ڪنهن ماڻهوءَ چيس ته ”ٽامي چيني“ جي ٿانوَن جو
روغن حرام جي هڏن مان ٺاهيو ٿو وڃي. پاڻ انهيءَ
ڏينهن کان وٺي ڪڏهن به انهن ٿانوَن ۾ ڪونه
کاڌائين. ولائتي کنڊ ۾ ڪو شڪ جاڳيس ته انهيءَ کي
کائڻ صفا ترڪ ڪري ڇڏيائين. پنهنجي والد جي اڪيلي
فرزند هئڻ جي باوجود ڪڏهن به سندس باغ جو ميوو
اجازت کان سواءِ استعمال نه ڪيائين.
ٽکڙ جي ماڻهن سان محبت: ٽکڙ جي ماڻهن سان آخري دم
تائين محبت هوندي هيس. ٽکڙ جو ڪهڙو به غريب ماڻهو
وٽس ايندو هو، ته پاڻ ضروري ڪم ڪاريون ڇڏي، هن سان
رهاڻ ۽ حال احوال جي ڏي وٺ ۾ مشغول ٿي ويندو هو.
ٽکڙ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ صرف هڪ دفعو 1354هه ۾
سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه جي وفات تي آيو. پنهنجن
جهونن ساٿين ۽ اصلوڪن هنڌن ماڳن کي ڏسي، سندس اکين
مان زار زار لڙڪ وهڻ لڳا. ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهوءَ
سان ڏاڍي محبت ۽ اُڪير سان ڀاڪر پائي مليو. سندس
انهيءَ محبت ڪري ٽکڙ مان گهڻا ماڻهو لڏي سندس ڳوٺ
۾ وڃي آباد ٿيا ۽ اتي ٻنيون ٻارا ڪرڻ لڳا، جن مان
اڃا به ڪيترا اتي آباد آهن. سندس ڪچهريءَ ۾ هميشه
ٽکڙ جي عالمن، اديبن، حڪيمن، سگهڙن، شاعرن ۽
پهلوانن جو تذڪرو هلندڙ هوندو هو.
”روشن“ صاحب 53 ورهين جي عمر ۾ 1361هه ۾ وفات ڪئي.
سندس لاش کي اتان کڻائي ”مقبره شريف“ ۾ سندس ڀاءُ
محمد يعقوب جان جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
نثر نويسي: ٽکڙ جي صالح صحبت، اعليٰ طرزِ تعليم،
دلڪش فضا، شاعرانه ۽ اديباڻي ماحول ۾ هڪ ذهين، ذڪي
۽ سليم الطبع ٻار جو رهڻ سندس مستقبل جي روشن هجڻ
جو آئيني دار ٿي سگهي ٿو.
تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾، جڏهن اڃا ٻاراڻي وهي
هوندي آهي، پير صاحب ٽکڙ مان هڪ علمي ۽ ادبي ۽
ديني رسالو ”الاصلاح“ جاري ڪيو ۽ ڪيتري وقت تائين
انهيءَ رسالي جي وسيلي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ
لاءِ وڏي خدمت ڪيائين. سندس تصنيفات مان هيٺيان
ڪتاب قابل ذڪر آهن:
خطبات روشن: هن ۾ سنڌي خطبا آهن.
انشاء روشن: هي ڪتاب ”انشاء جاميءَ“ جي تتبع ۾
جديد قسم جي خيالي مضمونن سان سينگاريل مجموعو
پارسي زبان ۾ آهي.
جواهر نفسيه: هي ڪتاب فارسيءَ ۾ آهي. تصوف جهڙي
خشڪ موضوع کي اهڙي سلوڻي ۽ سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو
اٿس، جو ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نه
چوندي.
شعر و شاعري: شاعريءَ ۾ سنڌي، اردو، عربي، پارسي ۽
پشتو ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس جملي سنڌي ڪلام
ابتدائي دور (ٽکڙ ۾ سڪونت تائين) سان تعلق رکي ٿو.
آخري دور ۾ سندس سمنڊطبع پنهنجو جوانگاهه محض
پارسي ۽ عربيءَ تائين محدود رکيو. نيٺ فارسي ۾ به
عشقيه غزلن کي صفا ترڪ ڪري، صرف نعت ئي چوندو هو.
گويا حقيقي عشق، جو ڪو وقت مجاز جي پردي ۾ لڪل هو،
سو نيٺ بيتاب ٿي بي نقاب ٿيو. طبع جي روانيءَ جي
اها حالت هئي، جو بعضي بعضي ڊگها نظم، ائين لکندو
ويندو هو، جيئن ڪر اڳي ياد اٿس. سندس سنڌي ڪلام
صاف سنڌي، تجنيس حرفي، محاورن، تشبيهن، استعارن
وغيره سان سينگاريل آهي.
”روشن“ صاحب جو هيٺيون غزل ثابت ٿو ڪري ته کيس
سنڌي زبان تي ڪيتري قدر عبور حاصل هو. سڄو غزل صاف
۽ سلوڻي سنڌي، ٺيٺ سنڌي قافين، تجنيس حرفي، سنڌي
محاورن، تشبيهن ۽ چسٽ بندشن سان سينگاريل آهي.
سونهن وارا سڪ ۾ تنهنجي عمر وئي منهنجي سڄي،
تنهنجي فرقت ۾ پرين، پويون پساهه پيئڙم پُڄي.
اڄ ڪيا سهڻي سڄڻ سرخيون سفيدا عام جام،
منهن منور مه لقا جو واهه جو ويئڙو وڄي.
پان جي پرينم نه هرگز توکي هاجت آهه ڪا،
تنهنجا چپ سرخيءَ سوا خود لعل کي ڪن ٿا لڄي.
نينهن تنهنجي آءٌ نهوڙيس، نازنين ڪر ڪا نظر،
تو سوا اي بيوفا ٻي پئي سندم ڀيڻي ڀڄي.
عشق جو ”روشن“ اڳاهون پنڌ پيو آهي اڃا،
هاءِ هيبت هجر جي کان ويو هنيون منهنجو هڄي.
_________
”پساهه پڄڻ“، ”وڄي وڃڻ“، ”ڀيڻي ڀڄڻ“، ”هنيون هڄڻ“
صاف سنڌي محاورا آهن.
پير صاحب جي سنڌي غزلن، ڪافين، نعتن، مناجاتن
وغيره جو مجموعو قلمي حالت ۾ موجود آهي، جنهن جي
شايع ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.
ديوان ”روشن“: فارسيءَ جي ديوان ۾ غزل، نظم، قصيدا
۽ تاريخي مادا، رباعيون، وغيره آهن ۽ سندس شاعرانه
عروج جو ديوان آهي.
نسيم چمن: هي ”گلستان“ يا ”بهارستان“ جي طرز تي
پارسي حڪايتن ۽ نصيحتن تي مشتمل هڪ پر لطف ڪتاب
آهي ۽ قلمي حالت ۾ موجود آهي.
هن هيٺ پير صاحب جي ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
انتخاب
مون کي ماري مٺي محبوب ڪيو راضي رقيبن کي،
نه ڪنهنپر ڪهل ڪا آئي ڪٺل تي هن، قريبن کي.
ڦٽي ڦاٽي پيا فرقت سندا ڦٽ اي پرين پيارا،
ڏنو ڏس تو سندو سڀ ڪنهن جڏهن طلبيم طبيبن کي.
ڪڏهن گهورن سان گهائين ۽ ڪڏهن وعدا وسارين سڀ،
وجهين هر ويل ڇو نازڪ نئين غم ۾ غريبن کي.
اسان کي آهه دم دم يادگيري يار جي ليڪن،
وسارڻ ڪيم گهرجي نينهن جو ناتو نجيبن کي.
کڻان ڪيئن دلربا تان دل ڏسي سنسار ۾ سهڻا،
جڏهن ڄاڻي ٻجهي هينئڙو ڏنم هٿ ۾ حبيبن کي.
شڪايت ڪيم ڪر ان شوخ بي پرواهه جي ”روشن“،
ڏسين ان کان جي آرڏايون ته تون ڏي ڏوهه نصيبن کي.
_________
ادا قاصد عجيبن کي اچڻ جي تات هئي يا نه،
ورڻ جي بيوفا کي ڪابه وائي وات هئي يا نه.
ڪڍي نازڪ بدن جي نينهن منهنجي ننڊ نيڻن مان،
سڪايل ڏي سڄڻ کي ڪا سنبت اڄ رات هئي يا نه.
صبا هيءَ سڌ سڻاءِ مون کي ته ڪا وٽ حسن جي حاڪم،
ڏکويل لءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن ري ڏات هئي يا نه.
قريبن جون اکين تي گاريون آءٌ ٿو قبوليان، پر،
سوا گارين جي سهڻن وٽ ڪا ٻي سوغات هئي يا نه.
وٺا سارا وَرهيه ڪانگل هتي ڪئين مينهن الفت جا،
گهٽيءَ ۾ گلبدن جي برهه جي برسات هئي يا نه.
نه وسرين تون مرڻ جي ويل، پڇ پوين کان، مون کان
پوءِ،
ته ساروڻي سندءِ ”روشن“ کي منجهه سڪرات هئي يا نه.
_________
مٺا محبوب مشتاقن کان منهن موڙڻ مناسب ناهه،
ڏکويل کي ڏيکاري پاڻ پوءِ ڊوڙڻ مناسب ناهه.
ڏئي هٿ هوت هن دريا منجهان هيڻن کي ڪڍ هيڪر،
برهه جي بحر ۾ اي بيوفا ٻوڙڻ مناسب ناهه.
متان نرگس نهاري رشڪ مان نظري وجهئي گيسو،
قريبا ڪاڪلن کي باغ ۾ کولڻ مناسب ناهه.
اٿي ڏس آرسيءَ ۾ پنهنجو عارض اي گلابي گل!
ٻيا گل گلشنن ۾ گلرخا ڳولڻ مناسب ناهه.
ٻه ٽي ڀيرا کڻي ڪو پرت جو پئمان پيار پار،
رندن ۾ مفت ”روشن جان“ کي رولڻ مناسب ناهه.
_________
عجيبا، ڇو نه آهن منهنجي ڪيو توتي اثر پيدا،
پتنگن جي ڪشش سان شمع کي ٿئي ٿو پگهر پيدا.
تنهنجي نازڪ بدن ۾ سخت دل، قدرت سان قادر جي،
ٿيو ڄڻ هڪ گلابي گل ۾ آهي ڪو پٿر پيدا.
ڪٿان سَڌ جو سَلو سائي ٿئي تُنهنجي سڪايل جو،
ٻنيءَ ۾ ان جي قسمت جي ٿيو ڪارو ڪَلر پيدا.
مَ ڏي دوزخ جو دڙڪو عاشقن کي مور اي واعظ،
سندن سينن ۾ خود خالق ڪيو سڪ جو سقر پيدا.
نه بارش جي ڏني پرواهه اسان جي پوک کي پرور،
اسان لءِ هن اکين جي ابر جو ڪيائين پلر پيدا.
اثر آخر ڪنيون آهون، سنديم اي سنگدل تو ۾،
پٿر مان پڻ ٿئي ٿو زور ڏاڍي سان شرر پيدا.
نه ڄاڻان قرب تنهنجو قلب ۾ ڪنهن پر ٿيم قائم،
عجب آهي ته دلبر ڪيئن ڪيو تو دل ۾ در پيدا.
شڪر لب شوق تنهنجو روز شب ”روشن“ کي آهي جام،
تڏهن ٿي ٿئي انهيءَ جي شعر سڀ ڪنهن ۾ شڪر پيدا.
_________
اڄ ملي مون سان مٺا ڪر ڪا ڀلائي جاني،
مون کي مشڪل ٿي سهڻ تنهنجي جدائي جاني.
ڇا هي مون وٽ جو رکان نذر سندي روز وصال،
ڪانه ڪئي عمر ۾ مون اهڙي ڪمائي جاني.
مٽ نه موروءن ڪو ٿئي تنهنجو مقابل هرگز،
منهن ۾ تنهنجي ڪا خدا رمز رکائي جاني.
پرت پائي پوءِ وري پير نه کڻجي پاهون،
صاف سهڻن کي رکڻ گهرجي سچائي جاني.
روز ”روشن“ کي طلب تنهنجي ملڻ جي آهي،
ڪر اچڻ جي ڪا اچي ان سان اڇائي جاني.
_________
قيد قابو ڪيس قريبن زلف جي زنجير سان،
ٿيو ڇٽڻ دشوار دل جو دوست تدبير سان.
ويڄ ورچي ويا ڏسي احوال ابتر مون سندو،
ٻيو بِلو ڪهڙو ڪريان مان هن برهه بي پير سان.
هجر ۾ پڻ وصل جيئن حاصل اٿم هن جو حضور،
منع محبوبن کان ڇا قاضي ڪندين تعزير سان.
آهي ”روشن“ تي اُلارڻ تيغ ابرو جي عبث،
تنهنجي مزگانن هڻي، جڏ صيد ڪيو هڪ تير سان.
_________
اي عجيبا اوچي توسان سندم دلڙي اڙي،
پيا ڳلن تي تنهنجي گهايل کان گهڻا ڳوڙها ڳڙي.
دل ڦٽيل کي اي پرين ڪو پرت جو پيالو پيار،
ويو سڪايل جو سندءِ سڪ ۾ صفا سينو سڙي.
ڪل نه پئي ڪا اي قريبا قيد نَئي قسمت ڪيم،
ڪاملن جي اوچي پئي ڪنڌ ۾ قابو ڪڙي.
ريءَ دلاسي ديد جي هن درد جي ناهي دوا،
جيءَ جيارا جان من توسان سندم جيءَ جي جڙي.
سهڻا سائين تو سوا مون کي نه ٿي ساعت سري،
گهار گهايل ساڻ ڪا اي گلبندن هڪڙي گهڙي.
تو بنا هر روز رانجهن آهه ”روشن“ رنج ۾،
آ لڪ تون لوڪ کان اي لعل لب لالن لڙي.
پارسي غزليات
دلبرا ريش دل و جانم بهتر گردد،
مرهم وصل تو گر باز ميسر گردد.
لبِ تيغت نه شود کند زبس خونريزي،
بلکه خون بردمِ شمشير تو جوهر گردد.
اهل عالم زتجاهل همه شبنم گويند،
گل ز شرم رخ تو چون به عرق به عرق تر گردد.
درس افسون اگر از چشم سياهش گيرم،
عجبي نيست که آن شوخ مسخر گردد.
بي توگر بهر تماشا به گلستان بروم،
هر رگِ گل به نظرهايم نشتر گردد.
سر به مانند سرموئي نه پيچد ”روشن“،
چون قلم گر بَرهه عشق تو بي سر گردد.
_________
چو پرتو اف گند شمع جبينش،
شود پروانه شمسِ ”خاورينش“.
به آغوشِ خيالم خسته گردد،
چه نازک هست جسم نازنينش.
چو برگِ گل خراشد ساعد يار،
زبوي گل بسازيد آستينش.
به باغ غصه اش گردست يابم،
بلب چينم گلِ چينِ جبينش.
به باغ غصه اش گردست يايم،
بلب چينم گل چين جبينش.
شر رها ز آتش دل مي فشانم،
که گردد نرم قلبِ آ هنينش.
ز وازون بختئ عاشق نگين ساز،
نوشته نام او چپ در نگينش.
نه مشتاقش ز پيري مو سپيد است،
ولي غم ساخت خاکستر نشينش.
سوا ديده ام را بهينش افزود،
چو من يدم به خالِ سرمگنيش.
به سويش رفتن ار کس را دهد دست،
ز شادي کي رسد پا بر زمينش.
مگر شعرت شکر لب خواند ”روشن“،
که گويد هر سخندان انبينش.
_________
به عزمِ صيد چون او شد سوار آهسته آهسته،
به سويم آمد از بهر شکار آهسته آهسته.
به چشمت اي نگارِ من ازان بيمار مي گويند،
که مي گرداني او را بار بار آهسته آهسته.
منال اي دل به هجرش زانکه آخر ناخنِ اميد،
کشايد عقدهء از تار کار آهسته آهسته.
ز فرياد و فعانم شد مکدر خاطر صافش،
به آبِ ديد شويم اين غبار آهسته آهسته.
اگر داغِ دلم بهتر نه شد در زندگي اي دوست،
پس از مرگم شود شمع مزار آهسته آهسته.
ز آسيبِ خزان چون غنچه دل تنگيم از مدت،
چو گل بالم ز شادي در بهار آهسته آهسته.
چو ”روشن“ خانما را ساخت قربان در هواي تو،
کند اين نقد جان را هم نثار آهسته آهسته.
پير آقا حاجي عبدالستار جان ”پير“
حضرت صاحب خواجه محمد حسن جان رحه سرهنديءَ جو ٻيو
نمبر فرزند، آقا حاجي عبدالستار جان ”پير“ 1311هه
۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. حضرت صاحب خواجه
عبدالرحمان رحه جو پنهنجي هن پوٽي سان ڏاڍو قرب
هوندو هو. کيس سڄو ڏينهن پنهنجي دوش مبارڪ تي
سواري ڪرائيندا هئا. خوش طبعيءَ جي نموني ۾ پڇندا
هئس ته ”تو چنين و چنان هستي“ ته پاڻ يڪدم طوطلي
زبان ۾ چوندو هو ته ”تو چنين و چنان هستي.“
تعليم و تربيت: پير صاحب جي ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾
علامه حافظ محمد يوسف وٽ ۽ باقي ٽنڊي سائينداد ۾
ٿي. ننڍپڻ کان ئي ذهين، ذڪي ۽ تيز فهم هو. فضائل ۾
هن وقت سنڌ جي عالمن ۾ امتيازي حيثيت حاصل اٿس.
سير و سياحت: کيس سير و سياحت جو ڏاڍو شوق آهي ۽
انهيءَ اشتياق کيس اسلامي ملڪن جو ڪافي سير ڪرايو
آهي. ٻين ملڪن ۾ جيڪي رسمون ۽ رواج ڏٺا اٿس ۽ عجيب
و غريب ڳالهين جا مشاهدا ڪيا اٿس، تن منجهس جهان
بينيءَ وارا جوهر پيدا ڪيا آهن.
محفل: سندس گفتگو نهايت شسته ۽ شائسته ۽ فرحت
ڏيندڙ آهي. سندس محفل مان اٿڻ تي ڪڏهن به دل نه
چوندي. خوش طبعيءَ جو پاڪيزه رنگ اٿن. اهوئي سبب
آهي جو لاڙ جي پَٽ جو مشهور ظريف ڪدو مڱڻهار سندس
خاص نوازيل ماڻهو آهي ۽ ساڻس گڏ سير و سياحت به
ڪئي اٿس. پير صاحب کي نين نين ٻولين سکڻ جو ڏاڍو
شوق آهي. هينئر پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، پارسي،
عربي ۽ پشتو زبانون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. انگريزي
سکڻ جو ڪجهه وقت کان شوق جاڳيو اٿس. هينئر
انگريزيءَ جا خط ٿوريءَ ڪوشش سان پڙهي سگهي ٿو.
مسلمانن سان محبت: مسلمانانِ عالم سان عموماَ ۽
حرمين جي رهاڪن سان خصوصاَ گهڻي محبت اٿس. اهوئي
سبب آهي جو جڏهن ڏهه ٻارهن سال اڳ عربستان ۾ ڏڪار
پيو هو، تڏهن پر صاحب ڪوشش ڪري، هتان سنڌ مان،
هزارين مڻ اناج ۽ هزارين رپيا چندو گڏ ڪري،
عربستان پهچي، اتي جي ساڪنين ۾ تقسيم ڪيو.
شعر و شاعري: شاعريءَ سان ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي
اٿس. سندس ئي اشتياق ڪري، ٽنڊي سائينداد ۾ هڪ
”انجمن الشعراء“ برپا ٿي، جتي هفتي هفتي مشاعرا
ٿيندا رهندا هئا.
پير صاحب جو ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان
آهي. محمد حافظ شاهه مرحوم وانگي پنهنجي ڪلام ۾
محبوب کي ڪڏهن به چنگيز، ڪافر، ظالم وغيره نه سڏيو
اٿس، بلڪ جن شاعرن محبوب جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي،
انهن تي به اعتراض اٿاريو اٿس.
افسوس آهي جو ٽنڊي سائينداد جي خشڪ ماحول جي اثر ۽
زماني جي مصروفيتن جي ڪري، گهڻن سالن کان سندس
طبيعت شاعريءَ ڏانهن راغب ئي نه ٿي آهي. اهوئي سبب
آهي جو سندس بياض بلڪل ضعيف حالت کي پهچي چڪا آهن.
الله تعاليٰ شل سندس طبيعت هڪ ڀيرو ٻيهر، اڳي کان
به وڌيڪ شعر و سخن ڏانهن مائل ڪري.
هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو؛
انتخاب
ڪافي
لهه سندم سهڻا سنڀار، نينهن ٿو مون کي نهوڙي،
قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پئمان پار،
وصل جا وعدا ڪري پوءِ تون وري سي نا وسار_
ماريو مون کي وڇوڙي.
روز شب، ويٺي ستي، آ يادگيري تنهنجي يار،
دل کي دم دم تنهنجي صورت جي رهي ٿي سار يار_
وِره ويو مون کي وڪوڙي.
آءٌ نه هڪ آهيان اڃايل، عشق ۾ عاجز اپار،
منجهه انهيءَ ميدان ماريا، برهه بيحد بيشمار_
”پير“ جهڙا ڪئين ڪروڙي.
غزليات
جڏهن جانچي ڏٺم ساري خدائي،
نظر مون کي فقط هڪ ڳالهه آئي؛
ڪمينن ۾ وفاداري نه آئي،
اصيلن ۾ نه آهي بيوفائي.
ٻه چيزون ٻن ۾ خالق ڪين خلقيون،
چڱن ۾ بد ۽ بڇڙن ۾ چڱائي.
ڪمينا قرب ڪن ظاهر زباني،
اندر هڪڙي ٻهر ٻي ڪن ٻيائي.
ڪمينن سانه رکجي قرب قلبي،
ڪرڻ گهرجي نه تن سان آشنائي.
پري رهجي نه رکجي پيار تن سان،
نه آهي چال ۾ جن جي چڱائي.
ڪجي قربان پنهنجي جان تن تان،
رکن جي صاف سهڻا ٿا سچائي.
پڄاڻان تجربي هي شعر جوڙيم
زماني زهر جي چٽڻي چکائي.
________
مشتاق يار موهين، بانڪن ڀنڀن ۾ ڇا ٿئي؟
ونگيو وٺن ويچارا، ڪارن ڪنڍن ۾ ڇا ٿئي؟
آبِ حيات ناهين ڪوثر به ڪين، ليڪن،
بخشين ٿو زندگاني، لعلن لبن ۾ ڇا ٿئي؟
هيڪر کسي ٻيهر ڏي يعقوب جي اکين کي،
نورِ نظر، اي يوسف! چئو پير هن ۾ ڇا ٿَئي؟
عيسيٰ مئا جياريا، تو ماريا بظاهر،
”موتوُ“ مئا جياريا، سهڻا سخن ۾ ڇا ٿَئي؟
دنيا ۾ رد هرڪو آهي عذاب اوکو،
پر درد تنهنجو درمان، ڏاڍا ڏکن ۾ ڇا ٿَئي؟
ظاهر ۾ باهه وانگر گرچه ٻرن ٿا ليڪن،
ٺارن هِنيون مِٺيءَ سان، ڳاڙهن ڳلن ۾ ڇا ٿَئي؟
اسرار عشق وارا محبوب پاڻ ڄاڻي،
پوي ”پير“ ڇو پڇين پيو، اهڙن ڪمن ۾ ڇا ٿَئي؟
________
جا تمنا آهه دل ۾ سا خدا پوري ڪري،
دل جي دل ۾ شل نه رهجي، وصل سهڻي جو سري.
نااميديءَ ۾ اڃا آرام آهي قلب کي،
وصل جي امد ۾ تان باهه ٿي ٻيڻي ٻري.
هجر ۾ آتش اندر جي، وصل ۾ رخسار جي،
آئون بهر صورت ٻران ٿو، خواه ويجهو يا پري.
”پير“ هردم تون دعا پيو گهر خدا کان خير جي،
مانَ محبوبن جي واتان وصل جي وائي وري.
________
محبوب ماهه صورت ڪو بي وفا نه آهي،
ماڻا مٺي جا آهن، ليڪن جفا نه آهي.
شاعر شڪايتون ٿا بيجا بڪن مدامي،
دراصل دلبرن ۾ ڪائي خطا نه آهي.
تشبيهه تنهنجي قد جي شمشاد ساڻ ڪن ٿا،
شمشاد ۾ ٽلڻ جي توصيف ڪانه آهي.
تنهنجي مٺن چپن کي مرجان پيا چون ٿا،
مرجان ۾ لطافت ميٺاج سا نه آهي.
ڪنهن دم چون ته آهي پيارو پريءَ جي پيڪر،
ليڪن پريءَ ۾ اهڙو ناز و ادا نه آهي.
تصوير تنهن صنم جي دل ۾ رکي جو دائم،
تنهن کان پرين پيارو هڪ پل جدا نه آهي.
آغاز عشق جي ۾ هي حال ”پير“ جو ٿيو،
اڳتي هلي ٿئي ڇا، تنهن جي ڪٿا نه آهي.
________
آيو بهار ٿيئڙو تازو چمن دوباره،
سيراب ٿيا بخوبي سرو و سمن دوباره.
چو طرف اڄ چمن ۾ ڪيا چهچاٽ چيهن،
بلبل گلن ڦلن تي ٿي نغمه زن دوباره.
مٽ ڪونه آهه ڪو گل محبوب سان منهنجي،
ڦاڙيو گلاب جي گل ڏس پير هن دوباره.
سامان ٻيا نظارا تو لئي ٿيا نگارا،
ايندين ڪڏهن پيارا پنهنجي وطن دوباره.
________
عاشق و معشوق جامِ وصل مان مخمور ٻئي،
محو مقصد ۾ رهي ٿيا مست چڪنا چور ٻئي.
هڪ چوي ”اچ ويهه اکين تي“، ٻيو چوي ”سيني اندر“،
گاهه هِت گاهي هُتي، هر جاءِ ۾ مسرور ٻئي.
ناز غمزو يار تنهنجو، نياز نوڙت مون سندي،
هر گهٽي هر شهر ۾ ماڻهو ڪنا مذڪور ٻئي.
هي ٻڌي مصرع ته موزون ”پير“ کي آئي پسند،
”دل به وئي دلبر به ويو، ڪنهن سان سليان هي سور
ٻئي!“
سيد ميران محمد شاهه ”مير“، ”مهجور“
سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه جو پوٽو ۽ سيد
حاجي زين العابدين شاهه جو وڏو فرزند، سيد حاجي
ميران محمد ساهه ”مير“، ”مهجور“، 1898ع ۾ موجوده
ٽکڙ ۾ تولد ٿيو.
تعليم و تربيت: پاڻ ابتدائي تعليم، علامه حافظ
محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون وٽ حاصل ڪئي اٿس. تن
ڏينهن ٽکڙ ۾ لوڪل بورڊ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿيو
هو. جتان شاهه صاحب چار درجا سنڌي پاس ڪري، 1910ع
۾، اعليٰ تعليم لاءِ ”سنڌ مدرسته الاسلام“ ڪراچي
مان، بي_ اي جو امتحان پار پئي، 1924ع ۾ ايل_ ايل_
بي پاس ڪري، حيدرآباد جي مشهور وڪيل، سنتداس سان
ڀائيوار ٿي، وڪالت ۾ مهارت حاصل ڪيائون.
سياسي زندگي: شاهه صاحب جي ذهن رسا ۽ لڪل خداداد
قابليت جو اندازو، سندس مدبر ناني، مرحوم عبالحڪيم
شاهه، سندس ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ پروڙي ورتو هو ۽
1926ع ۾ جڏهن حيدرآباد ميونسپل اليڪشنون ٿيون،
تڏهن عبدالحڪيم شاهه صاحب جي ڪوشش سان ميران محمد
شاهه ڪهنه مشق اميدوارن کي پٺتي ڇڏي، پهيون نمبر
آيو. سياست جي ميدان ۾ سندس هي پهريون قدم هو ۽
پهرين شانائي ڪاميابي هئي. ساڳئي سال کيس، اسڪول
بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو.
1928ع ۾، عبدالحڪيم شاهه کيس، ”بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل“ لاءِ اميدوار بيهاريو، جنهن ۾ ڪامياب
ٿيو. ساڳئي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو
ميمبر چونڊجي آيو ۽ کيس حيدرآباد لوڪل بورڊ جو
پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.
وري 1930ع ۾ ٻيو دفعو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو،
جتي سنڌي کي الڳ صوبي بنائڻ لاءِ نهايت اهم پارٽ
ادا ڪيائين. سنڌ کي، جن سببن ڪري، سنڌي اڳواڻن
بمبئي کان جدا ڪرڻ گهريو ٿي انهيءَ جي مفصل رپورٽ
شاهه صاحب جي ئي لکيل آهي.
1931ع ۾ ’فيلو آف بامبئي يونيورسٽي‘ ٿيو.
1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ 1937ع ۾ سنڌ جي
اليڪشن ۾، حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان، باوجود سخت
مخالفت جي نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ٿيس. 1938ع ۾
سنڌ ليجسليٽيوَ اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ڀوڄسنگهه، جي
هن دنيا مان سڌارڻ ڪري شاهه صاحب کي سندس جاءِ تي
اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ڏهه سال فائز
رهيو.
1946ع ۾، اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ۽ مخالف ڌر جا
ميمبر هڪ جيترا ٿي ويا ۽ ليگ جي شڪست يقيني پئي
نظر آئي. انهيءَ نازڪ وقت ۾ شاهه صاحب بنا ڪنهن
لالچ جي پنهنجي عهدي کي ڦٽو ڪري، ليگ کي ووٽ ڏنو ۽
مسلم ليگ شڪست کان بچي ويئي.
سال 1947ع جي شروع ۾، پاڪستان کان 8 مهينا اڳ،
شاهه صاحب وري حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان بنا
مقابلي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جلد
ئي روينيو وزير ٿيو. پوءِ وزارت ۾ ڇهه دفعا
تبديليون آيون، مگر شاهه صاحب جي لياقت کي ڏسي کيس
سڀ ڪنهن وزارت ۾ کنيو ويو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ پي ڊبليو
ڊي ۽ مهاجر آبادڪاريءَ جو وزير هو. 1952ع ۾، سنڌي
ليڊرن جي سياسي ڪشمڪش ڪري، سنڌ سان 92_ الف فقرو
لڳايو ويو ۽ اسيمبلي غير معين مدت تائين ٽوڙي
ويئي، پر انهيءَ فقري لڳڻ کان اڳي شاهه صاحب
وزيريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي.
پاڪستان گورنمينٽ سندس جهوني تجربي کي مدنظر
رکندي، کيس اسپين ۾ سفير ڪري موڪليو، جي ٿوري ئي
عرصي ۾ چڱي شهرت حاصل ڪيائين. سندس عالي دماغ جي
اها ثابتي آهي، جو ٿوري ئي عرصي ۾ اسپيني ٻولي
ايتري قدر سکي ويو، جو مجمع عام اڳيان هڪ دفعو
اسپيني زبان ۾ تقرير به ڪيائين. پاڪستان گورنمينٽ
ڪن سببن ڪري، اسپين ۽ ڪن ٻين سفارتخانن کي بند ڪرڻ
جو ارادو ڪيو، ۽ شاهه صاحب سفارت تان استعيفيٰ
ڏيئي واپس اپريل 1953ع ۾ پاڪستان موٽي آيو.
ان کان پوءِ شاهه صاحب کي ”ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ“
جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي ڪراچي کي هڪ عاليشان
شهر بنائڻ لاءِ سندس خدمتون قابل قدر آهن.
قومي خدمتون: سندس گهڻين، ننڍين وڏين قومي خدمتن
مان ”مدرسته البنات“ حيدرآباد قابل ذڪر آهي.
انهيءَ مدرسي جو وجود شاهه صاحب جي محنت جو نتيجو
آهي. جنهن جي قائم ٿيڻ ڪري، مسلمانن جي ڇوڪرين کي
حيدرآباد ۾ تعليم جي پهرين پهرين سهوليت ملي.
انهيءَ ڪم ۾ سندس مددگارن مان مرحوم خانبهادر محمد
صديق ميمڻ جو نالو قابلِ ذڪر آهي.
ادبي خدمتون: ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“۾، جنهن
ڪيترا ادبي شهه پارا منظر عام تي آندا، تنهن جو
روح روان به شاهه صاحب هو.
ڀٽائيءَ جي ميلي جي تاريخ جو اهو سونو ورق آهي، جو
ميران محمد شاهه جي ئي ڪوشش ڪري، ميلي جي وقت اتي
ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ سنڌ جا وڏا وڏا اديب ۽
سريلا ڳائڻا، جن مان گهڻن شاهه ڀٽائي رحه جو ڪلام
ته پڙهيو ۽ ڳايو هو، مگر ڀٽ اکين سان نه ڏٺي
هئائون، سي به اچيو ڀٽ ڀيڙا ٿين ٿا.
نثر نويسي: پڙهندڙ حضرات جي نظر مان گذري چڪو آهي
ته شاهه صاحب تعليم کان پوءِ پنهنجي زندگيءَ جو
سمورو عرصو سياست ۾ گذاريو. مگر ايڏين مصروفيتن
هوندي به سنڌي علم و ادب کي نه وساريائين. ننڍپڻ
کان قلم هٿ ۾ کنيو اٿس. جيتوڻيڪ سندس تصنيف ڪيل
ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونهي، تڏهن به مختلف عنوانن تي
سندس متعدد مضمون اخبارن، رسالن ۽ مجموعن ۾ شايع
ٿيل موجود آهن. سندس انٽر آرٽس جي زماني وارو
مضمون ”گنجي جبل جو سير“ ڪهڙي سنڌيءَ نه پڙهيو
هوندو. ان مضمون مان سندس قابليت جو پورو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو. سندس ٻيو مضمون ”دل جي طلب“ به
سنڌي ادب ۾ چڱو درجو رکي ٿو. ڀٽ جي ڪانفرنس تي،
1953ع ۾، سندس پڙهيل مضمون ”شاهه جو اٺ“ ۽ ”شاهه
جا پکي“ عاليشان مضمون آهن. ”پلن جو شڪار“ ۽
ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مضمون ”سيرالحمرا“
وغيره به اعليٰ معيار جا مضمون آهن.
شعر و شاعري: شعر و شاعريءَ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق
هوندو هوس. پاڻ انهيءَ دور ۾ پرورش پاتي اٿس، جڏهن
ٽکڙ ۾ شاعريءَ جو چرچو عام هو. گهر ۾ علامه ”فدا“
۽ ”حافظ شاهه مرحوم سندس استاد هئا. استادن جي
صحبت ۾ رهي ڪافيون، غزل ۽ نظم تمام سهڻي ۽ سليس
سنڌيءَ ۾ چيا اٿس. سندس ڪلام تجنيس حرفيءَ، دلڪش
زبان ۽ چست محاورن سان مرصع آهي. |