طبعي طور جيئن ’ٽکڙ‘ ٽي مقام بدلايا آهن، تيئن
سندس شعراء ڪرام کي به ٽن دورن ۾ آسانيءَ سان
تقسيم ڪري سگهجي ٿو. مثلاً نور محمد ’خسته‘، حافظ
عالي، ميان ڇتن، ميان محمد صالح، سيد ميران محمد
شاهه، حافظ حامد ۽ حافظ يوسف، دور اول جا اديب يا
متقدمين چئبا. حافظ حامد کان سواءِ ٻين جو شعر
گهڻو ڪري پارسيءَ ۾ پختو هو، ڇو ته ان زماني ۾
ميرن جي بادشاهيءَ جو آخري دور ۽ انگريزن جي
ابتدائي دورِ حڪومت هو ۽ سرڪاري زبان به تڏهن
پارسي هئي. سنڌيءَ جي پوري نحوي عبارت به اڃا
ابتدائي مرحلن تي هئي. باوجود ان جي به ٽکڙ جي
متقدمين سنڌي ادب ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو آهي.
خصوصاَ سيد ’ميران محمد شاهه‘ نثر ۾ ۽ حافظ حامد
نظم ۾. حافظ حامد سنڌي شعر ۾ جا پختگي، شيريني ۽
رواني پيدا ڪئي، سا منهنجي خيال ۾ سندس همعصر مشڪل
پيدا ڪري سگهيا. ’گدا‘ ، ’فاضل‘، ’ثابت علي شاهه‘
۽ ’قاسم‘ جهڙا چمڪندڙ ستارا سنڌ جي ادبي آسمان ۾
رونما ٿي چڪا هئا، پر آخر تائين هو حافظ ’حامد‘ جي
بلند خيالي ۽ شڪر ريزيءَ جي درجي کي نه پهچي
سگهيا. مروج شاعراڻي موضوع تي ته حافظ صاحب ڪلام
چيو، پر سندس مذاقيه ۽ مزاحيه شعر به نهايت دلچسپ
۽ موهيندڙ آهن. مثلاَ هڪ دفعو حافظ صاحب کي ساڳيءَ
رات ٻه دعوتون مليون، هڪ غريب جي ۽ ٻي ڪنهن
سرنديءَ واري جي. حافظ صاحب غريب کي راضي ڪرڻ لاءِ
هن جي گهر ويو، پر ماني ڪانه کاڌائين، ۽ ٿورو ويهي
هليو آيو. تنهن وچ ۾ سرنديءَ واري سمجهيو ته حافظ
صاحب نه آيو، تنهن ٻين کي سٺا طعام کارائي ختم ڪيا
ته حافظ صاحب به جماعت سان اچي نڪتو. جڏهن معلوم
ٿيس ته خاص طعام کاڄي ويا، تڏهن اتي جو اتي في
البديه نظم چيائين، جنهن جو في الحال مون کي هڪ
شعر ياد آهي، جو لکان ٿو:
پُلاءَ ٻوڙ، حلوي ۽ سيري جي سڌ،
اُسڙڪي اسان جو هنيون ٿيون ٻه اڌ.
ٻيو واقعه نگاريءَ جو مثال هي آهي ته پيرن ۽ ڪن
سيدن جي وچ ۾ ديواني مقدمو ڪورٽ ۾ دائر ٿيو، جنهن
۾ حافظ صاحب سيدن جو طرفدار هو. ڳوٺ جي ڪيترن هندن
۽ مسلمانن پيرن جي پاران شاهديون ڏنيون، جن سڀني
جي نالي به نالي حافظ صاحبن جارحانه مصرعون هڪ نظم
۾ درج ڪيون، جن مان ٻه هيٺيون آهن:
ڪوڙ تي ڪلمون ڀري انصاف ”اگو شاهه“ ڪيو،
غرق ٿيو غوطو هڻي سادات سڪيءَ ۾ صفا.
حيف هونِئي، ٿئين حلالي ڪين ”مانو مل مکي“،
هر طرح حقدار جو کائي نمڪ تو ڪئي خطا.
دورِ ثانيءَ جا شاعر، قاضي اسدالله شاهه، محمد
حافظ شاهه، محمد هاشم ”مخلص“، حافظ هارون، حافظ
”بسمل“، آغا حسين جان، محمد اسماعيل جان،
عبدالستار جان، محمد عالم شاهه ۽ محمد خان ”غني“
وغيره وغيره ٿين ٿا.
هن دؤر ۾ علم ادب جو درياه سنڌو درياء سان گڏ
مدوجزر جي حالت ۾ هلندو رهيو. مگر گهڻو عرصو
ساوڻيءَ جي پور کي پهچندو رهيو. اهو وقت نهايت لطف
۽ لذت جو هو. مقامي شاعرن جي شعر کي زياده شهرت
ڳوٺ جي سريلن ڳائڻن بخشي_ جهڙوڪ عيسو، لونگ، مويو،
پرو شيدي ۽ سومار مڱڻهار جن جو سرپرست مرحوم
’حافظ‘ شاهه هو، جو باقاعدي هنن کي الحان توڙي
تلفظ جي تعليم ڏيندو رهيو. قاضي اسدالله شاهه
جيتوڻيڪ وڏو متشرع صاحب هو، مگر خوش الحانيءَ کي
هو انسان جي روحاني راحت لاءِ ناگزير سمجهي، اجازت
ڏيندو هو. پاڻ ڳوٺ جو قاضي هو پر خشڪ مُلو نه هو،
ايتري تائين جو شادين تي دهل وڄائڻ جي به اجازت
ڏني هئائين، تنهن ڪري ڳوٺ ۾ اڪثر رات جو مختلف
اوطاقن ۾، خصوصاً حافظ شاهه جي اوطاق ۾، راڳ جي
مجلس دير تائين هلندي هئي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ راڳ
سکڻ جو شوق پيدا ٿيو. شادين مرادين تي ڏونڪن يا
ڏانڊيءَ راند ڪئي ويندي هئي. اها راند هڪ قسم جو
ناچ آهي، جو ڪاٺيون هٿ ۾ جهلي، هڪ ٻئي سان ٺهڪائي،
دهل جي تالَ تي ڪبو آهي. ناچ جڏهن انتهائي درجي تي
پهچندو آهي ۽ دهل جو ڏونڪو تيز ٿيندو آهي، تڏهن
ڏانڊيءَ جو ناچ به نهايت لطف اندوز ٿيندو آهي.
ٽکڙ جا ماڻهو انهيءَ ناچ کي نهايت پسنديدگيءَ جي
نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ چڱي گهر جا نوجوان به ان ۾
حصي وٺڻ کان عار نه ڪندا هئا.
ڏانڊيءَ جي ناچ ۾ به عيسو، لونگ ۽ موٽيو شيدي برک
هئا، پر حيات شيدي، بلاول حاجاڻو ۽ ستار ڏنو ميمڻ
به پنهنجو مٽ پاڻ هئا. چانڊوڪين راتين ۾ سرود ۽
ساز سان گڏ ڏانڊيءَ تي ناچ قلبن ۾ اهو ڪيف پيدا
ڪندو هو، جو نه پئرس جي ”فالي برجيز“ ۽ نه روم جي
”رائل آپيرا“ ۽ نه غرناطا جي ”بائلي دي ختانان“
ڪڏهن منهنجي دل ۾ پيدا ڪري سگهيا.
مطلب ته متوسطين جو دور ٽکڙ جي تاريخ جو هڪ زرين
باب هو. مثلاً هر سال پلن جي شڪار تي ٻيڙين ۾ چڙهي
وڃبو هو، جتي تازن پڪل پلن ۽ پلاءُ سان گڏ شعر
گوئيءَ جو چرچو به ڪشتين اندر هلندو رهندو هو. جي
ڪنهن انبن جي موسم ۾ انبن کائڻ جي دعوت ڏني، ته به
شعر و شاعري، نڪته سنجي ۽ موسقيءَ جو دور هلندو
رهندو هو. ساڳيءَ طرح سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪار تي هر
سياري وڃبو هو، يا سانوڻيءَ ۾ گنجي ٽڪر جي سبز
چوٽين تي چڙهي، منگها ۽ مرٽ کائي، پلر جو پاڪ پاڻي
پي، ڌنارن جي دونهين تي ويهي، وري به ڪونه ڪو ڪلام
چيو ويندو هو.
ناظرين ڪرام محسوس ڪري سگهندا ته جنهن قطعهء ارض
کي قدرت جون اهي سڀ نعمتون حاصل هونديون، تنهن جا
باشندا ڇو نه پنهنجي دماغي قوت کي منظوم نموني ۾
نمودار ڪري سگهندا!
ٽيون دؤر متاخرين جو آهي، جو مون سمجهيو هو ته
شايد پيدا ۽ هويدا ئي نه ٿين! مگر اقبال جي شعر
وانگر:
”ذرا نم هو تو يه مٽي بڙي زرخيز هي ساقي“
پراڻو جوهر وري به ڪلر جي ڪوٽن مان لاٽون ڪري نڪتو
آهي، جن جو پيش رو منهنجي خيال ۾ محمد سعيد شاهه
آهي. ٻيا نوجوان شاعر سڀ کانئس پوءِ جا آهن. خود
مصنف به کانئس گهڻو ننڍو آهي. اڃا ابتدا اٿن، خدا
سگهه ڏئين، جو وري ادب جي وساڻل ڏيئي جي دوباره
جوت جڳائين. (آمين)
راقم الحرف
ميران محمد شاهه
2_ ڪلفٽن روڊ، ڪراچي
26 جون 1956ع
تقريظ
’تذڪره شعراء ٽکڙ‘، جناب قاضي سيد اسدالله شاهه
’اسد‘ جي شوقيه ڪاوش آهي، جا هن نوجوان اديب، سنڌ
جي قديم مردم خيز خطي، ٽکڙ، جي شاعرن جي سوانح ۽
منتخب ڪلام جي مختصر ۽ جامع تذڪري جي صورت ۾ پيش
ڪئي آهي.
ٽکڙ سندس وطنِ عزيز آهي، لهاذا ”حب الوطن من
الايمان“ جي مصداق، پنهنجي بزرگن ۽ عزيزن جي حالات
۽ علمي خدمتن کي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ، هڪ طرف علم ۽ ادب
جي خدمت به آهي ته ٻئي طرف ’ياد رفتگان‘ جو اخلاقي
فريضو به ادا ڪرڻو آهي. ”نام نيکو رفتگان ضايع مَ
کُن!“
اصل ۾ تذڪره نگاري نهايت عظيم فن آهي، ان فن جي
لوازمات ۽ اصولن کي اڳيان رکي ئي روايتن کي پرکڻو
آهي ۽ تنقيدي نڪته نظر سان ”زندگيءَ ۽ فن“ جو
جائزو وٺڻو آهي ۽ صحتمند مواد پيدا ڪرڻو آهي.
جڏهن ته اسان وٽ تذڪري نگاريءَ ۽ اُن جي هيئت ۽ فن
سڀ فارسي تذڪري تان مستعار ورتل آهن، ۽ فارسي
تذڪري نگار فقط جاءِ ولادت، سلسله نسب، مختصر
حالات، ڪرامات ۽ محير العقول واقعات تائين ئي
تذڪرا لکي ويا آهن، تڏهن سندن تذڪري جي تتبع ۽
تقليد ۾ جن عالمن سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ تذڪرا لکيا
آهن، تن به اهائي روش پئي اختيار ڪئي آهي.
هونءَ به روايت کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جو
اهو معيار، جو هن ور جيد ۾، مغربي عالمن ۽ ناقدن
پيدا ڪيو آهي، اهو يقيناً هن دور جي پيداوار آهي.
اهي اصول ۽ معيار اجھ کان صديون اڳ جا پيدا ئي ڪين
ٿيا هئا، يا اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هئا. خير.
مشرقي ذهن جڏهن ته ’مشاهير پرست‘ وڌيڪ ٿو ٿئي،
تڏهن مشرقي تذڪره نگار، خاص طرح سان جيستائين
ماوراء العقل ۽ حالات بيان نٿو ڪري، تيستائين
سمجهي ٿو ته نه ڪو کيس محقق سڏيو ويندو ۽ نه ڪو
سندس ”تحقيق“ جي ڪا قدر افزائي ٿيندي!
بهرحال تذڪري نگار تي اهو فني طور فرض ٿو عائد
ٿئي، ته هو ’روايات‘ کي پرکي ۽ شخصيت جي ماحول جو
جائزو به وٺي ۽ ان جي فن جي ديانتداري ۽ محققانه
طور تنقيدي ڇنڊڇاڻ به ڪري. فني محاسن سان گڏ، ڀلي
ته معائب به اڳيان آڻي، ڇا لاءِ ته انسانن لاءِ
انسانن کي ئي پيش ڪري رهيو آهي ۽ نه فرشتن کي!
تذڪره نگار نه فقط نفسيات جو ماهر هجڻ گهرجي، پر
ان سان گڏ سوانح ۽ واقعات کي پرکي فني طور ترتيب
به ڏيڻ جهڙو هجي. شاعرن جي تذڪري لکڻ لاءِ ته
نهايت ضروري آهي ته شاعريءَ ۽ ان جي فني لوازمات،
اصولن ۽ بدلجندڙ ۽ ترقي پذير قدرن ۽ تنقيدي معيارن
کان به تذڪره نگار واقف هجي ته چڱو، اهڙو تذڪره
نگار ئي صحيح طور تذڪري نگاريءَ جي فن کي نباهي
سگهندو ۽ ڪا افادي ۽ مثالي چيز پيدا ڪري سگهندو.
پر افسوس جو اسان وٽ مغربي ناقدين جهڙا تذڪره نگار
اڃا پيدا ئي نه ٿيا آهن، جن ان کي فني طور نباهي
سگهن. ايتري قدر جو اسان وٽ قائد اعظم جي تذڪري
لکڻ لاءِ به ٻاهران ڪو مغربي عالم ئي گهرائڻو پوي
ٿو!
قاضي اسدالله شاهه ’اسد‘ نوجوان ۽ نو آموز آهي.
سندس هن تذڪري ۾ فني طور خاميون به آهن، تاهم سندس
مخلصائي ڪاوش جو دادو نه ڏيڻ، انتها پسندي ٿيندي.
ٽکڙ جي مشهور فوت ٿيل شاعرن مان ميران محمد شاهه
اول، ”حامد“، ”دلگير“، ”روشن“، ”سرهندي“ ۽ ”عالم“
جهڙن بزرگن جي حالات ۽ ڪلام سان گڏ هن ور جي زنده
۽ سن رسيده شاعرن، ”غني“، ”خليل“، ”پير“، ”مهجور“
سان گڏ ”حافظ“ شاهه، ”سعيد“، ”اسد“، ”هاتف“،
”امداد“، ”سوز“ ۽ ”نظير“ جهڙن نوجوانن جو مختصر
تعارف ۽ منتخب ڪلام گڏ ڪرڻ خود پنهنجي جاءِ تي
سهڻي خدمت آهي.
تاريخي طور ٽکڙ جي شاعريءَ کي، سنڌي عشقيه شاعريءَ
جو ابدائي ۽ بنيادي، عروضي ڪلام چئجي ته ان ۾ ڪو
وڌاءُ نه سمجهڻ گهرجي.
ٽکڙ ۾ ئي اول اول مشاعرا ٿيا، جن جي تقليد ۾ اها
علمي چيز سنڌ جي ٻين وڏن شهرن، جهڙوڪ لاڙڪاڻي، ٺٽي
۽ حيدرآباد تائين پهتي. اڄ ته هر هنڌ مشاعرا ئي
مشاعرا آهن.
فارسيءَ ۽ اردو جي تتبعي ۾ اول اول ٽکڙ جي شاعرن
غزل لکيا. اهوئي سبب آهي جو فارسي خيالات، جذبات،
محاورات ۽ معاملات جو پورو پورو رنگ ٽکڙ جي
شاعريءَ ۾ موجود آهي، ۽ ڪم و بيش غزل جو اهو ساڳيو
رنگ سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ به مقبول رهندو آيو
آهي. اها به غنيمت آهي ته هن دور جي ڪن شاعرن ڪي
نوان تجربا ڪيا آهن، پر اڃا غزل پنهنجي پوري ڪمال
تي اسان وٽ نه پهتو آهي، تاهم تجربا اميد افزا
آهن.
بهرحال، ”سنڌي ادبي بورڊ“، تهنيت جي لائق آهي،
جنهن هڪ نوجوان جي علمي ۽ ادبي ڪاوش کي شايع ڪري،
سندس حوصله افزائي ڪئي آهي.
آئون خاص طور بورڊ جي لائق فائق سيڪريٽري محترمي
محمد ابراهيم جويي صاحب جو ٿورائتو آهان، جنهن خاص
طرح سان هن مسودي جي منهنجي اصلاح ڪيل مواد کي وقت
بوقت پئي نظر مان ڪڍيو آهي ۽ نهايت ڪارآمد مشورا
پئي ڏنا آهن.
اميد ته هي مختصر تذڪرو سنڌي ادب ۾ سهڻو سمجهڻ ۾
ايندو. والسلام.
غ. م ”گرامي“
عرض حال
18 جون 1953ع تي، جناب قبله ميران محمد شاهه ”مير“
۽ ٻين ساداتن سان گڏ، پلن جي دعوت تي، ”چپت جي
مياڻ“، نزديڪ ملا ڪاتيار ويل هوس. دورانِ گفتگوءَ
۾ شاهه صاحب جن فرمايو ته ”ڪهڙو نه چڱي ٿئي، جو
ٽکڙ جو احوال ۽ ٽکڙ جي شعراء ڪرام جي مختصر زندگي
۽ سندن ڪلام جو نمونو ڪنهن ڪتاب ۾ يڪجا ڪري
ڇپائجي.“
راقم الحروف جي بزرگ ڀاءُ، سيد محمد حافظ شاهه
ثانيءَ فرمايو ته؛ ”جيڪڏهن آئون پنهنجن ڌنڌن ڌاڙين
جي ڪري مصروف ۽ مجبور نه هجان ها، ته اهو ڪم جيڪر
هڪ مهيني اندر سرانجام ڪريان ها.“ آخرڪار اهو
بارگران منهنجي ڪمزور ڪلهن تي رکيو ويو. مون ته
سمجهيو هو ته آئون ويهن پنجويهن ڏينهن اندر ڪتاب
مڪمل ڪري سگهندس.
مگر قدرت منهنجي اٻوجهائيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ تي کلي
رهي هئي.
مون وٽ جد محترم علامه ”فدا“ جي چند نعتيه غزلن ۽
جد محترم محمد حافظ شاهه اول جي ڪجهه ڪافين کان
سواءِ ڪوبه مواد موجود ڪونه هو. ڳوٺ ۾ صرف هڪ
ماڻهو، جناب محمد خان ”غني“ هو، جنهن جي پڪ هيم ته
وٽس سندس بزرگن جو ڪلام ضرور موجود هوندو. باقي
ٻين شاعرن جي ڪلام يا سندس سوانح حيات بابت ڪابه
خبر ڪانه هئي. ڪي مهينا پراڻا ڪتبخانا ڳوليندي،
اديبن کي عرض ۽ آزيون ڪندي ۽ ناراننگر نهاريندي،
مس مس ڪجهه هٿ آيو ۽ ائين گهڻي محنت جي باوجود به
گهڻو عرصو لڳي ويو،. خدا جو شڪر آهي جو هي ڪتاب
نيٺ پايهءِ تڪميل تي پهتو.
بدقسمتيءَ سان آئون انهن خوش قسمت ۽ ڪهنه مشق
اديبن مان نه آهيان، جن جيڏيءَ مهل قلم هٿ ۾ کنيو
ته لفظن جو لا متناهي ذخيرو، پنهنجي سر تسليم خم
ڪري، سندن مضمون ۾ جاءِ وٺڻ لاءِ بيتاب ۽ منتظر
هوندو آهي. مون کي ته گهڻي تلاش ۽ جستجو کان پوءِ
به مس مس ڪو هڪڙو اڌ لفظ هٿ آيو آهي، جو مضمون کي
مرصع ڪري سگهي. ايتري به پڪ هيم ته منهنجو مضمون
گهڻين غلطين سان پُر هوندو ۽ هن ڳري ڪم ڪرڻ لاءِ
ڪنهن وڏي اديب جي ضرورت هئي. تنهن ڪري ڏڪندي ڏڪندي
هن ڪم ۾ هٿ وڌم، ۽ اڄ به خبر نه اٿم ته ڪيتري قدر
ڪامياب ٿيو آهيان.
آخر ۾ آئون سڀ کان پهرين جناب سيد ميران محمد شاهه
صاحب جو شڪر گذار آهيان، جنهن جي حڪم جي تعميل
ڪندي هن ڪتاب جو ڪم هٿ ۾ کنيم، ۽ جنهن مهرباني
فرمائي ديباچو لکي هن ناچيز جي ڪتاب جو ملهه
مهانگو ڪيو ۽ منهنجي عزت افزائي ڪئي، ۽ سندس هر
وقت مفيد مشورن ۽ بار بار همت افزائيءَ هن ڪتاب جي
پوري ڪرڻ ۾ منهنجي مد ڪئي.
مرهونِ منت آهيان جناب مرحوم سيد حاجي زين
العابدين شاهه جو، جنهن سيد ميران محمد شاهه اول ۽
ٽکڙ جي ٽنهي ڳوٺن جي عمومي احوال کان واقف ڪيو.
زير بار احسان آهيان جناب قاضي محمد خان ”غني“ جو،
جنهن جي مد کان سواءِ هي ڪتاب ڪڏهن به منظر عام
تائين نه پهچي سگهي ها.
شڪر گذار آهيان جناب استاد مولانا غلام محمد
”گرامي“ جو جنهن تقريظ لکي، ۽ هن تذڪري لکڻ لاءِ
منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي ”بهار اخلاق“ جا
چند پرچا ڏنائين، جن مان علامه ”فدا“ ۽ ”دلگير“ جو
ڪلام مليو.
شڪر گذار آهيان جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب
”خليل“ جو، جنهن وٽان ٽکڙ جي شاعرن جو چڱو ڪلام
مليو.
ٿورائتو آهيان آقا محمد ابراهيم جان جو، جنهن حضرت
آغا حسين جان ۽ آغا محمد اسماعيل جان جي زندگيءَ
جو احوال ۽ سندن ڪلام جو نمونو ڏنو.
پڇاڙيءَ ۾ اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته مون هڪ
تذڪره نويس جي حيثيت سان قلم هٿ ۾ کنيو آهي، ۽ حتي
المقدور ڪنهن جي بيجا مدح سرائي يا بيجا تعريف کان
گريز ڪيو اٿم. معتبر حقيقتن لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
البت جيڪڏهن ڪو بزرگ قابل تعريف آهي ته سندس حق
ٻوڙڻ مناسب نه سمجهي، سندس توصيف ضرور ڪئي اٿم.
”بنتي نهين هي ساغر و مينا ڪهي بغير“ (غالب)
ادب نواز طبقي کي گذارش آهي ته مطالعي ڪندي،
جيڪڏهن ڪا فني فروگذاشت ڏسن ته اها منهنجي ڪم
عمريءَ ۽ هن ابتدائي علمي ڪوشش ڏانهن محمول ڪن ۽
معاف فرمائين.
25_ قلعو، حيدرآباد خاڪسار
21_ سيپٽمبر 1956ع اسدالله شاهه ”اسد“
ٽکڙائي
ٽـکـڙ
ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري، متعلوي ساداتن
جي جراڙ خاندان جي هڪ سيد، شهمير شاهه کي، سندس
مرشد، ميان سيد حاجي رحه، جو ان وقت گهڻن مٽياري
ساداتن جو روحاني هادي هو.
حڪم ڪيو ته: ”تون لاڙ وڃ“، شهمير شاهه مرشد جي حڪم
کي لبيڪ چئي، پنهنجي پياري وطن کي ڇڏي، اڪيلو ئي
اڪيلو سيڻاهه تي چڙهي، درياء ۾ ٽپي پيو. مٽيارين
کان ترندو تعلقي گونيءَ ۾ ”ملا ڪاتيار“ کان ٻه ميل
اوري اچي پهتو ۽ اتي ئي پنهنجو ڳوٺ ’”وسي شهمير
شاهه‘ يا ’شهميراڻي وسي‘ جي نالي سان ٻڌائين.
ٻيءَ روايت موجب، ديهه هٽڙيءَ ۾ شهمير شاهه ۽ سندس
ڀائرن جي زمين هئي. انهيءَ زمين ۾ سندن برادريءَ
جا ٻيا به ڪي سيد ڀائيوار هئا. هڪڙي ڏينهن شهمير
شاهه جن گهر کان ٻاهر ويل هئا، ۽ اهي حصيدار سيد،
سندن والده وٽ آيا ۽ کانئس زمين جو حصو بخشائي
ورتائون. جڏهن شهمير شاهه جن گهر آيا، تڏهن اهو
احوال ٻڌي ڏاڍو رنجيده ٿيا، بيبي صاحبه به پوءِ
محسوس ڪيو ته؛ ’مون ناحق پنهنجو حصو بخش ڪري ڏنو!‘
انهن ئي پورن پچائيندي کيس ننڊ اچي ويئي، خواب ۾
رسول ڪريم ﷺ جن اشارو ڪيس ته: ’شهميير کي چئو، ته
لاڙ وڃي ۽ جتي منزل انداز ٿيندو اتي کيس زمين
ملندي.‘ پوءِ شهمير شاهه ماءُ واري انهيءَ خواب
موجب مٽيارين مان گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو ۽
انهيءَ هنڌ تي پهتو، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.
کيس لاڙ ۾، ڪجهه ناڻي سان ۽ ڪجهه مفت ۾ زمين ملي.
ٿوري وقت کان پوءِ سندس ڀائرن به مٽيارين مان لڏي،
اچي وسي شهمير شاهه ۾ ويٺا. آهستي آهستي هي ڳوٺ
وڌندو ويو ۽ مٽيارين
مان ’گولا‘، ’شيدي‘، ’ڳنڀير‘،’کٽي‘، ’ميمڻ‘ ۽
’هندو‘ به چڱي انداز ۾ لڏي اچي هت آباد ٿيا.
”جديد سنڌي شاعريءَ جي لکندڙ، ميان محمد خان ”غني“
جي دعويٰ موجب، سنڌي زبان ۾ موزون شاعري پهرين
پهرين هن ڳوٺ مان شروع ٿي، جن شاعرن موزون شاعريءَ
جي طبع آزمائي ڪئي، انهن مان نور محمد ’خسته‘،
حافظ عالي ۽ ميان ڇتن جا نالا قابلِ ذڪر آهن، پر
ڪنهن جديد شاعريءَ جو مرڪز ٺٽي ۽ ٻين شهرن کي ڏنو
آهي.
جيتوڻيڪ شهمير شاهه ۽ سندس ڀائر وطن کان پري هئا،
تڏهن به وطن وارن ماڻهن سان سندن گهرا تعلقات هئا،
۽ اڪثر مٽيارين ۾ ايندا ويندا هئا. سندن ڪجهه زمين
مٽيارين ۾ پڻ هئي، جا اڃا تائين سندن اولاد جي هٿ
۾ آهي. سندن قبرستان به مٽيارين ۾ ئي رهيو.
واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا! ڪج پنوهارن پاس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
جي مصداق جيڪڏهن ڪو سيد ’شهميراڻي وسي‘ ۾ وفات
ڪندو هو ته سندس لاش کي اتان کڻائي، مٽيارين واري
مقام ۾ دفن ڪيو ويندو هو. اهو سلسلو سيد ويڌل شاهه
تائين هليو، جنهن 1266هه ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ
سيدن جا لاش ڀر واري قبرستان ’شاهه ذڪريا‘ ۾ دفن
ڪيا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح سيدن جو سڱ پنڌ به
مٽيارڪي برادري مان ٿيندو هو. مثلاَ هاڻوڪي ٽکڙ جي
بانيءَ سيد ملوڪ شاهه جي والده به مٽيارين جي
موسيٰ خاندان جي ڄاموٽن مان هئي.
سنڌو نديءَ کي سنڌ جي ماڻهن ’پورالي نديءَ‘ جو
نالو ڏنو آهي. سندس انهيءَ بادشاهي پور، گهڻن
انسانن جون حياتيون تباهه ڪري ڇڏيون، ڪيترن اميرن
کي غربت جي هولناڪين ڏانهن اڇلي ڇڏيو. انهيءَ آر
کان ويچاري ’وسي‘ به پاڻ بچائي نه سگهي. درياءُ دم
۽ دهشت ڏيکارڻ لڳو، ماڻهن مجبور ٿي اتان ٽپڙ کنيا
۽ درياء کان ميل کن پري، جتي هينئر حسن علي واهه ۽
مير واهه آهن، انهن جي وچ واري ٽڪر جي سامهون ڳوٺ
ٻڌو. جيڪڏهن هن وقت انهيءَ ڳوٺ جو نقشو ٺاهجي، ته
سندس پڊ درياءَ جي پرينءَ ڀر ٿيندو.
انهيءَ ٻئي ڳوٺ کي به ’شهمير شاهه‘ جي نالي سان
سڏيو ويو، پر جيئن ته ڳوٺ کي ٽن طرفن کان پاڻي ڦري
ٿي آيو، انهيءَ ڪري کيس ’شهميراڻي وسيءَ‘ سان گڏ
’ٽکڙ‘ به سڏڻ لڳا.
ٻيءَ روايت موجب، ٽکڙ جو ڳوٺ اڳ ئي آباد هو، جڏهن
شهميراڻي وسيءَ جا ماڻهو لڏي، اچي هن ڳوٺ ۾ ويٺا،
تڏهن کيس ’شهميراڻي وسي‘ ۽ ’ٽکڙ‘ جي ٻنهي نالن سان
گڏي سڏڻ لڳا. ٿوري وقت کان پوءِ ڪثرت استعمال جي
ڪري پهريون نالو مرڳوئي حذف ٿي ويو.
انهيءَ ٽکڙ وڏا وڏا شاعر ۽ اديب، حڪيم ۽ عالم پيدا
ڪيا، جهڙوڪ: سيد محمد شاهه ’طيب‘، سيد ميران محمد
شاهه اول، حافظ ’حامد‘، حافظ محمد يوسف، محمد هاشم
’مخلص‘، سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه، قاضي اسدالله
شاهه ’فدا‘، سيد حاجن محمد حافظ شاهه ’حافظ‘
وغيره.
شهميراڻي وسيءَ سان سنڌونديءَ جهڙيءَ طرح الله
ڪارڻ هن کان اڳ به دشمني پئي ڪئي، تيئن ساڳيءَ طرح
سنڌو ندي هينئر به هن ڳوٺ کي ڳهڻ لاءِ ڳاٽ کڻڻ
لڳي. ماڻهو حيران ۽ پريشان هئا ته بچاءَ لاءِ ڪهڙو
حيلو هلجي.
انهن ڏينهن، سيدن ۾ سيد لوڪ شاهه گهڻي پئسي وارو
هو، تنهن نئين ڳوٺ ٻڌڻ جو ارادو ڪيو، ۽ ماڻهن کي
به دعوت ڏنائين ته ’نئين ڳوٺ لاءِ تيار ٿيو!‘
ماڻهن کي پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر درياء جي نذر ڪرڻ
ڏاڍا ڏکيا لڳا ٿي. ڇو ته گهڻا ماڻهو، سواءِ ڪن
ميمڻن ۽ هندن جي، کيتيءَ تي گذران ڪندا هئا، تنهن
ڪري تونگر ڪونه هئا جو روز روز پيا نوان گهر
ٺاهين، پر انهيءَ کان به وڌيڪ اها دقت درپيش هئي
ته هيترن سارن ماڻهن کي آباد ڪرڻ ۽ جاين جڳهين
بنائڻ لاءِ واڍا، رازا، ڪمي ۽ ڪاري ڪٿان اچن.
قسمت سان انهيءَ وقت سيد رڪن الدين رحمته الله
عليه مٽيارين واري جو سجاده نشين سيد حاجي ڇٽن
شاهه ٽکڙ ۾ آيل هو. شاهه صاحب پنهنجي وقت جو هڪ
ڪامل بزرگ هو ۽ خدا جي خلق سندس تعظيم بجا آڻڻ ۾
فخر سمجهندي هئي. ماڻهن پنهنجي ماجرا سيد صاحب
اڳيان عرض رکي. شاهه صاحب دردمندن جي داد لاءِ
بارگاهه اِلاهيءَ ۾ فرياد ڪيو ۽ سندس دعا مستجاب
ٿي، ۽ هاڻوڪيءَ ٽکڙ آباد ڪرڻ لاءِ، ڪمي ڪاري، رازا
۽ واڍا پاڻهي آيا ۽ ماڻهن جي ڄڻ اڌ مشڪل حل ٿي
وئي.
|