طبيعت: پير صاحب نهايت خليق ۽ ملنسار شخص آهي.
سندس ڪچهري نهايت لطف واري ۽ گفتگو رس واري آهي.
نثر نويسي: جيتوڻيڪ پير صاحب جو ڪو ڪتاب شايع ٿيل
ڪونهي، نڪي پاڻ ايترو نثر لکي ٿو، تاهم جيڪي ڪجهه
لکي ٿو سو نهايت مرصع آهي ۽ سندس زبان دانيءَ تي
دلالت ڪري ٿو.
شعر و شاعري: ننڍپڻ کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ
ڪري، پير صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس استاد خود
سندس والد ماجد هو.
سندس شعر پختو ۽ تخيل سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف
سنڌي محاوره وغيره سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر موجود
آهن. ڏوهيڙا وغيره به چيا اٿس.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
انتخاب
بيت
مران ته مرڻ جٺ، جيان ته جيئڻ نه اچي،
ڏکن ڏيل ڏڪائيو، سکن واري پٺ،
پوءِ مون کي سمجهي اٺ، سور سٿيائون سرتي.
________
سڙي سينو سوز مان، ڳرن دل جا ڳچ،
محبت منهنجي من ۾، اهڙا مچايا مچ،
فنا ٿس فراق کان، سهڻا سائين سچ،
هاڻي ڍولڻ ڍري اچ، ته اوريون حال اندر جو.
________
جهليون نه جهلجن، چڙهن نظاري نينهن جي،
اکيون امالڪ وڃيو ارڏيءَ پر اٽڪن،
ڇنان تا نه ڇجھن، جي تارون مڙهيون تن سان.
________
غزليات
سهڻا ڏسان ٿو سَوَ سڄڻ پر تنهنجو آهي ساز ڪٿ،
منجهه ملڪ لک لک لعل لب پر نازنين جو ناز ڪٿ.
ماڻهو چوان ابرو اکيون ڪاڪل ڪمر ۽ رنگ روپ،
آءٌ ٿو چوان ٻيو ڪجهه به نه، اوهو عجب انداز ڪٿ.
فونا وڄن، ريڊيا رڙن، ڪن هارمونيا هل حشر،
سارنگيون سرندا سوين، پر آهه اُو آواز ڪٿ.
ويا اوچتو حملا هڻي، جهاٽو جهٽي دل جو پکي،
نيڻن جا نخري ناز هئا، بيٺل الائي باز ڪٿ.
اک جي اشاري ساڻ جنهن سارو سڻايو راز دل،
هئي ماٺ جنهن جي مدعا سو رازدان ۽ راز ڪٿ.
مايا سوا ماڻين ته تون محبوب، مفلس! مفت ۾،
پر جنهن پکي کي ناهه ڪو، تنهن جو ڀلا پرواز ڪٿ.
ڪنهن سان سليان، سڀ ڪو پڇي،
ڪيئن لنئون لڳي، ڪنهن سان لڳي؟
ڏي ڪا خبر ٿيو عشق جو انجام ڇا، آغاز ڪٿ؟
مشڪڻ سان مارڻ جنهن جو ڪم،
گهورن سان گهايس جنهن صنم،
هئي سونهن جي سڀ ستم، سو تندخو طناز ڪٿ.
اڄ اوچتو آغوش ۾ پاڻهي اچي الٿا عجيب،
اهڙو نه ”ابراهيم“ کي اڳ هو مليو اعزاز ڪٿ.
________
اڄ عجيبن جي اکين عاشق سان ڪيا آزار ڪي،
اک ڇنڀيو اک ڇنڀ ۾ ڪن، اقرار ڪي انڪار ڪي.
ڪجهه اشارا ٿيا اکين جا، ڪجهه ٿي چرپر منجهه چپن،
خيال پنهنجا خوبرو، ان پر ڪيا اظهار ڪي.
ماڻڪيون محبوب جون ڪن ٿيون مڪمل مجلسون،
ڪنهن ڏٺا هوندا ڪڏهن اهڙا عجب اسرار ڪي.
سونهن جا سائينءَ ڏنئي تنهن کي سفيديءَ سان نه ڍڪ،
ڇڏ ته تجلا ترورا تنهنجا پسن پينار ڪي.
قدرتي پالش کي پائوبر سان تون ڍوليا نه ڍڪ،
ڇڏ ته چهري جا ٿين چمڪاٽ اڄ چوڌاري ڪي.
شرم جو آهي بهانو منهن جو هر هر هيٺ ٿيڻ،
گڏ ڪرڻ چاهي ٿو ان پر شوق جا انبار ڪي.
نانگ ڪر پاڻي پين پيا نور جي چشمي منجهان،
منهن تي محبوبن ڇڏيا اڄ ڇيڪ ڇوڙي وار ڪي.
قرب جي ڏي وٺ ۾ توکي ڪونه ڪس ڏيندو ڪڏهن،
وڻج ”ابراهيم“ سان تون، وصل جا واپار ڪي.
________
نينهن واريءَ نماز ۾ عشق کي تون امام ڪر،
سجدهء شوق لاءِ ادا پوءِ ڪو اهتمام ڪر.
سڌ ڪا اٿئي ته سارجي ٿو ڇا سان وره جو وضو،
آب جي جاءِ ان لئي خون دل ۽ جگر کان وام ڪر.
حسن جي شاهه وٽ وڃاءِ پنهنجو هُئڻ، هوس ۽ هٺ،
سنگ در سڄڻ کي تون عجز سان استلام ڪر.
پوءِ تون پاءِ پرت مان حُب سندي حرم ۾ پير،
قلب جي ڪعبي ۾ اچي قرب جو ڪو قيام ڪر.
اشڪ روان سان يار ڌوهست جو داغ پاڻ تان،
نيست ٿي نازنين جي ناز کي تون تمام ڪر.
آه جو دونهن ٿي وڃي گڏج ڪجل ۾ ڪنهن طرح،
محبت جي اک ۾ اهڙي پر پنهنجو وڃي مقام ڪر.
غم ٿي خوشي ٿي چاهه ٿي شوق ٿي انتظار ٿي،
دوست جي دل ۾ ڪنهن نه ڪنهن ويس ٿي تون دوام ڪر.
خاڪ ٿي پاڻ سان اُپاڙ گل، ۽ بٺي تي چڙهه، ٿي گل،
عطر ٿي پنهنجو آستان محب سندو مشام ڪر.
پاڻ کي ڄاڻي پاڻ پوءِ پرت جا پهه پچائين ڇو،
خام ”خليل“ خوامخواهه اهڙو نه خيال خام ڪر.
بر وفات حضرت خواجه محمد حسن جان رحه
اي دست روزگار تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو،
ڪيئن هٿ هڻي اجهائي ڇڏيئي ڏيهه جو ڏيئو.
جنهن کان سريو ٿي نور سڄي سنڌ هند کي،
جنهن جي شعاع، تاب هو سج چنڊ جو نيو.
جنهن تور ماپ ساڻ ورهائيون ڪڏهين ويون،
جنهن اوت ڪئي سدائين ڏنو فيض اڻ ميو.
جنهن پڻ اڃايلن کي مئي معرفت منجهان،
ڍڪ ڍڪ پياري ڊول عجب ساڻ ٿي ڍيو.
جنهن سان نظر نوازيو هر خواص و عام کي،
جنهن رب جي ڪڙي ۾ هو سڀ لوڪ کي ليو.
جنهن ڪس مپرس سان به ڪيون ڪيئي شفقتون،
درياڀ خلق جنهن جو ٿي ناڪس مٿان نيو.
جوهر ڪماليت ۾ رسيو هو ڪمال کي،
جنهن جهڙو ملڪ منجهه نه ٿيندو نه ڪو ٿيو.
اخلاق، حسن، بخت ۽ عرفان، علم و عقل،
ماڻيا ها جنهن مڙئي نه جهڙس هو ڪو ٻيو.
ڪير آهه اڄ خدا جي ڏسي ڪير معرفت،
سڀ ڪوئي پنهنجي پيٽ جي پَٽ کوهه ۾ پيو.
وحدت جي واٽ جو نه رهيو ڪو ولي و شاق،
سنسار سارو آهه مگر سڃ ٿي ويو.
تارا کڙن ٿا سج به ڪڏهن ڪو کڙيو ڪٿي،
ڪيئن سج کڙيو اسان جو ڏسو رنگ ڇا ٿيو.
جنت جو ٿيو جڙاءُ اچي منجهه آخرت،
دنيا ۾ هو ته جڳ سندو جنسار ٿي چيو.
وجهليو وجود سان سِڪي ويو سُڪي سرير،
ٿي خسته دل ”خليل“ جي ۽ زور زخميو.
قبلا سڪايلن جا قبولي سلام تون،
مرهون گهريج توکي خدا پاڪ مرهيو.
از فرط غم چيو مون ٻه آهون ڪڍي منجهان،
6 + 6 = 12
سرتاج اتقياي زمان، دين جو ڏيو.
1315 = 1377
سيد محمد سعيد شاهه ”سعيد“
سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ جو ڀائٽيو ۽ سيد ويڌل
شاهه جو فرزند محمد سعيد شاهه ”سعيد“ 1_ سيپٽمبر
1918ع ۾، موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو.
تعليم ۽ نوڪري: فائنل سنڌي اسڪول ٽکڙ مان پاس ڪري،
جلد ئي ماستر ٿيو، جتي پنهنجي قوم جي ٻارن کي
تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ جي
تلقين به ڏيندو رهيو. بندي کي پڻ سندس شاگرد ٿيڻ
جو شرف حاصل آهي. مون کي ياد آهي ته ڪلاس ۾ پاڻ
روزانو ڪنهن نه ڪنهن مسلم مجاهد جوتذڪرو ڪندو هو.
مصطفيٰ ڪمال پاشا سان سندس خاص عقيدت هئي. جڏهن
ڪمال پاشا وفات ڪئي، تڏهن سعيد صاحب سندس غم ۾
ٻارن جيان زارو زار روئڻ لڳو.
قومي خدمتون: سعيد صاحب آزاديءَ جي هر ڪنهن تحريڪ
۾ نمايان بهرو وٺندو هو. جڏهن خاڪسار تحريڪ جو سنڌ
۾ زور هو، تڏهن هن شخص ٽکڙ ۾ خاڪساريءَ جو پرچار
ڪيو. سندس ولوله انگيز تقريرون ڳوٺ جي هر مسلمان
جي دل ۾ جذبه آزادي بيدار ڪيو ۽ خاڪسارن جي هڪ
بٽئلين تيار ٿي پئي، جنهن جو سالار اعليٰ به پاڻ
هو. وري جڏهن مسلم ليگ مقصد کڻي اٿي تڏهن به سعيد
خان ان ۾ اهو ساڳيو حصو ورتو، جيڪو خاڪسار تحريڪ ۾
ورتو هئائين.
ڳوٺ ۾ عيدن جي موقعن تي جلسا ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ، تعمير
ٿيل مسجدن کي سينگارڻ ۽ ضعيف مسجدن کي از سر نو
تعمير ڪرڻ سندس خاص شغل هوندو هو.
شعر و شاعري: شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوس.
انهيءَ اشتياق کي علمي جامي پهرائڻ لاءِ
استادالشعراءَ ”بسمل“ مرحوم جو شاگرد ٿيو، جنهن
وٽان ججهو فيض پرايائين.
سندس غزلن ۽ ڪافين کي سندس هڪ شاگرد، دوسو مڱڻهار،
چڱي شهرت ڏني آهي. دوسو پيشيور ڳائڻو آهي، جتي
محفل ڄميس اُتي سعيد جو ڪلام ضرور ڳائيندو. شاهه
صاحب خود به هڪ سريلو ڳائڻو آهي. سندس ڪلام ۾ چڱو
سوز ۽ اثر آهي:
ڪجهه وقت کان هر شوق کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. الله
ڪري ته وري نئين جذبي سان اُٿي ۽ علم و ادب جي
خدمت ڪري.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
انتخاب
ڪافي
ڪڍ ظلم جا زور زنجير عمر،
وڃي جيئري ڏسان مان ملير عمر.
موٽي ملڪ رسان، پنوهار پسان،
هڪ جيڏين سان، پائي هار هسان،
مارو مير ڏسان، جن لءِ ٿي ڪُسان،
منهنجو سرتين سان، سچ سير عمر.
هُت کنوڻيون کِنوَن، ساوا گاهه گسن،
پُسيون لعلون پچن، ڇيلا ڇيڪ چرن،
ڪري ياد وطن، اکيون روز روئن.
نت نيڻ وهن ٿا نير عمر.
ڇڏ زور ظلم، ڪر ڪيم ستم،
سردار سندم، ڪر ترس مٿم،
لکئي لوح قلم، لاچار ڪيم،
هي نيئر وڌم، تقدير عمر.
وران شال وطن، پَساهه پوءِ پڄن،
مارو ساڻ هٿن، ڪن مون کي دفن،
لوئي ليڙ لٽن، آهي منهنجو ڪفن،
تنهنجا زهر لڳن، کنڊ کير عمر.
ڪر قيد اندر، اي ”سعيد“ صبر،
فرياد نه ڪر، تون شام و سحر،
منهنجو روڄ شهر، هن ڪوٽ اندر،
ڪندو نيٺ اثر، اي مير عمر.
غزليات
نعتيه
بشر کان ڪيئن پڄي سگهندي ثنائي سرورِ عالم،
خدا خود ٿو رهي مدحت سرائي سرورِ عالم.
لکين دنيا اندر ٿيا انبياءَ ۽ اولياءَ هادي،
مگر هڪڙو به ناهي ڪو بجائي سرورِ عالم.
شب معراج ۾ مولا، گهرائي مير مرسل کي،
ڏٺو رب عرش اعليٰ تي لقائي سرورِ عالم.
نه ان کي غم قيامت جو نه خطرو خوف دوزخ جو،
رهي جو جان ۽ دل سان فدائي سرورِ عالم.
شفاعت ڪج شفيع المذنبين محشر ۾ امت تي،
عذابِ نار دوزخ کان بچائي سرورِ عالم.
سڪايل ”سعيد“ جي شام و سحر هي التجا آهي:
سگهو مون کي مديني ڏي سڏائي سرورِ عالم.
________
ڪٿي ساقي، ڪٿي ساغر، ڪٿي ميڪش ۽ ميخانو،
ڏسي پيو روڄ رندن ۾ ڀڳل شيشو ۽ پيمانو.
نه ڏسجي ٿي صحرائيءَ ۾ اها ساقيءَ جي سرمستي،
ڏني جنهن جام محفل کي ڪيو مستيءَ ۾ مستانو.
سڪائين ڇو ٿو اي ساقي پياسيءَ کي پيالي کان،
ڪڏهن تو پي ڏنو مون کي ٿي پيماني تي پيمانو.
خدا جي واسطي رک پنهنجي شمع مينا کي،
پڇڻ ري ڪيئن رهي خاموش ساقي تنهنجو پروانو.
پڇاڙيءَ جو سڃاتم، ”سعيد“ دنيا جي حقيقت کي،
ڏٺم جيڪي سو هو سپنو، ٻڌم جيڪي سو افسانو.
________
دل جي هيءَ اجڙيل دنيا دلبر وسائين ڇو نٿو،
راهه الفت ۾ تون مون کي آزمائين ڇو نٿو.
سوز تنهنجي ۾ سڄڻ جي نينهن جا ناسور ٿيا،
تون دواي وصل سان تن کي ڇٽائين ڇو نٿو.
تير مزگان جي لڳڻ سان جان تڙپي ٿي مٺا،
خنجرِ ابرو سندم سر تي وهائين ڇو نٿو.
راهه ۾ پيو ٿو رلي منهنجو جنازو بي ڪفن،
پنهنجي پيرن سان پرين لاشو لٽائين ڇو نٿو.
اي صنم توکي سڏيان مان باوفا يا بيوفا،
”سعيد“ جي سامهون اچي برقعو هٽائين ڇو نٿو.
________
خدارا صنم تون نه مون کان خفا ٿي،
وڻي مون کي تنهنجي مٺا هيءَ جفا ٿي.
دنيا بيوفا، بيوفا ٿيو زمانو،
وفادار تقدير خود بيوفا ٿي.
اميدن جو گلشن به ويران ٿي ويو،
غرض دل جي هر آرزو وئي فنا ٿي.
ٿي حسرت ئي حال منهنجي تي مون سان،
پيان خون دل ٿو سندم غم غذا ٿي.
ڏسي نبض هاڻي ڪندو ڇا مسيحا،
”سعيد“ رهيو دردِ دل لادوا ٿي.
________
اڄ عمر مون کي اباڻن جا اندر ۾ پوُر پيا،
سوز سانگين جا سندم سيني اندر ناسو ٿيا.
ظلم زوريءَ ساڻ ظالم ڪئي پنوهارن کان پري،
ساهه کي سرتين سندا سامهون هزارين سور ٿيا.
آئي مند موٽي مينهن جي ٿيون ملهاريون منجهه ملير،
هُت پسن پل پل پکا هِت چشم چڪندي چور ٿيا.
قيد قسمت جا هي ڪاٽي شل وطن واپس وران،
ظلم ۽ ڏک، ڏاڍ تنهنجا مون کي سڀ منظور ٿيا.
سهه ”سعيد“ سر تي سختيون سور سانڍج ساهه ۾،
ڪير لهندءِ ڪل هتي ڏوٿي ڏکيءَ جا ڏور ٿيا.
سيد محمد حافظ شاهه ”حافظ“
علامه اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو ۽ سيد حاجي محمد
حافظ شاهه جو ڏوهٽو ۽ سيد الهه بخش شاهه جو وڏو
فرزند محمد حافظ شاهه ”حافظ“ تاريخ 22 فيبروري
1928ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو.
تعليم و تربيت: ”حافظ صاحب سال ٻه جناب ”دلگير“
مرحوم وٽ ديني علم پڙهيو. ان بعد، سنڌي چوٿون درجو
پاس ڪري، حيدرآباد ۾ ’اڪيڊمي هاءِ اسڪول‘ ۾
انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. ٽئين درجي
۾ وري ’نور محمد هاءِ اسڪول‘ ۾ انگريزي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. 1945ع ۾ ’بمبئي يونيورسٽيءَ‘
مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1951ع ۾ بي_ اي (آنرز) ۽
ايل ايل بي پاس ڪيائين. هينئر ٽنڊي محمد خان ۾
وڪالت ڪري رهيو آهي.
نثر نويسي: نثر سان شاهه صاحب جي ننڍپڻ کان وٺي
دلچسپي رهندي آئي آهي. هيل تائين سندس ترجمو ڪيل
ڪتاب ”تباهي“، ”آئين زندگي“، ۽ ”داستانِ غم“ ڇپجي
چڪا آهن.
شاهه صاحب جي ادبي خدمتن جو نتيجو آهي، جو سندس
زير نگراني ”اداره سنڌي ادب“ ٽنڊو محمد خان قائم
ٿيو، جو ٻن سالن کان سنڌي ادب جي شوقينن کي هر
ماهه ڪونه ڪو علمي ۽ ادبي تحفو ڪتابي صورت ۾ پيش
ڪندو رهي ٿو ۽ باقاعدگيءَ سان ڪتابي سلسلو هلائي
رهيو آهي.
شعر و شاعري: شاعريءَ ڏانهن سندس ڪو خاص لاڙو ڪونه
هو. مگر هاڻي ڪجهه وقت کان شعر چوڻ شروع ڪيو اٿس.
اڃا شاعريءَ جون ابتدائي منزلون طع ڪري رهيو آهي.
تاهم سندس ڪلام ۾ چڱو رنگ ۽ رس آهي، اگر مشقِ سخن
جاري رهي، ته پوءِ اميد آهي ته سندس ڪلام اڃا به
سهڻو ٿي پوي.
انتخاب
ڪافيون
پنهل پسڻ کان آهي ڏور،
ساعت سهڻل ري نه سري.
ساجن سرتيون ساڻ نيائون،ڏير سندم پر قهر ڪيائون،
پيم پنهونءَ جا پل پور،
ڳڻتين ۾ جيءُ منهنجو ڳري.
باهه ڀنڀور کي ڏينديس ڀينر، ڪيچ ڏانهن ڪاهي وينديس
ڀينر،
ورنديس ور ري ڪين مان مور،
ٿينديس پٻ کان پل ۾ پري.
روڄ روئڻ ۾ حال وڃايم، عشق سڀئي آرام ڦٽايم،
نينهن اندر ڪيا ناسور،
باهه برهه جي دل ۾ ٻري.
رڙهنديس روئنديس هلنديس آءٌ، پنڌ پنهل جو پڇنديس
آءٌ،
هاي هلڻو آهي ضرور،
ڏينهن تپي يا رات ٺري.
هوت حمايت ”حافظ“ تن جو، قرب ٿيو ڪامل يار سان جن
جو،
وڃ نه بنهه تون بس وهلور،
ڪيچي ايندا قرب ڪري.
________
ڪانگل ڪر ڪا پرينءَ پچار،
ڏاڍا ڏکيءَ کي ڏينهن ڏٺي ٿيا.
قرب ۾ قيد قريب ڪري ويو، پختو پائي پيچ، پري ويو،
برهه بنهه ڪيو مون بيمار،
ويڄ ولهيءَ لءِ ڪيئي ڪُٺي ٿيا.
دردن دل ۾ دونهن دکايا، دانهُن سان مون عرش دٻايا،
ساجن لهي من منهنجي سار،
آس انهيءَ ۾ ورهه ويٺي ٿيا.
خوش ٿي کيانتا سنهيو سڻائي، سڄڻ ڏنئي جو لوڪون
لڪائي،
ڌيان ڌري چئو ڪيم وسار،
چيت ۾ توکي ڏينهن چيٺي ٿيا.
”حافظ“ جو ڪجهه ڪانگ،چيئي ڪو،پرينءَ کي پائي پاند،
چيئي ڪو،
ورڻ جو چيس ڪو ڪر ويچار،
سال گهڻا گهر تنهن کي پيٺي ٿيا.
غزليات
اچ اڱڻ منهنجي عجيبا پرت مان پيرا ڀري،
تو سوا سهڻا سڪايل جي نه ساعت ٿي سري.
درد دل ۾ ڪئين دکيا، ٻيا سور سامهون ٿيا سوين،
هجر ۾ هاري هنجون، هت هاڻ هيڻي ٿي ڳري.
اڄ نهوڙي نينهن مون نيو، ناسور نوڪن نيٺ ڪيا،
دل مٿي دائم برهه جي، باهه ٻهڳڻ ٿي ٻري.
رات جو تارا تڪيندي، ڏينهن ڏسڪڻ ۾ وڃي،
آهه آهيان عشق جي، اوکي اچي ويو منجهه آري.
ويڄ ٿيا وهلور ۽ موٽي مسيحا پڻ ويو،
هڪ نظر تنهنجي مٺا ٿي درد جو دارون ڪري.
حال ”حافظ“ جو پسي، وائي وڃڻ جي ڪيم ڪر،
دم لبن تي آهه هاڻي، پل نه ٿي هڪڙو پري.
________
ٿو لڳي ويران چمن اي همنوا توکان سوا،
ڪين ٿي دل کي وڻي مٺڙي صبا توکان سوا.
اچ هلي هيڪر هتي تون، مهر مون تي ڪا ڪري،
ٿي ڏکي گذري گهڙي اي مهلقا توکان سوا.
دلربا دلدار دل کي ڏي اچي ڪا دلبري،
ٿو عدو سمجهي رکڻ تهمت روا توکان سوا.
دم لبن تي آهه هاڻي ٿي ويا پويان پساهه،
ٿيو بدن بيمار هاڻي بي بقا توکان سوا.
سور سهندي سال لنگهيا، لهه سڄڻ تون سار ڪا،
درد منهنجي جي نه ٿيندي ڪا دوا توکان سوا.
حال ”حافظ“ جو اچي هيڪر پرين تون پاڻ پس،
ڪونه هرگز ڪو ڪندو، مرهم شفا توکان سوا.
________
تمنا منهنجي دل جي يا الاهي شل ٿئي پوري،
پس اکڙيون عجيبن کي وڃي ٿئي ختم هيءَ دوري.
ڪٿي چنڊ ۽ ڪٿي تارا ڪٿي ڪتيون ڪٿي سورج،
وڃن بي نور ٿي سڀ، جي ڏسن ساجن جو منهن نوري.
لڇان ڦٿڪان پچان پڄران نه ڪنهن دم چين آ مون کي،
برهه ڀڙڪائي منهنجي دل اندر هي آهه جا کوري.
رقيبن جي اچي نرغي ۾ ويو ساجن،
شراب وصل تن پيتو، سَري پر مون کي معذوري.
سنيها سَوَ مڪا مون پر نه آيو مهلقا مورؤن،
ملڻ جي مون سڪايل سان ملي تنهن کي نه منظوري.
سمايل آ سندم سر ۾ سرور و ڪيف اڄ تائين،
جڏهن کان هن کنيا مون ڏي هئا ٻئي نيڻ مخموري.
گلاب ۽ مويو مگرو چنبيلي ٿا ٿين حيران،
پسيني جي سڳنڌ سان ڇا ٿئي مٽ بوي کستوري.
سندس نام و نشان ڪنهن کي نه هو معلوم ڪڏهن ڀي،
مگر منهنجي محبت کان ملي هئي هن کي مشهوري.
نه ”حافظ“ کي ٿيو حاصل ڪو ثمرو پنهنجي الفت جو،
هتي ٿيو پورو دم منهنجو، هتي ٿي هن کي مغروري.
محمد آچر ”نظير“
محمد آچر ولد جمال خان، 11 اپريل 1930ع ۾، موجوده
ٽکر ۾ ڄائو.
تعليم و تربيت: ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين ۽ تيز فهم
هوندو هو. ڪلاس ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو.
سنڌي فائنل پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار
ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
۾ وڌيڪ سکيا لاءِ داخل ٿيو، جتان ٻه سال پڙهي پاس
ٿيو. هينئر تعليم کاتي ۾ هيڊ ماستر آهي.
طبيعت: خوش طبع ۽ هنس مک آهي. سندس ڪچهري لذت ڀري
آهي.
شعر و شاعري: شاعريءَ جو شوق گهڻي عرصي کان اٿس.
سندس ڪلام چڱو آهي.
سندس ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
انتخاب
اڙي نادان بلبل چئو چمن کي آ بقا ڪهڙي؟
ڪرين ٿي ناز جنهن گل تي انهيءَ ۾ ٿي وفا ڪهڙي؟
ڪرين ٿي ناز نخرا نينهن جا نو رنگ نغمن سان،
ٻڌائج بلبلا جلدي انهيءَ جي انتها ڪهڙي؟
ڪرين ٿي چاهه مان چه چه گلن جي پاسبان ٿي تون،
مگر اجڙي چمن ويندو ڪندينءَ تنهن جي دوا ڪهڙي؟
بهاريون ختم ٿي وينديون، خزان آئي، اجها آئي،
خزان ۾ بلبلا گل تي ڪندين ناز و ادا ڪهڙي؟
”نظيرا“ تون حقيقي گل مٿي ڀل ناز ڪر هردم،
اهو گل وصف کان بالا، ڪجي تنهن جي ثنا ڪهڙي.
اسدالله شاهه ”اسد“
نه شاعر نه اديب نه عالمن ۾ شمار، مگر ماحول جي
تقاضا شمار ڪرايو. منهنجي تاريخ تولد 12 اپريل
1931ع آهي. سندم والد بزرگوار جو نام اسم گرامي
سيد الهه بخش شاهه آهي.
1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيم. بي_ اي سنڌ يونيورسيءَ ۾
پاس ڪيم ۽ هاڻي لنڊن يونيورسيءَ ۾ بي_ اي ڪري رهيو
آهيان ۽ پڻ سنڌي زبان جي ريسرچ واري محڪمي ۾
اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو آهيان.
جنوري 1953ع ۾، جناب سيد ميران محمد شاهه جڏهن
منهنجو ڪلام ڏٺو، تڏهن چيائين ته: ”شعر ٺاهڻ وڏي
ڳالهه آهي، تون ته بلڪل ڪونه ٿو ڄاڻين.“ انهيءَ
ڏينهن کان پوءِ استاد وٺڻ جو خيال ڪيم. جناب ”غني“
صاحب منهنجي شوق کي تاڙي ورتو ۽ مهرباني فرمائي
وزن بحر سمجهائي دڳ لاٿائين. انهيءَ کان پوءِ جناب
قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ۽ جناب
مولانا غلام محمد صاحب ”گرامي“ جي صحبت ۽ سندن
اصلاح مان فيض پرائي رهيو آهيان.
يادگار طور پنهنجي ٽٽل ڦٽل ڪلام مان ڪجهه پيش
ڪريان ٿو:
انتخاب
بيت
رڙهان ۽ روئان، ساجن تو ساري،
اچان شال ”اسد“ چئي، تنهنجي اوتاري،
ماريو ٿو ماري، ورهه تنهنجو ولها.
________
الستان اڳ لڳي، منهنجي لنئون لالن سان،
رليس ايئن رانجهن سان، جيئن وارن ۾ سڳي،
تنهين ري تڳي، آءُ نه سگهان مورئون.
________
اسان کي الله، پرين پسائين پنهنجا!
انهن سوا واهه، ڪانهي ڪا ڪُٺن جي.
________
الله اچي شال، ڪانگو قريبن جو،
سوين ٿيئڙم سال، ساري سپرين کي.
ڪافيون
محبوب منهنجا ماهرو، مون کان ڇو وئين منهڙو مٽي
نيڻن جي نازڪ ناز سان، مشڪي عجب انداز سان،
سينگار جي سؤ ساز سان، جهٽ پٽ وئين دلڙي جهٽي،
شهباز تنهنجو عشق ٿيو، ڄائي چنبن ۾ چست ويو،
هڪڙي ئي تنهن حملي ڇڏيو، چيري، چٿي، ڦاڙي، ڦٽي.
سي محفلون سي مجلسون، جن ۾ نه هئي ڪا تون ۽ مون،
افسوس دلبر تن سنديون، ڇا کان ڇڏيئي پاڙون پٽي.
آخر ”اسد“ آيو اجل، مهلت ڏنئين هڪڙو نه پل،
ميٽي سنديم خاميون خلل، هي لوڙهه شل لالن لٽي.
________
يار نه ڇن تون ياري، وي،
معاف مُٺيءَ جون ڪر تون مدايون.
ورهه تنهنجي ۾ ولها آءٌ،
روز وسايان واري، وي،
محب ملڻ جي منهنجي من تي،
تات رهي ٿي طاريهه، وي،
راتيون ويهندي ويهندي وهايون.
گهوٽ گهڙي ڪا تنهنجي هجر ۾،
مون کان نه ٿئي ٿي گهاري، وي،
ساريو صحبت تنهنجي ساجن،
رت روئي ڪريان زاري، وي،
عشق اڙانگي متيون منجهايون.
محبت تنهنجي محب مُٺي هيءَ،
موت کان اڳ ۾ ماري، وي،
دردونديءَ کي تو ري دلبر،
ڪير ڏئي دلداري، وي،
موٽ، وڇوڙي واهون وڃايون.
مند مينهن جي موٽي آئي،
باغن ۾ ٿي بهاري، وي،
عيد ملهائي سڀني ڏسندي،
جهڙ ڦڙ مينگهه ملهاري، وي،
اکڙيون ”اسد“ جون آهن اڃايون.
غزليات
مون سان قرب تنهنجو، اي ماهرو، مون کي ياد آ، مون
کي ياد آ،
منهنجي دل ۾ ٿو وسين تون ئي تون، مون کي ياد آ،
مون کي ياد آ.
سو ڪو دور هو، تو اي جان جان، مون سان ذوق شوق
پيار سان،
جا مِٺي ڪئي ٿي سا گفتگو، مون کي ياد آ، مون کي
ياد آ.
مون سان دور فصل بهار ۾، ٿي ملين گلن جي قطار ۾،
سو مقام بر لبِ آبجو، مون کي ياد آ، مون کي ياد آ.
تون وئين چمن ته خزان ٿي وئي، تو کلئين مٺا ته
ڪَلي کُلي،
گل جذب ڪئي تو مان رنگ بوُ، مون کي ياد آ، مون کي
ياد آ.
خم و پيچ جو قسم، تو لءِ گهاٽ گهر کي ڇڏي صنم،
مون گهٽي گهٽي ڪئي جستجو، مون کي ياد آ، مون کي
ياد آ.
ڪري قتل تيغ جفا سان تو، مون کي ڦٿڪندي پئي مٺا
ڏٺو،
منهنجي خون سان پوءِ ڪيهءِ وضو، مون کي ياد آ، مون
کي ياد آ.
ڌڪي در تان تو هي ”اسد“ مٺا، چيو بيحجاب ٿي برملا،
”پيو رلي ڦري ڀلي چار سو“، مون کي ياد آ، مون کي
ياد آ.
________
لڳائي نينهن جو نعرو، نسنگ نانگا نچي ڪي ڪي،
ڏکي پڙ پرت جي ۾ پير، پائيندا اچي ڪي ڪي.
ڪسوٽي قرب جي اهڙي مٺي محبوب وٽ آهي،
کريل کوٽا ڀڄي ويا هڙ، ٿيا ريٽا رچي ڪي ڪي.
نه آسان عشق آهي، تون نه ڪر سڌ بوالهوس ناحق،
هي مرندا وري جيئندا، پتنگ وانگر پچي ڪي ڪي.
هزارين هُل هلاچا هن جهان جي عشق ۾ آهن،
بري هن بحر مان نڪتا، بهادر پر بچي ڪي ڪي.
لباسِ زهد سان سجاده تي ويٺل گهڻا ڏسبا،
خبر سهڻي جي صادق پر سڻائيندا سچي ڪي ڪي.
ٻٽاڪن سان کٽي آهي ڪڏهن ڪنهن قرب جي بازي،
محبت جي اي يارو ڏور، ڏوريندا ڪچي ڪي ڪي.
ڊڄي آخر ڀڄي ويا ڪي، ڪِنهين جو ويو نشان گم ٿي،
”اسد“ منزل تي پهتا مرد ٿي مانجهي مچي ڪي ڪي.
نظم
هو ياد ڪر ڪي راتيون، هو مٺڙيون مٺڙيون باتيون،
جي تنهنجي منهنجي وچ ٿيون، نه دل تان منهنجي سي
ويون،
هو عيش و ڪيف جو مزو،
هو تنهنجو منهنجو چهچٽو،
هو تنهنجو مون تي ڀروسو،
هو منهنجو توتي آسرو،
هو ناز ساز سوز جو، اٿيل دلين ۾ ولولو،
نه هوش جنهن ۾ ڪو رهيو، هو ڏينهن جو نه رات جو،.
ٿئين نه مون کان دم پري،
نه تنهنجا پيچ و خم پري،
هو رنج و غم الم پري،
۽ غير جا قدم پري،
هي ڇا ڪيئي جو وئين ڇڏي،
غمن ۾ مون کي تون گڏي،
سڏي ٿي توکي دل سڏي_
هلي آ مون ڏي دلربا!
سدا رهي ٿي جستجو، رلان ٿو تولئي ڪوُ بڪُو،
حرام عيش ۽ طرب، مدام رنج ۽ تعب،
جڏهن کان توسان اک اڙي،
نه چين ڪيم ڪو پل گهڙي،
هي زخم دل جو پيو ڇڙي،
ٻڌي نٿو ٻنهه ڪڙي،
حريم دل جو نور تون، تجلي گاههِ طور تون،
غيوب تون حضور تون، مجسم سرور تون.
دلِ حزين کي ڇا ڪيان،
ڪري وجهي نه ڪو زيان،
هي راز آهه جو نهان،
ٿئي نه خلق تي عيان،
مڃان ٿو مون ڪئي خطا،
گهڻي آ تنهنجي پر عطا،
نفس نفس ڪري صدا_
هلي آ مون ڏي دلربا!
جتي ڪٿي بهار آ، بغل ۾ سڀ جي يار آ،
هٿن ۾ سڀ جي جام ڏس، خوشي به عام جام ڏس.
وسي ٿو مينهن جو ڪڪر،
هوا به بُو سان تربتر،
چمن ڏي ڪر ذرا نظر،
ڄمي ويو رنگ آ دگر،
رسي جتي به ديد ٿي، اتي گلن ۾ عيد ٿي،
زمين به سبز پوش ڏس، جوان سڀن ۾ جوش ڏس،
صبا جون مٺڙيون لوليون،
گلن ۾ ڏس هي هوليون،
هي بلبلن جون ٻوليون،
هي آ بجوُ جون ڇوليون،
۽ هي چمن ۾ چهچٽا_
وڻن نه مون کي ٿا صفا،
بغير تو اي مه لقا،
(ڀلي ڪري سندئي خدا)
هلي آ مون ڏي دلربا!
اي مه لقا اي دلربا، چوان ٿو توکي برملا،
ملي ٿو توکي ڇا ڀلا، رهين ٿو مون کان جو جدا،
وفا جفا جي ڳالهه ڇڏ،
عطا خطا جي ڳالهه ڇڏ،
فنا بقا جي ڳالهه ڇڏ،
سزا جزا جي ڳالهه ڇڏ،
رهين ٿو موج ۾ مگن، اي سيم تن اي گلبندن،
اکيون اهي نه ننڊ ڪن، لڳي آ تنهنجي جن لڳن،
لڳي آ جن کي تار ڏس،
سي روڪشِ هزار ڏس،
سي وقف انتظار ڏس،
سي چشم اشڪبار ڏس،
نه ڪر تون هاڻ رد و ڪد
آ سگِ در سندئي ”اسد“،
تون جان هو سندئي جسد،
ڀلي ته غير ڪن حسد،
هلي آ مون ڏي دلربا!
سيد شبير علي شاهه ”شبير“
سيد شبير علي شاهه ولد سيد الهه بخش شاهه موجوده
ٽکڙ ۾ تاريخ 28 صفر 1359هه، مطابق 4 اپيل 1940ع تي
ڄائو. ’شبير‘ صاحب علامه اسدالله شاهه ”فدا“ جو
پوٽو ٿئي. سندس ڪلام رنگين ۽ پختو آهي.
شاعريءَ جو ابتدائي شوق جناب ”غني“ صاحب ڏياريس.
ان کان پوءِ جناب مولانا ”گرامي“ صاحب جي اصلاح ۽
همت افزائيءَ سندس ڪلام کي ڪمال تي پهچايو. هي
نوخيز ۽ نور عمر شاعر، وڏن وڏن استادن ۽
قادرالڪلام شاعرن وانگر، پخته ۽ شسته ڪلام چوي ٿو:
ترس، ظلم و ستم جي ڪر تڪميل،
غم جانان! ڇو ايتري تعجيل؟
ڪهڙي تفريقِ عشق و حسن ڪجي،
نڪهت و گل جو رشتو بي تفصيل،
يار جو در ڇڏڻ محال آهي،
فطرت عشق ٿيندي ڪيئن تبديل.
رند و واعظ جو ڪيئن نباهه ٿئي،
مختلف روح، مختلف تشڪيل.
شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم،
چشم گريان ۾ ٿا ٻرن قنديل.
هر ادا لاجواب، لافاني،
حسن محبوب، حسن جي تڪميل.
آه و زاريءَ کي ڇڏ، اي چشمِ نم،
شڪوهء عشق، حسن جي تذليل.
صحبتِ يار ۽ هي تلخيء غم،
شهد ۾ زهر ٿي ويو تحليل.
________
اي طبيبِ دردِ الفت، اي حبيبِ جان من،
اي سرورِ دل، علاجِ هسرت و رنج و محن.
اي نگارِ نازنين اي زينتِ بزمِ چمن،
گل رخ و گلفام، گل اندام، گل بو، گل بدن.
تون جي مشڪين ٿو ته مکڙيون دل سنديون ٽڙيو پون.
حسنِ گل توکي ڏسي، ٿو پاڻ تي ٿئي خنده زن.
چشمِ گلگون جي کليئي، آباد ٿيا دشت و دمن،
تنهنجي زلف عنبين تي مست آهوي ختن.
تو اڳيان آهن بتانِ ماهوش سجده فگن،
بيشڪ آهن اي صنم تنهنجو ادائون بت شڪن.
تنهنجا ابرو عاشق کي ٿا اشارن سان ڪهن،
تنهنجا چپ، تنهنجي جبين، تنهنجون اکيون موهيون
وجهن.
توتان جي قربان ٿيا، سي ٿا سدا زنده رهن،
تنهنجي در تي روز ڪيئي ٿا مرن، ڪيئي جيئن.
پاڻ کي ڇا ڇا ٿا سمجهن، عاشقانِ خسته تن،
تن کي ڪنهن جي ڪاڻ هوندي، جن کي تو جهڙا ملن.
پيڪرِ حسنِ مڪمل آهين، اي سيمين بدن،
تون يقين ڄاڻج ته هي منهنجو نه آهي حسنِ ظن.
________
حسن کي بيقرار ڪير ڪري،
عشق کي داغدار ڪير ڪري.
منهنجو گُلرو سدا شگفته آه،
انتظارِ بهار ڪير ڪري.
سنگدل سان اسين نباهيون پيا،
پر اسان سان پيار ڪير ڪري.
ڪنهن قصور ڪيو ته ڪسجي ويو،
ذڪرِ ابروي يار ڪير ڪري.
تنهنجي حسنِ ڪرم کي ڇا چئجي،
مهربانيون شمار ڪير ڪري.
منهن تي چڙهبو، شڪايتون ٿينديون،
وصل کي زهرِ مار ڪير ڪري.
پاڻ وٽ جهوپڙي به ڪانهي ڪا،
فڪرِ برق و شرار ڪير ڪري.
جيڪو ٻَرندو، سو ڪنجهندو، ’هاتف!،
آهه تي اختيار ڪير ڪري.
________
ڪٿي آءٌ ڪٿ شانِ دستِ ستم،
انهيءَ کي چئجي ٿو، حسنِ ڪرم.
اسان لئي سندءِ در ٿيو بيت الحرم.
اسان جون جبينون، اوهان جو قدم.
اسين بي نيازانِ لوح و قلم،
اسان جو مقدر، اوهان جو ڪرم.
اجهي تنهنجا ديوان، آيا لنگهي،
ڳچيءَ منجهه ڳارا ۽ باچشمِ نم.
اوهان جا پرستار آهن لکين،
اسان جو سهارو، اوهان جو ستم.
سندئي خشم ٿو حشر برپا ڪري،
سندءِ مرڪ سان ليڪ کليو ارم.
متان عشق مجبورِ ناله ٿئي.
الاهي! حسينن جو رکجان ڀرم.
زماني جا اسرار ڪنهن کان پڇون؟
ڪو سمجهي سگهيو، زلف جا پيچ و خم!
شڪايات جو سلسلو ٿيو شروع،
اڃا عشق ۾ آهه پهريون قدم.
امداد علي شاهه ”امداد“
سيد امداد علي شاهه ”امداد“ ولد سيد فضل محمد شاهه
ٽکڙ جي نوجوان شاعرن مان هڪ چڱو شاعر آهي. پاڻ
علامه اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو ٿئي. سندس
شاعريءَ جي ابدا چوٿين درجي سنڌيءَ کان شروع ٿي.
فن جي مطالعي ۽ ڪلام جي اصلاح، جناب ”گرامي“ صاحب
جي مرهون منت آهي، سندس ڪلام رس ڀريو ۽ پختو آهي.
بيت، غزل ۽ نظم تي طبع آزمائي ڪئي اٿس؛
نمونو ڪلام جو هيءُ آهي:
غزل
توکان ٿيندا ويا بهانا سَوَ،
حيف! گذاريا ائين زمانا سَوَ.
تنهنجو در منهنجو ڪعبه مقصود،
تو ته بدلايا آستانا سَوَ.
فرق مٽجي ويو، هڪ ٿيا غيب و حضور،
مون ڪيا سجدا غائبانه سَوَ.
برق صد حيف! آشيان تي ڪري،
جنهن ۾ ميڙي وڌا مون ڪانا سَوَ.
منهنجي خاموش گفتگو آهي،
منهنجي هڪ آه ڄڻ فسانا سَوَ.
راهه ويندي نظر نظر سان لڙي،
بنجي ”امداد“ ويا فسانا سَوَ.
________
چشمِ قاتل به مهربان آهي،
ڇو ته گردش ۾ آسمان آهي.
هر قدم کي سڄڻ سنڀالي کڻ،
ڏس ته قدمن ۾ ڪنهن جي جان آهي!
ذڪر هن ماهرو جو جت آيو،
آئي لرزش ۾ ات زبان آهي.
رهج ڪجهه دير شمع تون روشن،
مختصر منهنجو داستان آهي.
پهرين ڪوٺي وري ڌڪاري ٿو،
هيءُ به ”امداد“ امتحان آهي.
سيد غلام رسول شاهه ”سوز“
سيد غلام رسول شاهه ”سوز“ ولد سيد حاجي علي اصغر
شاهه، اصل وطن ٽکڙ، حال اصغرآباد، تعلقي گوني،
ضلعو حيدرآباد، 1 مارچ 1938ع تي، اصغرآباد ۾ ڄائو.
هن وقت نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ مئٽرڪ جو
شاگرد آهي. شعر و شاعريءَ جي اصلاح جناب ”گرامي“
صاحب کان وٺي رهيو آهي. سندس ڪلام جو نمونو پيش
ڪجي ٿو:
انتخاب
ڪافي
منهنجا جانب جيءَ جيارا، توتان ٿين قربان لکين،
وارو وسيهر ور ڏئي واريين، ڪارا ڪاريهر ڪيئي
ڌاريين،
ڏور کان ڏسبو ڏنگن ويچارا، روز ٿين بيجان لکين.
سرڪي سڪ جي پي متوالا، عاشق وٺيو تنهنجا نالا،
ڪريو توڏي يار اشارا، گهورن ٿا جند جان لکين.
تنهنجي چپن جون ڏسندي چالون، گوهر هيرا موتي
لالون،
ڏند ڏسي پوتل هي پيارا، صدقي ٿين مرجان لکين.
”سوز“ پريت جي ريت اڻانگي، سور سهانگو موج مهانگي،
رنگ رکي ٿو نينهن نيارا، سڪ جا سجهن ميدان لکين.
غزليات
شوقِ شراب ڌار ۽ جامِ شراب پي،
پي، خوب طرح پي، دلِ خانه خراب پي.
پيمانه جي صحراحي جي پرواهه رک نه ڪا،
هت بي حساب آهه، تون بي حساب پي.
پردا پري ڪري ٿي جا شيشي جي هيءَ پري،
پردو پري هٽائي ڀلي بي حجاب پي.
اڄ ڪير ڪونهي آهيون اڪيلا اسين ٻئي،
پرهيزگار، اڄ ته ڇڏي اجتناب پي!
همشڪلِ خون آهه مي ناب سوز چؤ:
”اي سرخ دل، ٿي سرخ، ۽ کولي نقاب پي.“
________
وصل جو ڪو واعدو ڪر دلربا دلدار اڄ،
دل دکيءَ کي ڪو دلاسو ڏي مٺا منٺار اڄ.
زلف زهري پنهنجي سر تي ور ڏئي جي واريين،
ٿا ڏنگن ور ور ڏيو دل کي وسيهر وار اڄ.
ساهه سر پنهنجو ڪيو محبوب مون توتان فدا،
ڇا ٻيو مون وٽ رهيو توکي ڏيان جو يار اڄ.
جلد دلبر تون اچي مل، هاڻ پنهنجي ”سوز“ سان،
پرت جي پياري گهڙي، سهڻا سڄڻ ڪا گهار اڄ. |