شيخ محمد اسلم
سنڌ جو ھڪ ٻيو قابل قدر تعليمي خدمتگذار شيخ محمد
اسلم،
6
سيپٽمبر
1958ع
تي، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. انا لله و انا اليه
راجعون!
مرحوم شيخ صاحب،خانبھادر محمد ابراھيم مرحوم،
خيرپور اسٽيٽ جي وزير، جو فرزند ھو.
15
آڪٽوبر
1898ع
تي، حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعليم ۽ تربيت نھايت
سھڻي ماحول ۾ شروع ٿي. ڪراچيءَ جي مشھور تعليم گاه
سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ
پاس ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جھونا ڳڙھ ويو. اتي
7-6
مھينا مس رھيو ھو، تھ پويان سندس والد وفات
فرمائي، ان ڪري، لاچار تعليم کي ملتوي ڪري، شيخ
صاحب واپس حيدرآباد آيو، ۽ اچي زمينات جي سنڀال
سڙي ۽ خانداني ڪاروبار کي ھلائڻ شروع ڪيائين.
ھت حيدرآباد ۾ جن بھ برک شھري ۽ سياسي ماڻھن سان
سندس تعلقات ھئا، تن سڀني مان مرحوم نور محمد وڪيل
سان سندس تعلقات تمام گھرا ۽ گھاٽا ھئا. انھيءَ
دوستاڻي تعلق جي ڪري، پاڻ ”نور محمد ھاءِ اسڪول
بورڊ“ تي ميمبر چونڊيو ويو. بورڊ ۾ ھڪ نوجوان ۽
جوان ھمت ڪارڪن جي حيثيت سان، ھو مرحوم نور محمد
وڪيل جو دست راست ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. وڏن وڏن نازڪ ۽
اھم مسئلن ۾، ھيءُ نوجوان، پنھنجن مشورن ۽ صلاحن
سان مرحوم نور محمد وڪيل جي ڪافي مدد ڪندو رھيو.
پنھنجي ساري خاندان جي بار ۽ ٻين تعليمي ۽ اصلاحي
ڪمن سان گڏ، سندس سارو توجھھ ”نور محمد ھاءِ
اسڪول“ جي ترقيءَ ۽ تعليم ڏانھن صرف ٿيندو ھو.
مرحوم نور محمد وڪيل جھڙي جفاڪش ۽ مخلص
سيڪريٽريءَ جي وفات کان پوءِ، بورڊ جون نظرون ھن
نوجوان تي پيئون. ان وقت کان وٺي مرڻ گھڙيءَ
تائين، پاڻ نور محمد ھاءِ اسڪول جي بورڊ جو
سيڪريٽري ٿي رھيو. اھو سارو عرصو ھو اعزازي طور
ڪم ڪندو آيو، ۽ پنھنجيءَ پوري جدوجھد سان انھيءَ
اسڪول کي سنڌ جي ھڪ اعليٰ درسگاھ بنائڻ ۾ مشغول
رھيو. اسڪول جي انتظام، استادن جي انتخاب، شاگردن
جي ڪمن ڪارين، غريب شاگردن جي امداد، ۽ ٻين
تعميري ڪمن ۾ اخلاص ۽ صداقت سان ڪم ڪندو رھيو.
سندس ھن اسڪول سان دلي وابستگيءَ جو ثبوت اھو ئي
ڪافي آھي، تھ ھو ساري عمر اعزازي طرح خدمت ڪندو
رھيو، ۽ ان جي معاوضي ۾ ھڪ پائي بھ نھ ورتائين.
ڏکئي سکئي وقت تي، پنھنجيءَ ھڙ مان خرچ ڪرڻ کان بھ
نھ گسندو ھو، بلڪ قرض پکا وٺي بھ پورت ڪندو ھو.
نازڪ کان نازڪ مرحلن کي خاموشيءَ ۽ وضعداريءَ سان
طيءِ ڪري ڇڏيندو ھو، پر ھوند ۽ اڻھوند جي ٻڙڪ
ٻاھر نھ ڪڍندو ھو. پنھنجيءَ منظم ۽ سليقي واري
رعبدار ۽ ھر دلعزيز شخصيت جي ڪري، کيس استادن توڙي
شاگردن ۾ ھميشه ھڪ مربيءَ جي حيثيت سان ڏٺو ويندو
ھو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد جي مشھور ”ڊي جي
سنڌ ڪاليج“ (جو ھاڻي گورنمينٽ ڪاليج آھي) جي
انتظامي بورڊ جو پاڻ اڪيلو مسلمان ميمبر ٿي رھيو
ھو. پاڻ ھن وقت ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي، سنڌ مسلم
آرٽس ڪاليج ۽ سنڌ لا ڪاليج جو پڻ ميمبر ھو. انھيءَ
سلسلي جي ھڪ ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪراچيءَ
ويل ھو. اتي کيس دل جو دورو ٿيو، پر بروقت سٺي
علاج ٿيڻ سان طبيعت ڪجھھ سرھي ٿي، ليڪن ٻئي حملي
کان پوءِ طبيعت نھ سڌري سگھي، ۽ وفات ڪيائين.
مرحوم جي حافظي ۽ احتياط جو اھو ڪمال چئبو، جو ان
نازڪ موقعي تي پنھنجي نياڻيءَ کي وصيت لکايائين،
سارو حساب ڪتاب سمجھايائين، مختلف ماڻھن سان
ڏيتيءَ ليتيءَ جو سڀ وچور ظاھر ڪيائين، ۽ نور محمد
ھاءِ اسڪول سان متعلق سڀني ذميدارين کان پاڻ کي
سبڪدوش ڪري، پنھنجي جان جان آفرين جي حوالي
ڪيائين. کيس سندس وصيت مطابق، سندس والده مرحومھ
جي پاسي ۾، نور محمد ھاءِ اسڪول جي نزديڪ، ميان
سرفراز جي مقبري وٽ دفن ڪيو ويو.
تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ ھيءَ ڳالھھ قابل تعريف
آھي تھ پاڻ ڪيترن غريب شاگردن کي پنھنجي ھڙان
وظيفا پڻ ڏيندو ھو. آخري ڏينھن ۾ پاڻ ھتي ”مسلم
آرٽس ڪاليج“ جو بنياد وڌو ھئائين، ۽ جلد ئي ”لطيف
آباد“ ۽ ” لياقت ڪالونيءَ“ ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ ھو، ساڳئي وقت، ”جامعھ عربيھ“ جي ھاءِ
اسڪول کي مستقل طور ھلائڻ جو بار پڻ پنھنجي ذمي
کڻڻ وارو ھو. ”اي بسا آرزو که خاک شده!“
مرحوم شيخ صاحب پنھنجي پويان پنج پٽ ۽ چار نياڻيون
ڇڏيون آھن. سندس ٻيو نمبر فرزند، محمد ابراھيم،
”منوچھر ڪاغذ ڪمپنيءَ“ ۾ ٿرڊ آفيسر ھو:
سال ڏيڍ اڳي انھيءَ ڪمپنيءَ جو
جيڪو جھاز آفريڪا ويندي گم ٿي ويو ھو، ان ۾ ھو
موجود ھو، ۽ اڄ تائين لاپتھ آھي. مرحوم شيخ صاحب
کي انھيءَ پٽ جي داغ مفارقت ڪافي صدمو رسايو ھو.
دعا آھي تھ خدا پاڪ شيخ مرحوم کي پنھنجي جوار رحمت
۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس پوين کي صبر جميل عطا ڪري.
]نمبر
3 ۽
4،
سال
1958ع[
ماستر الھھ بچايو سمو
سنڌ جي اھل علم طبقي لاءِ ھيءَ خبر وحشت اثر نھايت
روح فرسا ثابت ٿيندي تھ سنڌي زبان جو مشھور
اديب، پختھ نويس، صاحب طرز، انشا پرداز، ماستر
الھھ بچايو سمو،
9 ڊسمبر
1958ع تي، داعيءَ اجل کي لبيڪ چوندي، رحلت فرمائي ويو.
ماستر الھھ بچايو سمو پنھنجي ادبي تخليقات (سير
ڪوھستان ۽ سير لاڙ) جي ڪري سنڌي ادب ۾ انفرادي
حيثيت حاصل ڪري چڪو ھو. سندس زباندانيءَ ۽ انشا
پردازيءَ، طرز تحرير ۽ اسلوب نگارش جو مثال ئي نٿو
ملي سگھي. سچ پچ رب ڪريم ھن عظيم اديب کي گونا گون
ذھني ۽ علمي صلاحيتن سان نوازيو ھو. سندس ھر تحرير
شستگيءَ ۽ پختگيءَ جي ان مقام تي پھتل آھي، جتي
پھچي سندس تحرير ”سھل ممتنع“ ٿي چڪي آھي، جنھن جي
اتباع ڪرڻ کان وڏا وڏا اھل قلم بھ عاجز آھن.
مرحوم سمو صاحب، درسي علوم جي حيثيت سان، ڪنھن بھ
دارالعلوم ۽ ڪاليج جو فارغ التحصيل ۽ سنديافتھ نھ
ھو، پاڻ پنھنجي ذاتي مطالعي ۽ ڪسب سان ئي ادب ۽
فن جي ان مقام تي پھتو. کيس سنڌي ٻوليءَ جي
ذخيرهءِ الفاظ ۽ سرمايھءَ محاورات تي استادانھ
عبور حاصل ھو. سندس عبارات آرائي ۽ لفظن جي جڙت ۽
چونڊ، محاورن جي صحت، بندشن جي چستيءَ ۽ رنگينيءَ
کي ڏسي، ائين چئي ٿو سگھجي تھ سندس قلم گوھر بار
ھو، ۽ ھو مس مان نھ پر مشڪ آلود ماکيءَ مان ٻوڙي
لکندڙ ھو. ھھڙي شيرين ۽ دلنشين زبان مشڪل سان ھٿ
ايندي. ائين چوڻ ۾ ڪو بھ وڌاءُ ڪو نھ آھي تھ ماستر
الھھ بچائي سمي جي جاءِ خالي آھي. اسان کي اھڙو ڪو
بھ انشاپرداز ڪو نھ ٿو سجھي، جو اڄ اھا زبان لکي
سگھي، يا ”سير ڪوھستان“ جي رنگين ڍنگ جو ڪتاب لکي
سگھي.
مرحوم، سمن جي خاندان مان يار محمد پٽ ٻڍي خان جو فرزند ھو، ۽ ملير جو
رھواسي ھو. سندس تعليم، فائينل امتحان کان پوءِ،
ٽريننگ ڪاليج جي ٻن سالن تائين ھئي، ان کان پوءِ،
ذاتي مطالعو ڪري ثابت ڪيائين تھ علم ۽ صلاحيت، فن
۽ ھنر جي حاصلات ۽ پرک لاءِ نڪو ڊگرين جي لانڍ جي
ضرورت آھي، ۽ نڪو سندن جي قطار جي گنجائش آھي.
سندن پويان ابھم ۽ يتيم ٻارڙا آھن. اسان جي گذارش
آھي تھ اديبن جي امداد واري فنڊ مان ھن اديب جي
ٻچن جي مدد ڪئي وڃي.
امام الدين ”ضامن“
اھل علم حضرات لاءِ ھيءَ خبر نھايت الم انگيز آھي تھ سنڌ جو مشھور مزاح نگار
شاعر ميان امام الدين ”ضامن“
12
فبروري
1959ع تي وفات ڪري ويو. انا لله وانا اليه راجعون. مرحوم ميھڙ
جي ڀرسان دٻيءَ جھڙي ننڍڙي واھڻ ۾
1909ع
ڌاري پيدا ٿيو. سندس وڏا پنھنجي مڇيءَ مانيءَ
وارا ھئا، ۽ سندس والد چڱو زميندار ھو.
”ضامن“ اڃا چئن پنجن سالن جو مس ٿيو تھ سندس والد وفات
ڪئي، ۽ پاڻ
5-4 درجا پڙھي، فقيريءَ جي تلاش ۾ وڃي قلندر
جو ملنگ ٿيو. سالن جا سال شھباز قلندر تي رھيو، ۽
ان کان پوءِ ٽپال کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين،
جا پڇاڙيءَ تائين ھلندي آئي.
سندس طبيعت نھايت خوددار ۽ قلندرانھ ھئي، تنھن ڪري خوشامد پسند آفيسرن کيس
ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ کيس ڪوئيٽا ۽ پشين تائين بدلي
ڪيائون، پر ھي مرد قلندر پيرين اگھاڙو، برف کي
لتاڙيندو، کلائيندو ۽ وندرائيندو، ٽپال ورھائيندو
وتندو ھو! ايتري تنگ گذر ۾ بھ والدھ ۽ اولاد جي
خدمت ڪندو آيو، تن کي تسيا ڏيئي پٽ کي اعليٰ
تعليم ڏياريائين.
سندس شاعري مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جي صحبت ۽ اصلاح سان شروع ٿي، جو بلند
مرتبھ اديب ۽ شاعر ھو، ۽ خاص طرح ظريفانھ نڪتھ
سنجيءَ ۽ بيمثال ھو. ”ضامن“ جو مزاح نھايت نمڪين،
لذيذ، دلنشين ۽ سنجيدو ھوندو ھو. سندس مزاح
زندگيءَ جي تلخين جي پيداوار ھو. ھن روئڻ ۽
روئارڻ جي جاءِ تي کلڻ ۽ کلائڻ کي ترجيح ڏني. مرڪڻ
سندس خاص نشان بنجي چڪو ھو. سندس شعر ۾ جدت، احساس
۽ شعور جي پختگي نظر اچي ٿي. ھن پنھنجي طنزيھ ۽
مزاحيھ انداز سان ملن مولوين، وڏيرن ۽ رشوت خور
آفيسرن جا ڇوڏا لاھي رکيا. وڏن وڏن آفيسرن ۽
مولوين جي ھوندي، جي بيڊپائيءَ سان سڀ ڪجھھ چئي
وڃي پار پوندو ھو. سندس ڪلام ۾ سبڪائي ۽ ناشائستي
اصل ڪا نھ آھي. سندس فرزند ”خالد“ تي حق آھي تھ
ھو ”ضامن“ مرحوم جو سارو ڪلام گڏ ڪري ڇپارائي.
]نمبر
1، سال
1959ع
[
آديسي اٿي ويا
حيات ۽ موت ٻئي لازم ۽ ملزوم آھن. ڪئين آيا ۽ ڪئين
ويا. ”ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھن مڙھ مقام ۾“ رھي نام
الله ڪا!
”مھراڻ“ جي قارئين لاءِ ھيءَ خبر نھايت افسوسناڪ ٿيندي تھ اسان جي علمي ۽
ادبي دنيا کان، ھن مھيني کن ۾، اھڙا اديب موڪلائي
ويا آھن، جن جي جاءِ ڀرجڻ مشڪل آھي. اھي مرحوم آھن:
سردار بھادر محمد بخش، شيخ
عبدالعزيز قلندري، مولانا عبدالمجيد”سالڪ“،آغا تاج
محمد، ”سائل“ ھالائي ۽ ”اختر“ ھالائي. مٿيان
اديب بزرگ، پنھنجي پنھنجي خصوصيت ۽ افراديت جا
مالڪ ھئا. ڪو اديب ھو تھ ڪو عالم ھو، ڪو شاعر ھو
تھ ڪو صحافي ھو، ڪو صوفي ھو تھ ڪو خلافتي ھو.
بھرحال پنھنجو وارو وڄائي ويا ۽ تجربو، علمي ذخيرو
۽ ڪلام ڇڏي وڃي ابدي طور آباد ٿيا. رب ڪريم شال
کين مرھي، ۽ اسان کي توفيق عطا فرمائي، جيئن ادب ۽
ملڪ جي خدمت ڪندي پنھنجي زندگيءَ جا باقي چار
ڏھاڙا چڱا گذاري سگھون، ۽ من جو مقصد ماڻي، پوءِ
مرون. ”پھرين ملان ھوت، پو مر پڇنم ڏينھڙا.“
سردار بھادر شيخ محمد بخش
سنڌ جي اھل علم ۽ تعليم سان دلچسپي رکندڙ طبقي لاءِ ھيءَ خبر وحشت اثر نھايت
روح فرسا ٿيندي تھ سنڌ جي مشھور شخصيت ۽ تعليمي
خدمتگذار سردار بھادر شيخ محمد بخش،
70
ورھين جي عمر ۾،
24 سيپٽمبر
1959ع
تي داعي اجل کي لبيڪ چوندي رحلت فرمائي ويو.
انالله وانااليه راجعون.
سردار بھادر مرحوم، پنھنجي شخصيت ۽ وجاھت جي ڪري
نھايت مشھور ۽ ھر دلعزيز ماڻھو ھو. مرحوم نھايت
خاموش طبع، ڪم گو، سنجيدو ۽ باھمت، عالم ۽ فاضل
انسان ھو. سندس تعلق شڪارپور جھڙيءَ تاريخي سر
زمين سان ھو. سندس وڏا پنھنجي دور جا سربر آورده
ماڻھو ھئا.
سردار بھادر مرحوم برٽش دور ۾ ڪليڪٽريءَ جي عھدي
تي فائز ٿي رٽائر ڪيو. پاڻ سرڪاري ملازمت جي دور ۾
بھ نھايت باھمت ۽ باحوصلھ منتظم ۽ ڪرڙو آفيسر
ليکجڻ ۾ آيو. خلافت، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي دور
تائين، سندس انتظامي قابليت جي ڪري، ڪو بھ
فرقيوارانھ فساد نھ ٿيو، ڪا بھ سياسي قسم جي
افراتفري نھ ٿيڻ ڏنائين. حيدرآباد ۾ سندس
ايامڪاريءَ ۾، مذھبي ڇڪتاڻ جي ڪري، آريھ سماج ۽
مسلم تبليغي جماعتن جي وچ ۾ وڏي ھنگامھ خيز
ڪشيدگيءَ جو امڪان ھو، جا سندس حسن تدبير سان وقع
پذير نھ ٿي سگھي. تقسيم کان پوءِ، حيدرآباد ۾،
اقليت جي نگھداشت ۽ بچاءَ لاءِ سردار بھادر مرحوم،
قانوني چارھھ گوئيءَ سان گڏ، پنھنجي اعليٰ انتظامي
قابليت جا جوھر ڏيکاريا، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو
جو اھڙي ھنگامھ خيز دور ۾ اقليت جو وار بھ ونگو نھ
ٿيو. در اصل، سردار بھادر جون اھي خدمتون انسان
ذات جي خدمت ۽ محبت جي راھھ ۾ ٻين ثبوت آھن.
سندس صوفيانھ مشرب ۽ مذھب، سرمست ” سچل“ ۽ ان جي
فلسفي ۽ فڪر سان وابستھ ھو. کيس سچل جي رنديءَ ۽
سرمستيءَ مان ڪافي فيض مليل ھو، ۽ ”خرقهءَ خلافت“
سان بھ نوازيل ھو. پاڻ سچل جي فلسفي ۽ وحدت الوجود
جو نھ فقط مقلد ھو، پر ان سان گڏ شيخ ابن العربي،
عطار، منصور حلاج ۽ روميءَ جي افڪار ۽ فلسفي تي بھ
وڏو درڪ حاصل ھوس، پاڻ پنھنجي رندانھ ۽ وجودي
مشرب جو ايترو تھ پائبند ھو، جو ھندو مسلم جو ڪو
بھ فرق ڦير نھ رکندو ھو. اھو ئي سبب ھو جو ھن بزرگ
ھندن کي ٻچن وانگر پاليو ۽ نپايو، سنڀاليو ۽
ھلايو. سندس تعليم ۽ تربيت جي طفيل ڪئين ھندو وڏا
وڏا آفيسر پيدا ٿيا، ۽ ڪي تھ اڄ سوڌا ھلندا اچن.
پاڻ ”سماع“ ”جذب“ جو قائل ھو. سندس سماع جو
طريقو اھو ئي سچل جي درگاھھ وارو ھو. ان موجب،
پرڀات وقت اٿي، ذڪر و فڪر سان گڏ سماع ڪندو ھو،
پنھنجي مخصوص حلقي سان گڏ ڳائيندو بھ ھو. اھڙي ٻي
سماع جي نشست شام جو ڪندو ھو، جنھن ۾ پنھنجي
مخصوص حلقي سان گڏ ھندو ۽ مسلمان، مرد ۽ عورت، سڀ
شريڪ ٿيندا ھئا. گھڻو ڪري، سماع جي وقت، گيڙو رتل
جامو پھري، يڪتارو کڻي ڳائيندو ھو. اڪثر سماع جي
دور ۾ مٿس جذب ۽ رقت طاري ٿي ويندا ھئا، ۽ سندس
اکيون آليون ٿي وينديون ھيون. خاص طور سچل
بادشاھھ جي ان ڪلام تي محفل ۾ ذوق ۽ ڪيف، جذب ۽
مستيءَ جو اھڙو رقت انگيز رنگ پيدا ٿيندو ھو، جو
بيان ڪري نٿو سگھجي. ”ننگڙانماڻي دا، جيوين تيوين
پالڻا:“
پرڀات جي محفل جي اختتام تي سچل بادشاھھ جي ھيءَ
ڪافي لازمي طور چئي ويندي ھئي، ان کان پوءِ ھر ڪو
جذب ۽ ڪيف جي جذبات سان سرشار ٿي اٿندو ھو.
مرحوم ھت حيدرآباد ۾”سچل سرڪل“ قائم ڪيو ھو، جنھن
جا مخصوص ھفتيوار اجلاس ٿيندا ھئا، جن ۾ چند
مخصوص ماڻھو شريڪ ٿيندا ھئا. ان ”سچل سرڪل“ جا
عھديدار ھي ھوندا ھئا: صدر سردار بھادر، نائب صدر آغا عبدالنبي
(جو ان وقت حيدرآباد جو ڪليڪٽر ھو)، سيڪريٽري شيخ
مرحوم عبدالعزيز قنڌاري، ۽ شارح، گرامي صاحب. باقي
ميمبر ھئا، جن ۾ حيدرآباد جا علمي ماڻھو اچي وڃن
ٿا. اھي محفلون اڪثر ڪري آغا عبدالنبيءَ جي بنگلي
تي ٿينديون ھيون، يا ڪڏھن ڪڏھن سردار بھادر جي
جاءِ تي، ۽ سندس ڀاءُ شيخ رحيم بخش سيشن جج جي
بنگلي تي ٿينديون ھيون. دستور موجب، محفل ۾ گرامي
صاحب سچل جي فلسفي متعلق ڪو شعر پيش ڪندو ھو، يا
فلسفھ تصوف متعلق ڪو نڪتو بحث لاءِ پيش ڪندو ھو،
ان تي ھر ڪو پنھنجا خيالات پيش ڪندو ھو، ۽ آخر ۾
سردار بھادر نھايت عالمانھ ۽ محققانھ اختتامي
تقرير ڪندو ھو، جا سندس علم ۽ فضيلت جو دليل ھوندي
ھئي.
سردار بھادر اگرچ نھايت گوشھ نشين ۽ خاص قسم جي
صوفيانھ مشرب وارو ھو، تاھم عالمن ۽ بزرگن، ٻين
پيرن فقيرن جي بھ ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ۽ سنڌ ۽ ھند
جي اڪثر درگاھن تي ايندو ويندو ھو. جن سندس صحبت
ڏٺي آھي، اھي سڀ قائل آھن تھ سردار بھادر پنھنجي
قسم جو انفرادي ماڻھو ۽ خلوت گزين صوفي طبع انسان
ھو.
پاڻ شعر بھ چيو اٿس، سندس تخلص”ڪوجھي “ ھو. سندس
ڪلام اڪثر طور سماع جي محفلن ۾ ئي ڳايو ويندو ھو.
پوئين دور ۾ سندس پورو پورو توجھھ تعليمي خدمتن ڏانھن
وريو. پاڻ وڪٽوريا لئبرريءَ(تلڪ روڊ) جي وسيع
ايوان ۾ اسڪول قائم ڪيائين، اھو رفتي رفتي سچل
آرٽس ڪاليج تائين پھتو آھي. ڪاليج جون فلڪ پيما
جايون ھن شخص جي عزم بلند تي گواھھ آھن. ٻن ٽن
سالن جي لڳاتار محنت ۽ مشقت سان ھڪ ننڍڙي اسڪول کي
ڪاليج تائين پھچائڻ، سندس حسن تدبير جو دليل آھي.
پوئين دور ۾، سندس توجھھ سچل جي فلسفي جي اشاعت ڏانھن بھ رھيو. ان سلسلي جو
پھريون ڪتاب ”ديوان آشڪار“ لاھور مان ڇپارايائين.
سردار بھادر سچ پچ ھڪ ھر دلعزيز برک انسان، صوفي صافي، عالم ۽ فاضل شخص ھو،
جنھن جي خدمتن جو سلسلو وسيع آھي. اميد تھ سندس
پسماندھھ ۽ اولاد، سندس تعليمي شغف ۽ فقيرانھ
سلسلي کي قائم رکندا ايندا، ۽ سندس نيڪ تمنائن جو
ثمر، شيرين، سچل آرٽس ڪاليج، تعميري حيثيت سان
پايھ تڪميل تي پھچائي، سندس روح لاءِ تسڪين جو
سامان پيدا ڪندا.
آخر ۾ رب العزت جي بارگاھھ ۾ دعا آھي تھ رب ڪريم شال مرحوم کي مرھي، ۽ سندس
پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين.)
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
ھيءَ خبر وحشت اثر علمي ۽ ادبي دنيا لاءِ نھايت
اندوھناڪ سمجھي ويندي تھ حيدرآباد جو معمر ۽ معزز
بزرگ، سنڌي ادب ۽ زبان جي عالم ۽ انشا پرداز،
مقالھ نگار ۽ خدمتگذار، شيخ عبدالعزيز قنڌاري،
26
سيپٽمبر
1959ع،
ڇنڇر جي رات، ساڍي ٻارھين بجي،
73
سالن جي عمر ماڻي، ھن دنيا کي ھميشه لاءِ الوداع
چئي، دارالبقا ڏانھن راھي ٿيو. انا لله اوانااليه
راجعون.
مرحوم قنڌاري صاحب پنھنجي جامع ۽ ھمھ گير شخصيت
جي حيثيت سان نھايت عجيب ۽ پرڪشش مزاج وارو بزرگ
ھو. پاڻ ھندو خاندان جي ھڪ وڏي بلند درجھ شاخ
”آڏواڻي“ جو چشم چراغ ھو. ھن خاندان جو وڏو، آڏو
مل نالي، ملتان جي ڀرسان خدا آباد مان، ميرن جي
دور ۾ لڏي آيو ھو. حيدرآباد ۾ ”آڏواڻي گھٽي“ مشھور
آھي. سندس والد، ڪيولرام آڏواڻي، انجنير ھو، جنھن
جمڙائو واھھ کڻايو ھو.
قنڌاري صاحب جي خاندان جو ھڪ فرد آچاريھ ڪرپالاڻي
بين الاقوامي شھرت جو مالڪ آھي، ۽ جو آل انڊيا
ڪانگريس جو صدر بھ رھي چڪو آھي. آچاريھ ڪرپالاڻي
سندن ويجھو عزيز آھي، ۽ شيخ عبدالرحيم مرحوم جو
ڀاءُ آھي. قنڌاري صاحب جي اھليھ شيخ عبدالرحيم جي
نياڻي ۽ آچاريھ ڪرپالاڻيءَ جي ڀائٽي آھي.
ھن خاندان مان اول ڀوراداس (شيخ غلام محمد)
1891ع
۾ مسلمان ٿيو، جو قنڌاري صاحب جو سوٽاڻي سوٽ ھو.
ان کان پوءِ سندس پيءُ ديوان سورج مل (شيخ احمد)
مسلمان ٿيو. اھو
90 گھرن جو مکي ھو. ان کان پوءِ شيخ عبدالرحيم مرحوم
1892ع
۾ مسلمان ٿيو ھو، ۽ عبدالرحمان جان سرھنديءَ جو
مريد ٿيو ھو. سندس تبليغ سان شيخ شمس الدين، شيخ
ڪرنل نور محمد مرحوم، ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب مرحوم،
۽ عبدالله (ايڊيٽر نومسلم) پارا برک ھندو فرد
مسلان ٿيا ھئا. اھو دور، خلافت ۽ قطع تعلقات جو
دور ھو. سارو ملڪ انگريزن جي خلاف جدوجھد ۽ جھاد ۾
مشغول ھو. خلافت ۽ ڪانگريس دوش بدوش انگريزن جي
خلاف معرڪھ آرا ھيون. ديوبندي بزرگن جي ھنگامھ خيز
مجاھدانھ تحريڪ ۽ تنظيم کان متاثر ٿي جي فرد
ميدان ۾ آيا، تن ۾ سنڌ جو نو مسلم بزرگ شيخ
عبدالرحيم پيش پيش ھو. ھي بزرگ سرھندي بزرگن جي
سلسلھ عاليھ نقشبنديھ ۾ منسلڪ ھو. اھو ئي سبب آھي
جو نھايت متشرع ۽ عالمانھ وضع ۽ اخلاق وارو، بااثر
۽ اھل دل بزرگ ھو. ھن جي بزرگانھ عظمت متعلق
ڪيتريون ڪرامت جھڙيون حقيقتون بھ ٻڌجڻ م اچن
ٿيون. ان بزرگ، اڳتي ھلي، مولانا عبيدالله سنڌي
رحھ سان رابطو قائم ڪيو، ۽ ھت سنڌ ۾ مولانا
سنڌيءَ جي پاران تبليغ دين ۽ دعوت اسلام سان گڏ
انگريزن جي خلاف بھ جھاد ڪيو. ان سلسلي ۾، جڏھن
”شڌي“ ۽ ”آريھ سماج“ تحريڪون سنڌ ۾ آيون، تڏھن
لامحالھ سياسي محاذ تان، ٿورو ھٽي. نيٺ تبليغ طرف
رخ ڪيائين، جنھن جي طفيل سوين شڌ ٿيل مسلمان واپس
اسلام تي آندائين، ٻئي طرف ڪئين ھندو عامل ۽ مشھور
ماڻھو بھ اسلام ۾ آندائين.
اھڙي پر آشوب ۽ ھنگامھ خيز دور ۾ شيخ الھند جا
نائب، مولانا عبيدالله سنڌي، حسين احمد مدني،
ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا حفظ الرحمان لڌيانويءَ
پارا ھڪ طرف، تھ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت
علي، ڊاڪٽر ڪچلو، ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان
پارا سياسي ليڊر ٻئي طرف سنڌ ۾ ايندا ھئا. خود سنڌ
۾ مولانا امروٽي، علامھ سيد اسدالله شاھھ ۽ مرحوم
پير غلام مجدد سرھندي، خلافت جا سربر آوردھ سالار
ھئا. ان سان گڏ مھاتما گانڌي ۽ جواھر لال نھروءَ
جھڙا عالي دماغ ۽ سرويچ سياسي اڳواڻ بھ ايندا ھئا،
۽ مسلمان ليڊرن سان گڏ، نھ فقط ھڪ اسٽيج تي پر ھڪ
مسجد ۾، ھڪ ممبر تي ويھي، انگريزن جي خلاف آتش
فشان ۽ شعلھ ريز، ھنگامھ خيز ۽ باطل سوز تقريرون
ڪندا ھئا. اھڙي روح پرور ۽ ايمان افروز، ھنگامھ
خيز ۽ پرآشوب زماني ۾ قنڌاري صاحب اکيون کوليون.
قنڌاري صاحب پنھنجيءَ پوري عامل فيمليءَ ۾ پھريون
شخص ھو، جنھن اسلام قبول ڪرڻ سان آباءِ ۽ اجداد جي
لکن روپين جي متحرڪ جائداد تان ھٿ کنيو. ھڪ نوجوان
۽ نو عمر عامل جي حيثيت سان ھت حيدرآباد ۾ رھڻ،
سندس لاءِ خلاف مصلحت سمجھيو ويو، لھذا شيخ
عبدالرحيم مرحوم جي وساطت سان، کيس حيدرآباد مان
جھنڊي اماڻو ويو، پوءِ اتان ڪڍي، سلامتيءَ سان
سرحد پار اماڻيو ويو.سرحد کي پار ڪرڻ کان پوءِ
کيس افغاني پوشاڪ پھرائي وئي. ڪلي تي پشوري لنگي،
وڏو پھراڻ، ان جي مٿان مخملي صدري، سلوار ۽ پٺاڻڪو
جوتو. سرحد ٽپڻ کان پوءِ، کيس قنڌار پھچائڻو ھو.
قنڌار لاءِ کيس گڏھھ جي سواري ڪرڻي پئي. قنڌار جي
گڏھن تي بنا واڳ جي سوار ٿي، قنڌاري صاحب، پھاڙ ۽
ان جا اوکا اڙانگا لڪ اورانگھي، ھزارين مشڪلاتون
ڏسندو، پھاڙي سلسلن کي عبور ڪندو، وچ تي ڊاٻا
ڪندو، ستن کي ڦڪيندو، وڃي قنڌار ڀيڙو ٿيو. اتي
سندس نھايت سھڻي نموني ۾ آجيان ڪئي وئي. کيس قنڌار
جي وڏي اسلامي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. اھو مدرسو
ھتي جي سرھندي بزرگن جي ڏاڏي عبدالرحمان جان
سرھنديءَ جي وڏن بزرگن جو ھو. ان مدرسي ۾ قنڌاري
صاحب کي امير عبدالرحمان، واليءَ افغانستان، جي
طرفان ماھوار وظيفو پڻ مقرر ٿي مليو. ٻھ چار دفعا
کيس امير عبدالرحمان جي ملاقات جو شرف بھ حاصل
ٿيو، پر پوءِ پاڻ درخواست ڪيائين تھ مون کي دربار
۾ اچڻ جي تڪليف نھ ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو منھنجي تعليم
۾ رخنو ٿو پوي. قنڌاري صاحب اتي فارسيءَ ۽ عربيءَ
جي تعليم ورتي ۽ مختلف ديني علوم ۽ فنون ۾ چڱي
دسترسي حاصل ڪئي. قنڌاري صاحب ٻڌائيندو ھو تھ
”اڳتي ھلي مون امير عبدالرحمان جي اسڪالرشپ وٺڻ
کان معذرت ظاھر ڪئي. اتي مان واپار ڪندو ھوس.
ڪپڙو، ڪتل، ڏونگھي، صابڻ، کار، ۽ ٻيو سنھو سودو
بزار مان وٺي مدرسي ۾ اچي رکندو ھوس، اتي شاگردن ۾
اچي کپائيندو ھوس، ۽ ان مان گذر سفر ڪندو ھوس.“
سندس تعليم جو اھو دور نھايت مشقت ۾ گذريو. ھڪ
عامل ۽ نازڪ ماڻھو سڄيون سڄيون راتيون صرف ۽ نحو
جي مسئلن جي رٽڻ ۽ حفظ ڪرڻ ۾ گذاري، ان سان گڏ
پنھنجي معاش جو بندوبست بھ ڪري، استادن جي خدمت بھ
ڪري، ۽ عبادت بھ ڪري، مطالعو بھ ڪري، حتاڪھ تھجد
بھ پڙھي:
اھو ئي سبب آھي جو قنڌاري صاحب نھايت محنت ڪش ۽
سخت جان شخصيت جو مالڪ بڻيو. ھڪ نازڪ عامل نوجوان
ماڻھو قنڌار جي پٺاڻن سان زندگيءَ جو وڏو عرصو
پٺاڻ ٿي گذاري ۽ نباھي پختو ٿئي، سا ھڪ ڪرامت جھڙي
ڳالھھ چئبي. قنڌار ۾ تحصيل علوم کان پوءِ پشتو ادب
کي مطالع ڪيائين، ۽ ٻوليءَ تي اھل زبان وانگر
عبور حاصل ڪيائين. قنڌار جي ابتدائي رھائش ۽ اثرات
جي ڪري، حيدرآباد جو ھڪ عامل، اسم ۽ جسم طور، طبع
۽ مزاج طور، خيال ۽ حال طور، قنڌاري ٿي ويو ۽ آخر
تائين ”قنڌاري“ سڏيو ويو.
سندس زندگيءَ جو ٻيو دور سنڌ ۾ شروع ٿيو. قنڌار
کان واپس اچڻ تي، سنڌ ۾ کيس اجنبيت محسوس ٿي،
ايتري قدر جو پاڻ سنڌي زبان بھ ڳالھائي ۽ سمجھي نھ
سگھندو ھو. قنڌار مان واپس اچڻ تي دوبارھ سندس
عزيزن کيس پنھنجي اباڻي ڌرم تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر پاڻ صاف انڪار ڪيائين، ۽ وڃي ٽنڊي سائينداد
رھيو. اتي جي سرھندي بزرگن کيس ڏسي چيو تھ ”ڪير ٿو
چوي تھ ھي سرھندي پيرن منجھان نھ آھي، ۽ نج ۽ خالص
پٺاڻ نھ آھي!“ ان وقت سندس عمر
22
سال ھئي، پاڻ
13 سالن جي عمر ۾ قنڌار ويو ھو.
ھت حيدرآباد ۾ ڪجھھ وقت رھڻ کان پوءِ کيس انگريزي
تعليم حاصل ڪرڻ جو خيال ٿيو. اول تھ سنڌي ۽
انگريزيءَ لاءِ ماستر رکيائين، ان کان پوءِ جلد ئي
اوٽاوا ( يو پي) ويو، ۽ اتي ڇھھ درجا پاس ڪري
وريو، پر وري ستت ئي، بنا ڪنھن تياريءَ ۽ اطلاع
جي، بي سرو سامانيءَ ۾، ڪراچيءَ پھتو ۽ سنڌ مدرسي
۾ داخلا ورتائين. جڏھن تھ قنڌاري صاحب غيور،
خوددار ۽ متوڪل شخص ھو، تڏھن ڪنھن بھ ماڻھوءَ کان
امداد نھ ورتائين، بلڪ سنڌ مدرسي جي پرنسپال ۽
استادن کان بھ پنھنجي فقر ۽ افلاس کي لڪائيندو
رھيو، حتاڪھ ٻھ چار ويلي بکون بھ ڪاٽيندو ھو. اھڙي
وقت ۾ سندس حيدرآباد وارا عزيز ۽ والدين سندس مدد
ڪرڻ لاءِ آڇ ڪندا ھئا، پر پاڻ اھا آڇ ٺڪرائي
ڇڏيندو ھو. بيماريءَ ۾ بک ۾، سرديءَ ۽ گرميءَ ۾،
پنھنجي منھنجي سر پيو وقت گذاريندو ھو. محنت ۽
مطالعي جو اڳئي دلدادو ھو. مسجدن ۽ حجرن جي تڏن تي
ٻانھن ڀر سمھي، ڏيئن تي مطالعي ڪرڻ وارو، سنڌ
مدرسي ۾ نھايت قابل ۽ فھيم، صاحب علم ۽ اھل ذوق
شاگرد ثابت ٿيو. پاڻ ٻڌائيندو ھو تھ ”فقر ۽ افلاس
جي اھڙي نازڪ ۽ جانبر دور ۾، ٻھ چار ڏينھن گذري
ويا. پرنسپال لارينس منھنجي طبع ۽ قيافي مان سمجھي
ويو. ھڪ ڏينھن چيائين تھ ” قنڌاري، مون سان جاءِ
تي ملي وڃ.“ شام جو ڇھين بجي اتي پھتس، لارينس
نھايت ھمدردانھ انداز ۾ چيو:
”قنڌاري مون کان حال نھ لڪاءِ..... ھي ڏھھ روپيا
وٺ، سڀاڻي کان چوٿين درجي ۾ ڪلاس وٺجانءِ!“
انگريز جي ھن ھمدردانھ روش تي منھنجي اکين مان
ڳوڙھا ڪري پيا، ۽ ٻئي ڏينھن کان وٺي سنڌ مدرسي ۾
ماستري شروع ڪيم.“
اڳتي ھلي، ميٽرڪ پاس ڪري، خيرپور ميرس جي شھزادي
جو اتاليق مقرر ٿي، لاھور ويو. واپس اچڻ تي شادي
ڪيائين. پوءِ جلدي عليڳڙھھ ويو، ۽
1916ع
۾ بي اي پاس ڪيائين. عليڳڙھھ ان دور ۾ سياسي
تحريڪن جو مرڪز ھو. ھڪ طرف سياسي ليڊرن جي اچ وڃ ۽
جذبات انگيز تقريرون، تھ ٻئي طرف اسٽرائيڪون، نعري
بازيون، ڌمالون ۽ گوشماليون! قنڌاري صاحب ان دور ۾
اسٽرائيڪ ڪرائي، جنھن جي ڪري کيس ۽ شعيب (اڳيون
روس ۾ پاڪستاني سفير) کي رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ان دور
۾ ظفر علي خان ”زميندار“ ۾ ھڪ سخت ايڊيٽوريل لکي
احتجاج بلند ڪيو، ۽ قنڌاري صاحب ۽ شعيب تان اھا
بَلا ٽري وئي. عليڳڙھھ جي پوريءَ زندگيءَ جو روح
روان قنڌاري صاحب ھو. رانديون ۽ دعوتون، مناظرا ۽
مباحثا سڀ قنڌاري صاحب جي دم سان ھئا.
ان کان پوءِ دھليءَ ويو. اتي مولانا سنڌيءَ جي
”بيت الحڪمت“ ۾ داخل ٿيو، ۽ خود مولانا سنڌيءَ کان
”حجته الله البالغھ“ پڙھيائين. اتي دھليءَ ۾، وڏن
وڏن عالمن ۽ اديبن، صحافين ۽ بزرگن سان رھاڻيون
ڪيائين. حسن نظامي، مولانا احمد سعيد ۽ ڊاڪٽر ذاڪر
حسين (جامع مليھ) وارن سان ڪافي وقت گذاريائين.
ان کان پوءِ، خلافت تحريڪ جي تحرڪ ۽ شيخ الھند جي
اشاري سان، مولانا سنڌيءَ ”ريشمي خطوط“ لکايا،
جي پڪڙجي پيا. ان سلسلي ۾ سخت پڪڙ پڇاڙ ٿي. مولانا
سنڌي سنڌ ۾ آيو، ۽ ھتي جي دوستن جي صلاح سان
افغانستان وڃڻ جون تياريون ڪيائين. مولانا سنڌيءَ
جو سازو سامان شيخ عبدالرحيم تڪميل تي پھچايو، ۽
سندن نياڻيءَ (جا قنڌاري صاحب جي اھليھ محترمھ
آھي، ۽ اڃا حيات آھي) پنھنجا زيور ۽ نقد روپيا
پيش ڪيا. آخرڪار مولانا سنڌي، مولانا عبدالله
لغاريءَ جي معيت ۾ سنڌ مان ھجرت ڪري ويو، قنڌاري
صاحب دھليءَ مان ھجرت ڪري، گريجويٽ بنجي، سنڌ ۾
آيو، ۽ شيخ عبدالرحيم
1916ع سنڌ مان ھجرت ڪري سرھند پھتو، کيس پوليس پڪڙي نھ سگھي. |