هاڻوڪي ٽکڙ آباد ڪرڻ ۾ سڄو بار سيد ملوڪ شاهه تي
هو ۽ ڳوٺ جو نالو به ’وسي ملوڪ شاهه‘ رکيو ويو، پر
انهيءَ سان گڏوگڏ اڳيون نالو ’ٽکڙ‘ به قائم رکيو
ويو. هي ڳوٺ اٽڪل 1290هه ڌاري آباد ڪيو ويو.
سيد ملوڪ شاهه جو مکيه صلاحڪار حافظ حاجي حامد هو.
ڳوٺ جا ٻيا معزز ماڻهو به صلاح مصلحت لاءِ چونڊيا
ويا، جن اها زمين، جنهن تي موجوده ’ٽکڙ‘ آباد آهي،
پسند ڪئي. جيڪڏهن هينئر به هن تباهه ٿيل ڳوٺ کي
ڏسبو، ته معلوم ٿيندو ته ڪنهن قابل انجنئر جو نقشو
تيار ڪيل آهي، جنهن مطابق ڳوٺ آباد ڪيو ويو هو.
ڳوٺ جي ڪابه اهڙي گهٽي ڪانهي، جا ڏنگي ڦڏي هجي.
جيڪڏهن ڪنهن به گهٽيءَ جي هڪ ڇيڙي تان بيهي نظر
ڪبي، ته ٻئي ڇيڙي تي بيٺل ماڻهو بلڪل آسانيءَ سان
ڏسي سگهبو. ڳوٺ جي اهڙي نموني جي شاندار بيهڪ حافظ
صاحب جي ئي قابليت جو نتيجو آهي. هوڏانهن وري پاڻ
ظاهري نور کان بلڪل محروم هو! سندس صلاح سان هر هڪ
ذات جا ڌار ڌار پاڙا ٺاهيا ويا. جيئن ته ويڙهيچن،
ميمڻن، موچين، گولن ۽ شيدين جو سيدن سان گهاٽو
تعلق هو. انهيءَ ڪري سندن پاڙا سيدن جي پاڙي سان
لاڳو ڪيا ويا. تنهن کان پوءِ، هندن کي جاءِ ملي.
پوءِ ميمڻ (غير مٽارڪا)، ڳنڀير، کي، ڪنڀار، وغيره.
بازار به مٿئين نموني، سڌي سنواٽي ۽ گهڻو ڪري
ڇانيل هئي. بازار جي ڊيگهه اٽڪل ڏيڍ فرلانگ هئي،
جنهن جا نشان اڄ ڏينهن تائين موجود آهن.
هن ڳوٺ جي چوطرف سرسبز کيتيون آهن. ميل کن اتر طرف
گنجو ٽڪر، اولهه ڏي سنڌو ندي، ڏکڻ ڏي ملاڪاتيار ۽
اوڀر ڏي اصغرآباد اٿس.
ٻيا ته سڀ مشڪل مرحلا حل ٿي ويا، مگر اڃا پاڻيءَ
جي تڪليف هئي. ماڻهن کي کوهن جي پاڻيءَ تي گذران
ڪرڻ ناگوار ٿي گذريو. درياءُ ڏيڍ ميل کن پري هو.
جلد ئي سرڪار هڪ واهه ”جونس واهه“ نالي کوٽايو، جو
ڳوٺ جي بلڪل ڀرسان وهڻ لڳو. ’جونس واهه‘ ايتري قدر
اوڏو آهي، جو پاڻيءَ چڙهڻ تي هر هڪ گهٽيءَ جي منهن
تائين پاڻي اچي وڃي ٿو. وري خوش قسمتيءَ سان واهه
به بلڪل سڌو آهي. هي واهه اولهه کان اوڀر طرف وهي
ٿو. هر هڪ پاڙي کي پنهنجي گهٽيءَ جي سامهون گهيڙ
ڏنو ويو. جيئن، سيدن جو گهيڙ، واڻين، کٽين،
ڳنڀيرن، جتن وغيره جا گهيڙ، واڻين جي گهيڙ تي
مسلمانن کي ڪپڙن ڌوئڻ، غسل ڪرڻ وغيره جي منع هئي.
مون اڳيئي ذڪر ڪيو آهي ته سيد سان ڪي هندو به
مٽيارين مان آيل هئا. انهيءَ ڪري، انهن کي ٻين
هندن کان مقدم سمجهي، منجهانئن هڪ کي پئنچات جو
مکي مقرر ڪيو ويو.
جڏهن وسي ملوڪ شاهه (ٻئي نمبر ٽکڙ) جي پهرين
آدمشماري ٿي هئي، تڏهن منجهس ڪل 1200 ماڻهو هئا.
پر جيئن ته هتي هر هنر جا ماهر ۽ واپاري موجود
هئا، تنهن ڪري مزدور ۽ پورهيت جا ماڻهو پنهنجو گذر
سفر لاءِ اچي ٽکڙ ۾ رهڻ لڳا. ٿوري عرصي کان پوءِ،
اَن جون کريون پيون، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سيد حاجي
علي اصغر شاهه هڪ ڇڙ_ پيرن جي مشين رکائي، جنهن
هيڪاري ڳوٺ جي رونق کي وڌائي ڇڏيو. واپار زور
ورتو، ڪيترا جت ۽ مهاڻا ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويا. سڄو
ڏينهن اٺن جون قطارون ۽ بيل گاڏيون هڪڙو ان ٻاهران
آڻينديون هيون ۽ ٻيو ان ٻاهران نينديون هيون.
واپار ٻيڙين رستي به هلندو هو، جنهن ڪري درياءَ جي
ڪناري تي ’حاجي پور‘ نالي هڪ بندر ٺهي پيو، جتي
ڪئين ٻيڙيون بار ڍوئينديون نظر اينديون هيون. ٽکڙ
جي هندن جو ڪراچيءَ تائين به واپار هلندو هو.
ٽکڙ جي ڪنڀارن جي ڪاريگريءَ ۽ گريبن جو ذڪر جهونن
سنڌي اسڪولي ڪتابن ۾ موجود آهي. کٽين جون ٺهيل
اجرڪون ۽ موچين جون سنڌي جتيون، سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور
هيون. سنڌ جي ڪيترن حصن مان ماڻهو اهي اجرڪون،
گربيون ۽ سنڌي جون خريد ڪرڻ ايندا هئا. دائود
موچيءَ جهڙو ڪاريگر سڄي لاڙ ڊويزن ۾ ڪونه هو.
مرحوم هزهائينس مير عبدالحسين ”سانگي“ دائود کان
ئي جتي ٺهرائيندو هو. سندس جتيءَ جي قيمت 25 روپين
کان 50 روپين تائين هوندي هئي.
درياء جي ڪناري تي وري انبن ۽ ٻين ميون جا باغ ۽
ڪمند جي پوک ٿيندي هئي. سيد ميران محمد شاهه اول ۽
سيد الله بخش شاهه جا ڪمند جي رس ڪڍڻ جي چيچڙا
هئا، جي ڳڙ به ٺهندو هو. مطلب ته هي ڳوٺ هر طرح
رونق وارو هو. درياءَ جي ويجهڙائيءَ ۽ چوڌاري
ساريال ۽ ٻئي اناج جي ٻنين هئڻ ڪري، هوا ڏاڍي فرحت
بخش اٿس.
جيتوڻيڪ هاڻوڪي ٽکڙ به درياء جي ڪناري تي آهي، پر
سکر بئريج کان اڳي، کيس هميشه ٻوڏ جو خطرو رهندو
هو. درياء جي ڦوهه جوانيءَ (ساوڻ) ۾ ماڻهو پنهنجا
ٽپڙ کڻي گنجي ٽڪر تي وڃي رهندا هئا ۽ جڏهن ٻوڏ جو
خطرو گهٽ ٿيندو هو، تڏهن واپس اچي ”وسي“ ڀيڙا
ٿيندا هئا. مگر هن ڳوٺ کي ٻوڙڻ ۾، درياء کي ڄڻ ته
حياءُ اچي ويندو هو. سکر بئريج کان پوءِ سندس اهو
ڊپ ڊاءُ به ختم ٿي ويو.
سيد ملوڪ شاهه جي ڀاءُ سيد قمبر علي شاهه جي عادت
هوندي هئي ته ڏينهن جو ننڊ ڪندو هو، ۽ رات جو
جاڳندو هو. سندس صحبتي به رات جو ئي رس رهاڻ لاءِ
ايندا هئا. سندس مجلس ۾ هميشه ڳجهارت ڳجهارتون،
ڏور، بيت ۽ ٻيون عقلي ڳالهيون ٿينديون رهنديون
هيون. رات جو جاڳڻ ڪري ڳوٺ ۾ ڪا دانهن ڪوُڪ ٿي ته
شاهه صاحب يڪدم پڇا ڳاڇا لاءِ ماڻهو موڪليندو هو.
انهيءَ ڪري گهڻا ڏوهه جهليا ويندا هئا. ٿوري ئي
عرصي ۾ اهڙا حادثا بلڪل بند ٿي ويا. چوريءَ
چڪاريءَ جي ته ڪنهن کي جرئت ئي ڪانه ٿيندي هئي.
ماڻهو آرام ۽ سڪون جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا. گهر کي
ڪڙي ڪلف ڏيڻ جو ڪنهن کي خيال ئي ڪونه ايندو هو.
پوليس وٽ سالها سال ٽکڙ جي ماڻهن جو ڪيس ڪونه آيو.
جيڪڏهن ڪابه ڳالهه ٿي، ته وڏو سيد يڪدم فيصلو ڪري
ڇڏيندو هو، اڳتي جي ڇڪتاڻ کان ماڻهو ڇٽل هئا.
1294هه ۾ سيد ملوڪ شاهه وفات ڪئي. کيس اولاد ڪونه
هو، انهيءَ ڪري ماڻهن جي ڇيڙي نبيريءَ جو بار سندس
ڀاءُ، سيد الهه بخش شاهه جي سر تي آيو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن افغانستان ۾ امير ايوب خان
۽ امير عبدالرحمان جي وچ ۾ ”ميوند“ وٽ، افغانستان
جي تخت تان لڙائي لڳي. عام مسلمان اميد ايوب خان
جي طرف هئا، ۽ انگريزن امير عبدالرحمان جي مدد
ڪئي. جنگ ۾ ايوب خان کي شڪست آئي ۽ تخت ڇڏي ڀڄي
ويو. امير عبدالرحمان تخت تي ويهڻ شرط غازين تي
ڏاڍا ويل وهايا. ڪيترا بهادر سردار قتل ڪرائي
ڇڏيائين. انهيءَ سبب ڪري گهڻا مجاهد افغانستان مان
هجرت ڪرڻ لڳا. حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان نقشبندي
سرهندي رحه به انهن غازين مان هو، جن پنهنجي وطن
کي خيرباد چيو. سندن سنڌ ۾ اڳ ئي مريد خادم هئا،
جن تي هونئن به پاڻ ٻارهين مهيني ور واندو پيا
ڪندا هئا.
افغانستان کي ڇڏڻ کان پوءِ، پاڻ رياست قلات جي
رئيس فقير محمد مستوفيءَ وٽ منزل انداز ٿيا، جنهن
کين عرض ڪيو ته ”مون وٽ هميشه لاءِ رهو!“ مگر پاڻ
جواب ڏنائون ته ”ابا، اسين هتي رهڻ لاءِ نه آيا
آهيون!“ دراصل سندن عربستان وڃڻ جو خيال هو. قلات
کان پوءِ ’ڀاڳناڙيءَ‘ ۾ مولوي حامدالله ۽ ملا
عبدالحڪيم جي گهرن ۾ ڪجهه وقت رهيا. اتان پوءِ
ڳڙهي ياسين آيا. جتي سندن مخلص مريد رئيس اعظم
عطاءُالله خان رهندو هو. خان صاحب سندن ڏاڍي خدمت
ڪئي ۽ کين عرض ڪيائين ته ”هتي رهو، آئون پنهنجي
زمين مان ڪجهه حصو ۽ رهائش لاءِ جڳهه ڏيان ٿو.“
مگر خان صاحب جي عرض کي شرف قبوليت حاصل نه ٿيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، پاڻ مٽيارين ۾ آيا، جتي سندن
گهڻا مريد خادم هئا. هتي سيد ميران محمد شاهه اول
کين عرض ڪيو ته ”ٽکڙ هلي رهو.“ پاڻ شاهه صاحب جو
عرض قبول ڪري ٽکڙ ۾ تشريف فرما ٿيا. سيدن پنهنجون
جايون حصي رستي حضرت صاحب جن جي حوالي ڪيون. ٽکڙ ۾
اٽڪل ڏيڍ سال (1297-1298هه) رهي، عربستان هليا
ويا، جتان اٽڪل ٽن سالن کان پوءِ وري سنڌ ۾ آيا ۽
وري به ٽکڙ ۾ ئي سڪونت پذير ٿيا. سندن ٽکڙ ۾ رهڻ
ڪري، ٽکڙ ۾ هند، سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار جا ماڻهو اچڻ
لڳا، جن سان تبادله خيالات ڪرڻ ڪري، ٽکڙ جي ماڻهن
جي علم ۽ معلومات ۾ اضافو ٿيو.
حضرت صاحب جن جيد عالم، الله وارا ۽ شريعت جا پورا
پائبند هئا. پاڻ نقشبندي طريقو رکندا هئا. سندن
فيض هند ۽ سنڌ ۾ جاري هو. وٽن فجر ۽ سانجهي نمازن
کان پوءِ، مراقبو (ذڪر) ٿيندو هو. ڪي ماڻهو مراقبي
بعد گهر هليا ويندا هئا ۽ ڪي وري ترسي سندن وعظ ۽
نصيحت کان مستفيد ٿيندا هئا. سندن منهن مبارڪ ۾
اهڙو نور ۽ جمال هو، جو جنهن شخص ڏانهن نهاريندا
هئا، ته اهو يڪدم سندن قدم بوسيءَ جي شائق ٿي
پوندو هو.
ڪجهه عرصي بعد وري عربستان وڃڻ جو ارادو ڪيائون،
مگر قسمت نه ٿين. هڪ دفعي جهاز ڪونه ملي سگهيو ۽
ٻئي دفعي پاڻ موٽي آيا ۽ پنهنجي وڏي فرزند خواجه
محمد حسن جان رحه کي فرمايائون ته ”مون کي حڪم ٿيو
آهي ته سيدن جي پاڙي ۾ گذاريان.“ جلد ئي پاڻ بيمار
ٿي پيا ۽ انهيءَ بيماريءَ سببان 12 ذوالقعد 1315هه
۾، 71 ورهين جي ڄمار ۾، رحلت فرمايائون. سندن
درگاهه گنجي ٽڪر جي دامن ۾ جوڙي ويئي. سندن اتي
مدفون ٿيڻ کان پوءِ، سيدن ۽ ٻين ڳوٺ جي ماڻهن
پنهنجو قبرستان به گنجي ٽڪر تي قائم ڪيو، نه ته
اڳي ’شاهه زڪريا‘ يا ڀر واري مقام کي استعمال ڪندا
هئا. حضرت صاحب جي درگاهه کي سندن مريد ”مقبره
شريف“ به چوندا آهن.
1310هه ۾ سيد الله بخش شاهه وفات ڪئي. سندن وفات
کان پوءِ سندس وڏي پٽ سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه ڳوٺ
جون واڳون سنڀاليون. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي آسپاس جي ماڻهن
کس پڳ ٻڌائي.
عبدالحڪيم شاهه هڪ وڏو عالي دماغ ماڻهو هو. سنڌ جي
اڪثر وڏن ماڻهن جي ساڻس سنگت هئي. مرحوم غلام محمد
خان ڀرڳڙي، سندن عزيز دوست هو ۽ سندس ئي صلاح سان
سياست ۾ پير پاتائين.
ٽکڙ جي سيدن کي انگريزيءَ ڏانهن متوجهه به
عبدالحڪيم شاهه ڪيو. عبدالحڪيم شاهه جي ئي وقت ۾
تکڙ اوج ۽ ڪمال تي پهتي. وڏا وڏا اديب ۽ شاعر،
مدبر ۽ سياستدان ۽ هنرمند ۽ فنڪار سندس وقت ۾
پنهنجي فن جو اظهار ڪرڻ لڳا. سندس ئي وقت ۾
روشنيءَ، صفائيءَ ۽ پوسٽ آفيس جو ٽکڙ ۾ بندوبست
ٿيو.
انهيءَ وقت، ٽکڙ ۾ علم جو چرچو عام هو. پڙهيل ته
خير،پر اڻ پڙهيل به انهيءَ علمي ماحول ڪري،
ايتريءَ سمجهه کي پهچي چڪا هئا، جو شعر و شاعريءَ
کي بلڪل آسانيءَ سان سمجهي ۽ انهيءَ مان لطف اندوز
ٿي سگهندا هئا. جنهن به پاڙي مان مٽبو هو، ته ڪانه
ڪا ڳجهارت، ڏور، بيت، بينسرين ۽ بينن جا مٺا آواز
۽ نڙن جا دل کي موهيندڙ آلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. سڀ
ڪنهن سرنديءَ واري ماڻهوءَ جي پنهنجي اوطاق هئي،
جتي مسافرن ۽ ٻاهرين فنڪارن جي هر طرح خاطر مدارات
ڪئي ويندي هئي.
شاعرن جو دستور هوندو هو ته شام جو پنج ڇهه ڄڻا
گڏجي درياء جي سير لاءِ نڪرندا هئا. مس ۽ قلم ساڻ
هوندو هون: هڪڙي طرح ڏني، ته ٻيا سڀ ان تي طبع
آزمائي شروع ڪري ڏيندا هئا. جيستائين موٽندا هئا،
تيستائين ٻه ٽي سئو شعر ٺهي پوندا هئا.
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مرحوم حاجي محمد حافظ شاهه
۽ ٻيا ڪي شاعر ۽ لوڪل بورڊ جو هيڊ ماستر شام جو
سير تي نڪتا. هيڊ ماستر جي پنهنجي نائب سان بي
انداز محبت هئي. همراهه سير و تفريح ڪندا رهيا ته
ڪيڏيءَ مهل هڪ اسڪول جو شاگرد ڊوڙندو دوڙندو هيڊ
ماستر وٽ آيو ۽ سهڪندي چيائين ته ”سائين، نائب
ماستر جي بدلي ٿي وئي! هيڊ ماستر جي پيرن هيٺان
زمين نڪري وئي، ويچاري جو منهن هارجي ويو. مرحوم
حافظ شاهه، سندس ناگفته حالت ڏسي، يڪدم فرمايو:
بدلي ٿئي ٿو بيشڪ محبوب ماستر جو،
افسوس آهه ڏاڍو، هن حادثي حشر جو.
پوءِ هڪ ٻئي پٺيان سڀني شاعرن طبع آزمائي شروع ڪري
ڏني. افسوس آهي ته اهي جواهر پارا زماني جي اٿل
پٿل نابود ڪري ڇڏيا.
علم جي انهيءَ طريقي ارزان ٿيڻ ڪري، اڻ پڙهيل
ماڻهن ۾ به شاعريءَ جو اشتياق پيدا ٿيو. ڪيترن شعر
جوڙڻ شروع ڪري ڏنو، ۽ جيتوڻيڪ علم وارن شاعرن سان
پڄي نه سگهيا، تڏهن به پنهنجي پروڙ سارو چڱو شعر
چيو اٿن. انهن سگهڙن مان، واحد ڏنو ڳنڀير، جمعدار
ابراهيم، آڍو فقير ۽ نور محمد ميمڻ جا نالا قابل
ذڪر آهن. انهن مان واحد ڏنو ڳنڀير اڪثر
مزاحيه شعر چوندو هو.
هڪ دفعي، هو ڳوٺ جي سرڪاري بنگلي جي ڀرسان مٽيو ۽
اتي ڪجهه گڙ ٻڙ ڏٺائين. ڳوٺ پهچي ماڻهن کي اهو
احوال هن طرح سان ٻڌايائين؛
ڪارا شيشا، ڪار بلوري، پي شراب، ڇرڪي ڇوري،
پيتي کان پوءِ، چپ چپاٽ، مُٺي به ماٺ ۽ مٺي به
ماٺ.
جمعدار ابراهيم گولو
سيدن جو خاص خادم هو. کيس شاعريءَ جو حد کان وڌيڪ
شوق هو. جيتوڻيڪ سريلو نه هو، تاهم پنهنجيون
ڪافيون پاڻ يڪتاري تي ڳائيندو هو، اٽڪل چار پنج سو
ڪافيون چيون اٿس، جن ۾ رڳي تُڪ تُڪ سان ملائي اٿس.
هن پنهنجي ڄاتي موجب خوب محنت ڪئي آهي. سندس هڪ
ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي:
پرين منهنجا آهيو پيارا، جيءَ جڏي جا جانب
جيارا.
آئون ته محبن لئه آهيان ماندي،
هيڪر تن سان ٿيان هيڪاندي،
حسن وارا ڏسان منهن موچارا.
عجيب آهن اَهنجيون چاليون،
اچو ته ڪريون ڪي قرب جون ڳالهيون.
ورهه تنهنجي هي وڍيا ويچارا.
ڪنڍيون اکيون آهن ڪاريون،
سڄڻن مون کي سي ته ڏيکاريون،
مون سي نيڻ خماري ساريا.
”ابراهيم“ وهن ٿا نينهن جا نارا،
ڪونج وانگر ڪن ڳچيءَ جا ڳارا،
چمڪن جيئن ٿا اُڀ تي تارا.
اهڙيءَ طرح، آڍو فقير ولد پنهون حاجاڻو،
اڳي اٺ لڏيندو هو، پر پوءِ انجنيئري کاتي ۾ بيلدار
ٿيو، جي اڃا تائين آهي. ڪافين مان ڪونه ڄاڻي، باقي
بيتن جي بيهڪ چڱي اٿس:
هڪ دفعي، مامن ۽ حاجي قاسم موچين ۽ ٽن واڻين:
ڀيرو، بصر ۽ کيئل، سان سندس ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو
ٿي پيو. ڪاوڙ ۾ هيٺيان بيان ٺاهڻ لڳو ۽ جو ڪجهه
ٺاهيندو ويو، سو ماڻهن کي ٻڌائيندو ويو. جڏهن
موچين ۽ واڻين کي اها ماجرا معلوم ٿي، تڏهن فقير
کي هٿين پيرين پئي پنهنجي جند ڇڏايائون ۽ آڍي جي
آکاڻي نامڪمل رهجي ويئي!
انسان جو گدڙ سان جهيڙو
گدڙ گڏيو هو گس ۾، حاجي قاسم کي في الحال_
مجلس ٿي موچين ۾، اچي ڪنهن ڳالهئون اها ڳالهه:
’گدڙ گڏيو هوم گس ۾، منجهس ڏاڍا آهن مال!‘
سهڻي ڳالهه سرها ٿيا، بهادر سڀ بحال،
هٿيار ٻڌي هشيار ٿيا، کڻي سپرون ۽ ڍال،
اچي پئي ’آڍو’ چوي، ڪا موچين منجهه مقال!
پوءِ اهو حال احوا، مڙ ٻڌايائون مامن کي.
مڙ ٻڌايائون مامن کي، جو دانهن هو دلير،
سڻي ڳالهه سرهو ٿيو، اٿيو شوق منجهاران شير،
ٿي سورهيه سمجهايو سڀن کي، ڀوُن انهيءَ ڀير:
’همت رکي هلي حشمت سين، دم نه ڪريو دير!
’مرد هلي ميدان ۾، ڪنڌ نه ڪڍائي ڪير!
’گوڙ ٻڌي گدڙ جي، دهشت جهليندا دلير!
’ڀاڙي ڀڄندا پوئتي، پويان وٺي پير!
.... انهيءَ ڳالهه ۾ ’آڍو‘ چوي، نڪو ڦند نه ڦير
۽ گدڙ پٺيان گير، مامن ٻڌي مڙسيءَ سين.
مان ٻڌي مڙسيءَ سين، ساڻ وڏي ايمان،
وٺي هليو لشڪر لڙائيءَ تي، کڻي تنبو ۽ طولان،
ڀَر وٺي ’باڊڙي‘ جي، لاٿئون ’سرڙيءَ‘ ۾ سامان،
مڙيا ڪين ’ميرواهه‘ تي، جت گدڙ جا گهمسان،
وڃي وڙهيا ’واسينگ واهه‘ تي، جت گدڙ جو هو مڪان،
ڏسي ڏرِ شينهن ٿيو، هيبت ڏيکاري حيوان،
ڪري گوڙ گهڙي پيو، منجهه موچين جي ميدان،
موچين کي موت جو، اچي پيو گدڙ منجهه گمان،
لڪڻ جون لين ۾، جايون ڳولين جوان،
نه ڀيڻي ڀڄڻ جي، وري ڪنڌي ٿين ڪانه،
مامن اوريان مڙسيون ڪيون، پر ٿيو ’ڀاچوريءَ‘ ۾
بيمان،
.... اڃا پڻ ’آڍو‘ چوي هوند آئون گڏ هجان!
ايڏا جن ايمان، سي ڀل گڏجي وڙهن گدڙ سان.
گڏجي مڙد گدڙ سين، جڏهن وِرتل ٿا وڙهن،
کٽي خان وريا پوئتي،آجهڙندا اچن.
ڊٺا اچي ’ڊاڀي‘ ۾، سوڙها ٿيو سمهن،
نه کڙڪو ٿئي کامن ۾، نه ئي ليون ٿيون لڏن،
وريو وير اچن، ورتل سڀ ’وسيءَ‘ ۾.
ورتل آيا و’سيءَ‘ ۾، جڏهين بيمان برقرار،
موچين مڙي پاڻ ۾، ويهي ڪيو ويچار
’ري مرڻ راڄن جي، اهو ڪم نه ٿيندو ڪار!
’مڙد مڙ موجود ٿين، ججها جوان جونجهار!‘
پڙها وڌائون پٽن ۾، چو قبلا چوڌار_
وڍي سر ويريءَ جو، ڪاين هلي ڪاپار،
منٿون ڪيائون مهتن کي، حيلا ڪئين هزار،
ڀيرو، بصر، واڻيا، هئا مهتن منجهه مڻدار،
ٽيون مروان پٽ موريئي جو، کيئل خبردار،
ٽنهين ٽولي ٻڌي، وري ڌارئون پنهنجي ڌار،
سنڀري سورهيه هليا، اوڏانهن رکي آر،
مهندان ڪيائون مامن کي، جنهن جو ڏور سڄي ڏهڪار،
ويجها وڃي وڻڪار، سامان لاٿئون ’سرڙيءَ‘ ۾.
سامان لاٿئون ’سرڙيءَ‘ ۾، جتي ڪالهه ڪيئون ڪاميٽي،
ٻي جنگ ’ٻَلي‘ ۾، وري جوانن وڃي جوٽي،
وڙهڻ جون ويريءَ سين، ڪي ٽلون ڪي ٽوٽي:
’اسين آياسون آس ڪري، کري جنهن لاءِ کوٽي،
’جيرا جگر وڍيون تنهن جا، ٻيرو نه ڇڏيون ٻوٽي!‘
(اچي گڏيا ’آڍو‘ چوي، پيل سڀ پيٽي،)
’مارڻ ڍاران موٽي، وري نه وينداسون ’وسيءَ‘ ۾!‘
’وري نه وينداسون ’وسيءَ‘ ۾، جيسين نه ڪريو جُڃ!‘
گدڙ گهران نڪري چيو، ’مامن! ڳالهه منهنجي مڃ،
’مفت مارائي لشڪر سڀ، صفا ڪرائيندين سڃ،
’ڪاهي پوندس ڪٽڪ ۾، ڏيندس ڪا بلاتي ڀڃ،
’سڀي سورهيه تنهنجا، ڪندس موڙاٽي مڃ!‘
... اٿلي ’آڍو‘ چوي، پوئتي وير وري تون وڃ،
صفا ڪرائيندين سڃ، لشڪر سڀ لڙائيءَ ۾!
آڍي فقير جي هيءَ مزيدار ڳالهه ايستائين پهچڻ کان
پوءِ، هميشه لاءِ ناممڪن رهجي ويئي.
اهڙيءَ طرح نور محمد ولد گل محمد ميمڻ
به مشهور سگهڙ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جو تعلق حافظ
حامد جي خاندان سان آهي. عمر تقريباَ سٺ ورهيه
اٿس. گهڻيون ڪافيون چيون اٿس. مرحوم حافظ شاهه جي
صحبت ڪري سندس ڪلام ۾ سوز ۽ اثر به ڏسجي ٿو.
پنهنجي ڪلام ۾ ڪوشش ڪري صاف ۽ سلوڻي سنڌي ۽ تجنيس
حرفي ڪم آندي اٿس. سندس ڪلام جو نمونو هيءُ آهي:
يارهينءَ وارا يا پير! مون کي ملايين محبن.
هيرَ ٿي حيران ٿي، جنهن جو مرليءَ موهيو من،
مجني کي لغار لڳي، تڏهن ويڙهيو ٿي وَلِن.
سهڻي گهڙي سير ۾، ڪاهي منجهه ڪُنن،
هڪڙا ونگ وارن جا، ٻيا واڳوٽا به وڙهن.
ڪربلا ۾ ڪيس ٿيو،. ڪونڌر ٿا ڪُسن،
ڳوڙها لال ڳلن تان، واهڙ جيئن وهن.
وره مون کي ويٺي ٿيا، سڪندي سال ٿيم،
نماڻو ”نورو“ چوي، ’وسي‘ منهنجو وطن.
سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه 1354هه ۾ رحلت ڪئي. سندس
وفات کان اڳي ئي سندس ٽي ڀائر، حاجي غلام شاهه،
علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ ۽ محمد حافظ شاهه
’حافظ‘، وفات ڪري چڪا هئا. باقي سندس ننڍو ڀاءُ
حاجي علي اصغر شاهه، ڪجهه وقت اڳي ٽکڙ مان لڏي
پنهنجو نئون ڳوٺ ”اصغرآباد“ جي نالي سان ٻڌي وڃي
ويٺو هو. سيدن مان ڪو وڏو باقي رهيو ڪونه.
عبدالحڪيم شاهه جي وڏي پٽ ملوڪ شاهه کي پڳ
ٻڌايائون، پر هو تمام سادو ۽ دل جو نرم هو. انهيءَ
ڪري هر هڪ سيد پاڻ کي وڏيرو سمجهڻ لڳو. عبدالحڪيم
شاهه جي وفات کان پوءِ ٽکڙ تي اچي زحمت نازل ٿي.
سيدن جي اڻبڻت ڪري، ڳوٺ ۾ بدامني پنهنجو بدنما
منهن ڏيکاريو. چوري عام جام ٿيڻ لڳي. يا ته هتي
اڳي علم ۽ ادب جو چرچو عام هو، ماڻهو دينداريءَ
ڏي وڌيڪ راغب هئا، يا ته هينئر جوا جو زور ۽ ڏنڊي
ڪونڊي جو شور هر گلي ڪوچي مان اچڻ لڳو. ڪمزور ڌر
(هندن) سان زوري ۽ ظلم زور وٺندا ويا. گهڻا هندو
ٽکڙ ۾ ٽرڪي ويا. ايتري قدر جو پاڪستان کان ٿورو اڳ
هندن جا باقي پنج يا ڇهه گهر وڃي بچيا هئا. نه ته
اڳي سندن اٽڪل 200 کن دوڪان هئا، جن سان ئي بازار
۾ رونق هئي. هندن جي ڀڄڻ ڪري، مزدورن، ڪمين ۽
ڪاسبين کي ڏاڍو ڌڪ لڳو. جت به ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويا. ان
جون کريون بند ٿي ويون. غريبي ٽکڙ ۾ گهر ڪري ويئي.
پاڪستان کان پوءِ ته رهيو کهيو حال به ويندو رهيو.
گهڻا سيد ۽ ٻيا سرندي وارا ماڻهو ڳوٺ ڇڏي پنهنجي
لاڳاپي وارن هنڌن، جهڙوڪ: حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان
وغيره ۾ وڃي ويٺا. ڪيترا هاري ناري ٻنيءَ ٻاري جي
تلاش ۾ ٻين پاسن وڃي نڪتا.
|