انصاري صاحب جي تحرير ۾ زندگي، شوخي، خفيف مذاق ۽
خوشگوار افتاد موجود آھن. سندس لفظن جو انتخاب
نھايت حسين ۽ انداز بيان دلنشين ھو. سندس زبان
استادانھ ۽ منطقي پختگيءَ سان ڀرپور نظر اچي ٿي.
سندس تحرير پڙھندڙ ۾ شگفتگي ۽ ڪشش پيدا ڪري ٿي.
سندس انداز بيان ٿڪائيندڙ ۽ منجھائيندڙ نھ آھي، پر
وندرائيندڙ ۽ روح افزا آھي. لطافت ۽ جامعيت،
رنگيني ۽ اثر انگيزي سندس تحرير جا اھم عناصر آھن.
ٻوليءَ جي سلاست، صحت ، بندشن جي پختگيءَ، استدلال
جي منطقي سٽاءَ، لفظن جي انتخاب، ۽ ترڪيبن جي
جامعيت جي لحاظ سان، انصاريءَ جي سنڌي زبان پنھنجو
مٽ پاڻ آھي. ”شاھ – ھڪ ڪيمياگر“،” سنڌي تھذيب“ ۽ ”
سنڌي زبان جا ثقافتي مسئلا“ نھايت لذيذ، جامع ۽
معلومات افزا مضمون آھن. انھن مضمونن جي جزالت ۽
رنگيني، شگفتگي ۽ جامعيت ٻڌائي ٿي تھ تحريرن جي پس
پردھ ھڪ صاحب مطالع، جمال پسند ۽ صاحب ذوق جو ھٿ
آھي. انصاري، تحرير جي برجستگي ۽ رواني، رنگيني ۽
صحّت، سلاست ۽ ميٺاڄ جي حيثيت سان، پنھنجي معاصر
احباب ۾ خاص مقام رکي ٿو.
انگريزي ادب کان سواءِ، فارسي ۽ اردوءَ جي قادر
الڪلام شاعرن جا بھترين اشعار ھميشھ سندس زبان تي
جاري ھئا. تقرير ھجي يا تحرير، غالب، حافظ، مير،
شاھھ، ضرور استعمال ڪندو ھو، پر پنھنجن ذاتي خطن ۾
بھ منتخب اشعار ائين جڙيندو ھو، جيئن منڊيءُ تي
ٽِڪ . ھو اھل علم ماڻھن جو قدر دان، قيافھ شناس ۽
جوھر شناس ھو.
ڪچھريءَ جو مور ھو، جنھن بھ ڪچھريءَ ۾ انصاري صاحب
ھوندو ھو، اھا ڪچھري بنھھ پيئي ٻھڪندي ھئي. ڪڏھن
تھ گرجدار ۾ پيو گجندو، تھ ڪڏھن ڪنن تي ھٿ رکي پيو
سرگوشيون ڪندو، ۽ مشڪندو ۽ مرڪندو. سندس مرڪڻ ۽
مشڪڻ ۾ بھ حسن ۽ دلاويزيءَ جا عجيب رنگ پسبا ھئا.
سندس مرڪڻ ۾ بشاشت ۽ دلي پاڪيزگي ھوندي ھئي.
منافقت ۽ ڪج ادائيءَ کان پري ھو، تنھن ڪري ھر
ڳالھھ ڦھڪائي ڏيندو ھو. دوستن تي، محبت ۽ بي
تڪلفيءَ جي ڪري، عجيب غريب لقب چسپان ڪري ڇڏيا
ھئائين، اھي لقب بيڌڙڪ استعمال ڪري، ڪچھريءَ کي
کلائيندو ھو. دل ۾ کوٽ کي سانڍڻ سندس طبع ۽ رندانھ
مشرب جي خلاف ھو.
ڳالھين جو ڳھير ھو. ڳالھھ مان ڳالھھ ڪندو،
کلائيندو، مزاح ۽ مذاق ڪندو، ھلندو ويندو. سندس
ھڪ ھڪ ڳالھھ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھلندي ھئي، پر ٻڌندڙن
جو سرور جئن پوءِ تئن وڌندو ويندو. ٿڪ ۽ انقباض
جو تھ وٽس نالو ئي ڪين ھو. ڳالھھ ڳالھھ ۾ ٽوٽڪا،
لطيفا، اشعار، ويندو جڙيندو.
انصاري صاحب جو دماغ، قلم ۽ زبان، افسانوي رنگ جا
ھئا. ھر ڪا سادي ۽ سولي ڳالھھ بھ افسانھ طرازيءَ ۽
رنگ آميزيءَ کان سواءِ ڄڻ ڪري ئي نھ سگھندو ھو.
سندس گفتگو جا جا پيمانا بھ غير معمولي ھئا.
مثلا، ھڪ ڀيري چيائين، ” مان وڃان ٿو!“
”ڪاڏي؟“
”ڪئناڊا“
”ڇو؟“
چي، ”اتي مون کي ستر ھزار ايڪڙ زمين الاٽ ٿي آھي!“
ٻئي دفعي چيائين، ”بابا، مون کان ڪم ڪار سنڀالي
وٺو“
”سائين، ڇو؟“
چي، ”لسٻيلي جي ڄام مون کي سٺ ھزار ايڪڙ زمين
ڏيڻي ڪئي آھي، اتي ڇھھ لک رڍون ڌاريندس!“
ھڪ ڀيري چيائين:” مون سسئي – پنھونءَ جو باغ ڏٺو
آھي. سسئيءَ جي باغ جي ھڪ لام ڇھھ ميل ھئي!“ (ٻيءَ
لام جي ڊيگھھ معلوم ڪرڻ جو سوال ئي نٿو اٿي!)
مطلب تھ انصاري صاحب نھايت شگفتھ مزاج بزرگ ھو.
حاضر جواب بھ ھڪڙو ئي ھو. ڳالھھ ۾ اصل نھ گسندو،
ھار اصل نھ کائيندو، پيو ڳالھھ کي مروڙيندو
سروڙيندو، پر آڻ نھ مڃيندو. سچ پچ تھ انصاري صاحب،
پنھنجي انفرادي حيثيت سان، وڏين خوبين جو مالڪ ھو.
رب ڪريم کيس مرھي، ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي.
انصاري صاحب جا وڏا سھارنپور ضلعي جي جنت آباد
ڳوٺ جا رھاڪو ھئا. سندس والد جو نالو ھدايت علي
انصاري ھو، جو ١٨٧٠ع ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ پوليس جي
نوڪريءَ ۾ گھڙيو. ١٩٠١ع ۾ سيوھڻ ۾ وفات ڪيائين. ان
وقت ھو سيوھڻ جو انسپيڪٽر ھو.
سندس والد، ميرپور ماٿيلي جي ”رند“ خاندان مان
شادي ڪئي ھئي. ان مان ٻھ پٽ ۽ ھڪ نياڻي اولاد طور
ڄاوا، انصاري صاحب، ٢١- آڪٽوبر ١٩٠١ع ۾، شڪارپور
۾ ڄائو. ابتدائي تعليم جي سلسلي ۾ ٢ درجا سنڌي،
شڪارپور جي ھڪ ننڍي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين.
ان کان پوءِ سندس چاچي شيخ صادق عليءَ کيس ميھڙ ۾
گھرايو، جتي ھو صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. ميھڙ ۾ چار
درجا پاس ڪري، وري شڪارپور واپس ويو، جتي انگريزي
اسڪول ۾ داخلا نھ ملڻ ڪري، مرحوم قاضي بھادر علي
شاھھ جي عربي مدرسي ۾ داخلا ورتائين. ٢ سال کن
فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تعليم وٺي، خيرپور ميرس جي اي
وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اھو اسڪول، اڳتي ھلي، ناز
ھاءِ اسڪول بنيو. اتي بھ ٻھ سال پڙھي، وري لاڙڪاڻي
جي اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي ٽيون ۽ چوٿون
پڙھي، پنجون وڃي خيرپور ۾ پاس ڪيائين. آخرڪار
١٩١٨ع ۾ شڪارپور ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
سندس چاھھ ننڍيءَ ٽھيءَ کان وٺي راند روند، ملھھ ۽
ٻلھاڙي سان ھو. زور آزمائي، پڃري کڻڻ، سندس محبوب
شغل ھو. ننڍي لاءِ کان طبيعت ۾ سادگيءَ جا جوھر
موجود ھئا. برين عادتن کان پري رھندو ھو. سادو
کائيندو ۽ سادو پھريندو ھو.
ميٽرڪ پاس ڪري، جھونا ڳڙھھ روانو ٿيو، پر اتي جي
پروفيسرن جي آڏيءَ پڇا ھمراھھ کي حيران پريشان ڪري
وڌو، سو ٽئين ڏينھن واپس شڪارپور پھتو. ڳالھھ اصل
ھيئن ھئي تھ انصاري صاحب پھرئين ڏينھن جيئن ڪلاس ۾
داخل ٿيو، تيئن ٻھ فيلوز آيا، ۽ ڪلاس ۾ چيائون:
”اٿي بيھن اھي، جن حسابن ۾ ٦٠٠ مان ٥٥٠ مارڪون
کنيون آھن!“ اٽڪل روءِ اڌ ڪلاس اٿيو.
وري چيائون، ”اٿن اھي، جن ٥٩٥ مارڪون کنيون آھن.“
”سنڌين مان ھڪ مسٽر دل اٿيو، باقي ڪاٺياواڙي ۽
گجراتي ھئا.“
انصاري صاحب محسوس ڪيو تھ مون سارو وقت ملھن ۽
ٻلھاڙن ۾، پڃرين ۽ زور آزمائيءَ ۾ گذاريو آھي، سو
ھت ڪٿي ٿي دال ڳري! ڪلاس ھلندي، دريءَ کان ٽپو
ڏيئي، نڪتو ٻاھر- سڌو بورڊنگ ۾ ٽپڙ ٻڌي، ان ئي
ٽاڻي اچي اسٽيشن جي ڀر ورتائين. سنگت سمجھايس، پر
انصاري صاحب چيو تھ ”مون کنيون آھن ٦٠٠ مان فقط
پنجاھھ مارڪون، سو ھت ڪھڙا ڦاڙھا ماريندس، ڇو ڪين
اھڙي ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيان، جتي ”انڌن ۾ ڪاڻي
راجا“ وانگر تھ من ڳڻ ۾ اچان!“ ٽئين ڏينھن
شڪارپور ۾ پھتو، امڙ جي آڏيءَ پڇا ۾ وراڻيائين:
”مٺي امان، جيجل، جھونا ڳڙھھ جي آبھوا ڀانءِ ئي
ڪا نھ پئي. ڊاڪٽرن چيو تھ ڀڄ، ميان سنڌي، نھ تھ
سلھھ ٿي پونديئھ!“
شڪارپور مان عليڳڙھھ ويو، ۽ اتي ١٩٢١ع ۾ انٽر پاس
ڪيائين. ١٩٢١ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي وئي. مولانا
محمد علي جوھر ۽ مھاتما گانڌي، عليڳڙھھ ۾ کپ کوڙي
ويٺا تھ ڪاليج بند ڪريو.
انصاري صاحب ٿو ڳالھھ ڪري:
”مولانا محمد علي جوھر ۽ گانڌيءَ چيو تھ ڪاليج ڇڏي گھرن ڏي موٽي وڃو. يونين
ھال ۾ جلسو ھجي، مون اٿي گانڌيءَ کان سوال پڇيو
تھ ” ھيءُ ڪاليج تھ ڇڏايو ٿا، ڀلا ڪو ٻيو ڪاليج
کوليو اٿو ڇا؟“ مولانا محمد علي اٿي بيٺو،
للڪاريائين، ”او، تاريخ پڙھي اٿئي؟“ مون چيو،
”جي“. چيائين، ” روسين جڏھن ماسڪو جلائي ڇڏيو ھو،
تھ ڪو ٻيو ماسڪو بھ تيار ڪيو ھئائون ڇا؟“ مون
وراڻيو تھ ”نھ“. تڏھن چيائين، ” روسين دشمن کان
بچاءَ لاءِ گھر گھاٽ جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا: اسين بھ
سڀ ادارا ويران ڪري ڇڏينداسون!“ پوءِ تھ مون ورتي
پشاور جي ٽڪيٽ. قصو ڪوتاھ ٻارھن ڏينھن جي ڏکن
ڏولائن کان پوءِ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اچي گھر
لڌم.“
عليڳڙھ جي زندگيءَ انصاري صاحب جي زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب پيدا ڪيو. اھي
اڳيون ارڏايون سڀ ختم، مطالعي کي لڳي ويو، سندس
چوڻ موجب ”اچي لٽن لئبرريءَ کي منھن ڏنم“
سنڌ مان پوءِ سندس انگلنڊ وڃڻ ٿيو. انگلنڊ جا عجيب غريب واقعات ٻڌائيندو ھو.
ھڪ واقعو ٻڌو:
چي: ”ھڪ ڏينھن خدا جو ھجي، شھر ۾ اوندھ انڌوڪار، ھٿ نھ ڏسي ھٿ کي، ڪھيڙي جا
ڪوٽ چڙھي ويا، ٿڌ چوي تھ اڄ نھ پوان تھ ڪڏھن
پوان! رڙھي ويس پوسٽ آفيس وٽ. ڏسان کڻي تھ ھڪ شخص
چڱيءَ چوکيءَ عمر جو، ڪرڙوڍ، ٿڌ لڳڻ ڪري ڪري پيو
آھي. وڌي وڃي اٿاريومانس. جان کڻي ڏسان تھ بادشاھھ
سلامت، جارج پنجون! ھٿ ۾ لفافو ھجيس – ائڊريس
تاڙي ورتيم. ھٿ سان اشارو ڪيائين – خاموش، ھي ھڪ
راز آھي! پوءِ وڌي وڃي لفافو سٽيائين. گاڏي ڪري
ڏنيمانس، پوءِ ھليو ويو. مون ان ائڊريس تي ”جارج“
جي معشوقھ سان ملاقات ڪئي: چئي ڏنومانس، مان راز
کان واقف آھيان!“ ائين چئي ، انصاري صاحب سگريٽ
جو ڪش لڳايو ۽ دونھن ۾ ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنائين!
آخرڪار ١٩٢٥ع ۾ ايم اي ۽ جرنلزم ۾ ڊپلوما وٺي واپس آيو. انگلنڊ مان واپس
اچي ”بمبئي ڪرانيڪل“ اخبار ۾ سيد بريلويءَ وٽ ڪم
شروع ڪيائين. ھڪ ھفتي کان پوءِ، سر غلام حسين
پوني ۾ گھرائي چيو تھ سنڌ ۾ ملازمت ڪريو. ٻن مھينن
کان پوءِ ٢٧- نومبر ١٩٢٥ع تي، ميرپورخاص مدرسي جو
ھيڊ ماستر ٿي آيو. ٻن سالن کان پوءِ، ١٩٢٧ع ۾،
نوشھروفيروز بدلي ٿيو. اتي ١٩٣٣ع تائين رھيو.
اتاھون وري ميرپورخاص بدلي ٿي آيو. ١٩٤٠ع ۾
ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو. ١٩٤٧ع ۾
ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندي، موٽر حادثي ۾ زخمي
ٿي، ٻارھن مھينا موڪل تي رھي، ان کان پوءِ ايس-
ٽي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيو. ١٩٥١ع کان ١٩٥٧ع آڪٽوبر
تائين ڊي- پي- آءِ ٿي رھيو. ان کان پوءِ پينشن تي
لٿو.
پينشن کان پوءِ مصروف زندگي گھارڻ لاءِ ملير ۾ فارم لڳارايائين. ان مان
ڀاڄيءَ ۽ ميوي جي وڪري مان روزاني ڪافي پيدائش ٿي
رھي آھي. فارم سان گڏ شاھ لطيف جي رسالي جي ايڊٽ
جو ڪم بھ ڪندو رھيو. تازو سال کن”سنڌي ادبي بورڊ“
جو اعزازي سيڪريٽري بھ ٿيو.
وفات کان اڳي نٿياڳلي ۽ ڪوھ مريءَ جي سير تان تازو واپس آيو ھو. وفات کان ھڪ
ڏينھن اڳ، اي- ڪي- بروھيءَ سان خاص ملاقات ڪيائين،
جنھن سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن ۽ تقاضائن متعلق کانئس
ڪافي معلومات حاصل ڪئي. انصاري صاحب سنڌين جي
حقوق، زبان ۽ ادب جي مسئلن، سنڌي ملازمن ۽ سنڌ جي
زمينن متعلق معلومات افزا ياد داشت ٺاھي جناب اي
ڪي بروھيءَ کي ڏني آھي. اھا سندس آخري رات ھئي.
رات جو دل ۾ دانھن ڪيائين، ۽ اسر ويل الوداع
ڪيائين. اھو ڏينھن ٢ – سيپٽمبر ١٩٦٢ع جو ھو. سندس
عمر ٦٥ سال رھي. سندس وفات تي سنڌ جي ڪاليجن،
اسڪولن ۽ علمي ۽ ادبي ادارن موڪل ڪئي. ”سنڌي ادبي
بورڊ“ جي آفيسن ۾ تعزيت جو ٺھراءُ پاس ڪري، اخبارن
۽ سندس پسماندن ڏانھن موڪليو ويو.
آخر ۾ اھا گذارش آھي تھ مرحوم انصاري صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مقالن
کي سنڌي ادبي بورڊ جي اھتمام سان شايع ڪيو وڃي،
جيئن ھڪ سنڌي عالم جي علمي ڪاوش ضايع نھ ٿي وڃي.
نام نيڪو رفتگان ضايع مڪن
اسين سندس فرزند فريد ۽ سندس پسماندن سان دلي ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي، دست
بدعا آھيون تھ رب ڪريم مرحوم مغفور کي جنت ۾ جاءِ
ڏئي ۽ مرھي!
]نمبر ٢، سال ١٩٦٢ع
[
سيد ٻڍل شاھھ بخاري
ھيءَ خبر نھايت ڏک سان ٻڌي ويندي تھ سنڌ جو مشھور
”صوفي“ ۽ علم دوست بزرگ، سيد ٻڍل شاھ بخاري، ستر
سالن جي طويل عمر ماڻي، ١٣- ڊسمبر ١٩٦٢ع ۾ وفات
ڪئي، انا لله وانا اليه راجعون.
شاھ صاحب مرحوم، ڳوٺ تنيا، بقا شاھ جو رھواسي ھو،
۽ جھوڪ شريف جي بزرگن جو مريد ھو. سلسلھ قادريھ
کان سواءِ، چشتيھ ۽ نقشبنديھ ۾ بھ شغف رکندڙ ھو.
ساري عمر سير سياحت ۾ گذاريائين.
ھندوستان جي سڀني وڏن وڏن بزرگن سان صحبتون ۽
رھاڻيون ڪيائون. ھر مذھب ۽ مشرب جي عالمن ۽ درويشن
سان سندن قرب ۽ انس رھيو. پنھنجي اباڻي ڪکن ۾
زندگيءَ جا باقي ڏينھن خاموشيءَ ۽ خلوت نشينيءَ ۾
گذاريائين.
مرحوم صوم و صلواة، ذڪر اذڪار، اوراد ۽ وظائف جو
پابند ھو. پنھنجي تر ۾ ھڪ صاحب دل ۽ مستجاب
الدعوات درويش صفت ماڻھو ليکيو ويندو ھو.
شاھ صاحب، پيرن فقيرن جي مزارن جو پانڌيڙو ھو. جتي
بھ ڪنھن نيڪ مرد جو واسو ٻڌندو ھو، اتي ڪھي ويندو
ھو. پوئينءَ عمر ۾ ٻن سالن کان مٿس فالج جو
خطرناڪ حملو ٿيو ھو. سندس لئبرريءَ ۾ نھايت عمدا
۽ علمي، ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتاب موجود آھن، اسان سندن
فرزندن، سيد الھھ بخش شاھھ(پي- پي، ريڊيو
حيدرآباد) ۽ احمد شاھھ بخاريءَ کي توجھھ ٿا
ڏياريون، تھ ھو مرحوم جي شعر ۽ مضمونن ۽ قلمي
ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڪوشش ڪن. ٿي سگھي تھ ”مھراڻ“
۾ ڇاپڻ لاءِ موڪلي ڏين. اسان جي دعا آھي تھ رب
ڪريم کيس مرھي، ۽ پس ماندن کي صبر جميل عطا
فرمائي.
صوفي ڌڻي بخش
ھيءَ خبر سنڌي ادب ۽ اديبن لاءِ نھايت ڏک جو
باعث ٿيندي تھ مرحوم ڌڻي بخش سھاڳ صوفي، تاريخ ٢٣
– ڊسمبر ١٩٦٢ع بروز آچر ٣ بجي رات، داغ مغارقت
ڏيندي، دارالبقا ڏانھن راھي ٿيو. صوفي مرحوم،
سنڌي زبان جو عاشق صادق ھو. نھٺو ۽ نماڻو، متواضع
۽ بلند اخلاق شخص ھو. ساري عمر تعليم ۽ علمي طلب ۾
گذاريائين. سندس شخصيت ۾ ھڪ محب انسانيت واري دل
ھوندي ھئي. تصوف ۽ فقيريءَ سان سندس والھانھ شغف
ھو. وڏن بزرگن ۽ عالمن جو صحبت يافتھ ھو. مرنج
مرنجان طبع وارو نيڪ ماڻھو ھو. سنتن ۽ ھندو فقيرن
کان ويدانت فلاسافيءَ تي گھڻو ڪجھھ استفادو
ڪيائين. مسٽر جئسنگھاڻيءَ جي صوفيانا سنگت سان
آخري دم تائين نباھيندو آيو. سندس ڪتابن تي سندس
مقدما بھ لکيل آھن. سندس انداز بيان سٻاجھو ۽
ٻاجھارو ، سليس ۽ سادو ھوندو ھو. اول اول پرائمري
استاد ٿيو، ان کان پوءِ ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۽
مٺياڻيءَ ۾ اٽڪل ڏھاڪو کن سال استاد ٿي رھيو.
رٽائرڊ ڪرڻ کانپوءِ سچل سرمست ھاءِ اسڪول حيدرآباد
۾ اسسٽنٽ ماستر ٿيو. اتي سنڌي ادب ۽ زبان جي وڏي
خدمت ڪيائين. صوفي صاحب جي اھا ھڪ عجيب عادت ھوندي
ھئي، تھ ڪو بھ جلسو نھ ڇڏيندو ھو. سنڌي ادب متعلق
ڪا بھ ڪانفرنس نھ گسايائين. لطيف ۽ سچل جو مداح
ھو. ھر ورسيءَ ۾ شامل رھيو، جتي بھ رھيو، چراغ
انجمن ٿي رھيو. سندس مريداڻو تعلق عباسي خاندان
سان توڙ تائين رھيو. ھو مھتاڻي(خيرپور ميرس) جي
عباسي بزرگن جو پانڌيڙو ھو. ان خاندان جي ھڪ فرد
ڊاڪٽر رحم علي صاحب عباسي (حيدرآباد) سان اھو ئي
مريداڻو ناتو نباھيندو آيو. صوفي صاحب، حيدرآباد
مان موڪلائي جيئن لاڙڪاڻي پھتو، تيئن بخار جي ڪري
اوچتو وفات ڪيائين. دعا آھي تھ کين رب ڪريم جنت
نصيب ڪري، ۽ سندس پسماندن کي صبر جميل عطا ڪري.
مسٽر جئسنگھاڻي ۽ سرلا ديوي ۽ سندس احبابن کي عرض
آھي تھ سندس مضمون، مقدما ۽ مقالا گڏ ڪري ڇپايائين
يا ”مھراڻ“ ڏانھن اشاعت لاءِ موڪلين.
]نمبر
٤، سال ١٩٦٢ع
[
علامھ عنايت الله مشرقي
علامھ عنايت الله المشرقي، برصغير پاڪ و ھند جي ھڪ
جليل القدر ۽ عظيم المرتبت عالم دين، مفڪر ۽ مجاھد
جي حيثيت سان بين الاقوامي شھرت جو مالڪ ھو.
علامھ صاحب ٢٦- آگسٽ ١٩٦٣ع تي وفات ڪئي آھي.
علامھ مشرقي نھ فقط جديد ۽ قديم علوم و فنون جو
ھڪ متبحر عالم ھو، پر ان سان گڏ سياسي بصيرت جو
بھ مالڪ ھو. علامھ صاحب نھ فقط گفتار جو غازي ھو،
پر ان سان گڏ ڪردار جو بھ غازي ھو. سندس علمي ۽
ديني، فڪري ۽ ملڪي، مجاھدانھ ۽ محققانھ خدمتون کيس
نھ فقط اسلامي دنيا ۾ ھڪ انفرادي حيثيت ڏئي چڪيون
آھن، پر ان سان گڏ سندس قرآن تي پيش ڪيل ريسرچ کيس
جديد عالمن ۽ سائنسدانن جي پڻ صف اول ۾ شمار ڪرڻ
تي مجبور ڪيو آھي.
علامھ مرحوم، پنھنجي پوري عمر عزيز، قرآن جي مطالع
۽ جديد علوم جي تحصيل ۽ تنقيد ۾ گذاري ڇڏي ھئي.
سندس قرآني اڪتشافات، ھن دور جي معرڪ آرا سائنسي
مسئلن متعلق، محققانھ ۽ عالمانھ ۽ مباحث تي مشتمل
آھن. ان سلسلي ۾ تذڪره ۽ حديث القرآن جو پايو
نھايت بلند آھي.
”تذڪره“ سندس عميق ۽ دقيق، محققانھ ۽ عالمانھ
مطالع جو بيش بھا شاھڪار آھي، جنھن ۾ ”انسان ۽ ان
جي ارتقاءَ“ متعلق نھ فقط جديد سائنسي نظريات جي
تائيد ڪئي وئي آھي، پر ان سان گڏ، ڊارون ۽ ان جي
خوشھ چين محققن جي بعض علمي ۽ سائنسي فروگذاشتن جي
اصلاح پڻ ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ علامھ صاحب،
”الاھيات ۽ ماوراءِ الطبعيات“ متعلق بحث ڪري،
ڊارون جي نظريات مان پيدا ٿيل غلط قسم جي ملحدانھ
۽ لاديني نظريات ۽ خدشات جي پڻ سخت ترديد ڪئي
آھي، جديد سائنسي علوم ۽ نفسيات جي روشنيءَ ۾
”وحي الاھي“ جو عجيب غريب تعبير پڻ پيش ڪيو آھي،
۽ ٻڌايو اٿس تھ جديد علوم جي تحصيل ۽ تڪميل کان
پوءِ الحاد ۽ ارتياب جي پيدا ٿيڻ جو علاج فقط قرآن
ئي پيش ڪيو آھي.
”تذڪره“ قرآن جي انھن ”منصوص اشارات“ جو سائنسي
تفسير آھي، جو دنيا ۾ پھريون ڀيرو ھڪ مسلم عالم
جي قلم مان پيدا ٿيو.
ان سلسلي ۾ علامھ جوھري طنطاوي جي تفسير کان علامھ
مشرقيءَ جي تحقيق جو پايو بلند آھي. علامھ مرحوم،
ھڪ طرف آئن اسٽائن، برگسان ۽ ڊارون پارن عالمن جي
نظريات، ارتقاءَ ۽ زمان مڪان متعلق تذڪر ه ۾ مفصل
طور بحث ڪيو آھي تھ ٻئي طرف خالص حياتياتي نقط نظر
سان پڻ انسان جي تخليق ۽ ارتقاءَ تي بحث ڪري، مغرب
جي مشھور عالمن جي غلطين جي اصلاح ڪئي آھي.
علامھ مشرقيءَ جو” تذڪره“ جڏھن تھ سندس مجتھدانھ
بصيرت ۽ محققانھ ڪاوشن تي مشتمل ھو، تڏھن تھ وقت
جي قديم الخيال عالمن، جي جديد علوم کان ناآشنا
ھئا، تن ان متعلق ڪنھن بھ علمي راءِ جو اظھار نھ
ڪيو، بلڪ قدامت پرست ۽ رجعت پسند طبقن طرفان
”تڪفير“ جي فتوا تائين پڻ نوبت پھتي، ان جي مقابلي
۾، يورپ جي عالمن ۽ محققن، ”تذڪره“ کي پنھنجي دور
جي وڏي علمي تحقيق قرار ڏئي کيس ”نوبل پرائيز“ جي
آڇ ڪئي، ان لاءِ فقط اھو ھڪ شرط وڌو ويو تھ علامھ
صاحب، تذڪره انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪري پيش ڪري، پر
پاڻ ائين نھ ڪري سگھيا.
تذڪره کان پوءِ سندن ”خطبات ۽ مقالات“ کي وڏي
شھرت حاصل آھي، جنھن ۾ سندن انداز شعلھ انگيز ۽
ولولھ خيز خطيب وارو آھي. سندن لب ولھجھ ۾ شدت ۽
غلظت، انداز بان ۾ ندرت ۽ غرابت سان گڏ بيپناھھ
روانيءَ ۽ باطل شڪن دلائل جي فراواني کي ڏسي انسان
دنگ رھجي ٿو وڃي!
علامھ صاحب جڏھن تھ رياضيات جو بھ ماھر ھو، تڏھن
سندس علمي ۽ فڪري اندازا بھ رياضيءَ جي اصولن موجب
ھئا. علامھ صاحب، ھڪ نبّاض ۽ رياضيدان معالج
وانگر، بطور پيشگوئي، عجيب غريب انڪشافات سان پوري
ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو ھو.
سندس علمي ۽ ديني خدمت جي سلسلي ۾ سندس آخري
تحقيقي ڪاوش ”تڪملھ“ کي وڏي اھميت حاصل آھي،.
”تڪملھ“ جي ٻن ضخيم جلدن ۾ علامھ صاحب قرآن ڪريم
جي ترتيب، حضور رسالت ماب صلي الله عليه وسلم جن
جي ذات بابرڪات ۽ سندن حيات طيبھ ۽ واقعات ۽ حالات
سان تطبيق ڏيندي، بيان ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ بعض
مستشرقين، قرآن جي نزولي ترتيب کي قائم ڪرڻ لاءِ
گھڻو ڪجھھ ڪيو آھي، پر سندن نگاھ جڏھن تھ صاحب
القرآن جي حيات طيبھ تي نھ رھي آھي، لھاذا ان
ترتيب جي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيا آھن. ان حيثيت
سان بھ علامھ موصوف پھريون عالم آھي، جنھن حيات
طيبھ ۽ اسوهءِ حسنھ کي ترتيب نزوليءَ جي تطبيق ۽
تعبير سان بيان ڪرڻ جي پھرين ڪوشش ڪئي آھي، گويا
سيرت النبي کي قرآن بصيرت جي روشنيءَ ۾ ترتيب ڏيڻ
جي ڪوشش ڪئي آھي.
ان ڪم متعلق اگرچ مولانا شبلي ۽ ابوالڪلام آزاد بھ
پنھنجي مقالات ۾ اشارات ڪري ويا آھن، پر ان جو
عملي طور منصئھ شھود تي اچڻ علامھ مشرقيءَ جي ذات
سان وابستھ ھو. پاڻ ان ڪم جو بنياد رکيو اٿن،
ھاڻي ڪو صاحب علم ھجي جو ان ڪم کي پايئھ تڪميل تي
بھ پھچائي، ۽ علامھ مرحوم جي ڪن فروگذاشتن جي
تصحيح بھ ڪري. ھن دور جي وڏي خدمت اھا ئي سمجھڻ
گھرجي.
علامھ مرحوم جي جديد تاويلات ۽ ڌمبيوات، قرآن حڪيم
جي جديد ۽ سائنسي تشريحات نھ فقط کيس بين
الاقوامي شھرت ڏني، پر برصغير پاڪ و ھند جي وڏن
وڏن جليل القدر عالمن ۽ محققن کي بھ جھڪائي ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ تذڪره، حديث القرآن ۽تڪملھ قرآني
حقائق و معارف تي بيش بھا شاھڪار جي حيثيت رکن
ٿا. انھن ڪتابن کي مطالع ڪرڻ نھ فقط قديم الخيال
عالمن لاءِ لازمي امر آھي، پر ان سان گڏ مغربي
علوم ۽ نظريات کان متاثر ۽ مرعوب ٿيل نوجوانن
لاءِ بھ اھي ڪتاب اڪسير جي حيثيت رکن ٿا. اھي
ڪتاب اگرچ فن ۽ مواد، جدت بيان ۽ ندرت خيال جي
حيثيت سان نھايت مغلق ۽ عسير الفھم آھن، تاھم ڪنھن
وڏي عالم جي رھبريءَ ھيٺ انھن جو حل ڪرڻ آسان
آھي. موجودھ الحاد ۽ زندقي جي دور ۾ انھن جو مطالع
روح پرور ۽ ايمان افروز ثابت ٿيندو. |