ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي جن چند ڳوٺن ۽ شهرن کي شاعرن ۽ اديبن جي
ڪري سڃاتو ويندو آهي، انهن ۾ ’ٽکڙ‘ به شامل آهي.
هيءُ ڳوٺ وڏي عرصي کان سنڌ جي ناليوارن شاعرن،
عالمن، محققن، اديبن، مدبرن ۽ عوامي خدمتگارن جو
مرڪز رهيو آهي. نور محمد خسته، حافظ عالي، ميان
ڇتن، ميران محمد شاهه (اول)، حافظ حامد، علامه
اسدالله شاهه ’فدا‘، محمد هاشم ’مخلص‘، حافظ
’دلگير‘، حافظ شاهه، حافظ ’بسمل‘، محمد خان ’غني‘،
ميران محمد شاهه ’مير‘، سعيد ٽکڙائي، حافظ شاهه
حسيني ’ناطق‘، ڊاڪٽر اسدالله شاهه ’اسد‘، ’بيخود‘
حسيني، شبير ’هاتف‘، امداد حسيني ۽ ٻيا لاتعداد
تخليقڪار، سنڌي ٻوليءَ جا قادرالڪلام شاعر،
نثرنگار، عالم ۽ علم دوست ٿي گذريا آهن، جن جو
تعلق ٽکڙن سان آهي. انهن نالن ۾ ”مخلص“ جو نالو_
طنز و مزاح ۾ قداور نظر اچي ٿو. حافظ حامد کي
’سنڌي شاعريءَ جو جان ملٽن‘ جي خطاب سان نوازيو
ويو آهي. ’خسته‘، حافظ عالي، ميان ڇتن جا نالا پڻ
سنڌي غزل جي بنيادي شاعرن ۾ اچن ٿا. انهن سڀني
شاعرن جو تعلق ٽکڙن سان آهي. انهيءَ ڪري ٽکڙ کي
’شاعرن جو شهر‘ سڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو،
ڇو ته مذڪوره نالا سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو هڪ بلند
مقام ۽ اهميت رکن ٿا.
جناب اسدالله شاهه ’اسد‘ ٽکڙائيءَ هن تذڪري ۾ 31
شاعرن جو ڪلام سوانح حيات سميت شامل ڪيو آهي.
تذڪري جي اڀياس کان پوءِ اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته
مصنف هن ڪم کي پايه تڪميل تائين رسائڻ لاءِ ڪيترين
دشوارين مان گذريو هوندو! هن تذڪري جي پڙهڻ کان
پوءِ ٽکڙ سان واسطو رکندڙ مذڪوره ڳاڻ ڳڻين شاعرن
بابت چڱو خاصو مواد ملي وڃي ٿو. خاص طور تي ادب جي
هن صنف تي کوجنا ڪندڙ محقق حضرات لاءِ هيءُ ڪتاب
هڪ ’ماخذ‘ جي حيثيت پڻ رکي ٿو، ڇو ته مصنف جتان
مواد حاصل ڪيو آهي، سندس اهي ذريعا معتبر نظر اچن
ٿا.
ڪنهن به تاريخ لکڻ لاءِ معتبر ماخذ ۽ مواد جي
ضرورت پوندي آهي. مستند تاريخ تي تڏهن ئي ڪم ڪري
سگهجي ٿو جڏهن اسان وٽ ماخذ جا ذريعا به معتبر
هجن. جڏهن اسان سنڌي شاعري يا ان جي جديد دور جو
تذڪرو ڪنداسين، ته اسان کي مٿينءَ راءِ تي به نظر
رکڻي پوندي. ادب جي ڪنهن به صنف بابت تذڪرا ته عام
جام ملندا، پر جنهن انداز ۽ مطلب سان تذڪرا لکجن،
سي گهٽ نظر اچن ٿا. ’تذڪره شعراء ٽکڙ‘ جي مواد جي
چونڊ ۽ ان جي ماخذ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي هن
تذڪري کي عام تذڪرن کان ڌار ڪري سٺن تذڪرن ۾ شمار
ڪري سگهجي ٿو.
اميد اٿئون ته هيءُ نئون ڇاپو مانوارن پڙهندڙ
دوستن جي خدمت ۾ قبول پوندو.
ڄامشورو، سنڌ انعام
الله شيخ
ڇنڇر 30 شوال المڪرم 1426هه سيڪريٽري
بمطابق 3_ ڊسمبر 2005ع. سنڌي ادبي
بورڊ
انتساب
هي ناچيز ادبي تحفو آئون پنهنجي والد بزگوار مرحوم
سيد الهه بخش شاهه جن جي نالي منسوب ڪريان ٿو، جن
جي وقت بوقت ادبي ۽ علمي ڪچهريءَ مون ۾ سنڌي علم ۽
ادب لاءِ محبت ۽ ادبي ميدان ۾ قدم رکڻ لاءِ اشتياق
پيدا ڪيو.
منهنجي دعا آهي، ته شال الله تعاليٰ سندن روح کي
راحت بخشي.
ناچيز
اسد
ديباچو
هن ڪتاب جي مصنف جي خواهش مطابق، ڪجهه ابتدائي لفظ
لکڻا پيم_ خصوصاً جڏهن ته نوجوان مصنف جي دل ۾ هن
بار جي برداشت ڪرڻ جو اولين جذبو منهنجي اُڪسائڻ
تي ٿيو. ازان سواءِ ڪيترن ٽکڙ جي شاعرن ۽ اديبن
کي، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، مون زندگيءَ ۾
ڏٺو، ۽ انهن سان صحبت ڪئي، جنهن ڪري انهن جي
رجحانات ۽ دورِ حيات جو مون کي مصنف کان زياده علم
آهي، تنهن ڪي هن ديباچي لکڻ جي ذميداري منهنجي سر
تي ڌري ويئي.
ڪرهء ارض جي سطح تي مختلف مقامات جون جداگانه
خصوصيات، طبعي توڙي ذهني، دست قدرت سان پيدا ڪيل
آهن. ڪنهن قطعه ارض ۾ ماڻهو جسيم ته ڪنهن ۾ حسين،
ته ڪنهن ۾ وري ذهين رهيا آهن. جنهن ڪري دنيا جي
ڪيترن ننڍڙن ڳوٺن جي دامن ۾ به ڪيترن فلاسافرن،
حڪيمن، ولين، شاعرن ۽ بهادرن ولادت ۽ پرورش پاتي
آهي. سر زمين ٽکڙ به انهن خوشبخت ڳوٺڙن مان ليکجڻ
گهرجي، جنهن جي گهواري ۾ ڪيترن گوهرن ۽ گهوٽن
پرورش پاتي آهي.
جيئن ته طبعي ماحول جي اثر جو انسان جي طبيعت تي
گهرو اثر ٿو ٿئي، تنهن ڪري ٽکڙ جي آس پاس جي دلڪش
مناظر، اديبن ۽ شاعرن جي دماغ کي وسيع ۽ تخيل کي
تيز ۽ طبيعت کي تر ڪيو ٿي.
اتر کان گنجي ٽڪر جون پر رونق قطارون، اولهه کان
درياءَ سنڌ جون لهرون ۽ للڪارون، ڏکڻ کان سرسبز
ساريون ۽ اوڀر کان وونئڻ ۽ جواريون، جن جي متحد ۽
موافق ماحول ٽکڙ جي رهواسين جي رڳ رڳ ۾ حسنِ
ڪائنات جو ڪيف ڀري ڇڏيو ٿي. اهڙي سر زمين ۾ اديبن،
فقيهن، حڪيمن، شاعرن ۽ مفڪرن جو پيدا ٿيڻ ڪو غير
معمولي واقعو نه چئبو.
بهرحال پنجويهن ٽيهن سالن کان قدرت جي ڪمهريءَ
ڪري، يا ’باشندگانِ ٽکر‘ جي بي شڪريءَ ڪري، هن
مردم خيز خاڪ تي تنزل جا بادل ڇانئجڻ لڳا. مثلاَ
حافظ شاهه، حافظ هارون، محمد هاشم ’مخلص‘ ۽ قاضي
اسدالله شاهه راهه ربانيءَ ڏانهن راهي ٿيا، جنهن
ڪري درجي بدرجي منجهانئس اها رنگيني گهٽجڻ لڳي.
آئون به حيدرآباد ۾ اچي سڪونت پذير ٿيس، سرهندي
بزرگ به هجرت ڪري ويا. ’بسمل‘ به ساڳي راهه اختيار
ڪري گهڻو وقت حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، جنهن ڪري ٽکڙ هن
مصرع جي مطابق وڃي رهي:
اڄ چمن مان چتون ويا چيها،
ات رهيا هن ڪلاب ڪارا ڪانگ.
مون ته ڀڳل ڀتيون ۽ ڪلر جا ڪوٽ ڏسي سمجهيو هو ته
هن سرزمين مان عندليت جو آواز چيهن جي چهه چهه ۽
ڪوئل جي ڪُو ڪوُ هميشه لاءِ مفقود ٿي ويا. شايد
شاهه لطيف عليه الرحمته جي قول مطابق ٽکڙ جي اولي
العزم شاعرن جا پويان پنهنجن بزرگن جي جوهر قلب
کان محروم رهجي ويا:
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنهين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
ڪٽين ڪُٽ لوهار، هاڻي انهن ڀيڻين.
مگر اوچتو گذريل جون مهيني ۾ ميان غلام مصطفيٰ
ميمڻ کان هڪ دعوت نامو مليو، جنهن ۾ ”ادبي انجمن
ٽکڙ“ جي سالياني اجلاس ۾ مون کي مدعو ڪيو ويو هو.
اتي وڃڻ سان نااميدي ۽ مايوسي، جيڪا منهنجي دل تي
طاري ٿي ويئي هئي، سا ڪافور ٿي ويئي. ڏٺم ته ڪي
نوجوان پنهنجي سلف صالحين جي نقش قدم تي هلي،
پنهنجي بزرگن جي روحن کان فيضياب ٿي، ادب جي عَلَم
کي وري ٽکڙ جي ڪريل ۽ ڪلراٺن ڪنگرن تي کڙي ڪرڻ
لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا آهن. نه فقط ايترو پر ڪيترا نو
عمر شعراءَ ۽ اديب به از سر نو پنهنجي وڏن جي
روايتن کي دهرائڻ لاءِ ڪوشان آهن، جنهن ڪري علم ۽
ادب جو سلسلو، جو ايامن کان هن سرزمين ۾ شروع ڪيل
هو، سو تا ابد قائم رهندو.
مٿئين جلسي ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا، جن سان به ياد
پارينه تازي ٿيندي رهي، تن مان معلوم ٿيو ته اڃا
به ٽکڙ جي اولي العزم شاعرن جو ڪلام ڪنهن نه ڪنهن
حيلي هٿ ڪري سگهجي ٿو، ۽ جيڪڏهن هن ڏس ۾ وڌيڪ ۽
ترت قدم نه کنيو ويندو، ته هي بي بها خزانو هميشه
لاءِ مدفون ٿي ويندو. انهيءَ ڪري وري به مصنف،
ميان اسدالله شاهه کي ترغيب ڏنيم ته پنهنجي پياري
وطن جي اُملهه ماڻڪن جي جوهر ۽ جوت کي، پنهنجي
خداداد ذهن ۽ نوڪِ قلم سان اجاري يڪجا ڪري، ته
آئينده نسلن کي ان مان فيض قلبي ۽ سرور دلي حاصل
ٿئي ۽ ٿيندو رهي. منهنجي هدايت جو ڪافي اثر ٿيو،
ڇو ته هن نوجوان وڏي جان فشانيءَ سان وسريل واقعات
ڏينهن ڏيهان ڏوري لڌا آهن ۽ بوسيده بياضن جي ورق
گرداني ڪري، اڏوهين جي پيٽ مان به ڪنهن نه ڪنهن
شاعري جي ڪلام جو حصو حاصل ڪري، پنهنجي مسودي ۾
داخل ڪيو آهي، جنهن ڪري آفرين ۽ تحسين جو لائق
آهي.
نوجوان مصنف شعراءِ ڪرام ۽ ادباءِ عظام جي سوانح
حيات سان گڏوگڏ سندن جاءِ پيدائش جي طبعي ۽ ذهني
ماحول جو به عمدو خاڪو ڪڍيو آهي، تنهن سان گڏ
مختصراً ٽکڙ جي باشندن جي عمومي ۽ اقتصادي ۽
معاشرتي زندگيءَ جو به نقشو پيش ڪيو آهي. مگر
”شنيدن ڪي بود مانند ديدن“ جو معاملو آهي. هن نو
عمر جوان اهو دور ديدن سان نه ديکيو هو، بلڪ ٻڌل
احوال لازماً لکيو اٿس. برعڪس ان جي مون ته انهن
من مست ڪندڙ مجلسن ۾ شرڪت ڪري، ساقيءَ جي ساغر مان
سرڪ چکي هئي، جنهن جو ڪيف، باوجود دور دوران جي ۽
باوجود مشرق و مغرب جي سير و سياحت جي، اڄ ڏينهن
تائين منهنجي دل و دماغ تي طاري آهي. شاهه صاحب جي
مصرع
جيڪي ڏٺو هو سو مون ڏٺو،
جيڏيون ڙي اوهان نا ڏٺو هو!
جي مصداق آهي. نه مون کي پئرس جي ”آپيرا هائوس“،
لنڊن جي ”آلبرٽ ٿئيٽر“ يا قاهره جي ”ڪسينو بدياه“
مان اها راحت روحاني رسي جا مرحوم محمد حافظ شاهه
جي اوطاق جي ايوان ۾ عيسيٰ ۽ موٽيي شيديءَ جي
ڪافين ۽ ڪلام ڳائڻ سان حاصل ٿي ۽ نه مون کي ڪڏهن
بمبئيءَ جي ”تاج محل“، لنڊن جي ”وار چيسٽر هوٽل“،
پئرس جي ”جارج دي سئنڪ هوٽل“، يا جرمنيءَ جي
”فرئنڪفرٽ هوف ڪلب“ يا مئڊرڊ جي ”ڪيفي روزا“ جي
ماحول ۾، سيني جو سرور ۽ دلي سڪون حاصل ٿيو. جو
’دائود موچيءَ‘ جي دڪان، ’قاسم کٽيءَ‘ جي ايوان ۽
’برهان لوهار‘ جي دود ۾ ويلن جا ويلا ويهي،
جونجهارن جون جنگيون ۽ جهلون، سگهڙن جون ڪوَتيون ۽
ڪهاڻيون، شاعرن جون في البديهه وايون ۽ وراڻيون ۽
’ٻڍي ڳنڀير‘ جون ڳجهارتون ۽ ڳالهيون ٻڌي حاصل ٿيم.
ماڻهن جو روزگار رب رٿي متعين ڪري ڇڏيو هو، ”ٿورو
رزق گهڻي برڪت، هوندي هئي. فراغت ۽ فراغ دلي، محبت
۽ مهمان نوازيءَ جو زمانو گذريو ٿي، جنهن ڪري ٽکڙ
جي باشندن کي اطمينان قلب حاصل هئڻ ڪري، هنن جي
دماغي قوت زياده قوي ٿيڻ لڳي ۽ هنن جي رقيق دل ۾
محبت جي ميخ به مضبوط کتل هئي. هر هڪ حسين شيءِ جو
عڪس هنن جي آئينه دل تي نقش ٿيڻ لڳو ٿي، جنهن ڪري
عالم تخيل ۾ پرواز ڪرڻ جي به هنن ۾ دست قدرت ڪافي
قوت ڀري ڇڏي هئي. وري جو علم ۽ عبادت ڏانهن به
’حافظ يوسف‘ جهڙن عالمن، ’قاضي اسدالله شاهه‘ جهڙن
فاضلن ۽ ’سرهندي بزرگن‘ جهڙن متشرع رهنمائن سندن
رخ ڦيرايو، تڏهن ته هيڪاري دين ۽ دنيا جي سعادتن
حاصل ڪرڻ جو کين ڪافي موقعو مليو. اهوئي سبب آهي،
جنهن جي متحد اثر هن ننڍڙي ڳوٺڙي جي هر هڪ باشندي،
پڙهيل خواه اڻ پڙهيل، جون دماغي دريون ايتريون
کولي ڇڏيون، جو يا ته خود في البديه شعر موزون چوڻ
تي قادر ٿيا، يا شعر ڳائڻ جو بهترين طريقو وٺڻ
لڳا. باقي ٻيا عموماً شعر سمجهي ان مان قلبي حظ
حاصل ڪرڻ لڳا. حتيٰ ڪه شام جو بازار جي وڏي چوڪ ۾
ڏسبو هو ته ماڻهو ڇلگيون ڇلگيون ڪري، مختلف هنڌن
تي يا ڪنهن مڪان تي شاعر جو تازو شعر پڙهي رهيا
آهن، يا منجهن نئين شعر تي تنقيدي بحث هلي رهيو
آهي.
افسوس آهي ته فاضل مصنف ٽکڙ جي اديبن جي جوهر کي
فقط هنن جي شعر مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
شايد هن کي انهن اديبن جي نثر نويسيءَ جو ڪوبه
نمونو دستياب نه ٿيو آهي. ورنه سون تي جڙاءَ جو ڪم
ٿي وڃي ها! جيتري قدر مون کي معلومات آهي ته انهن
اديبن مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، مان
ڪيترن جو نثر نويسيءَ ۾ به ڪمال حاصل ڪيل هو.
مثلاَ پراڻي ٺيٺ سنڌي عبارت ۾، ’حافظ يوسف‘ ۽
’ڏاڏي ميران محمد شاهه‘ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
”سڌا توري ۽ ڪڌا توري“
جو قصو يا ”مفيد الصبيان“ جيڪي ڏاڏي ميران محمد
شاهه، ’سر بارٽل فريئر‘ ڪمشنر سنڌ جي چوڻ موجب
لکيا، تن جي عبارت اهڙن نج سنڌي لفظن، محاورن ۽
جملن سان ڀرڀور آهي، جنهن جهڙي سنڌي هن وقت ڪو
مشڪل لکي سگهندو هوندو. اهي ٻئي ڪتاب اڄ به
”ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد“، ”فريئر هال لائبريري“ ۽
”ڪمشنر سنڌ“ جي لائبريريءَ ۾ ملي سگهندا. انهن کان
پوءِ حافظ محمد هارون پارسي خط نويسيءَ ۾ ته يگانه
روزگار هو، مگر سندن خوش خطيءَ کان علاوه، سنڌي
عبارت اهڙي رنگين ۽ سلوڻي ۽ برجستي هوندي هئي، جو
سمجهڻ ۾ ايندو هو ته ”بهارِ دانش“ يا ”گلستان
سعدي“ جي عبارت جو تتبع ڪيو اٿس. مرحوم محمد هاشم
”مخلص“ به نه فقط شاعر هو، مگر سنڌ جو هڪ ممتاز
نثر نويس هو، سندس قلم کي اها قوت ۽ جرئت هئي، جو
مشڪل ڪو سندس مقابلي لاءِ ميدان ۾ پير پائڻ جي
ڪوشش ڪندو هو. انهيءَ ڪري پاڻ گهڻو زندگيءَ جو
عرصو اخبار نويسيءَ ۾ صرف ڪيائين. مرحوم قاضي
اسدالله شاهه، باوجود سادي عبارت لکڻ جي به،
پنهنجي مضمون ۾ ڪافي دلچسپيءَ جا جزا ملائيندو هو،
جنهن ڪري سندس مضمون پڙهڻ مان ڪافي لطف ايندو هو.
ميان محمد خان ”غني“ به اڄڪلهه سنڌ جي ممتاز نثر
نويسن مان ليکجي ٿو. هن به ڪافي عرصو ميدانِ قرطاس
تي خامه فرسائي ڪئي آهي. ساڳيءَ طرح مون به ڪاليج
جي زماني کان وٺي، گاهه بيگاهه، نثر نويسيءَ ۾ طبع
آزمائي ڪئي آهي. ڪي منهنجا مضمون جهڙوڪ؛ ”گنجي ٽڪر
جو سير“ يا ”دل جي طلب“ بمبئي يونيورسٽي توڙي سنڌ
يونيورسي مئٽرڪ جي ڪورسن لاءِ مقرر ڪنديون اچن.
تازو مضمون ”سيرالحمرا“ آڪٽوبر 1953ع ۾ رسالي
”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو آهي، جو به گهڻن احبابن کي
پسند آيو آهي. ڪم فرصتيءَ ڪري وڌيڪ لکڻ جو موقعو
نٿو ملي. بهرحال هن مان ثابت ٿيو ته ٽکڙ جي اديبن
پنهنجي دقيق خيالن ۽ عميق امنگن کي کي نه فقط بحر
۽ وزن جي لڙهيءَ ۾ پوتو، پر عبارت آرائيءَ ۽ مضمون
پيرائيءَ ۾ به هو بامِ عروج کي پهتا.
افسوس فقط هن ڳالهه جو آهي، جو حوادثِ ايام کان ۽
پس ماندن جي غفلت شعاريءَ کان اها موتين جي مالها
ٽٽي ٽڪر ٿي پيئي، جنهن جو هڪ داڻو به ”يڪشمت
نمونهء خروار“ جي مصداق اڄ مشڪل ٿو ملي سگهي.
|