پاڪستان جي جدوجھد ۾، سنڌ جي سڀني اعتماد جوڳن
ليڊرن ۾ سڀني کان پيش پيش رھيو. سندس ڪارڪردگيءَ ۽
اخلاص ۽ ايثار جو اعتراف خود قائداعظم ۽ قائد ملت
کي بھ ھو. ان سلسلي ۾ مير صاحب مرحوم پاڪستان
ٺاھيندڙن جي صف اول ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ۽ کيس
قائداعظم ۽ قائد ملت جي متعمد احبابن ۾ ڳڻي سگھجي
ٿو.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ، مرحوم مير صاحب سنڌ
اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ روينيو وزير ٿي رھيو.
١٩٥٤-٥٦ع ۾ مير صاحب مرحوم کي مرڪزي وزارت ۾ وزير
اطلاعات ۽ وزير داخلھ بنايو ويو.
مير صاحب مرحوم ھميشھ مسلم ليگ سان وابستھ رھيو،
۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو پڻ ڪافي وقت تائين سرگرم ميمبر
ٿي رھيو. مسلم ليگ جي اھم فيصلن ۾ مير صاحب مرحوم
ڪافي بھرو ورتو. سندس انھن خدمتن جو اعتراف مسلم
ليگ جا سربر آورده ليڊر اڄ بھ ڪري رھيا آھن.
مير صاحب مرحوم جيتوڻيڪ ھڪ وڏي امير ۽ متمول
خاندان ۾ پيدا ٿيو، مگر سندس دروازا غريبن، يتيمن،
سائلن ۽ مصيبت زده ماڻھن لاءِ ھر وقت کليا رھيا.
مير صاحب ھڪ نيڪ طبيعت، شريف النفس، خوش خلق،
ھمدرد خلائق، سخي ۽ ديندار ماڻھو ھو.
علم و ادب سان بھ سندس گھري دلچسپي ھئي. ان سلسلي
۾ مسٽر غلام محمد شاھواڻي مرحوم جو ڪتاب ”علمي
خزانو“ موجود آھي، جو مير صاحب جي چوڻ تي لکيو
ويو. اھو ڪتاب مثنوي روم جي نثر ۾ ترجمو آھي، ۽ ان
جا فقط ٽي جلد تيار ٿي سگھيا. مير صاحب وٽ ھميشھ
سنڌي موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون رھنديون ھيون،
جن ۾ سنڌ جا مشھور ڳائڻا ايندا ھئا ۽ انعام اڪرام
حاصل ڪندا ھئا.مير صاحب ڪڏھن ڪڏھن ڦليليءَ تي،
چانڊوڪين ۾، ٻيڙين ۾ محفلون ڪرائيندو ھو، جن ۾
ڪيئي اديب ۽ فنڪار شريڪ ٿيندا ھئا.
سندس سياسي نقطئھ نظر ۾ ھميشه عوام ۽ ملڪ جي ڀلائي
سمايل ھوندي ھئي. سندس سياست ۾ نڪا سازش ھوندي
ھئي، ۽ نڪا دل آزاري. ھو ان سياست جو علمبردار ھو،
جنھن جو بنياد ديانت تي ھوندو ھو.
مير صاحب مرحوم شڪار جو بھ شوقين ھو. شڪار سندس
خاندان جي گويا دائمي روايت ھئي، جنھن کي مير صاحب
مرحوم ان ئي شان سان برقرار رکندو آيو. ان سلسلي
۾ وٽس پاڪستان جي صدرن ۽ گورنرن کان وٺي، ٻاھران
آيل شاھي خاندان جا مھمان، يورپ جا سفير، بادشاھ ۽
شھزادا ايندا ويندا ھئا. موجوده صدر مملڪت بھ ڪئين
ڀيرا ان سلسلي ۾ مير صاحب مرحوم جو مھمان خصوصي ٿي
آيو، ۽ مير صاحب جي مھماننوازيءَ ۽ عظيم شخصيت کان
ڏاڍو متاثر ٿيو.
سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمتن کان سواءِ پنھنجي تڪ ٽنڊي
ڊويزن لاءِ بھ سندس سماجي ۽ تعليمي، علمي ۽ ادبي
خدمتون وسارڻ جھڙيون نھ آھن. سندس توجھات سان ڪئين
ڪارخانا کليا ۽ درسگاھون قائم ٿيون. ان طرح ڪئين
عوامي ادارا سندس دم قدم سان قائم ٿيا، جي اڄ بھ
ان تڪ جي عوام جي خدمت ڪري رھيا آھن.
مير صاحب جو دسترخوان ھميشه ڪشادو رھيو. سنڌ جي
وڏن ماڻھن مان ڪي اھڙا ٿورا ملندا، جن جا
دسترخوان پنھنجن توڙي پراون لاءِ ھميشه ڪشادا
رھيا ھجن.
مير صاحب مرحوم صوم و صلوات جو پابند ھو، ۽ زيارت
حرمين شريفين کان بھ فائز رھيو. مسجدن جي خدمت،
عالمن ۽ طالب العلمن جي امداد لاءِ سندس ھٿ ھميشه
ڪشادو رھيو.
مير صاحب مرحوم ٻن چئن سالن کان پوءِ دل جي
بيماريءَ ۾ مبتلا ھو. افسوس جو ھڪ ٻن ڏينھن جي
دوري کان پوءِ، ويھن منٽن اندر، پنھنجن عزيزن
قريبن کي دائمي مفارت ڏيئي، عالم ارواح ڏانھن
راھي ٿيو. مير صاحب نھايت خوش و ضع، ھشاش بشاش ۽
کلڻو ملڻو ھو. سندس عمر ٥٥ سال کن ھئي.
ھن سانحي ۾ اسين مرحوم جي پسماندن، سندن ڀاءُ مير
علينواز خان ۽ سندس فرزند مير اعجاز علي خان ۽
سندس ٻين عزيزن سان دلي ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي،
بارگاھ ايزديءَ ۾ دست بدعا آھيون تھ رب ڪريم مرحوم
کي مرھي ۽ سندس صحيح ۽ صالح نعم البدل عطا فرمائي.
مير صاحب جي تعزيت جي سلسلي ۾، سنڌ ۽ پاڪستان جي ليڊرن، عالمن ۽ اديبن ڪيئي
پيغام ارسال ڪيا، جن ۾ سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو
ويو آھي. ان طرح سنڌ ۽ پاڪستان جي موقر جريدن،
ايڊيٽوريل لکي، کيس خراج تحسين پيش ڪيو آھي. ان
سلسلي ۾ صدر مملڪت محمد ايوب خان، مير اعجاز علي
خان ٽالپر ڏانھن موڪليل پيغام ۾ چيو آھي: ”مون کي
مير غلام علي خان جي وفات جو ٻڌي وڏو صدمو رسيو
آھي. اھا ھڪ وڏي ۾ وڏي ڏک جھڙي ڳالھھ آھي.“ ان
طرح، قومي اسيمبليءَ جي ڍاڪا واري گذريل اجلاس ۾
پڻ تعزيت جو ٺھراءُ پاس ڪري، مير صاحب جي سياسي ۽
ملڪي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ
جي مشھور شاعرن پڻ قطع تاريخ لکي، مير صاحب جي
شخصيت ۽ مقبول عام حيثيت کي قلمبند ڪيو آھي. سنڌ
جي مشھور عوامي شاعر، مولانا حاجي احمد صاحب ملاح،
سنڌيءَ ۾ ھيٺيون قطعو لکيو آھي؛
آھ ويئي دوستن جي جان جلي، |
ويو گذاري گوھر غلام علي. |
مير صاحب ميون ڪريم لقب، |
سنڌ جي سونھن، منجھ صفات ولي، |
عدل ۾، فضل ۾، فضيلت ۾، |
ڳڻ سندس ڳائجن ڳلي بھ ڳلي. |
بوالفضولي کان ساڻ فضل خدا، |
جان پنھنجي جوانمرد پلي. |
بلبليون باغ جي بجا بر ۾، |
گل گلابي ويو چمن مان چلي. |
متقي، پائبند صوم صلوات، |
روز شب ذڪر ۾ خفي جلي. |
رحمت الله، شال رب مرھيس، |
ڏيس عليين ۾ مقام علي. |
پٽ پوٽا سندس سنڀالن شال، |
وير وارث سندن وڏي جي ولي. |
پنجونجاھ عمر ۾ افسوس، |
ٿئي جلوي سندس کان جاءِ ٺلي. |
سن تيرھن سو ٿيا اسي ھجري، |
جاءِ جنات ۾ جناب جھلي. |
روز اول، جمادي الاخر، |
آخرت ڏي ويو حليم ھلي. |
ڏينھن ڇنڇر جي، وقت ساڍا ٽي |
موت آيو منجھند مھل ملھي. |
گھر ڌڻي پاڪ کان دعا، ”احمد“ |
جاءِ بخشش منجھھ بھشت ڀلي. |
فارسيءَ ۾ مولانا حاجي احمد ملاح ھن طرح قطعو
لکيو آھي:
دريغا
ڪه مير غلام علي، |
امير و فقير و حليم و حلي. |
بدرج وفا گوھر آبدار، |
ببرج صفا نير منجلي، |
بفضل خداوند حاصل نمود، |
بدنيا ودين رتبئھ معتلي، |
شب و روز مشغول بودش مدام، |
دل و جان بذڪر خفي و جلي: |
درين دور پرشور وشر و شراب، |
ھمھ زندگي پاڪ ھمچو ولي، |
بشنبھ يڪم ماه ثاني جماد، |
بوقت زوال سرا جلي، |
سن سيزده صد بھشتاد وسھ، |
تن اوشدز پاڪ جان منخلي، |
ز”احـمـد“ دعـــا، رحــمـت الله عــلــيــه
”بــعــلـــيــيــن بـــادا مـــقـــامـــش
علـــــي.“
(جمادي الثاني، سن ١٣٨٣ ھـجـري)
ان طرح مولانا محمد صاحب ٻني واري، ھن طرح قطعو
لکيو آھي:
بفرياد نالم ازين چرخ پير، |
بيفگند در پرده بدر منير، |
ڪريم الفضائل، ديانت پسند، |
اميري تڪو راءِ، روشي ضمير، |
اجل ناگھانش در آغوش ڪرد، |
بھ ھر نفس نوبھ رسد انگريز، |
باخراج تاريخ سال وفات، |
شد آواز ھاتف بعالم شھير، |
ڪه ”عفوالاھي، غلام علي“ |
خدايابجنت بودجائگير.(١٣٨٣) |
آخر ۾ دعا آھي تھ رب ڪريم کيس مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ عطا ڪري!
سيد ميران محمد شاھھ ”مير“
سنڌي ادب ۽ ان جي شائقين لاءِ ھيءَ خبر و حشت اثر
آھي تھ سنڌ جو ھڪ ممتاز سياستدان، اديب ۽ شاعر،
الحاج سيد ميران محمد شاھ، ١٦ نومبر ١٩٦٣ع تي شام
جو ساڍي چئين بجي، پنھنجي حيدرآباد واريءَ
رھائشگاھ ۾، لاڏاڻو ڪري، وڃي آخرت جو مڪين ٿيو-
اِنالله واِنااليه راجعون.
مرحوم ميران محمد شاھ، پنھنجيءَ جامع حيثيت سان ھڪ
تاريخي دور ھو، ھڪ مخصوص خطي جي ثقافت ۽ زبان، ادب
۽ تھذيب جو نمائنده دور ھو، اھو اڄ پايھ تڪميل تي
پھتو. ٽکڙ، پنھنجي ثقافتي سرمايي کان تھي دست ٿي
وئي، ۽ سنڌي ادب ھڪ خير خواھ کان تھي دامن!
ٽکڙ جي مشھور سادات خاندان جي چشم و چراغ، مرحوم
شاھ صاحب، وڪالت جي مرحلي کان پنھنجي عملي زندگيءَ
جو آغاز ڪيو. لوڪلبورڊ جي صدارت کان وٺي، سنڌ جي
آزاديءَ جي تحريڪ، سنڌ جي وزيريءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ
جي اسپيڪريءَ تائين پھتو. آخري دور ۾ پاڪستان
پاران اسپين ۾ سفير ٿي رھيو. سندس زندگي مسلسل
جدوجھد ۽ ڪاوش آھي. علم و ادب شعر و ثقافت، حڪومت
۽ سياست جي تاريخ ۾ شاھ صاحب مرحوم مغفور جو نالو
دائمي حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي. سندس سياسي ۽ ملڪي،
علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو پڻ وسيع آھي. افسوس جو
سندس وفات کان پوءِ جيڪو خال پيدا ٿيو آھي، ان جو
ڀرجڻ مشڪل پيو نظر اچي.
سوانح حيات.
شاھ صاحب مرحوم، ١٩ مارچ ١٨٩٨ع تي ٽکڙ ۾ پيدا
ٿيو. سندن والد سيد حاجي زين العابدين شاھ مرحوم
ھو. پاڻ متعلوي سادات خاندان جو چشم و چراغ ھو.
سندن وڏن مان سيد امير علي شاھ، تيمور سان گڏ ھت
پھتو. شاھ صاحب جو خاندان، ٻارھين صدي ھجريءَ جي
ابتدا ڌاري، مٽيارين مان لڏي، اچي ٽکڙ ۾ سڪونت
پذير ٿيو.
شاھ صاحب جي وڏڙن ۾ سيد محمد شاھ ھڪ ڪامل بزرگ،
طبيب ماھر ۽ قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آھي. شاھ
صاحب جو ڏاڏو، سيد ميران محمد شاھ اول بھ پنھنجي
دور جو لاثاني حڪيم ۽ اھل قلم ٿي گذريو آھي. سندس
ڪتابن مان ” سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ”مفيد الصبيان“
نھايت لذيذ ڪتاب آھن. پھريون ڪتاب ”مھراڻ“ رسالي ۾
شايع ٿي چڪو آھي. شاھ صاحب مرحوم جو والد، سيد زين
العابدين شاھ پڻ سخن سنج ۽ مجلسن جو مور ھو.
شاھ صاحب مرحوم، ٽکڙ جھڙيءَ مردم خيز سر زمين ۾
ڄائو. ھن مردم خيز خطي ۾ ھر قسم جي فن جا استاد
گھڻي انداز ۾ موجود ھئا. ادبي ۽ علمي مجلسن جي
بازار گرم ھئي. محمد ھاشم ”مخلص“، علامھ اسد الله
شاھ ”فدا“ خواجھ محمد حسين جان سرھندي، حاجي محمد
حافظ شاھ، حاجي محمد ھارون ”دلگير“ ۽ حافظ عبدالله
”بسمل“ ساڳئي وقت ۾ موجود ھئا. سندن محفلن ۽ مجلسن
جي سخن گوئي ۽ سخن سنجي اڃا تائين ٽکڙ جي جھونن جي
دلين تي نقش آھي. شاھ صاحب انھن مان گھڻن بزرگن،
خصوصا علامھ ”فدا“ ۽ حافظ شاھ جي صحبت جو شرف حاصل
ڪيو ۽ فيضياب ٿيو. سندس ڪلام ۾ انھن بزرگن جو رنگ
جا بجا نظر اچي ٿو.
تعليم ۽ تربيت.
مرحوم شاھ صاحب ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾، ملا مڪتب ۾،
حافظ محمد يوسف ۽حافظ محمد ھارون ”دلگير“ وٽ
ورتي، جتي سنڌي، پارسي ۽ قرآن پڙھيائين. پاڻ اڃا
اٺن سالن جو ھو تھ سندس والدھ ماجدھ وفات ڪئي، ۽
انھيءَ نصف يتيميءَ جي داغ کيس تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ ھيڪاري وڌيڪ آماده ڪيو. ٻارھن سالن جي عمر
۾، سال ١٩١٠ع ۾ سنڌ مدرسةېێێێێ الاسلام ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙھڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان سال ١٩١٧ع ۾، بي-اي
جي ڊگري حاصل ڪيائين. قانون پڙھڻ لاءِ بمبئي ويو،
جتي ١٩٢٣ع ۾، گورنمينٽ ڪاليج مان ايل- ايل- بي جو
امتحان پاس ڪري، ١٩٢٤ع کان حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت
شروع ڪيائين.
سياست.
شاھ صاحب ١٩٢٤ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر
چونڊيو ويو. سال ١٩٢٦ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو
چئرمن چونڊيو ويو. ١٩٢٨ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
جو ميمبر چونڊجي ويو، ۽ ١٩٢٩ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ
لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. سنڌ کي بمبئيءَ کان
جدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ شاھ صاحب ”سائمن ڪميشن“ ۽ ”
ٽوئن ڪاميٽيءَ“ سان گڏ ڪم ڪيو، ۽ حيدرآباد ۾
”سنڌ-جدا-ڪانفرنس“ سڏائي، ماڻھن کي پنھنجي حق حاصل
ڪرڻ لاءِ متحد ۽ بيدار ڪيائين. اھي ڪوششون آخر
سجايون ٿيون. ۽ ١٩٣٦ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار
ڪري خود مختيار صوبو بنايو ويو. ١٩٣٧ع ۾ پھريون
ڀيرو، سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي
ويو. ١٩٣٨ع ۾ اسيمبليءَ جو اسپيڪر بنيو، ۽ ڏھھ سال
انھيءَ عھدي تي فائز رھيو. ١٩٤٦ع وارين چونڊن ۾
ٻيھر سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي ويو، ۽ ١٩٤٨ع کان
١٩٥٠ع تائين سنڌ سرڪار جو وزير ٿي رھيو. اتان کيس
اسپين ۾ پاڪستان سرڪار طرفان سفير ڪري موڪليو
ويو. اسپين مان واپس سنڌ اچڻ بعد، ١٩٥٤ع ۾، ڪراچي
امپروومينٽ ٽرسٽ جو چئرمن مقرر ٿيو، ۽ ١٩٥٧ع ۾
انھيءَ عھدي تان سبڪدوش ٿيو. ان بعد ھو ائگريڪلچرل
بئنڪ آف پاڪستان جو چئرمن بنيو.
ادبي خدمتون.
ادبي ميدان ۾ شاھ صاحب ڪيتريون ئي قابل قدر
خدمتون انجام ڏنيون. ١٩٣٨ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا ”
سنڌ مسلم سوسائٽي“ قائم ٿي، شاھ صاحب ان جو منتظم
۽ پريزيڊنٽ ھو. انھيءَ سوسائٽيءَ ڪيترا مفيد سنڌي
ڪتاب شايع ڪيا، ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد
ڪري، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ کي زور وٺايو،
انھيءَ ئي سوسائٽيءَ سنڌ ۾ پھريون زنانو مسلم ھاءِ
اسڪول کوليو، جو اڄ تائين حيدرآباد جي ميمڻ محلي ۾
”مدرسة البنات“ جي نالي سان قائم آھي.
١٩٤١ع ۾، سنڌ سرڪار، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري
۽ سڌاري لاءِ ھڪ ” سنڌي مرڪزي بورڊ“ قائم ڪيو،
جنھن سنڌي لغت تيار ڪرڻ جي رٿ رٿي، ۽ پڻ لائق
اديبن کي انعام ۽ معاوضا ڏئي، کين معياري ڪتابن
لکڻ لاءِ ھمٿايو. شاھ صاحب ١٩٥١ع تائين، ڏھ سال،
انھيءَ بورڊ جو ميمبر ٿي رھيو ” ١٩٥١ع ۾ اڳيون
بورڊ بدلائي، نئون بورڊ وجود ۾ آندو ويو، جو ھن
وقت تائين قائم آھي. شاھ صاحب انھيءَ ھاڻوڪي ”سنڌي
ادبي بورڊ“ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رھندو پئي
آيو.
پنھنجيءَ وزارت واري وقت ۾، مرحوم شاھ صاحب، شاھ
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني ورسي ملھائڻ جي جيڪا
شاندار روايت قائم ڪئي، سا سندس زندگيءَ جو ھڪ جس
جوڳو ۽ يادگار ڪارنامو آھي. ان وقت کان وٺي، ھر
سال، ”شاھ عبداللطيف يادگار ڪائونسل“ جي اھتمام
سان، ڀٽ شاھ تي، شاھ لطيف جي سالياني ورسي وڏي ڌام
ڌوم سان ملھائي ويندي آھي. شاھ صاحب انھيءَ
ڪائونسل جو چئرمن ھو. ”شاھ“ جي ڪلام ذريعي تصوف جي
فلسفي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ھيءَ
”ڪائونسل“ سنڌي موسيقيءَ کي پڻ گھڻي قدر ھمٿايو
آھي. ھر سال، ورسيءَ جي موقعي تي، سڄيءَ سنڌ مان
عالم، اديب، شاعر ۽ فنڪار اچي ميڙو مچائيندا آھن.
۽ پنھنجو پنھنجو ھنر ڪانفرنس ۾ پيش ڪري، داد ۽
انعام حاصل ڪندا آھن.
سياست ۽ ادب سان گڏوگڏ، شاھ صاحب تعليمي خدمتن
ڏانھن پڻ متوجھ ۽ مائل پئي رھيو. سترھن سالن تائين
بمبئي يونيورسٽي ۽ ان سان متعلق ادارن، مثلا سنڌي
تحقيقي بورڊ، وغيره. جو ميمبر رھيو. سنڌ جي پنھنجي
يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ شاھ صاحب، ابتدائي
ڪميٽيءَ جي چئرمن جي حيثيت ۾، سنڌ گورنمينٽ کي ھڪ
مدلل رپورٽ پيش ڪئي، جنھن جي بنياد تي مختلف مرحلن
بعد سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جڏھن سنڌ جي پنھنجي
يونيورسٽي کلي، تھ شاھ صاحب ان جي سينيٽ، سنڊيڪٽ
توڙي ائڪڊمڪ ڪائونسل تي ميمبر نامزد ڪيو ويو. شاھ
صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”فئڪلٽي آف آرٽس“ جو
ڪيترا سال ” ڊين“ بھ ٿي رھيو.
اھا بھ سنڌي ادب جي خوش قسمتي چئجي، جو ان ھڪ
مصروف شخصيت کان بھ پنھنجو ” خراج“ اڳاڙيو، جنھن
زندگيءَ جي اوائلي دور وارا قائم ڪيل ادبي واسطا ۽
ناتا، سڳا ۽ ڌاڳا ٽوڙي، سياست ۽ رياست جي نظم و
نسق، انتظام و انصرام لاءِ گويا پوري زندگي وقف
ڪري ڇڏي ھئي: جنھن جي سياسي انھماڪ ۽ اشغال کي
ڏسي، اھو اندازو نٿي ٿي سگھيو تھ ھي سياستدان ۽
قانوندان، سفير السلطنت ۽ دبير المملڪت، باوجود
اھڙين خشڪ ۽ پريشان ڪن مشغولين جي، سخن گوئيءَ ۽
نڪتھ سنجيءَ جو اھڙو پاڪيزه ۽ سنجيده، سھڻو ۽
اسلوڻو شعري ذوق بھ ساھ سان سانڍيندو پيو اچي، ۽
ھي سياست ۽ رياست جا امور ۽ مسئلا سندس فطري ذوق ۽
طبعي رجحان جي آڏو درجئھ ثانوي رکن ٿا: ھي
شاعرانھ دل و دماغ، عالمانھ فڪر و نظر ۽ عاشقانھ
طبع ۽ مزاج وارو ماڻھو، امور سلطنت ۽ رموز مملڪت
کي پنھنجي زندگيءَ تي حاوي نٿو رکيو اچي، پر
انھيءَ تي پنھنجي ذوق کي غالب ۽ حاوي رکيو ٿو اچي.
نڪتھ نوازي ۽ سخن طرازي، ادبي ذوق ۽ شعري شوق،
وجد انگيز ڪيفيات ۽ محبت انگيز جذبات کي ايتريءَ
مدت مديد تائين سانڍڻ ۽ سنوارڻ، دراصل ان مردم خيز
خطي جي جاذبيت ۽ ڪرامت آھي، جنھن جي خاڪ مان
بيعديل عالم، فاضل، ڪاتب، شاعر، ايڊيٽر، سخن سنج ۽
سخن شناس، نڪتھ نواز ۽ سخن طراز پيدا ٿيا، جنھن
خاڪ مان محقق ۽ فقيه ، مفسر ۽ محدث، علامھ ۽ فھما
پيدا ٿيا. سچ پچ ڪل شيءِ پرجع اليٰ اصله، وانگر،
مرحوم شاھ صاحب پنھنجي اصل ۽ روح جي لحاظ سان ھڪ
برگزيده صفات خاندان، علمي ۽ ادبي، روحي ۽ اخلاقي
اوصاف سان متصف گھر ۾ پيدا ٿيو. باوجود وڏي ڪشالي
۽ سفر ڪاٽڻ جي بھ سندن جذبات ۽ خيالات، طبص
رجحانات ۽ دلي ميلانات زماني جي حالات ۽ حادثات
کان ايترو متاثر ۽ ملوث نھ ٿيا، جن سان ھوند شعري
۽ ادبي ذوق ختم ٿي وڃي ھا.
شاھ صاحب پنھنجي زندگيءَ جي پوري جدوجھد ۽ جھاد کي
مجاز قرار ڏنو. ھو ھميشه حقيقت شناس رھندو آيو، ۽
اڳتي ھلي پنھنجي بزرگن جي اصليت ۽ انھن جي علمي ۽
بزرگانھ ورثي جو وارث بنجي چڪو. رب ڪريم شال ان
خاندان جي ننڍن نوجوانن کي مت ڏئي تھ ھو ڪجھھ
عبرت ۽ موعظت حاصل ڪن، ڪجھھ پروڙين ۽ پرائين، ڇا
لاءِ تھ شاھ صاحب مرحوم جھڙو بزرگ ۽ زمانھ شناس ان
خاندان مان پيدا تھ وري مشڪل ٿيڻو آھي، پر جي
پيدا ٿيو، تھ بھ ھن جھڙو نھ ٿيندو، ۽ جي ڪير ٿيو
بھ، تھ صدين کان پوءِ ٿي سگھي ٿو. سچ پچ، سائين
ميران محمد شاھ ٽکڙ جي شرافت ۽ سيادت، قيادت ۽
شھامت جو آخري مثال ھو. ان بزرگ تي ٽکڙ جو پورو
دور ختم ٿيندو نظر اچي رھيو آھي: الا ماشاءَ الله!
”رھـيا اٿــيـئـي رات، صــبـح ويـنـدءِ صــابـري!
سندي جو ڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي!“
جي
مصداق، زمانو ڏاڍو تيزگام ۽ گريزپا آھي. ان جو قدر ۽ انداز ئي
پنھنجو آھي. اسان جي ماپ مجازي آھي. زماني جي
رفتار نھ فقط تيز ۽ تند آھي، پر بي نياز آھي.
زماني جي بطن منجھان عجيب غريب حادثات ۽ واقعا
پيا رونما ٿين، ۽ ھي صبا- رفتار شھسوار پيو وڃي ۽
اڃا پيو وڃي، ۽ پيو ڪاھي ۽ تاڻي! انسان جي زندگي
ڇا آھي؟ ھڪ موجِ حباب ۽ ڪرشمئھ سراب! طفلگي، جواني
ديواني، پيري، ھش ٻلي کيري! پوءِ دوري ۽ مھجوري ۽
مجبوري ۽ معذوري.
اھا تھ ٿي شاعري، پر حقيقت پسندانھ مادي نظر سان
ڏسبو تھ اھي چند منزلون آھن، پر عمر جو ڪاروان
”تيز ٽرڪ گام زن، منزل ما دور نيست“ چئي، بقول
اقبال، وڌندو ئي رھي ٿو. انسان جي ارتقا جي حد ئي
نھ آھي. بقول شاھ،”نھ ڪا ابتدا عبد جي، نھ ڪا
انتھا!“ بيھي رھڻ، ماٺ ڪرڻ، جمود ۽ خمود، زندگيءَ
لاءِ موت آھي. زندگي جھد للبقا جو جھاد آھي. رڳو
ھلڻو ۽ وڌڻو آھي، بيھڻ ۽ پوئتي نھارڻ موت آھي:
موت ھي وه زندگي، جس مين نھ ھو انقلاب
روح اسم ڪي حيات، ڪشمڪش انقلاب
ھلڻ ۽ ڪري پوڻ، وري اٿڻ، وري ھلڻ، ٿڪجڻ ۽ ساھ کڻڻ،
وري ھلڻ ۽ ھلندو رھڻ آھي.
ايندم ھلي ھوت، پر آءٌ بھ اڳڀري ٿيان!
اھو سڀ ڪجھھ ”اڳڀرو ٿيڻ“ آھي، ورنھ ھت منزل بھ
خود منزل انداز جي استقبال لاءِ پئي وڌي ۽ قريب
اچي. پر سوال ٿو اٿي تھ انقلاب ۽ ان جي گردش،
سانحا، حادثا، واقعا، واسطا، مسئلا ۽ معاملا آھن
ڇا؟ سمجھھ ۾ تھ ائين ٿو اچي تھ ھي سڀ ڪجھھ آھي
نمود حباب يا گردش حباب، چشمڪ برق و شرر يا فروغ
شعلئھ حسن! بس، اھو آھي قصئھ حيات، ڪجھھ منتشر،
ڪجھھ مرتب، بقول خسرو:
”خسرو“ زتشنگيءِ بيابان ھجر سوخت،
اي آب زندگي، تو بجوئي ڪه ميروي.
بھرحال، ٽکڙ جي علمي سر زمين ۽ ان جي مشاھير جي
شخصي محاسن ۽ علمي فضائل سان روشناس ٿيڻ جو تعلق
تھ تمام جھونو آھي. اھا خبر ڪا نھ ھئي تھ اھو
تعلق ڪڏھن واقعي قرب ۽ محبت ۾ بدلجي ويندو، ۽
زندگيءَ جون چار گھڙيون ”ٽکڙائي يارن“ سان بسر
ڪرڻيون پونديون. انھن سان ملبو ۽ رھبو، ۽ انھن جي
اوصاف جميلھ کان محفوظ ٿبو، ڪجھھ ڏبو ۽ ڪجھھ
پرائبو.
آءٌ سائين ميران محمد شاھ مرحوم جي ادبي ۽ علمي
تحريرن کان ايام طفلگي کان متعارف آھيان. شاھ
صاحب جو مضمون ” دل جي طلب“ سنڌي ادب جو بھترين
شاھڪار آھي. زبان جي رواني، ڪلام جي طولاني، فڪر
جي جزالت، زبان جي پختگي ۽ سادگي برجستگي ۽
بيساختگيءَ کي ڏسي محسوس ٿيندو ھو تھ اھو قلم ڪنھن
شوخ پر سنجيده، حقيقت پسند پر مجازي طبع واري
ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ آھي. ان دور کان پوءِ سنڌ جي
آزاديءَ متعلق سندن مضمون ”الوحيد“ جي آزاد نمبر ۾
مطالع ڪيو ويو. شاھ صاحب جو ڪمال آھي جو ٺيٺ خشڪ
سياسي ڇڪتاڻ کي روحي رھاڻ بنائي ڇڏيو اٿن. ور ور
ڪري پڙھڻ تي پئي دل ڇڪي.
ان کان پوءِ سن ۾ سندس ھڪ خط، سنڌ جي محبوب شخصيت
جي- ايم- سيد ڏانھن لکيل پڙھيم ، جو يورپ مان لکيل
ھو. ان ۾ يورپ جا مشاھدات پيش ڪيل ھئا، جنھن جي
پڙھڻ سان دل ۽ دماغ کي طراوت ۽ فرحت نصيب ٿي ٿئي.
انھن سڀني چيزن جي مطالع ڪرڻ کان پوءِ شاھ صاحب
جي ادبي قدرن ۽ فڪري لاڙن جي خبر پيئي تھ ھو ھڪ
زخم خورده پرندو آھي، جو قيد ۾ پيو پر ھڻي، ھو ھڪ
مستقل بغاوت آھي، جا قيد و بند جي سيخن سان
پنھنجون قوتون ٽڪرائي رھي آھي، ھو مارئيءَ وانگر
پيو ملير کي ساري ۽ سنڀاري؛ ھو عمرڪوٽ جي مال
مليدن، ٻانھن ۽ ٻانھين، چاشنين ۽ حلون کي تڇ ٿو
سمجھي.
سچ پچ تھ سائين ميران محمد شاھ مرحوم جي ضعيف ۽
نحيف جسم ۾ ھڪ طوفان انگيز، جذبات خيز، متلاطم ۽
پرجوش، انقلاب انگيز ۽ بغاوت پسند روح ھو، جو ھر
مرحلي تي ڪامياب رھيو. افسوس، اڄڪلھھ جي نڪتھ چين
نظرن کي ان ھنر ۽ حسن جو ڪو قدر ڪو نھ آھي.
سائين ميران محمد شاھ مرحوم تخليق ۽ تربيت موجب ھڪ
شاعر ۽ اديب ھو، پر سياست ۾ رھڻ ڪري سياست جا پيچ
داءَ بھ خوب استعمال ڪيائين. سندس سياسي زندگي، بي
اصول سياستدانن لاءِ ”سنھا ڀانءِ م سپ ، اٿئي
وياءُ واسينگن جا“ وانگر ھئي، پر ڪمال اھو آھي تھ
مغربي تھذيب جي مرڪزن ۾ رھي بھ مشرقي رند رھيو،
پنھنجا مشرقي اطوار آخر تائين نھ ڇڏيائين. سچ پچ
تھ سندس خوبيءَ ۽ حسن ۾ مشرقيت سمايل ھئي. سندس
انداز ڪلام، نڪتھ سنجي، وقائع نگاري ۽ منظر ڪشيءَ
جو مثال ڪٿي ٿو ملي! اھڙو برجستو سحر طراز ورلي
نظر ايندو، جو زبان جي وسيلي عالم جو سير ڪرائي،
جنھن جي شستھ ۽ شائستھ انداز بيان ۾ فصاحت ۽ بلاغت
جا عجيب غريب مثال پيا ڏسجن، جنھن جي ڪچھريءَ ۾
رھاڻ ۾ مغلن جي درٻار واري طراوت ۽ لذت اچي. سچ
پچ سائين ميران محمد شاھ مرحوم مستقل طور ھڪ فن،
ھڪ آرٽ، ھڪ ھنر ۽ ھڪ حسن ھو. الله شال کيس مرھي!
مرحوم سائين ميران محمد شاھ صاحب ھن قحط الرجال جي
دور ۾ اھو جھونو جوڳي ھو، جو ”ورھھ ۽ ورونھن“ جو
دونھون دکايو ويٺو ھو. علم و ادب تي، سير و سياحت
تي، فن ۽ ثقافت تي سندس دلپذير ۽ روح پرور ڪچھريون
وسرن ئي نٿيون. سندس ”حيات“ کي چراغ سحري سمجھي،
سندس نوجوان صحبتي دوستن کي ٻھ – چار ڀيرا عرض
ڪيم تھ ڪو طالب ۽ اھل ذوق گوڏا ڀڃي، سندن مشاھدات
۽ تجربات کي قلمبند ڪندو رھي، جن جو مطالعو نھ فقط
معلومات افزا رھندو، پر نو خيز نوجوانن لاءِ تمام
ضروري آھي، ڇا لاءِ تھ اھڙن وڏڙن جي رھاڻ کي اڄ
ڪلھھ نھ ڪي لکڻ وارا رھيا آھن ۽ نھ ڪي ٻڌڻ وارا ئي
بچيا آھن. ھونئن بھ، ٻڌڻ بھ تھ صلاحيت سان آھي. اڄ
ڪلھھ اھي صلاحيتون ۽ پختگيون ڪٿي آھن، جي ھھڙن
جامع شخصن جي رھاڻ ۽ تجربي مان استفادو ڪن، سکن،
سمجھن، پروڙين ۽ ھنئين سان ھنڊائين. اسان جي قوم
آھي مردھ پرست، رڳو مرڻ کان پوءِ واويلا ڪري ڄاڻي
يا ورسيون ملھائي ڄاڻي، باقي ” جيئري سان جھيڙو ۽
مئي سان محبت“ وارو رنگ ۽ انگ آھي. بھرحال،
منھنجي صدا صدابصحرائي رھجي وئي! نھ ڪنھن استفادو
ڪيو ۽ نڪو ڪنھن قلم کڻي ويھي ڪجھھ لکيو. نھ معلوم
ڇا ڇا سيني ۾ سانڍي کڻي ويو! رھي نام الله ڪا!
مون سندس ”ڪليات“ جي تقريظ لکندي، اڳواٽ ئي چتاءُ
ڏنو ھو:
”سائين ميران محمد شاھ ھڪ فاضل، عالم، قانوندان،
سياستدان، زمانھ شناس، سياح، اديب، شاعر، وڪيل،
سفير ۽ وزير جي حيثيت سان جنھن علم ۽ مطالعي،
مشاھدي ۽ تجربي جو مالڪ آھي، ھينئر سر زمين سنڌ ۾
اھڙا تمام ٿورا وڃي بچيا آھن. ميران محمد شاھ ھڪ
دور آھي، ھڪ تاريخ آھي، ۽ ھڪ عھد زرين آھي، جو اڄ
اسان لاءِ چراغ سحري آھي. افسوس، سيني ۾ ڇا ڇا نھ
کنيو ويندو! منھنجي راءِ آھي تھ اھل علم حضرات،
خصوصا ٽکڙ جا نوخيز اھل قلم، شاھ صاحب جي ملفوظات
۽ مقالات کي لکن ۽ جمع ڪن، ائين نھ ٿئي جو پوءِ
حسرت جا ھٿ مھٽڻا پون.“
شاھ صاحب جي علمي ۽ ثقافتي زندگيءَ لاءِ، شاھھ
لطيف جا ساليانا ميلا، ھر ھنڌ لطيف ڊي، لطيف
يادگار ڪائونسل، لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌي ادبي
بورڊ، مسلم ادبي سوسائٽي، مدرسة البنات حيدرآباد
شاھد آھن، جي زندھھ جاويد آھن ۽ جن جي نسبت سان
علمي دنيا ۾ ميران محمد شاھھ صاحب بھ زندھھ ۽
پايندھھ رھندو. جيئن تاريخ سندس خدمتن ۽ ثقافتي
يادگارن کي محو ڪري نٿي سگھي، تيئن سندس زندھھ
جاويد شخصيت بھ تاريخي حيثيت سان بطور يادگار ۽
دائم رھندي. |