ميران محمد شاھھ صاحب، خانداني لحاظ سان نھايت
نجيب ۽ حسيب خاندان جو فرد وحيد ھو. شاھھ ڪريم ۽
شاھھ لطيف بھ متعلوي سادات آھن. اھا فخر جھڙي
ڳالھھ آھي جو شاھھ صاحب ان بزرگ ۽ برگزيدھھ
خاندان مان ھو. ان سڳوري ۽ سونھاري خاندان مان ٻيا
بھ ڪيئي صالح ۽ برگزيدھھ روزگار عالم ۽ فاضل پيدا
ٿيا آھن، پر جا شھرت ۽ مقبوليت ھن دور ۾ ميران
محمد شاھھ صاحب کي حاصل ٿي آھي، اھا تمام ٿورن کي
نصيب ٿي ھوندي.
سائين ميران محمد شاھ جي طبيعت ۾ اڃا جواني ديواني
واري سرمستي ۽ سرخوشي، رنگيني ۽ افتادگي موجود
ھئي. راڳ ۽ رنگ جي محفل ۾ سندس ڪيف آور نقل و حرڪت
مان ثابت آھي تھ عاشق مزاج شاعر جوانيءَ جي دور
لافانيءَ مان گذرڻ کان بعد ۾ بھ عشق جو دم ٿي
ڀريو. ان جون اکيون اڃا بھ پري وش ۽ حورتمثال
حسينن جي نظارھھ جمال کان خيرھھ ٿي ٿيون. ان جي
دل، لذت عشق کان اڃا تائين بيدار ۽ سرشار ھئي،
”حافظ“ پوڙھپ ۾ شايد پنھنجي حقيقت بيان ڪئي آھي:
گرچ پيرم تو شبي تنگ در آغوشم گير،
تاسحرگه ز ڪنار تو جوان برخيزم.
ميران محمد شاھ صاحب ۾ اڃا بھ ولولھءِ حيات
موجود، جذبات موجود ۽ زندگيءَ جا مخمورڪن ۽
محسورڪن لمحات موجود ھئا. اھا ئي رندي، اھا ئي
مستي، اھا ئي بيريائي، اھا ئي قلندري، نڪا شيخي،
نڪا مشائخي، نڪا پارسائي، نڪا سيدپائي: ” سموري
سرڪار نيئي رکج نانھن ۾“، جي مصداق ھو.
منھنجي ھن طول ڪلاميءَ کي ڪي ناقد ڀلي تھ ڇا جو
ڇا سمجھن، آءٌ معافيءَ جو خواستگار آھيان، پر سندم
ضمير گواھھ آھي تھ آءٌ ھڪ اھڙي شخص متعلق لکي
رھيو آھيان، جو اسان وٽ چراغ سرحي ھو، جو بيشڪ ھڪ
انسان ۽ مرڪب خطاو نسيان ھو. ان ۾ عيب بھ ھئا، ۽
يقينا ھوندا؛ پر پنھنجي طبع حسن پسند ۽ ھنر پسند
آھي. نڪتھ چينيءَ ۽ عيب چينيءَ جون مھلون ٻيون بھ
گھڻيون آھن. ھر ڪو پرپٺ پيو ٻين جا عيب ٻولي ۽
ڦولھي. رب شال معاف فرمائي.
مون شاھھ صاحب جو تفصيلي خاڪو ان ڪري ڇڪيو آھي،
جئن سندس شخصيت ۽ ان جي تصوير قارئين اڳيان ھوبھو
رھي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سندس ڪلام جو مطالعو پڻ
ڪري سگھجي. چوڻ واري سچ چيو آھي:
آورم پيش تو ھر لحظھ پيام دگران،
گويمت تا سخن خويش بنام دگران.
(قيصري تبريزي)
ڪلام پنھنجي صاحب الڪلام جي تصوير آھي، ان جو
صحيح طور مطالعو شخصيت جي مطالعي کان پوءِ ئي ڪري
سگھجي ٿو.
سائين ميران محمد شاھھ مرحوم ٽکڙ جي انھن شاعرن جو ساٿاري ھو، جي پنھنجي فن
۾ يگانھ روزگار رھيا. حامد، مخلص، دلگير، بسمل،
فدا، حافظ شاھھ سنڌ جا بھترين شاعر تسليم ڪيا ويا
آھن. انھن جي خوش بياني، رواني، زبان جي طرفگي،
محاورات تي دسترسي ، طرز ادا جي پختگي ڪٿان لڀي؟
سائين ميران محمد شاھھ فطرتا شاعر بھ ھو ۽ جمال پسند بھ ھو. سندس شاعري ھڪ
عاشق ۽ صاحب درد شاعر جي شاعري آھي، جنھن جو توجھھ
شعر جي ٻاھرينءَ جوڙجڪ، مصنوعي ٺاھھ ٺوھھ، عروضي
ڀڃ – گھڙ ۽ لفظي ايچ پيچ کان مٿي، فقطھ شاعرانھ
خيال تي ھو، بقول روسي:
من نھ دانم فاعلاتن فاعلات،
شعر مي گويم بھ از آب - حيات.
سائين ميران محمد شاھھ جو ڪلام ” فاعلات فاعلات“
وارن کي نھ بھ آئڙي، پر ڪلام جي روح ۽ ان جي
رنگينين جي ڄاڻڻ لاءِ تھ بھترين ۽ پر ڪيف ڪلام
آھي. ان ۾ سادگي ۽ برجستگي آھي، ان ۾ پختگي ۽
بيساختگي آھي، سونھن ۽ ورونھن آھي. ڪيتريون
ڪافيون وجد انگيز آھن، ۽ ڪيترا غزل معياري نظر
آيا.
ھڪ وزير مملڪت ۽ سفير السلطنت، سياستدان ۽
قانوندان کان غنيمت آھي تھ ھن اديبن ۽ شاعرن جي
ساٿ ۾ اچڻ ۽ رھڻ ۾ بھ فخر ٿي سمجھيو. اگر ھڪ اڌ
غزل يا ھڪ اڌ ڪافي ئي سنڌي ادب کي سائين ميران
محمد شاھھ مرحوم ڏئي وڃي ھا، تھ اھا بھ غنيمت ھئي.
اڄ سائين ميران محمد شاھھ مرحوم اسان وٽ موجود نھ آھي، پر سندس مرڪندڙ منھن
مان نڪتل ڳالھيون ۽سندس روح پرور رھاڻيون تھ ڪڏھن
بھ وسري نٿيون سگھن.
آخر ۾ دعا آھي تھ رب ڪريم شال کيس مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس پسماندگان
مان سندن ڀاءُ سيد قاسم علي شاھھ، سندس ھوئڻھار
ڀائٽي سيد قمر الزمان شاھھ، سندس عزيزن حافظ شاھھ
”حافظ“، اسد الله شاھھ ” بيخود“، امداد حسيني،
شبير ”ھاتف“، سوز ٽکڙائي، روشن علي شاھھ وڪيل،
غلام محمد شاھھ، عبدالھادي شاھھ، اڪرم شاھھ ۽
اشرف شاھھ وغيرھھ کي صبر جميل ۽ اجر جزيل عطا
فرمائي!
]نمبر
٤، سال ١٩٦٣ع
[
مولانا عبدالڪريم چشتي
ھيءَ وحشت اثر خبر، وڏي افسوس ۽ رنج سان ٻڌي
ويندي، تھ سنڌ جو مشھور واعظ الاسلام ۽ سحر طراز
اھل بيان ” سبحان السنڌ“ حضرت مولانا عبدالڪريم
چشتي شڪارپوري، ڪافي عرصي جي علالت کان پوءِ ٣١
مارچ ٦٤ع تي، شڪارپور ۾، ھن دار فانيءَ مان
انتقال ڪري، سراءِ جاودانيءَ ڏانھن راھي ٿيو. انا
الله وانا اليه راجعون.
مولانا چشتي پنھنجي علمي ۽ فني حيثيت سان، ھڪ مخلص
قومي خادم، سحر طراز واعظ، ۽ جادو بيان اھل قلم
ھو. سندس علمي ۽ ادبي زندگي سنڌ جي ماڻھن لاءِ
عبرت جو داستان آھي.
مولانا ھڪ غريب ۽ پسماندھھ خاندان ۾ پيدا ٿيو.
پنھنجي ذاتي جوھر ۽ رياض سان، بلند شخصيتن ۾ شمار
ٿيڻ لڳو. جن سندس گوھر افشان زبان سان، تقرير ٻڌي
آھي، اھي اڄ سندس انداز بيان ۽ اسلوبِ تقرير لاءِ
سڪي رھيا آھن. سنڌ کي مرحوم مولانا چشتيءَ جي طاقت
لساني تي ناز آھي.
مولانا چشتي، ساري عمر وطن عزيز جي آزاديءَ جي جنگ
۾، مجاھدانھ پيش قدمي ڪندو رھيو، کيس قومي ۽ ملڪي
حلقن ۾، عزت ۽ احترام جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو.
مولانا جي سياسي زندگي، خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن
مان پيدا ٿي. پاڻ آزادي وطن جي ھلچل ۾، ڪيئي سال
قيد فرنگ جون مشقتون بھ ڪاٽي چڪو ھو.
مولانا چشتي، خلافت تحريڪ ۾، سنڌ جي مجاھد اعظم،
حضرت مولانا امروٽيءَ جو مقلد رھيو. ان سلسلي ۾،
علي برادران، اجمل خان، حڪيم نثار احمد انصاري،
مھاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد پارن شھرھھ آفاق
سياسي ليڊرن سان گڏ ڪم ڪيائين، ۽ ساري ھندستان ۾
انھن سان گڏجي دورا ڪيائين: سندس تقريرون دھليءَ،
لکنو، ڪانپور، اجمير ۽ لاھور جي سياسي جلسن ۾
نھايت پسند ڪيون ويون.
سندس اسلامي تبليغ ۽ وعظ گوئيءَ جي شھرت، سنڌ کان
ٻاھر پنجاب، بلوچستان، يوپي ۽ سي پي تائين پھتل
ھئي. اسلامي تقريبن، خاص طور ميلاد النبي ۽ واقع
ڪربلا تي سندس بصيرت افروز خطاب، ولولھ انگيز ۽
پرجوش رھندا ھئا. سندس انداز بيان ۾ بي پناھھ
رواني، برجستگي، شستگي ۽ شائستگي ھئي. پاڻ اسلامي
تبليغ جي سلسلي ۾ بھ ھندستان جي وڏن وڏن شھرن ۾،
عطاءُ الله شاھھ بخاريءَ جھڙن جادو بيان مقررين جي
موجودگيءَ ۾ نالو ڪڍيائين.
مولانا چشتي، ھڪ صوفي الطبع شخص ھو، ۽ ساري عمر
ھندو-مسلم اتحاد لاءِ ڪم ڪيائين. سندس تقريرون ۽
تحريرون، اخبارون ۽ ايڊيٽوريل نوٽ اڄ بھ سندس
جودت طبع، حب الوطني ۽ لساني خصوصيات لئھ ساک ڀرين
ٿيون.
مولانا چشتي، ھڪ طرف ھڪ عالم دين ۽ مبلغ اسلام جي
حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪيو، تھ ٻئي طرف، سنڌي
زبان جي خدمت جي سلسلي ۾ بھ ڪافي خدمت ڪيائين.
مولانا جي ادبي خدمتن، خاص طور سندس علمي ۽ ادبي
جواھر پارن، تقريري انداز ۽ تحريري اسلوب کي اڳيان
رکي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن کيس ”سبحان السنڌ“
جي لقب سان نوازيو.
مولانا چشتي سنڌ جو ڪامياب ۽ بااصول صحافي پڻ ھو.
سنڌ جي ڪيترين روزانھ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رھيو.
سندس ايڊيٽوريل نھايت سنجيدھ، پرڪشش، زوردار ۽
بصيرت افروز ھوندا ھئا. ملڪي معاملن جھڙن خشڪ ۽
ٿڪائيندڙ مسئلن تي بھ پنھنجي رنگين ۽ شيرين زبان
سان، جادو جھڙو رنگ چاڙھي ويندو ھو. سندس ھر ھڪ
ايڊيٽوريل، زبان جي نقطھ نگاھھ کان، ھڪ ادبي
شھپارو ھوندو ھو. سندس قلم ادب ۽ سياست جو گويا
جامع ھو.
تصنيفات ۽ تاليفات جي سلسلي ۾ فارسي ۽ سنڌي، ٥٤
ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن جو مواد تبليغي آھي. ڪا
بھ مناظرانھ ۽ دل آزار تحرير سندس قلم مان نھ
نڪتي.
مولانا چشتي، مشربا چشتي طريقي جو پوئلڳ ھو، ۽
سياسي طور ھندو- مسلم اتحاد جو حامي ھو. کيس ملڪ
جا سڀ خلافتي ۽ ڪانگريسي سياسي ليڊر عزت جي نگاھھ
سان ڏسندا ھئا.
مذھبي خيال کان، پاڻ ديوبندي مڪتب فڪر جو مقلد
ھو. ان سلسلي ۾ سندس تاليفات پڻ معرڪھ آرا مباحث
تي مشتمل آھي، ديوبندي نظريات ۽ افڪار جي مدلل
تائيد ۽ تشريح سندس مشھور ڪتاب ”تلوار حق“ ۾ موجود
آھي. مزو اھو آھي تھ اھڙو مذھبي ۽ متنازع فيه
موضوع بھ انتھا درجي جي سنجيد ه، شيرين ۽ ادبي
زبان ۾ لکيائين، جنھن جي مطالع کان پوءِ، اندازو
ٿئي ٿو تھ مولانا چشتيءَ جو قلم، ھر موضوع تي
اديبانھ نڪتھ سنجين جو حامل ھو.
مناظرانھ ميدان ۾ مولانا جا مباحثا، بريلوي خيالن
وارن سان، توڙي شيعھ حضرات سان پڇاڙي تائين جاري
رھيا، ان سلسلي ۾ مولانا چشتيءَ جون مناظرانھ
تقريرون پڻ قابل داد آھن. سندس دقيقھ گوئي ۽ بديھي
مناظرانھ گفتگو جو داد، سندس مخالف بھ دل کولي
ڏيندا ھئا.
اسان مرحوم مولانا جي وفات حسرت آيات کي سنڌ جي
سياسي، علمي ۽ ادبي حلقن واسطي وڏو نقصان تصور ٿا
ڪريون، ۽ اھڙو نقصان ٿا سمجھون، جنھن جي تلافي
مشڪل آھي.
ھن اندوھناڪ قضيي ۾ مرحوم جي عزيزن ۽ پسماندن سان
دلي ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي، دست بدعا آھيون تھ
الله پاڪ شال مرحوم کي مرھي، ۽ کيس غريق رحمت ڪري
۽ سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي
– آمين.
مولانا چشتي مرحوم جي مختصر سوانح حيات
شڪارپور جو مشھور قومي اڳواڻ مولانا محمد
عبدالڪريم چشتي، سن ١٨٩٨ع ۾ شھر شڪارپور ۾ ڄائو.
ڇھن ورھين جي ڄمار ۾، خليفي حاجي عبدالغفور وٽ
قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويٺو، ١٩٠٦ع ۾ قرآن شريف
جي تعليم پوري ڪري، ١٩١٠ع تائين سنڌي ۽ اردو تعليم
وٺندو رھيو، جنھن کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ مشغول
ٿيو ۽ سن ١٩١٨ع ۾ سيالڪوٽي نصاب ختم ڪيائين.
مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتي صرف نحو ۽
ابتدائي مرحلا کيس طي ڪرايا. وڌيڪ حضرت مولانا
علامھ عبدالرحمان صاحب ميمڻ، صدر معلم ”وڪٽوريا
عربي اسڪول“ وٽ فقه، اصول، حديث، تفسير، ادب ۽
منطق پڙھي ختم ڪيائين. ١٩١٧ع ۾ سندس والد صاحب ھن
جھان فانيءَ مان دارالبقا ڏانھن راھي ٿي ويو، پر
مولانا صاحب ھي صدمو سھي بھ پنھنجي تعليم کي لڳو
رھيو. ان تعليم سان گڏ، مولانا چشتي صاحب، طب جو
علم بھ حاصل ڪري ورتو.
ان بعد مولانا پنھنجو طبابت جو دڪان کوليو، سن
١٩١٧ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي ”انڊين و ھوم رول
ليگ“ ۾ شامل ٿيو، ۽ ملڪ جي آزاديءَ واري ميدان ۾
قدم وڌايائين، جنھن کان پوءِ ١٩١٨ع جي آخر ۾،
ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت پنھنجي استاد
مولانا عبدالرحمان عليه رحمة سان مشوري ڪرڻ کان
پوءِ” انجمن مجاھدين اسلام“ برپا ڪيائين، جنھن جو
مقصد ھو تھ ” اسلامي وڏن ڏينھن تي دين جي وڏن
بزرگن جون حياتيون ٻڌايون وڃن.“ انھيءَ انجمن
قريبا، ٻھ ورھيھ خوب خدمت ڪئي. ١٩١٩ع ۾ جيئن خلافت
ڪاميٽي قائم ٿي تھ مولانا صاحب ان جو ميمبر ٿيو، ۽
١٩٢٠ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. ”قطع تعلقات“ جي
ھلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل ويو: پھريون ڀيرو فوجداري
ڏوھھ(بنا اجازت جلوس ڪڍڻ) ۾، جيڪب آباد مان مھينو
جيل؛ ٻيو ڀيرو ١٤٤ قلم جي نافرمانيءَ سببان ٤
مھينا ميھڙ مان جيل، ۽ ٽيون ڀيرو ١٠٨ قلم سان
بغاوت جي ڏوھھ ھيٺ نصير آباد مان ٻارھن مھينا جيل
جي سزا سٺائين.
مولانا صاحب ٽي ورھيھ بنا ڪنھن پگھار جي ڪانگريس ۽
خلافت جو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪيو. ١٩٢١ع ۾ مولانا ”مدرسھ
محموديھ“ جو بنياد وڌو، جنھن کي پورا ڇھھ ورھيھ
قائم رکيو آيو، ۽ جنھن جو ڪڏھن بھ ڪو معاوضو نھ
ورتائين. ١٩٢٣ع جي ٻئي ڀيري واري جيل جي وقت
۾،مولانا جي پھرين گھر واري ۽ سندس فرزند برڪات
احمد رحلت ڪري ويا. مولانا صاحب وري ٻي شادي ١٩٢٨ع
۾ ڪئي، ۽ وري ٽين شادي ١٩٤٨ع ۾ ٻي گھر واريءَ جي
رحلت ڪرڻ سبب ڪيائين. ان پوئين گھر مان ٻھ ڌيئرون
۽ ھڪ پٽ ڄائس.
١٩٢٤ع ۾مولانا صاحب شڪارپور جي مشھور ”انجمن اشاعت
اسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ پڇاڙيءَ تائين پوري جوش
سان خدمت ڪندو رھيو. مولانا صاحب ڪيترو وقت،
سموريءَ سنڌ ۾، سوراج، سوديشيءَ ۽ ھندو-مسلم،
ايڪتا جو پرچار ڪندو رھيو. ”ڪامل آزادي“، سندس
اصل متو ھو. وطن سان بيحد محبت ھيس. ھڪ طرف کان ھن
جو ملڪي عشق عجيب ھو، تھ ٻئي طرف کان ھي ١٩٢١ع کان
وٺي، تبليغ، تجارت ۽ اصلاح رسوم تي وعظ پيو ڪندو
ھو. خصوصا ١٩٢٤ع کان وٺي تبليغ ۽ تنظيم ۾ مولانا
ڏاڍو ڪم ڪيو. ١٩٢٧ع ۾ آرين جي مقابلي ۾، مولانا
قلم ۽ زبان سان جيڪو عظيم جھاد ڪيو، سو ھميشه ياد
رھندو.
آگسٽ ١٩٢٧ع ۾، مولانا مرحوم جيڪب آباد مان
”صداقت“ اخبار جاري ڪئي، جا پنجن مھينن کان پوءِ
مسٽر ٽانوريءَ (ايڊيٽر الحنيف) جي حوالي ڪيائين.
”صداقت“ مولانا جي ايڊيٽريءَ وقت، ڏاڍي مشھور ۽
مقبول اخبار ھئي. ان بعد مولانا مرحوم، ١٩٢٩ع ۾
شڪارپور مان ”پيغام“ اخبار جاري ڪئي. مگر ڪم
فرصتيءَ ۽ کوٽ سببان ڇھن مھينن کانپوءِ ”پيغام“ جي
اشاعت باقاعدي جاري رھي نھ سگھي.
١٩٢٦ع ۾ مولانا صاحب حج تي ويو، سنڌ-خلافت ڪاميٽي
جي وفد طرفان، اتي رھڻ واري وقت ۾، ”خدام الحجاج“
جو کيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ھن ويندي ايندي،
حجاز ۾، ڪل ٣٩٦ بيمار ماڻھن جي مفت دوا ڪئي ۽
مديني پاڪ ۾ ”خلافت“ طرفان قريبا ويھھ ھزار رپيا
تقسيم ڪيا. مولانا جي عرب جي بادشاھھ، گورنرن ۽
اتان جي عالمن، پيرن ۽ معززن ڏاڍي مرحبا ڪئي ۽
دعوتون ڪيون. ان بعد ١٩٣٢ع ۾ ٻيو حج ڪيائون. وري
١٩٣٣ع ۾ ٽيون حج ڪيائون ۽ چوٿون حج ١٩٤٤ع ۾
ڪيائون.
مولانا چشتي صاحب، پنجونجاھھ کن عمدا ڪتاب تصنيف
ڪيا آھن، جن مان ست فارسيءَ ۾ لکيل آھن، ۽ باقي
سنڌيءَ ۾ لکيل آھن. اھي سڀ ڪتاب ڇپجي مقبول عام ٿي
چڪا آھن. ڪي ڪتاب تھ ٻھ ٻھ، چار چار، ايڊيشنون
ڇپجي چڪا آھن. جھڙي طرح مولانا مرحوم مضمون
نگاريءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، تھڙيءَ طرح وعظ توڙي
تقرير ۾ بھ لاثاني ھو. اجمير، ملتان، خانپور،
لاھور، دھلي، لکنؤ وغيرھ ۾، سندس تقريرون ڏاڍيون
پسند پيون. مولانا، سنڌ مسلم ائسوسيئيشن جو ميمبر
بھ ھو. انھيءَ کان سواءِ ڪيترا سال ”سنڌ خدمت
ڪاميٽي“ (ڪراچي) جو نائب صدر، ڪيترا سال جمعيت
العلماءُ سنڌ (ڪراچي) جو نائب ناظم، ۽ ڪيترا سال
” آزاد قومي پارٽي“ جو نائب ناظم ٿي رھيو ھو.
انھي کان سواءِ ”پيغام“، ھفتيوار اخبار شڪارپور،
”صداقت“، ھفتيوار اخبار جيڪب آباد، ”جمھور“
ھفتيوار اخبار، شڪارپور، ”الوحيد“ روزانھ اخبار
ڪراچي؛ ”آزاد،، روزانھ اخبار ڪراچي، ”قرباني“،
روزانھ اخبار ڪراچي؛ ”مجاھد“، روزانھ اخبار ڪراچي
۽ ” پاڪستان“، ھفتيوار اخبار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي
رھيو ھو.
سن ١٩٥٠ع ۾ جيڪا يارھين ” سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ٩-
نومبر ١٩٥٠ع ۾ منعقد ٿي ھئي، تنھن ۾ بالاتفاق
”سبحان السنڌ“ جو خطاب، مولانا مرحوم صاحب جن کي
عطا ڪيو ويو. ٽي سال شڪارپور ميونسپل جو وائيس
پريزيڊنٽ ۽ چار مھينا پريزيڊنٽ پڻ ٿي رھيو ھو، ۽
ٻارھن سالن کان ”جي-پي“ جو خطاب پڻ مليل ھوس.
مولانا صاحب، مقامات مقدس جي زيارت لاءِ عراق، نجف
اشرف، بغداد، ڪربلا معليٰ، وغيرھھ جو سفر بھ ڪري
آيو ھو.
پڇاڙيءَ جي وقت ۾، مولانا مرحوم، ميونسپل ميمبر
جي- پي شھر شڪارپور، نيو ايرا ھاءِ اسڪول جو
چونڊيل صدر، ”مدرسھ محموديھ“ عربي جو صدر، ”جميعت
علمائي اسلام“ شڪارپور جو صدر،”انجمن اھل
سنڌ“شڪارپور جو صدر، ”انجمن اطباءَ“شڪارپور جو
نائب صدر، ۽ سنڌ جي مشھور جامع دينيھ ”دارالھدي ٰ“
ٺيڙھي شريف جو نائب صدر رھيو.
مولانا مرحوم ڪل پنجونجاھھ ڪتاب لکيا، ۽ جن مان ٤٨
سنڌيءَ ۾ آھن ۽ ٧ فارسيءَ ۾ آھن. مولانا صاحب جي
ڇپايل ڪتابن ايتري تھ مقبوليت حاصل ڪئي، جو ڪي ٽي
ٽي، چار چار ۽ پنج ڇھھ دفعا بھ ڇپبا رھيا! سڀني
ڪتابن جي فھرست ھيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي: (١) ھدايات محمدي، (٢) انوار محمدي، (٣) حالات محمدي، (٤) ڪمالات
محمدي، (٥) احسانات محمدي، (٦) وصال محمدي، (٧)
حبيب خدا، (٨) آئينھ حق، (٩) تلوار حق، (١٠) آفتاب
حق، (١١) صراط المستقيم، (١٢)برھان رباني، (١٣)
حجت حقاني، (١٤) امھات المؤمنين،(١٥) شھيد ڪربلا،
(١٦) قضيئھ ڪربلا، (١٧) امام اعظم، (١٨) امام
شافعي، (١٩) محبوب سبحاني، (٢٠) امام رباني، (٢١)
سلطان الھند، (٢٢) بيان المعراج، (٢٣) نور خدا،
(٢٤) جواھرات (٢٥) تعليم الاسلام، (٢٦) مجاھد
اسلام، (٢٧) اولياءِ اسلام، (٢٨) رھبر حج، (٢٩)
علامات قيامت، (٣٠) امير معاويھ، (٣١) تقديس
الرسول، (٣٢) پيغام محمد، (٣٣) جواب لاجواب، (٣٤)
عملن جو انجام، (٣٥) مجموعه وظائف، (٣٦) ڪتاب
النڪاح، (٣٧) ھدايت المسلمين، (٣٨) ميلاد النبي،
(٣٩) باطل نبوت، (٤٠) طاھرات، (٤١) قرآني دعائون،
(٤٢) پيغمبري دعائون، (٤٣) مجربات چشتيھ، (٤٤) پنج
سوره مترجم، (٤٥) شفاءُ الاسقام، (٤٦) عبدالڪريم ۽
(٤٧) معجزات محمدي.
فارسي؛ (١) قرب قيامت، (٢) معاملھ باغ فدڪ، (٣) القول المقبول، (٤) القول
الاظھر، (٥) التلقين والھداية، (٦) ڪشف الغطاءَ ۽
(٧) رافع الحجب.
]نمبر١، سال ١٩٦٤ع[
پروفيسر احسان بدوي
سنڌ جي نوجوان اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ
ھڪ ناگھاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾، ٢٢-
نومبر ١٩٦٥ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشھور اديب ۽ اھل قلم پروفيسر
لطف الله بدويءَ جو فرزند ھو. سندس علمي ۽ ادبي
خدمت جو سلسلو، پنھنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽
تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو ھي نوشگفتھ گل، جواني
ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ ١٩٢٦ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽
سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين.١٩٤٤ع ۾
ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ١٩٤٥ع ۾ سي ايس گورنمينٽ ڪاليج
۾ داخل ٿيو.
١٩٤٦ع ۾،جڏھن اڃا انٽر آرٽس ۾ ھو،تڏھن سنڌ
يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن تھ مٿئين ڪاليج جو
بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ھو، ان ڪري سنڌ
گورنمينٽ پنھنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي
زور آندو تھ ھو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل
ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اتي ايس- ايم –
ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي- اي-
آنرس پرشن ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دور ۾، شمس العلماءِ علامھ دائود پوٽو ۽
آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رھيا. بي- اي پاس
ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي
آفيس ۾ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي ھلي سينئر ڪلارڪ بنيو.
علم ۽ ادب سان چاھھ ھئڻ ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾
جلدي دل برداشتھ ٿي پيو.
ھن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان
سلسلي ۾ ھي پھريون سنڌي شاگرد ھو، جنھن اردوءَ ۾
ايم – اي پاس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايم – اي
پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنھنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام
مصطفيٰ شاھ صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس- ايم ڪاليج
ڪراچيءَ، ھاڻي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد
ريجن) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرباد
چئي. ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان
داخل ٿيو. اتي ھڪ صالح ۽ بااخلاق استاد جي حيثيت
سان پندرھن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مھراڻ رسالي، ۽ نئين
زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا
آھن. نثر سان ”گڏ شعر جو پاڪيزھ ورثو بھ کيس
پنھنجي والد وٽان وديعت ٿيل ھو. سندس ڪلام جو وڏو
حصو رسالن ۾ شايع ٿيل آھي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، ھو ھميشھ”سنڌي ادبي سنگت“
سان وابستھ رھيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن
۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس ھيٺيان ڪتاب شايع
ٿي چڪا آھن ١- تنقيد ۽ تنقيد نگاري ٢- ڊان ويسٽ ٣-
انقلاب جو فلسفو ٤- منتخب ڪلام سانگي.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو
آھي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آھي.
سندس مقالات جو مجموعو سندس والد جناب لطف الله
بدوي جمع ڪري رھيو آھي. دعا آھي تھ رب ڪريم شال
سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس عزيزن بالخصوص والدين ۽
سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جي توفيق عطا فرمائي:-
انالله وا انا اليه راجعون.
پروفيسر جھامنداس ڀاٽيا
سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اھل قلم پروفيسر
جھامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ ٣- ڊسمبر ١٩٦٥ع تي
پرلوڪ پڌاريو.
پاڻ شڪارپور ۾ ١٨٩٨ع ۾، ھڪ مشھور شاھاڻي خاندان ۾ جنم
ورتائين. اڃا اٺن ورھين جي ڄمار جو ھو تھ سندس
والدھ وفات ڪئي. والدھ جي وفات کان پوءِ، سندس
زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس خيال ويدانتي ۽
صوفياڻا ھئا. ننڍي عمر کان وٺي صوفين، درويشن،
سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رھي، پاڻ ۾ روحاني رنگ
پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري،
اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان ھميشه بيزار رھيو.
شاھوڪار شاھيءَ کان نفرت ھوندي ھيس، ۽ طبيعت
سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانھن مائل ھيس.
١٩١٣ع ۾، شڪارپور ايڪڊميءَ مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ ١٩١٩ع ۾ ڊي
– جي- سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي
بي- اي پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ستت، برھمچريھ
ھاءِ اسڪول شڪارپور ۾ ھيڊ ماستر ٿي ڪم شروع
ڪيائين. اتي ٻھ سال ساندھ رھيو. ان کان پوءِ قومي
اسڪول ۾ ٻيا ٻھ سال ڪم ڪيائين. پنھنجي والد جي
وفات کان پوءِ ھاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس
پرنسپال مقرر ٿيو.
سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو آغاز رسالي ”سنڌوءَ“ کان ٿيو. پاڻ ”سنڌوءَ“
جي شروعاتي ڇھن مھينن تائين، ١٩٣٠ع ۾ ايڊيٽر ٿي
رھيو.
ان کان پوءِ روھڙيءَ مان ھڪ ماھوار اخبار ”روشني وڌيڪ روشني“ ڪڍيائين. ان جو
بھ ڇھھ مھينا کن ايڊيٽر ٿي رھيو.
سندس لکتن جو ٻيو دور ”مھراڻ“ جي قديم دور ١٩٤٦ع کان شروع ٿيو. ١٩٤٧ع ۾
سندس ھڪ ڪتاب ” سائين قطب شاھھ جھانيھ پوٽھ“ شايع
ٿيو. اھو ڪتاب سنڌي ادب ۾ ھڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي
ٿو، ان ۾ تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار نھايت سليس ۽ وجد
آور انداز ۾ڪيل آھي. سندس قلم جي جولاني، ۽ خيال
جي رواني درياءَ جي اٿل وانگر آھن.
ان بعد ورھاڱي کان پوءِ، جڏھن ١٩٥٥ع ۾ ”مھراڻ“ رسالي جو ٻيو دؤر شروع ٿيو،
تڏھن پاڻ مستقل طور سان ”ادب لطيف“ جي عنوان ھيٺ
بھترين علمي مضمون لکندو رھيو. ”ادب لطيف“ ۾
زندگيءَ جي گونا گون مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران
جي اسلوب ۽ انداز ۾ بيان ڪندو رھيو. سندن انھن
”ادب لطيف“ وارن شھپارن جو جرمني زبان ۾ ترجمو
ٿيو، ۽ اتي جي ريڊيو اسٽيشن تان وقت بوقت نشر ڪيو
ويو. ساڳيءَ طرح سندس اھي مضمون آمريڪا ۽ جرمنيءَ
۾ انگريزي ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.
ان طرح سندس مضمون مشھور رسالن – شاعر حيدرآباد، مارئي حيدرآباد، فردوس
ھالا، نئين زندگي ڪراچي، اديون ڪراچي، روح رھاڻ
حيدرآباد کان سواءِ، روزانھ عبرت ۾ شايع ٿيندا
رھيا. سندس مقالن جي گڏ ڪرڻ جو ڪم سندس فرزند
پروفيسر لجپت ڪري رھيو آھي.
١٩٦٤ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”ايسر آکاڻي“ شايع ٿيو، جنھن تي ” پاڪستان رائٽرس
گلڊ“ پاران ٻھ سؤ رپيا انعام مليو. اھو ڪتاب
پنھنجي مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ سان شاھڪار آھي.
سندس انداز بيان جي جدت ۽ ندرت، تتبع ۽ تقليد کان
بالا آھي.
ان سلسلي ۾، آخري وقت تائين، ”ساميءَ“ جي شخصيت ۽
سلوڪن تي ڪم ڪندو رھيو. اٽڪل چار ھزار کن سلوڪ گڏ
ڪيائين. انھن جي صحت ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ سالن جا
سال محنت ڪندو رھيو. افسوس جو اھو شاھڪار مڪمل نھ
ٿيو آھي. پنھنجي پويان لائق فرزند پروفيسر لجپت
گانڌي ۽ پوٽو رويندر ڇڏيو اٿس. |