،
لعل رخسار جي سدا ٿي طلب.
________
تشبيهه ۽ تلميح: ”غني“ صاحب جي ڪلام ۾ تشبيهه ۽
تلميح جو به چڱو انداز ملي ٿو:
نه مثل مون ٿيو فرهاد جانڪُن پيدا،
۽ مثل يار به شيرين مقال ڪين هئا.
________
هُل هوءِ يا چمن هجي يا سير لاله زار،
ليڪن ”غني“ ٿيو دوست جو ديدار دلفريب.
مٿئين شعر ۾ فرهاد ۽ شيرين کي تلميحاَ به ڪم آندو
ويو آهي ۽ پاڻ کي فرهاد سان ۽ يار کي شيرين سان
تشبيهه ڏني ويئي آهي.
هيٺئين شعر ۾ چمن وغيره جي نظاري کي يار جي ديدار
سان ڀيٽي، يار جي حسن جو مرتبو ظاهر ڪيو ويو آهي.
22_ اپريل 1952ع ”غني“ جي شاعريءَ لاءِ هڪ انقلابي
ڏينهن آهي، جڏهن ”پير ڳوٺ“ ۾ موجوده پير صاحب
پاڳاري کيس
”مون کان نه وسرن مور، سانگي سڌر مان سارو ٿي
ساريان.“
جي مصرع ڏيئي چيو ته ”هن تي ڪافي لکي وڃي.“ غني
صاحب انهيءَ مصرع تي اٺن بندن ۾ هڪ ڪافي لکي، ۽
انهيءَ ڏينهن شام جو پير صاحب جي اڳيان پيش ڪئي،
جنهن تي پير صاحب کين 500 روپيا انعام ڏنو. ان
بعد، سندس شاعريءَ جو رخ غزليات سان گڏ ڪافيءَ
ڏانهن به ٿيو، سندس ڪافيون لذيذ ۽ سليس سنڌيءَ ۾
تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل آهن.
سندس مقبول شاعريءَ جو اهو ثبوت آهي جو سندس ڏنل
مصرع ”مُڪي مون ڏي نڪا مارن ڀري پيرن سندي پاٽي“
تي رسالي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ٽن سالن تائين سنڌ جا
شاعر طبع آزمائي ڪندا رهيا.
سندس ”مسدس حالي“ جي ترجمي تي ڊولپمينٽ بورڊ طرفان
کيس پنج سو روپيا انعام مليو، جو سنڌي ادب جو هڪ
بيش بها خزانو آهي.
”مثنوي محمد بن قاسم“ تي به ادبي بورڊ طرفان کيس
700 روپيا انعام مليو.
انهيءَ کان سواءِ پاڻ ٻه مثنويون ”گلزار غني“ ۽
”مثنوي زهر عشق“ لکي تيار ڪيون اٿس، جي اڃا زيور
طبع سان آراسته نه ٿيون آهن.
هيٺ سندس ڪلام جو انتخاب پيش ڪجي ٿو:
انتخاب
ڪافيون
ري ويڙهيچن وهلور
لڙڪ لکين هت هاريو ٿي هاريان.
کڻي کوهر تان عمر تو آندي،
ڀيڻ ڪين ڇو بند ۾ باندي:
ايڏو ڪر نه ڪلور،
پاڻ مُٺي هت ماريو ٿي ماريان.
پائر ۾ مون پرت جا پاتي،
تات رکي سا تن ۾ تاتي:
نينهن ڪيم ناسور،
ڏيل ڏکڻ ڏاريو ٿي ڏاريان.
ڪلف ڪڙا ۽ ڪوٽ زنجيرون،
دهشت دڙڪا بار بهيرون:
مون کي سي منظور،
قول ڪيم سي پاريو ٿي پاريان.
ساريم سانگ ۽ سانگي سرتيون،
وِرهه ويچاريون منهنجي ورتيون:
ڏيهي ڏکيءَ جا ڏور،
گهڙيون گهنگهر ۾ گهاريو ٿي گهاريان.
مند مينهن جي موٽي آئي،
بادل برسي رِم جهم لائي:
ٿيون تار تاريون تور،
ڳڻتيءَ ۾ جيءُ ڳاريو ٿي ڳاريان.
ننڊ نيس آءٌ عمر اَباڻن،
پهتيس پنهنجي وڳر وٿاڻن:
سانگين پهچي لاٿم سور،
ولر ورائي واريو ٿي واريان.
هليس ڇيلن ڇانگون ڪاهي،
ماڳ مڙهي ۾ مال ورائي:
جوڌرينئون سندم دستور،
چاهه منجهارؤن چاريو ٿي چاريان.
لوئي اباڻي ڪيئن لڄاڻا،
پَٽ ”غني“ مان ڪيئن هت پايان.
سُڻ ”محمد“ جو مذڪور،
ٻارڻ ۾ سي باريو ٿي ٻاريان.
غزليات
راز الفت جو عيان ٿيو آهه لڙڪن جي طفيل،
آبروي عشق خاطر ورنه مان خاموش هوس.
________
چپن تي رکي جام زاهد چيو:
ورهين جي ٿي پوي اها ڇوڙ ٻَڌ.
________
جتي تو ڇڏيو منهنجا جانب اتي،
غمن ۾ هي گولو گذاري سدا.
________
اڃا انبوهه ٿيندو ناز ۽ نخري جي لشڪر جو،
سڀئي حرس و هوا، صبر و تحمل، نازنين نيندا.
________
پر ڇڏي ڏي، پر پڇائي، پُر انهيءَ جي پار ڏي،
هل ته حاصل ٿي وڃئي دوست جو ديدار نيٺ.
________
ڪريان سجدو خوشيءَ مان يار جي محراب ابرو ۾،
ملي آبِ ذقن مون کي اگر بهر وضو واعظ.
”غني“ گهمڻو عدم ۾ پيو تلاشِ يار جي خاطر،
پَسِ مردن به گهٽ ٿيو ڪين عزمِ جستجو واعظ.
________
هن مون ڏانهن ڏٺو مون جو انهيءَ ڏانهن ڏٺو ٿي،
آيو ۽ ويو پاڻ ۾ پيغامِ تمنا.
اکين ٿي چيو ”آهه“، مگر دل ٿي چيو ”واهه“،
ڇا صبح تمنا ٿيو، ڇا شامِ تمنا.
________
بيوفائي ڪو ڪري پر تون وفاداررن مان ٿي،
آهه ايءَ انسانيت، جو تون وفا کان منهن نه موڙ.
ڪين ڪا تدبير ٿي تقدير جي آڏو اچي،
شڪر ڪر سهه صبر سان ۽ تون قضا کان منهن نه موڙ.
________
بلبل نالان سان گڏ گلهاي خندان کي ڏسي،
ٿو روئان ۽ پيو کلان رنگ گلستان کي ڏسي.
شاد جيئن ٿو ميزبان ٿئي گهر ۾ مهمان کي ڏسي،
زخمِ دل خندان ٿيا تيئن تيغ عريان کي ڏسي.
ڪجهه پشيمان ٿي ويو ۽ ڪجهه پريشان ٿي ويو،
ظلم پنهنجي کي ڏسي ۽ منهنجي ارمان کي ڏسي.
________
تردد ڇو نه طائر سو ڪري آزاد جو اصلي،
قفس جي زندگيءَ جو پاڻ کي قائل بنائڻ ۾.
مئ وحدت جي متوالن تي ٿيندو ڪارآمد ڪيئن؟
هي ڪنهن جي چشمِ ميگون جو اثر غافل بنائڻ ۾.
حدودِ قيد بند ٽوڙڻ ”غني“ مردن جو شيوو ٿيو،
رهي صياد ڀل ديوار کي حائل بنائڻ ۾.
________
عشق سوزِ زندگي ۽ زندگيءَ جو ساز آهه،
عشق ڌاران زندگي ڪنهن جي نه سر افراز آهه.
زندگي هڪ خواب ٿي جنهن جو نڪو تعبير آهه،
بعد مردن مون پروڙيو زندگيءَ جو راز آهه.
اشڪ اکين ۾ ۽ دل مان باهه جا شعلا اٿن،
گهر جلي برسات ۾، قدرت جو ڇا انداز آهه!
________
سنبلستان ۾ ئي ننڍپڻ کان وڏو پلجي ٿيس،
ڪهڙو شڪوو ڪجي گيسو ۾ گرفتاريءَ جو.
حلقه زلف ۾ ٿيو نيٺ وڃي دل جو مڪان،
مرغ دل کي جو وڻي دام ويو ماريءَ جو.
________
صورتِ بي نقاب جي خواهش،
آهه مون کي عذاب جي خواهش.
ياد ساقيءَ جي آهه فياضي،
مون کي جامِ شراب جي خواهش.
رک نه تڪيو به هستيءَ دنيا،
رک نه نقشِ سراب جي خواهش.
دمبدم دل ۾ ٿي رهي اي ”غني“،
ان رسالت مآب جي خواهش.
________
ڇا ٿو تون پڇين ڇا مون ڏٺو تنهنجي غمن ۾،
هڪ آه جگر دوز، ۽ هڪ باهه بدن ۾.
مارين ٿو نگهه ساڻ، جيارين ٿو کلڻ ساڻ،
اعجاز ڏٺم تنهنجي اکين ۾ ۽ چپن ۾.
اکين ئي ملي توسان ڪيو دل کي گرفتار،
پنهنجن کان لڳي آهه نه رک خوف ٻين ۾.
نخچير قريب آهه، ڪمان هٿ ۾، هڪيو ڪان،
ويچار اچي شل نه دلِ تير فگن ۾.
جيئن پير ٿو ٿئي تيئن ٿو ٿئي تيز ستگمر،
ڏس ڪيئن نه کريو چرخ ڪهن آهه اڇن ۾.
بلبل جي اگر آهه جو تاثير اهو ناهه،
ڇو چاڪ گريبان ٿيو گل جو چمن ۾.
برباد ڪيو دل کي قد و زلف جي سودا،
نادان جو ڪم نيٺ پيو دار و رسن ۾.
________
شڪر الله نيٺ يارو ٿيو مقدر پاڻ سان،
ٿو ڪري وعدو وفاداريءَ جو دلبر پاڻ سان.
درد دل سوز جگر کي سؤ دفعا شابس هجي،
تا حياتي هي رهيا بيٺا برابر پاڻ سان.
لحد جي تاريڪين کان خوف مون کي ڪونه آهه،
داغ دل هوندا مثالِ مه منور پاڻ سان.
جن کي سمجهيو مون سدائين حال ڀائي ۽ حبيب،
سي وجهي ويٺا وري ڇو وير ۽ ور پاڻ سان.
سلام:
السلام والسلام اي لاله رخ دلبر سلام،
پنهنجي مٺڙي مه لقا کي ٿو چوي ڪمتر سلام.
حسن تنهنجي کي هزارين ٿيون اکين جون، بندگيون،
منهنجا چپ ڳاڙهن ڳلن کي ٿا چون هر هر سلام.
هو جي ٻانهون منهنجي گردن ۾ حمائل ٿيون ڪڏهين،
ٿو چوان تن کي سڄڻ ساري اهي ڀاڪر، سلام.
عشق منهنجو لطف تنهنجي کي چوي ٿو بندگيون،
زخم دل آهن چيا غنچه دهن خاطر سلام.
تنهنجي نازن کي گهڻو ڪن ياد ٿا منهنجا نياز،
گهاءَ منهنجا تنهنجي غمزن کي چون دلبر سلام.
منهنجي مدهوشي پڪاري هيئن چوي ٿي بار بار،
جان جادوءَ سان جهٽيندڙ منهنجا جادوگر سلام.
عهد فرقت کي ڏجان پڻ وصل واري وقت جا،
دمبدم منهنجا مٺا محبوب تون اڪثر سلام.
________
کاڄ که تنهنجا عمر! مون کي وڻي مارن جي رٻ،
چاهه ناهم چاشنيءَ سان ڪيئن ڏيان مان تنهن کي چٻ.
منهنجو جن مارن جي جهوريءَ ۾ جهڄي ٿو من مدام،
سي سگهوئي سار لهندم ڪين ڍاريندا ڪي ڍٻ.
ڪالهه ڪو نڀٽ ۾ ٻڌم پينگهون پنهوارن ساڻ پئي،
اڄ انهن سرتين کي ساري ڏيل منهنجي کي ٿي ڏٻ.
”تنهنجي ريبڻ تي نه ريجهڻ“ پر پنوهارن جي ميان،
سا نه ڦٻنديئي سومرا! جنهن کي تو سمجهيو آهه ڦٻ.
ڪهه ڪندس هي قورما ڪيئن پيٽ ۾ پايان پلاءُ،
ڏينهن ڏونئرن تي گذاريان رات جو ڪا رٻ سٻ.
هيج ٿيو تنهنجي هندورن ساڻ آهم ڪونه ڪو،
مون کي پينگهن کان پيارا کائڙي کٻرن جا کٻ.
اڄ تراين ۾ اچي پلٽي پلر تازو پيو،
وهنجيو تن ۾ وراڻيون ٿيون وجهن ڇاڇول ڇٻ.
ويئي ويسونيءَ مٿان کيرول جي ول ويڙهجي،
ڪڪٿ ملي ڪونڍير ڪوري ساڻ، سي ٿيا پيا ته جهٻ.
ڳم ڳمولن ۽ ڳنڍيرن سيڻ سانئين ۾ سُئم،
ٿيو ڀٽن ڀاڻي ڀرن، اڄ ڪونج ڪانوري ۽ ڏٻ.
ڇانگ ڇيلن جي چڙهي پهتي مڙهي ۾ ماڳ تي،
ڏهر ۾ ڏهه ڏهه ٿا ڏسجن ۽ ٻُڪر پاسي ۾ ٻه ٻه.
جي اٿيئي قيد مان ڪڍڻو ته ڪڍ جلدي عمر،
ورنه مارن سان ملائڻ جي لڳائين ڇو ٿو لٻ.
تون ”غني“ هي عرض منهنجو آهه تو وٽ ان طرح،
وجهه نه مون مسڪين کي مارن ملڻ کان هاڻ هٻ.
________
قوم سا زنده رهي، جنهن جي زبان زنده رهي
يا خدا جيسين زمين ۽ آسمان زنده رهي،
چرخ تي جيسين نشانِ ڪهڪشان زنده رهي،
جيستائين باغ کي سر سبز پوشاڪون ملن،
جيستائين دهر ۾ دورِ خزان زنده رهي،
جيسين پاڻيءَ جي مٿان هي هيڏا ٻيڙا ٿا هلن،
جيستائين بحر ۾ آبِ روان زنده رهي.
جيستائين قصرِ سلطان امارت ٿئي تباهه،
جيسين ٿي مظلوم جي آه و فغان زنده رهي.
جيستائين عاشقن کي آهه جي طاقت هجي،
جيسين دنيا ۾ اهو حسنِ بتان زنده رهي،
جيسين ساقي ۽ صراحي جام جنبشن ۾ رهن،
جيسين ميخاني ۾ محفل شائقان زنده رهي،
طالب و مطلوب جا جيسين هلن راز و نياز،
جيسين شڪوو ۽ شڪايت درميان زنده رهي،
سربڪف ميدان ۾ نڪري مجاهد ٿا اٿن،
تن جي هٿ ۾ جيسين ٿي تيغ و سنان زنده رهي،
حق پرستن صلح جوين جو هجي جيسين وجود،
۽ سندن آواز جيسين در زمان زنده رهي،
جيستائين ٿيو اديبن جو قلم آهي روان،
شاعرن جو جيسين هي فڪرِ جوان زنده رهي،
شل رهي زنده زبانِ سنڌ ۽ ان جا اديب،
نڪته سنج هر هڪ انهيءَ جو نڪتدان زنده رهي،
سنڌ ٿيو منهنجو وطن سنڌي زبان ٿي جان من،
تا قيامت شل اهائي جانِ جان زنده رهي،
آه ڪعبي کي شرف جيئن اولين اسلام جو،
هند ۾ تيئن سنڌ جو ٿو عز و شان زنده رهي،
ٿي اديبن شاعرن کي آه منهنجي التجا،
پنهنجي غفلت ساڻ ڪيئن پنهنجي زبان زنده رهي؟
جي گهرو جڳ ۾ جيئڻ اقبال سان ۽ اوج سان،
سنڌ ۾ سنڌين جي هستي آب سان زنده رهي،
جي ترقي تمنا آهه دل ۾ موجزن،
فڪر آهي، قوم باتاب و توان زنده رهي،
آهي تهذيب و تمدن جو زبان سان واسطو،
”قوم“ سا زنده رهي جنهن جي زبان زنده رهي،
زندگي آهي زبان سان بي زباني موت آهه،
گرج ڌاران ڪيئن ڀلا شهرِ زز زنده رهي،
باد صر صر کان بچائج يا خدا منهنجي زبان،
برق جي بربادين کان آسان زنده رهي!
اڄ ٻڌي مضمون موزون طبع ٿي منهنجي روان،
هي ”غني“ سنڌي زبان جو مدح خوان زنده رهي.
ترجيح بند:
بحمدلله بشارت هي ملي اڄ بزم مان آهي،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
برابر آهه ٿي طاقت اهائي ذات باريءَ کي،
بقا بخشيو نه جنهن آهي هميشه رات ڪاريءَ کي،
خزان کي جو ڪري ٿو ختم ۽ آڻي بهاريءَ کي،
تغير ۽ تبدل ۾ رکي دنيا ٿو ساريءَ کي_
انهيءَ جي لطف سان ئي نار مان گلزار ٿي ويندو،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
اسيرِ حرص تنهنجي آرزو شايد اجائي ٿي،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
اڙي تقدير جا تابع اڙي تدبير کان عاري،
انهن وهمن ۾ ويئي عمر تنهنجي صرف ٿي ساري،
مگر پنهنجي زبون حالت ڪڏهن تو ڪين ويچاري،
ته رحمت جي عوض ذلت مٿم ڇا لاءِ ٿي طاري_
ڪڏهن هي ختم دورِ ذلت و ادبار ٿي ويندو،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
گل و بلبل جا شيدائي وطن جي لاءِ بلبل ٿي،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
وطن جي لاءِ دل ۾ جي ٿو ڌارين بيقراري تون،
انهيءَ جي تازگيءَ جي جي رکين ٿو انتظاري تون،
خزان ۾ خون ڏيئي ڪر چمن جي آبياري تون،
يقين آهي سگهوئي باغ ۾ ڏسندين بهاري تون_
هينئر ويران جو آهي سڀان گلزار ٿي ويندو،
اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.
الحاج مولانا محمد ابراهيم جان ”خليل“
حضرت آقا محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، حضرت
خواجه محمد حسن جان جو ڏهٽو ۽ آقا محمد اسماعيل
جان ”روشن“ جو نمبر ٻيو فرزند محمد ابراهيم جان
”خليل“ رمضان المبارڪ 1334هه ۾ جھائو.
تعليم و تربيت: ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي کان
عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقهه ۾ چڱي تعليم حاصل
ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ ”سنڌ مدرسته
الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو.
سندس ذهانت ۽ علم لاءِ شوق کيس ايتري فوقيت ڏني
هئي جو اتي ڪيترا مئٽرڪ جا شاگرد کانئس عربي ۽
پارسيءَ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڇندا هئا.
انهيءَ زماني ۾ انگريزي تعليم علماءِ ڪرام ۽
مشائخين عظام کي ڏکي لڳندي هئي، ۽ پنهنجي اولاد کي
انگريزي پڙهائڻ کان عار لڳندو هونِ. آغا حسين جان
۽ آغا اسماعيل جان، علماءِ ڪرام جي پيروي ڪندي،
صاحبزادي کان انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي ڳوٺ وٺي
آيس، مگر هن علم جي طالب کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽
جلد ئي سنڌ کي الوداع ڪري، ”طيبه ڪاليج دهلي“ ۾
داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سَنَد يافته ٿي واپس
وطن ڏانهن وريو.
حديث شريف ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سَندون
حاصل ڪيون اٿس. |