لڳاءِ وصل جو الله يا نبي مرهم،
جو هجر تنهنجي ۾ مدت کان دلفگار آهيان.
خدا جي واسطي محشر ۾ ڪج ڪا منهنجي مدد،
گناهگار سراپا سياهڪار آهيان.
گهرايو مون کي مديني ۾ جلد يا حضرت!
هميشه درد جدائي کان بيقرار آهيان.
______
حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪڏهن ”هارون“، ڪڏهن
”دلگير“ ۽ ڪڏهن ”حافظ“ تخلص ڪم آندو آهي. اها خبر
نٿي پوي ته پاڻ پنهنجو ڪو بياض ٺاهيو به هئائين يا
نه. نهايت گهڻيءَ جستجو کان پوءِ جيڪو سندس ڪلام
هٿ لڳو آهي، اهو ردي پنن، پراڻن لفافن ۽ ’مني
آرڊرن‘ جي ٽڪرن تي ڪجهه پينسل سان ۽ ڪجهه مس سان
لکيل آهي. ڪي ته اهڙا پنا آهن، جو هٿ لائڻ سان
ڀُريو ٿا پون. ڪي وري گهڻي ڊاٺ ڊوٺ جي ڪري، سمجهه
کان ٻاهر آهن. سندس ڪلام جي اڃا به جستجو جاري
آهي، جيڪڏهن ڪجهه ذخيرو ملي ويو ته انشاءَالله
تعاليٰ شايع ڪيو ويندو. هت ”مشتي نمونه خروار“ جي
مصداق سندس ڪلام جو انتخاب پيش خدمت آهي.
انتخاب
مزده ات باد اي دلِ بيتاب،
صبح عشرت رخ فگند نقاب.
از صفا رشک خلد بستان شد،
خيز و در پاي گل بنوش شڙاب.
در چمن ڪي وزد نسيم طرب،
نکهتِ نافه گشت عنبر ناب،
عالم مده باز يافت حيات،
فتنه افسرده گشت و رفت بخواب.
بحريفان، صلاي عام رسان،
دولتِ وقت نيک را درياب.
______
وارثِ علم نبي فاتحه خيبر حيدر،
دارورِ هر دوسرا ساقيء کوثر حيدر.
واقفِ سرِ خدا، فارس مضمار هدا،
مرکزِ امن و امان قاتلِ عنتر حيدر.
تاج دين کهفِ زمان حاميءَ هر فرد و بشر،
عالم سر نبي و حسن پيمبر حيدر.
ذات او مظهر اسرار خداوند کريم،
خلقت کون و مکان راشده مصدر کريم،
خلقت کون و مکان راشده مصدر حيدر.
آفتاب و فتد از تاب جمالش در تاب،
گر نقاب افگند از روي منور حيدر.
هم بيک حمله شمشير جهان سوز نمود،
پاي اسلام قوي، کفر مسخر حيدر.
گاه بيگاه به آيات کلامِ اَبدي،
آمد از اين همه توصيف مکرر حيدر.
ليس والله سويٰ مدحک لي کل زمان،
گشت وردِ دل من، دائم حيدر حيدر.
هست ”هارون“ ز صدقِ دلِ خود صبح و مسا،
بنده و خادم و مملوک ثناگر حيدر.
تا نگهداردش از جمله بليات زمان،
تا شفاعت کندش عام بمحشر حيدر.
اين جواب غزل آنست که ”مخلص“ فرمود،
”مظهر سرِ خدا نفس پيمبر حيدر.“
محمد ڪامل شاهه جي فرزند
محمد عادل شاهه جي وفات تي
سراي عالم آهي به هڪ عجيب مقام،
مسافرن کي هتي ڪو رهڻ جو ناهه دوام،
نه هڪڙي دم کان زياده ڪيو ڪنهين آرام،
عجيب تغير ڏيکاري گردشِ ايام،
ٿو بدلي رنگ فلڪ نت نوان صبح ۽ شام.
کليل رهي ٿي شب و روز شاهراه عدم،
کڻن مسافر ٿا جلد جلد پنهنجو قدم،
نه آهه قدرت ڪنهن کي رهي جو هڪڙو دم،
نه ان ۾ شبه ٿيو آهه ڪو خدا جو قسم.
فنا جي راهه ۾ دشوار آهه دم جو قيام.
هلو هلو، جو اچي ٿو پٺيان اهو آواز،
هي اهڙي راهه خطر جنهن کان جان ٿئي ٿي گداز،
کڻي نه ڪوبه ٿو سامان ۽ سفر جو ساز،
هلي ٿو ساڻ نه همراهه دوست ڪو دمساز،
صدا رحيل جي گويا ٿي موت جو اعلام.
ڪريو ڪو فڪر ته پنهنجي حيات فانيءَ جو،
ڪڍو ڪو رستو ادا عيش جاودانيءَ جو،
هتي لحاظ نه ٿيو پيري و جوانيءَ جو،
اهوئي آهه ٿيو حال زندگانيءَ جو جو،
ٿيو جهڙو شام جو خورشيد خاوري لب بام.
او بيوقوف حياتيءَ جو ڀروسو جنهن کي،
امير توڻي گدا کي ادا اجل ٿو سڏي،
مرڻ کان پاڪ نه ڪو پير ۽ جوان ٿئي،
اجل جي راهه ۾ هرگز نه ترسڻو ٿو پوي،
وڃن ٿا پوري اکيون راهه هن تان خاص ۽ عام.
مقام فڪر ٿيو انقلابِ ليل و نهار،
جي تندرست هئا ڪالهه، سي ٿيا بيمار،
جي اڄ ميض سي آهن ٿيا اجل جو شڪار،
ٿيو آهه درهم و برهم انهن جو ڪاروبار،
عزيز توڻي اقارب ۾ تن جو ٿيو ماتام.
نه استوار ٿيو بنياد عالمِ امڪان،
هزار رخنه ٿين ٿا هميشه جنهن مان عيان،
نشاط عيش ڪٿي، ڪٿ ٿيو آهه غم جو نشان،
ٿيو آهه آب قضا سان زمين تي طوفان،
هزار جنهن ۾ ٿيا غرق از سَحر تا شام.
هجي ڪو پير پيمبر ڪه صاحبِ عرفان،
رسول توڻي اولعزم نامور ذي شان،
ڪريون خيال ته ظاهر ادا هي آهه بيان،
ڪلام حق جو صفا ”کل من عليها فان“
سوا خدا جي نه ڪنهن کي ٿيو بقا دوام.
سفر ضرور سراي جهان کان آهه ڪرڻ،
قدم کي منزلِ ملڪ عدم ۾ آهه ڌرڻ،
هيءَ ڳالهه سچ ته سڀن کي ٿيو هڪڙي ڏينهن مرڻ،
ويو جو تنهن کي نه دنيا ۾ مور ٿيندو ورڻ،
مگر ٿيو باعث افسوس موت بي هنگام.
هي ڪير دارفنا کان ويو، ادا، افسوس،
هي ڪنهن جي داغ الم دل تي زخم ڪيا، افسوس،
هي ڪنهن جي رحلت کان چاڪ اڄ چڪيا، افسوس،
هي ڪنهن جي موت ڪيو حشر اڄ بپا، افسوس،
هي ڪنهن جي لاءِ ٿيا نوحه خوان خاص و عام.
هي ڪنهن جي موت کان ٿيو آهه هر بشير بيچين،
هي ڪنهن جي موت کان آهي ٿيو اندر بيچين،
هي ڪنهن جي موت کان سيني ۾ ٿيو جگر بيچين،
هي ڪنهن جي مون کان ٿيو آهه سارو گهر بيچين،
هي ڪنهن جي موت کان پهلو ۾ دل ٿي بي آرام.
جناب سيد سادات مير عادل شاهه،
سليم طبع، جوان بخت، بيڪسن جو پناهه،
جڏهن دنيا کي ڇڏيو ٿي هليو رباهي راهه،
پڙهيائين ”اشهد ان لااله الاالله“،
ڪيائين منزل پنهنجي وڃي به دارالسلام.
بيان ڪري نه سگهي ان جي وصف جو ڪا زبان،
مقر ان جي محاسن جا عاقلانِ زمان،
بلند همت، ذي خلق، صاحبِ ايمان،
محيط علم و ادب، فيض بخش فيض رسان،
سڀن جي وات ۾ آهي سندس صفت جو ڪلام.
ٿئي نه هرگز ان کي ملال تربت ۾،
بسر زمانهء برزخ ٿئي خواب رحمت ۾،
نبيءَ سان گڏ ٿئي محشور شل قيامت ۾،
الاهي لطف سان ڏي ان کي جاءِ جنت ۾،
هميشه روح سندس شل رهي بهشت مقام.
رهن عزيز ۽ ابوين، ان سندا آباد،
هجن زماني ۾ سڀ خويش ان سندا دلشاد،
حصول تن جي سدائين ڪجان تون دل جي مراد،
الم کان دهر جي تن کي رکج سدا آزاد،
بحق ابن ابي طالب و رسول انام.
خموش ”حافظ“ تن بيقرار اڄ ٿو ٿئي،
هي درد دل جو اِجهو آشڪار اڄ ٿو ٿئي،
سخن جو طول طبيعت تي بار اڄ ٿو ٿئي،
ٻڌي ٿو جيڪو اهو اشڪبار اڄ ٿو ٿئي،
هي تعزيت جو مخمس ڪ مرثيو ڪ سلام.
_________
آفتاب علم
روشن ٿيو جهان ۾ جڏهن آفتاب علم،
کوليو جڏهن دبير ازل جي ڪتاب علم،
مفتوح ٿيو زماني ۾ جنهن وقت بابِ علم،
قدرت جڏهن ڪئي دلِ انسان مناب علم،
پيدا ٿيو نور، علم بشر جي دماغ ۾،
الله ڪيو فروغ عطا ان چراغ ۾.
طوبيٰ کان خوشنما نظر آيو نهال علم،
روشن ڪمال مهر کان افزون ڪمالِ علم،
ٿيو رشڪ حسن، حور پريءَ جو جمال علم،
الله جي وصاول جو زينو وصالِ علم،
لاريب راه راست جو ٿيو علم رهنما،
پڻ معرفت خدا جو اهو آهه پيشوا.
جڏ تند باد علم کان گم ٿيو سحاب جهل،
تڏ سر عوام جي نالي لهي ويو عذاب جهل،
ڪاشانهء جهان جو ٿيو بند باب جهل،
قانون هر ۾ نه رهيو التهاب جهل،
چهرو ٿيو نور، عقل کان آئيني جي مثال،
سينو بشر جو علم کان گنجينه جي مثال.
دريا جي ٿيو بشر ته انهيءَ جو گهر ٿيو علم،
ذاتِ بشر چمن، ته شجر بارور ٿيو علم،
انسانُ جي شجر ته انهيءَ جو ثمر ٿيو علم،
جي آدمي ٿيو چشم ته ان ۾ بصر ٿيو علم،
با علم هوءِ ته نيڪ ۽ پڻ باصفا ٿئي،
بي علم هوءِ ته آڊمي انسان ڇا ٿئي؟
انسان جو ڪمال جي آهي ته علم آهه،
هڪ مال لازوال جي آهي ته علم آهه،
تصوير باجمال جي آهه ته علم آهه،
تنوير بي مثال جي آهي ته علم آهه،
پرديس ۾ جي يار ۽ مونس ته علم آهه،
غربت ۾ غمگسار ۽ مونس ته علم آهه.
بي علم، بي فروغ، اگر رشڪ حور آهه،
جي علم هوءِ ته راز نهان جو ظهور آهه،
يجور جهل، علم جي پرتو کان دور آهه،
اکين جو نور قلب و جگر جو سرور آهه،
بي علم خوش خصال ۽ جي باراغ آهه،
هڪ گهر عجيب آهه ته او بي چراغ آهه.
هي زر نه آهه چور جو جنهن تي هجي نظر،
هي سر نه آهه تيغ جو جنهن کي رسي ضرر.
هن گهر کي ناهه سيل جو ڪو خوف ۽ خطر،
هن آرسيءَ کي رنگ جو موران نه ٿئي اثر،
زينت ڪريهه جي ۽ ڪرشمو وجيهه جو،
زيور سفيهه جو ۽ ٿيو حليو فقيهه جو.
ٿيو شان لاءِ ناهي هي شوڪت جي واسطي،
شهرت جي لاءِ آهه نه دولت جي واسطي،
حجت جي واسطي نه خصومت جي واسطي،
ني عيش لاءِ مور نه عشرت جي واسطي،
بهرِ خودي نه هر جي تزئين لاءِ آهه،
علم آدميءَ کي وقف ٿيو دين لاءِ آهه.
واقف جو ٿيو هدايتِ ”لوڪان صين“ کان،
او منجهه عرب هجي ته پڙهي علم چين کان،
بيشڪ وٺي تمتع دنيا ۽ دين کان،
جو علم کي پڙهي وڃي ڪوشش يقين کان،
پهچائي سڀ کي علم معليٰ مقام ۾،
”دلگير“ جو چوڻ هي ٿيو آخر ڪلام ۾.
نظم:
ڳوليون ٿا اسين عيش کي، ۽ ناموري پڻ،
دولت به اسان کي ٿي کپي، بي هنري پڻ،
اعزاز ٿيو مطلوب، ۽ بيهود سري پڻ،
آوارگي منظور ٿي ۽ راهبري پڻ،
مقصود رفو آهه، مگر جامه دري پڻ،
گر پستئي همت ٿي، ته عالي نظري پڻ،
هي ڳالهه نه ممڪن ٿي، نه امڪان ۾ آهي،
ڊوڙون ٿا محالات پٺيان چيلهه کي ساهي.
بي ڪوشش و بي جهد ثمر ڪنهن کي ملي ٿو،
بي غوط زني گنج گوهر ڪنهن کي ملي ٿو،
بي خوف پيئڻ لقمهء تر ڪنهن کي ملي ٿو،
بي جور ڪشي تاج و ظفر ڪنهن کي ملي ٿو،
بي محنت ۽ رنج جي زر ڪنهن کي ملي ٿو،
بي ڪاوشِ جان، علم و هنر ڪنهن کي ملي ٿو:
جي رتبهء والا جا سزا وار ٿين ٿا،
پهرين سي مصيبت جا طلبگار ٿين ٿا.
قسمت جي برائي نه ٿيو تقدير سندو ڦير،
خود پنهنجي هٿن ساڻ ٿيو آهه هي انڌير،
تحصيل فضائل ۾ جوانو نه ڪريو دير،
علمن جي ممالڪ کي فتحياب ڪريو سير،
بزدل نه ٿيو آهه، ڪيو ان کي خدا شير،
ڪُهسار جي هئي تا به ڪريو اُن کي زبر زير:
جولان ڪريو علم جي ميدان ۾ عزيزو،
آخر ٿيا اوهين قوم مسلمان ۾ عزيزو.
صبح بهار يا بهارِ صبح:
بهار صبح جي آهي ڏنو پيامِ نشاط،
چمن ۾ آهه نئين سر ٿيو اهتمامِ نشاط.
ترانه سنج ٿيا شاخن تي طائرانِ چمن،
ادب سين غنچه ڏني اڄ صلاي عامِ نشاط.
شرابِ ذوق ترنم کان مست ٿي قمري،
چمن ۾ سرو ٿيو ميناي سبز فامِ نشاط.
ناهه شوق کي بيخود ڪيو آبادِ بهار،
گلن جو باده شبنم کان پر ٿيو جامِ نشاط.
نسيمِ صبح چمن ۾ ڦري ٿي موالي،
شميمِ گل کان معطر ٿيو مشامِ نشاط.
سوار نڪهت گل ٿيو هوا جي مرڪب تي،
ڪڏائي خوب سمند سڪ خرام نشاط.
بياضِ روي چمن يا ڪ جوش بوي بهار،
سوادِ گيسوي سنبل ٿيو يا ڪه شامِ نشاط.
فلڪ تي باده ڪشن لاءِ هيئن چوي خورشيد:
شرابِ نابِ صبوحي کان پُر ٿيو جامِ نشاط.
پيو پيو جو نه دائم رهي ٿو وقت بهار،
بهارِ عمر ڪٿي آهه، ڪٿ قيامِ نشاط.
پيو پيو جو نه دائم رهي ٿي موسمِ گل،
صداي عيش ڪٿي آهه، ڪٿ پيامِ نشاط.
سڄو چمن ٿيو طلسم نگار خانهء عيش،
گلن ۾ آهه ٿيو رنگ مئ دوامِ نشاط.
لٽايو آهه خمِ عيش ساقئ گردون،
خوشا نويدِ مسرت، خوشا پيامِ نشاط.
سڄي جهان کي آ سيراب تو ڪيو ساقي،
رهان ٿو بزم طرب ۾ مان تشنه ڪامِ نشاط.
مريد پير مغان جو به آهي هي ”هارون“،
ڪرم سان ڪر تون ان کي هڪڙو جامِ نشاط.
غزل
نه مئ پرست آهيان ۽ نه باده خوار آهيان،
فقط شرابِ محبت جو خواستگار آهيان.
ويو لنگهي جو اڳي هاءِ قيس ديوانو،
انهيءَ شهدِ محبت جو يادگار آهيان.
ڪٿي ٿي بلبلِ شيدا ڪٿي ٿئو پروانو،
آءٌ صدق دل سان انهن ساڻ رشته دار آهيان.
جگر ۽ قلب ۽ سيني ۾ منهنجي باهه ٻري،
مثال شعلهء جوالا شعلوار آهيان.
انيس ذوق محبت، حريف سبر و شڪيب،
برنگ ديدهء پروانه بيقرار آهيان.
متاعِ عمر گِرانمايه صرف سوز و گداز،
چشيده مزهء دردِ انتظار آهيان.
فداي ديد تماشاي عڪس وجد انگيز،
مثالِ سرو لبِ آب جوئبار آهيان.
فداي ديد تماشاي عڪس وجد انگيز،
مثالِ سرو لب آه جوئبار آهيان.
شگفتگئ طبيعت نصيب ناهه ڪڻم،
نه آهه عيش مگر رنج جو خمار آهيان.
رفيق رهروِ آواره خانمان برباد،
نشانِ منزل گم گشتهء ديار آهيان.
اسير دام تالف، رهينِ حسرت وياس،
بلاکشِ ستمِ دورِ روزگار آهيان.
نه خون فشان ڪوئي آيو نه گل فشان ڪوئي،
اميد دل جي رهي ۽ اميدوار آهيان.
دماغ چرخ تي ”دلگير“ ٿو رهي دائم،
جو ڪنهن جي واٽ ۾ پيو صورتِ غبار آهيان.
سيد شاهنواز شاهه
هن نالي سان ٽکڙ ۾ ڪوبه شاعر پيدا ڪونه ٿيو آهي.
صرف هڪ سيد شاهنواز شاهه هو، جو شاعر ته ڪونه هو،
باقي ٽکڙ جي نامور شاعر، سيد حاجي محمد حافظ شاهه،
سان خاص محبت ۽ دوستي هيس. رات ڏينهن اڪٿر وقت
حافظ شاهه سان گذاريندو هو. اکر سٺا هئس، انهيءَ
ڪري حافظ شاهه جون ڪافيون پاڻ ئي بياض ۾ درج ڪندو
هو.
شاهنواز شاهه جي نالي سان هڪ نظم بعنوان ”رات جي
بات“، ”الحق“ اخبار، موءرخه 3_ نومبر 1906ع ۾ شايع
ٿيو هو. نظم بي مثال آهي. پڙهڻ سان شاعر جي علمت ۽
قابليت جو پورو پورو پتو پوي ٿو. هن نظم سان گڏ،
ساڳيءَ اخبار ۾، حضرت شمس الدين بلبل مرحوم هڪ نظم
”ڏينهن شينهن“ لکيو، جنهن ۾ شاهنواز شاهه کي
”سيدالشعراء سخندان“ لکيو اٿس.
ٽکڙ جي جهونن ماڻهن جو خيال آهي ته اهو نظم حافظ
شاهه جو ٺاهيل آهي. ڇاڪاڻ ته کيس اخبارن ۽ رسالن ۾
پنهنجي ڪلام شايع ڪرائڻ جو شوق ڪونه هو، ٻيو ته
شاهنواز شاهه جي دوستيءَ ڪري ئي شايد هي نظم
شاهنواز شاهه جي نالي لکيو اٿس.
منهنجي ناقص خيال موجب هي نظم حافظ محمد هارون
”دلگير“ جو ٺاهيل آهي. ڇو ته انهيءَ نظم جي سنڌي ۽
حافظ صاحب جي نظمن ۽ غزلن جي سنڌيءَ ۾ ڪجهه نه
ڪجهه هڪجهڙائي پئي معلوم ٿئي. هوڏانهن حافظ شاهه
جي ڪلام سان هن نظم جو ڪو تعلق ئي نظر نه ٿو اچي،
۽ نه ئي حافظ شاهه، پارسيءَ جي اهڙن پيچيده لفظن
کي، پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي جاءِ ڏني آهي. والله اعلم.
بهرحال آءٌ شاهنواز شاهه جو اهو نظم پيش ڪريان ٿو:
”رات جي بات“
رات جو وقت ٿيو مخلوق جي آسائش جو،
رات جو وقت خيالات جي آرائش جو،
رات جو وقت خرابات جي افزائش جو،
رات جو وقت ٿيو ظلمات جي زيبائش جو:
ساعت امن و سڪون رمز و اشارات جو وقت،
طاعتِ رب علا، حمد و مناجات جو وقت.
مظهرِ خيريت جمله جهان رات جو وقت،
مصدرِ عافيت خواب گران رات جو وقت،
محضرِ راحت ۽ امن و امان جو رات جو وقت،
منظرِ قدرت خلاق زمان رات جو وقت:
رات جو وقت ملاقات مدارات جو وقت،
دلڪشا، رنج ربا، روح فزا رات جو وقت،
خواب نوشين جي سببه خواب پريشان جي سبب،
بزم عشرت جي سبب گوشه، حرمان جي سبب،
دور عصيان جي سبب طاعتِ سبحان جي سبب،
رات جو وقت عجب وقت ٿيو انسان جي سبب:
جنس عشرت جي سبب بيش بها رات جو وقت،
عيش خلوت جي سبب راهنما رات جو وقت.
رات جو وقت زهي وصل دلارا جي گهڙي،
عرض معروض جي اظهار تمنا جي گهڙي،
تاب تسڪين تسلي ۽ مدارا جي گهڙي،
مهر و الطاف مروت جي مداوار جي گهڙي:
ان جي قسمت ٿي چڱي، جنهن کي هيءَ سوغات ملي،
او چڱو جنهن کي سدا وصل سندس رات ملي.
چور رهزن جي سبب وجع طرب رات جو وقت،
قلب فاسق جي شرارت جو سبب رات جي وقت،
فاجرن کي سبب لهو و لعب رات جو وقت،
بهر بيمار دم رنج و تعب رات جو وقت:
رات ڪاريءَ کان ذرو ڪين جي زنهار ڊڄن،
پردهء شب ۾ بيءَ کان نٿا بدڪار ڊڄن.
رات جو وقت تضرع جو، پريشانيءَ جو،
دولتِ زهد رياضت جي نگهبانيءَ جو،
فڪر جو، خوض جو، خلوت جو، ثنا خوانيءَ جو،
ذڪر جو قلبِ منور جي درخشانيءَ جو:
ڪن رياڪار سڄو ڏينهن ريا جون ڳالهيون،
رات جو مرد خدا ڪن ٿا خدا جون ڳالهيون.
رات جي وقت پڙهڻ خوب ٿا تهجد جي نماز،
رات جي وقت ٿئي شوق سان ٿي شمع گداز،
رات جو ڪن ٿا مزا واهه جي عاشق جانباز،
رات جي واه ڪي تعريف تو اي ”شاهنواز“:
تنهنجو هي نظم ڏسي ”بلبل“ تحسين چوي،
جنهن مثل ڪونه ٻيو شعر ٿو شيرين چوي!
حافظ محمد عبدالله ”بسمل“
علامه حافظ محمد يوسف جو ٽيون ۽ ننڍي ۾ ننڍو
فرزند، حافظ محمد عبدالله: ”بسمل“ 1306هه ۾ موجوه
ٽکڙ ۾ تولد ٿيو.
تعليم و تربيت: تعليم و تربيت وٺڻ لاءِ پنهنجي
والد جو مڪتب ئي ڪافي هوس. سنڌي ۽ پارسيءَ جي
تعليم سان گڏ قرآن ڪريم به ياد ڪيائين. اتان فارغ
ٿيڻ کان پوءِ، علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وٽ عربي
پڙهڻ لاءِ ويٺو. مگر جلد ئي، پنهنجي والد جي وفات
ڪري، تعليم ڇڏي گهر جي ڪم ڪار ۾ ڀاءُ سان ٻانهن
ٻيلي ٿيڻو پيس.
گذر اوقات: حافظ محمد هارون کان پوءِ، پارسيءَ ۾
ماهر حافظ عبدالله ”بسمل“ ئي هو. ٽکڙ جي عالمن ۽
فاضلن جي آخري نشاني به حافظ صاحب ئي هو. سندس
زندگيءَ جو وڏو عرصو درس و تدريس ۾ گذريو. پر جيئن
ته ٽکڙ ۾ ڪا ايڏي آمدني نه هيس، انهيءَ ڪري 1335هه
ڌاري حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ ذريعه معاش
لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو رهيو.
مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي ته هن خاندان جي افراد کي
خدا تعاليٰ علم جي دولت سان سرفراز ڪيو هو، پر مال
۽ زر جي دولت کان بلڪل محروم رهيا. سندن ذريعو
آمدنيءَ جو فقط علم هو، جنهن مان کين ايڏو اپراسو
ڪونه ٿيندو هو، جنهن مان سکي ستابي زندگي گذاري
سگهن.
ڪجهه عرصو حيدرآباد ڇڏي وري ٽکڙ ۾ آيو، جتي حضرت
آغا حسين جان سرهنديءَ، حضرت صاحب جي درگاهه
(مقبره) واري مڪتب ۾ کيس معلم ڪري رکيو، جتي بنده
به ساڻس گڏ روانو ٽکڙ مان پنڌ ڪري درگاهه تي ويندو
هو ۽ وري شام جو موٽي ايندا هئاسين. مگر اتي به
حافظ صاحب جي آزاد طبيعت کي چين نه آيو ۽ اها
ملازمت به ڇڏي ڏنائين.
پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ مسٽر عبدالشڪور منشيءَ
جي زير نگراني، حيدرآباد مان، روزانه ”هلال
پاڪستان“ اخبار شايع ٿيڻ لڳي. پاڻ اتي ملازمت شروع
ڪيائين، کيس ساعر خاص ڪري رکيو ويو.
”هلال پاڪستان“، روزانو حافظ صاحب جو قومي ۽ نعتيه
ڪلام شايع ٿيندو هو. حافظ صاحب پنهنجي ڪلام جي
ذريعي ادب ۽ قوم جي ڪافي خدمت ۽ ترجماني ڪئي آهي.
حافظ صاحب پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪنج غم ۾ گذاريا.
بيمارين جي مسلسل حملن، کيس نحيف ۽ لاغر بنائي
ڇڏيو. ايڏي رقم ته هيس ڪانه، جو ترت علاج ڪرائي
سگهي، نه ئي وري اسان جي سڳوري گورنمينٽ سندس علاج
و معالجي ڏانهن ڪو توجهه ڏنو. کيس خود به پنهنجي
بچڻ جو امڪان گهٽ هو ۽ پنهنجي هڪڙي غزل ۾ انهيءَ
حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو اٿس، جنهن ۾ سندس بيماريءَ،
مفلسيءَ ۽ سنڌين جي بي قدريءَ جو نقشو نمايان اچي
ٿو. فرمائي ٿو ته:
هڪ ته پيري ٻيو وري مرضن ڪيو آهي هجوم،
هاڻ ڏسجي ڪيئن ٿو ”بسمل“ ناتوان زنده رهي.
افسوس، صد افسوس! حافظ صاحب 2_ آڪٽوبر 1950ع ۾،
پنهنجي عمر جا اٽڪل 64 سال ڪاٽي، هن جهانِ فاني
کان هميشه لاءِ منهن موڙي ويو. کيس ڪو نرينو اولاد
ڪونهي. هن خاندان جو حافظ صاحب آخري شاعر هو. سندس
ڀائٽيو حافظ الهه ڏنو، زماني جي مجبوري ڪري،
شاعريءَ کان بلڪل ناآشنا آهي. هاڻ ائين کڻي چئجي
ته هن قديمي خاندان جي شاعريءَ جو سلسلو في الحال
ته منقطع ٿي ويو آهي.
شعر و شاعري: حافظ صاحب جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل
يارهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿي. سندس پهريون استاد
سندس والد ماجد، حافظ محمد يوسف هو ۽ پوءِ حافظ
محمد هارون ”دلگير“. |