سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :14

سندن عربي ادب ۽ قديم شعراءَ عرب  تي لکيل مقالا، اڄ بھ اورينٽل ميگزن لاھور ۾ ڏسي سگھجن ٿا. سندن عربي شاعرن تي، جي لغت ۽ قافيھ ۽ رديف متعلق بحث ڪيل آھن، اھي نھايت دقيق ۽ عالمانھ  آھن. مولانا مرحوم عربي ادب تي سند جي حيثيت جو مالڪ ھو.

ان سلسلي ۾ فقط ھڪ مثال پيش ٿو ڪريان. ”ڪتاب النوادر“ مشھور عالم ابو زيد انصاري (٢١٥ھھ) جو لکيل آھي. ان جي ١٨٩٤ع واري بيروت جي ڇاپي جي ”فھرس القوافي“، ”عيون الاخبار“ (اصحاب دارالڪتب المصريھ) (ايڊيشن ١٣٤٨ھ) پاران ڇپيل، جي طرز تي لکيائون. اھا فھرست اورينٽل ڪاليج مخزن فبروري ١٩٣٤ع ۾ مڪمل شايع ٿي آھي، ان مان سندن تبحّر علمي جي خبر پوي ٿي.

علامھ مرحوم، پنھنجي دور جي ڪامياب مدرسن مان پڻ ھو. پاڻ سرڪاري اسڪولن ۾ عربيءَ جو استاد پڻ رھيو. پاڻ جڏھن ٺل اسڪول ۾ عربيءَ جو استاد ھو، تڏھن ساڻس ھالا نوان ۾ منھنجي ملاقات ٿي ھئي.

سندس سادگي ۽ سادھ دلي ڏسي حيرت وٺي ويئي. کين ترڪي ٽوپي پيل ھئي، ۽ خضاب لڳل ھو. ان ادبي ڪانفرنس ۾  پير الاھي بخش (ان وقت جو وزيراعليٰ سنڌ) ۽ علامھ دائود پوٽو بھ شريڪ ٿيو ھو. ان ڪانفرنس ۾ علامھ ڪاڪيپوٽھ، عربي ادب تي ھڪ عالمانھ تقرير پڻ ڪئي ھئي.

اسان مولانا مرحوم جي وفات حشرت آيات کي،، علمي ۽ ديني حلقن لاءِ ناقابل تلافي نقصان سمجھون ٿا. دعا آھي تھ رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

 

محمد اي- حافظ

سنڌ جي مشھور صوفي طبع ۽ درويش صفت بزرگ، جناب محمد اي- حافظ، ٤- مارچ ١٩٦٧ع تي، حيدرآباد ۾ وفات فرمائي آھي. مرحوم جو تعلق حيدرآباد جي مشھور سيٺ خاندان سان ھو. پان لنڊن ۾ علامھ آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان گڏ بار ايٽ لا ڪيائون. ان موقعي تي، سندن قائداعظم سان دوستانھ تعلقات پيدا ٿيا. لنڊن ۾، اوائلي دور ۾ جا مسلم ليگ جي تشڪيل لاءِ ميٽنگ ٿي ھئي، ان ۾  مرحوم حافظ صلاحڪار ڪميٽيءَ جي سرگرم رڪن جي حيثيت سان  شرڪت ڪئي. بار ايٽ لا ڪرڻ کان پوءِ، ھت سڌي طرح ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا.

قيام پاڪستان کان پوءِ پير پاڳاري جي گادي بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مرحوم وڏو ڪم ڪيو. ان لاءِ پاڻ تڏھوڪي وزيراعظم، لياقت علي خان سان بار بار ملاقاتون ڪري مٿن زور آڻيندا رھيا.

مرحوم آخري وقت تائين، ٿياسافيڪل تحريڪ سان وابستھ رھيا. ان سلسلي ۾ مائي ايني بيسنت سان سندس علمي تعلقات رھيا. پاڻ ان تحريڪ جي وڏن سرگرم ليڊرن ۾ شمار ٿين ٿا. مرحوم، حيدرآباد ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جا ١٠ سال متوانر صدر رھيا. سندس علمي دوستن ۾، ھندو ۽ مسلمان، پارسي ۽ مسيحي عالمن جو وڏو تعداد موجود آھي.

آخري دؤر ۾ پاڻ خلوت نشين رھيا. آخر تائين صوم و صلوات جا پابند رھيا. سندن روشن چھرو، سندن دل جي پاڪائيءَ جو دليل ھو. سندن ديني جذبو ۽ صوفيانھ طبع ھڪ مثال آھي. اسان ھن ڏک ۾ ، سندس پسماندن  مان سندن ڀاءُ مسٽر عبدالصمد ۽ سندن فرزندن مسٽر محبوب عالم، مسٽر مقبول عالم ۽ مسٽر مشڪور عالم  سان شريڪ غم آھيون. دعا آھي تھ رب کين مرھي، ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي.

 

مولانا ابوبڪر شبلي

 سنڌ جي نوجوان اھل قلم، صاحب طرز انشاپرداز، مولانا ابوبڪر شبليءَ ٿريچاڻيءَ، عين عالم شباب ۾، ٦ مارچ ١٩٦٧ع تي وفات ڪئي آھي.

مرحوم شبلي، حضرت امروٽيءَ جي مشھور خليفي مولانا عبدالعزيز  ٿريچاڻيءَ جو پوٽو ھو. ديني علوم ۽ علوم عاليھ جي تڪميل جي سلسلي ۾،سندن استادن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو اسم گرامي موجود ڏسي، مرحوم شبليءَ جي ذھانت ۽ مطالع جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

مرحوم شبليءَ کي عربي علوم تي ھڪ خاص مقام حاصل ھو. ان سلسلي ۾، بغداد ۾ بھ ڪجھھ عرصو رھيو. ادارھ تعليمات اسلام پاڪستان پاران، ڪيترن عربي ڪتابن کي پڻ ايڊٽ ڪيائين. سندس سنڌي مقالا، سنڌي اخبارن ۽ ديني رسالن مان موجد، مبلغ ۽ الرحيم ۾ موجود آھن.  خاص طرح سان، حضرت امروٽيءَ  جا ڪارناما، جنھن محققانھ انداز ۾ مرحوم لکيا آھن، انھن کي تاريخي حيثيت حاصل آھي.

مرحوم شبليءَ جي ھن جوانيءَ جي وفات حسرت آيات تي اسان سندن پسماندن سان شريڪ غم آھيون. دعا آھي تھ رب ڪريم شال کيس مرھي ۽ علمي دنيا کي ڪو اھڙو نعم البدل عطا ڪري ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي. انا لله وانا اليه راجعون.

]نمبر  ١، سال ١٩٦٧ع[

محمد منير چنا

نھايت ڏک جي ڳالھھ آھي، جو سنڌ جي مشھور عالم دين ۽ شاعر شيرين بيان، حضرت مولانا دين محمد صاحب ” اديب“ فيروز شاھيءَ جي نوجوان فرزند، محمد منير چنا وڪيل، ٢١- آڪٽوبر ١٩٦٧ع، مطابق ١٦- رجب المرجب ١٣٨٧ھھ تي وفات فرمائي آھي.

مرحوم ھڪ رلڻو ملڻو ۽ زندھ دل نوجوان ھو. سندس پيشو اگرچھ وڪالت ھو، پر ان سان گڏ ادب سان بھ دلي چاھھ ھوس. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آھن، جن مان ”اسلامي اڪابر، (٩ حصن مان، ٧ حصا ڇپيل) ڏاڍا مقبول ٿيا آھن. سندس ٻيا ڪتاب، ” سيرت الرسول“،” عشق حقيقي“، ”انگريزي- سڌي ڊڪشنري“، ۽ ” عربي گرامر“ اڃا اڻ ڇپيل آھن. ھن نوجوان جي اوچتي وفات حسرت آيات نھ فقط مولانا دين محمد  صاحب” اديب“ ۽ عزيزن لاءِ جانڪاھ آھي، پر ان سان گڏ سنڌي ادب جي ھڪ پرذوق اھل قلم جو اوچتو اٿي وڃڻ بھ چئي سگھجي ٿو.

دعا آھي تھ رب ڪريم شال ھن جوان مرگ ۽ صالح  فرد کي مرھي، ۽ سندس عزيزن ۽ والدين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. انا لله وانا اليه راجعون.

 

مولانا محمد نورنگ زاده

ھي خبر نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ وادي سنڌ جي مشھور عالم دين، شاعر ۽ اھل قلم،  مولانا  محمد نورنگ زاده ٢٠- نومبر ١٩٦٧ع تي، پنھنجي ڳوٺ کورواھ ۾ وفات ڪئي. انا لله وانا اليه راجعون.

مرحوم مولانا محمد عثمان نورنگ زاده  سنڌ جي مشھور ديني عالم ۽ تفسير تنوير الايمان سنڌيءَ جي مؤلف مولانا محمد عثمان نورنگ زاده جو پوٽو ھو.

مرحوم ھڪ مشھور عالم دين، خطيب، اديب ۽ شاعر ھو. سندس شاعري، سنڌي، عربي ۽ فارسي ڪلام تي مشتمل آھي، ۽ زيادھ تر ڪلام ديني ۽ قومي جذبات جو ترجمان آھي. ان طرح سندس نعتيھ ڪلام پڻ وڏي معيار تي پھتل آھي. سندن مضمون ۽ اشعار سنڌ جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رھيا آھن.

سندس پويون دور، ملڪ ۽ ملت جي خدمت ۾ گذريو. پاڻ ٨-٩ سالن تائين يونين ڪائونسل کورواھھ گولاڙچي جو چيئرمين رھيو.

سندس پسماندن، حافظ غلام محمد، محمد محسن ۽ محمد صالح سان اسان شريڪ غم آھيون. دعا آھي تھ رب ڪريم کيس مرھي، ۽ پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي. سندن پسماندن تي فرض آھي تھ ھو سندس ڪلام ۽ مضمونن کي جمع ڪن ۽ سندس ڇڏيل   علم ورثي جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ڪوشش ڪن.

 

]نمبر ٤، سال ١٩٦٧ع [

 

علامھ  آءِ- آءِ- قاضي

سنڌي ادب ۽ ثقافت، فن تھذيب ۽ تمدن جي پارکن ۽ عالمن لاءِ ھيءَ خبر نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ ھن قحط الرجال جي دور ۾، اسان سنڌ جي مايھ ناز فرزند، بلند پايھ عالم، جليل القدر مفڪر، بي مثال عالم ۽ محقق، حضرت علامھ آءِ-آءِ- قاضي جھڙ ي عظيم شخصيت کان ١٣- اپريل ١٩٦٨ع تي محروم ٿي چڪا آھيون.

انالله وانا اليه راجعون

علامھ مرحوم جي وفات حسرت آيات سان نھ فقط اھل سنڌ ۽ برصغير ھند و پاڪ کي، بلڪ پوري انسان ذات کي عظيم نقصان پھتو آھي، جنھن جي تلافي ھزارن سالن گذرڻ تي بھ ٿيڻ ناممڪن آھي. علامھ صاحب جي ذات بابرڪات انھن جليل القدر عبقري ۽ جينيس ماڻھن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿي، جن لاءِ علامھ اقبال فرمايو آھي:

ھــزارون ســالن نــرگـس اپـنـي بـي نوري پھ روتي ھي،

بڙي مشکل سي ھوتا ھي چمن مين ديده ور پيدا.

علامھ صاحب جھڙي جامع صفات ھستي، انساني تاريخ ۾ ھڪ اھڙو مثال آھي، جنھن جي محاسن ۽ خصائل، سيرت ۽ سوانح تي لکڻ لاءِ دفتر درڪار آھن.

علامھ مرحوم جي شخصيت ڪنھن بھ رسمي تعارف جي محتاج نھ آھي. علامھ جي علمي فيوضات کان نھ فقط سنڌ ۽ برصغير ھند و پاڪ جي صاحب نظر ماڻھن استفادو ڪيو آھي، پر ان کان علاوه، يورپ ۾ پڻ ھزارين اھڙا صاحب دل موجود آھن، جن علامھ صاحب جي فڪرو نظر مان استفادو ڪيو آھي.

انساني علوم و فنون  کان وٺي، مذاھب عالم جي تقابلي مطالعي، فلسفي ۽ سائنس، حڪمت ۽ ادب، شاعري ۽ آرٽ، تاريخ ۽ تمدن، لغت ۽ منطق، نفسيات ۽ تصوف جي عميق ۽ دقيق جزئيات تائين سندن نگاھ ھئي.

باوجوديڪ  يورپ ۾ گذارڻ جي، سندن فڪر و نظر ۾ ذري جيترو بھ فرق نھ آيو. باالخصوص قرآن ۽ ان جي حقائق ۽ معارف تي، سندن نگاھھ، بصيرت افروز ۽ مجتھدانھ ھئي. پاڻ ھن دور ۾، جديد ۽ قديم افڪار ۽ نظريات تي، جا ناقدانھ ۽ مفڪرانھ نگاھھ رکندا ھئا، اھا نھايت عميق ۽ دقيق، عالمانھ ۽ مبصرانھ ھئي. ساري حياتي، انساني تاريخ  ۽ ان جي حالات، ڪوائف ۽ نظريات جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تطبيق ۾ گذاريائون. ۽ ھر مسئلي ۽ نظريي جو حل، قرآن مان ٻڌائيندا رھيا.  قرآن ڪريم جي مختلف آيات تي، سندن پيش ڪيل توجيھات کي، ھن جديد دؤر جي  مسائل  ۽ مقتضيات جي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي علمي  ۽ فڪري حيثيت حاصل آھي. باوجود وسيع  مطالع جي، سندن ذڪر و فڪر جو مرڪز ۽ محور قرآن ڪريم ئي رھيو. پاڻ فرمائيندا ھئا تھ ” قرآن ڪريم ئي فھم ۽ بصيرت جو جامع ڪتاب آھي. افسوس جو ان مان تمام گھٽ نفعو حاصل ڪيو ويو آھي.“

سندن مطالع جي وسعت جي اھا حيثيت ھئي، جو پاڻ ڪنھن بھ علمي مسئلي تي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ مسلسل گفتگو  ڪندا رھندا ھئا. سندن ڪلام ۽ پيشڪش ۾ شيريني ۽ نرمي ھئي، سندن انداز بيان شستھ ۽ شائستھ ھو، سندن پيرايھ بيان دلنشين ۽ جاذب نگاھ ھو. سندن ڪلام ٻڌڻ وارن ھميشه ائين ئي پئي محسوس ڪيو آھي تھ علامھ جي زبان مان علم ۽ عرفان جي بارش وسي رھي آھي. ڪلام جي پختگي، دليل جي پختگي ۽ نتيجي جي پختگي، فڪر و نظر وارن ماڻھن کي حيرت  ۾ وجھي ڇڏيندي ھئي. وڏا وڏا  صاحب مطالع ماڻھو اھو ئي محسوس ڪندا ھئا تھ گويا جو ڪجھھ بھ علامھ صاحب فرمايو آھي، اھو ھنن نھ ڪٿي پڙھيو آھي ۽ نھ ڪٿان ٻڌو آھي!  علامھ صاحب جي نگاھ جي اھا اھليت ۽ جزالت، سندن وسيع مطالعي، وسيع غور و فڪر، رياض ۽ مشقت جو نتيجو ھئي.

علامھ صاحب  جي عملي زندگي پڻ مخصوص معيارن ۽ قدرن جي حامل ھئي. سندن ساري حياتي، وضع داريءَ ۾ بصر ٿي، پر ان ۾ ڪو بھ تڪلف ۽ تصنع نھ ھو. سندن زندگي، پرھيزگاريءَ ۽ نيڪ سيرتيءَ جو عمدو مثال ھئي. ساري حياتيءَ ۾ نھ ڪنھن کي ايذائيائون، نھ ڪنھن جو حق کسيائون، نھ ڪنھن کي نقصان پھچايائون، نھ ڪنھن کي رنج ڪيائون.  اخلاق جي ان اعليٰ مقام تي، ھن وقت ۾ تمام ٿورا انسان موجود نظر ٿا اچن، اڄ تھ رڳو مڪر ۽ فريب آھي!

جديد تھذيب جي ماحول ۾ نشو و نما حاصل ڪرڻ کان پوءِ بھ خالص مشرقي اخلاق ۽ ڪردار  تي قائم رھيا. فضوليات  ۽ لغويات سان ڪڏھن بھ سندن شغف نھ رھيو. ھميشه غور ۽ فڪر ۾ مستغرق رھيا.

لطيف فرمايو آھي:

ڪـڇن پــڇن ڪـيـن ڪـي، نـھ ڪـي ڳــالـھائين،

ڪنھن جنھن منجھھ آھين،  سا پر پروڙڻ ڏاکڙو!

پنھنجي عمرعزيز جي ھر لمحي تي سندن نگاھھ ھئي. سندن غور و فڪر ڄڻ تھ احتساب جي ميزان جي علامت بنجي چڪا ھئا. معمولي کان معمولي مسئلي کان وٺي، ڪنھن بين الاقوامي ۽ اھم مسئلي تائين، سندن نڪتھ سنج ۽ عالمانھ، محققانھ ۽ ناقدانھ راءِ، عليٰ وجه البصيرت رھندي آئي.

سندن پرورش ان ماحول ۾ ٿي، جو ماحول، سيرت ۽ اخلاق جي قدرن ۽ معيارن جي حفاظت ڪندڙ ھو. سندن اک ان گھر ۾ پٽي، جنھن ۾ نماز ۽ روزي، تسبيح ۽ تلاوت جي پابندي ھئي، ان ڪري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي سندن فڪر و نظر جي تربيت ۽ دينداريءَ،  ديانتداريءَ واري ماحول جي اثرات، منجھن دين سان وابستگي پيدا ڪئي. ان کان علاوه، پاڻ امام غزاليءَ جي فلسفھ اخلاق، فلسفيانھ ۽ صوفيانھ توجيھات کان پاڻ ايترو تھ متاثر ھئا، جو جديد فلسفين جي افڪار ۽ خيالات تي بھ غزاليءَ کي ترجيح ڏيندا ھئا. جديد نفسيات ۽ جديد فلسفھ الاھيات جي اھم مسئلن ۾ بھ پاڻ غزاليءَ جي فيصلن ۽ نتيجن  کي پسند ڪندا ھئا.

ان سلسلي ۾، لطيف جي وجد انگيز ڪلام ۽ سيرت کان بھ ڏاڍو متاثر رھيا. لطيف جي ڪلام جي شرح ڪندي، جيڪي توجيھات ۽ تعبيرات، علامھ صاحب جن جي زبان فيض ترجمان مان ٻڌا ويا آھن،  اھي سندن خيال ۽ فڪر جي وسعت ۽ گھرائيءَ جي ساک ڀرين ٿا. لطيف جي ھر لفظ، ھر بندش، ھر بيت ۽ ھر مضمون تي سندن عالمانھ ۽ عارفانھ نگاھھ ھئي. لطيف جي فن ۽ فڪر جي تعارف ۾ جي سندس چند اشارات موجود آھن، اھي ”لطيفيات“ ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪا آھن. پاڻ لطيف جو رسالو بھ ايڊٽ ڪيائون، جو بورڊ شايع ڪيو آھي.

علامھ صاحب جن کان مابعدالطبعيات متعلق جن صحبتين ڪجھھ ٻڌو آھي، انھن جو چوڻ آھي تھ جديد سائنس ۽ ان جي اڪتشافات تي سندن دسترسي، ھڪ ماھر فن کان گھٽ نھ ھئي. ان طرح قديم ۽ جديد فلسفيانھ افڪار تي پڻ سندن نگاھھ مجتھدانھ ھئي. ان سان گڏ، ادب ۽ شعر جو پاڪيزھ مذاق، جو علامھ صاحب ۾ نظر آيو، اھو ٻئي ھنڌ نظر نٿو اچي. سندن اسلوب نگارش بھ اھڙو شستھ ۽ پاڪيزھ ھو، اھڙو مدلل  ۽ سھل ممتنع ھو، جو ان جو ڪنھن کان بھ تتبع ٿي نٿو سگھي.

بھرحال، اھڙو جامع الصفات بزرگ علوم و فنون جو جامع عمل ۽ پاڪيزگيءَ جو پيڪر ھن فاني دنيا مان لڏي، دارالبقا  ۾ آرامي ٿيو! لطيف چيو آھي:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي،
جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي ، پورب ٿيندي پڌري!
 

سندن باقيات الصالحات ۾ جي ڪتاب ۽ مقالا آھن، تن جي اشاعت لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ مسٽر  اي- ڪي- بروھي ڪم ڪري رھيا آھن.

ھونءَ تھ علامھ صاحب جن ساري حياتي، علم ۽ فڪر جي مطالع  ۽ تلاش، تحقيق ۽ تدقيق ۾ گذاري ڇڏي، پر ان ھوندي بھ اوائل ۾ سنڌ ۾ مختلف حيثيتن ۾ ملازمت  بھ ڪيائون. ڪجھھ وقت سب جج رھيا ۽ ڪجھھ وقت خيرپور ميرس ۾ ھوم ميمبر رھيا. پاڪستان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر ٿيا. ان ۾ ڪو بھ وڌاءُ نھ آھي تھ پاڻ ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جا اڏيندڙ ۽ معمار ھئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تشڪيل ۽ ان جي نصب العين جي وضاحت انھن تقريرن ۾ موجود آھي، جي تقريرون خاص ان موضوع تي ڪيائون، جي ”مھراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيل آھن.

پاڻ آخري زماني ۾ گوشھ نشين رھيا. سندن اھا گوشھ نشيني بھ علمي ۽ فڪري فيوضات جي سلسلي ۾ پياسن ۽ صحبتين لاءِ مڪتب بنجي پئي، باالعموم ھر ڏينھن تي ۽ باالخصوص ھر جمع تي، سندن صحبت، رھاڻ ۽ ڪچھري ٿيندي ھئي، جنھن ۾ علمي ۽ فڪري، ديني ۽ فلسفي مسئلن تي ڪڏھن تقرير ٿيندي ھئي ۽ ڪڏھن رسمي طور گفتگو  .

علامھ صاحب جي جامع الصفات شخصيت جي ان قسم جي فيوضات  مان جن خوش نصيب ماڻھن ڪجھھ حاصل ڪيو آھي، تن مان مشھور قانوندان ۽ مفڪر مسٽر اي- ڪي- بروھي بھ آھي، جنھن جي بين الاقوامي شھرت کان ھر ڪو واقف آھي. ھڪ ڀيري چيائين:

” ھن دور جو عظيم الشان انسان، ايشيا ۾ رھي ٿو. ايشيا ۾ پاڪستان ۾ رھي ٿو. پاڪستان جي علائقي سنڌ ۾ رھي ٿو، ۽ ان علائقي سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ رھي ٿو. خوش نصيب آھن. حيدرآباد جا رھواسي، جن وٽ دنيا جو عظيم ترين انسان علامھ قاضي صاحب رھي ٿو!“

حيف در چشم زدن، صحبت يار آخر شد،

روئــي گــل ســيـر نــھ ديـديــم، بـھـار آخر شد.

 سندن وفات تي، دنيا جي وڏن عالمن ۽ فاضلن پيغام موڪليا آھن: ان سلسلي ۾، تڏھوڪي صدر مملڪت پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، پڻ ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ان طرح تڏھوڪي صدر مملڪت ڀارت، ڊاڪٽر ذاڪر حسين، پڻ اظھار تعزيت ڪيو آھي. ان طرح سڀني اخبارن پڻ ايڊيٽوريل لکي، علامھ مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو آھي.

دعا آھي تھ رب ڪريم کين مرھي ۽ جنت نصيب ڪري ۽ سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

فـانــي ڙي فـــانــي، دنـيــا دم نـھ ھـيــڪــڙو،

ڪوڏر ۽ ڪاني، آھي سر سڀڪنھين .

لاھوتي لڏي ويا!

علامھ قاضي صاحب  کان علاوه، ھن ٿوري عرصي اندر ٻيا بھ ٻھ چار اديب ۽ اھل قلم وفات ڪري چڪا آھن، جن جي علمي ۽ تعليمي خدمتن جواعتراف سڀني علمي حلقن طرفان ڪيو ويو آھي.

فيض محمد ”فيض“ حيدري

مرحوم مولوي فيض محمد ”فيض“ حيدري، صدر بزم طالب الموليٰ ، ٽنڊو حيدر، ضلع حيدرآباد سنڌي ادب ۾ پنھنجي مخصوص فن ۽ ڪلام جي ڪري ڪافي شھرت رکي ٿو. مرحوم ھڪ ديندار ۽ عالم دين، وضع دار ۽ قلندرانھ طبع جو ماڻھو ھو. ساري عمر تعليم ۽ تدريس ۾ گذاريائين. سندس غزل، مولود، مداحون ۽ ڪافيون ساري سنڌ ۾ مشھور آھن. سندس ڪتاب ”مظلوم عورت“ نھايت رقت انگيز تحرير آھي، جا جذبات سان لبريز آھي. شال رب مرھي.

 

سيد علي اصغر شاھھ

جناب سيد علي اصغر شاھھ مرحوم ميھڙ وارو جنھن جي علمي ۽ تعليمي خدمتن کان سنڌ جا تعليمي حلقا واقف آھن. شاھ صاحب، نھايت بااخلاق، نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت، پرھيزگار ۽ ديندار شخصيت جو مالڪ ھو. ساري عمر خدمت خلق ۾ صرف ڪيائين. سندن ناگھاني وفات، اھل سنڌ لاءِ صدمھ جانڪاھھ ثابت ٿي آھي. دعا آھي تھ رب ڪريم شال سندن وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي مشھور عالم ۽ فاضل، الحاج سيد علي اڪبر شاھ صاحب ۽ سندن اولاد ۽ عزيزن کي صبر جي توفيق عنايت فرمائي.

 

استاد رائچند

ٿرپارڪر جي مشھور اھل قلم ۽ استاد رائچند جو لاڏاڻو بھ دکدائڪ آھي. رائچند، ٿر جھڙي پسماندھ علائقي ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪتاب ”تاريخ ريگستان“  سنڌي ادب ۾ ھميشه يادگار رھندو. آشا آھي تھ شال سندس آتما کي تسڪين نصيب ٿئي. سندس پسماندن ۽ سندس فرزند پرڀو ”ناشاد“ کي صبر جي توفيق  عنايت ٿئي.

 

دلدار احمد ”اديب“

ان طرح ھڪ نوجوان ۽ اڀرندڙ اديب، مرحوم دلدار احمد ”اديب“  بھ زندگيءَ جي پرشور ۽ ھنگامھ خيز منزلن تي ھلندي، شڪست قبول ڪري، وڃي موت جي گود ۾ آرامي ٿيو. ھن نوجوان جو ڪلام ۽ افسانا، سندس فڪر انگيز طبع جي اڄ بھ گواھي ڏئي رھيا آھن.

]نمبر ٢، سال ١٩٦٨ع [

مخدوم امير احمد

افسوس جي ڳالھھ آھي تھ سنڌ جي مشھور معروف عالم دين حضرت مولانا مخدوم امير احمد صاحب رحھ  ٢٦- فبروري ١٩٧١ع تي وفات فرمائي. انالله وانااليه راجعون.

مخدوم صاحب جن ساري زندگي ديني علوم جي نشر و اشاعت ۽ تعليم جي خدمت ۾ صرف ڪئي. مولانا صاحب ديني علوم ۽ عربي ادب تي سند جي حيثيت رکندا ھئا. سندن حافظو  ايترو تيز ھو جو ھڪ ڀيرو پڙھيل ڪتاب جا حوالا ۽ اقتباس ھوبھو ٻڌائي ويندا ھئا.  سندن مطالعو ديني علوم تي وسيع ۽ محققانھ ھو. حنفي فقه ۾ کين منفرد مقام حاصل ھو. سندن شخصيت ۽ تبحر علمي کي ڏسي، پراڻي دؤر وارا عالم ۽ فقيه ياد ايندا ھئا. نھايت خليق ۽ تواضح پسند ھئا. اورنٽيل ڪاليج سندن ڪاوشن ۽ علمي خدمتن جو ثمر شيرين آھي. پاڻ جامع عربيه جي اوائلي ڪارپردازن ۾ شمار ٿين ٿا. آخري دؤر ۾ جامع عربيه جا پرنسپال پڻ ٿيا. مخدوم صاحب جن عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ تي وڏي دسترس رکندا ھئا ۽ آخر ۾ انگريزي بھ سکيا، سندن ھر تحرير عالمانھ ۽ مدلل، دلڪش ۽ اثر  انگيز آھي ۽ سندن تقرير پڻ شستھ ۽ دلنشين انداز ۾ ھوندي ھئي. پاڻ اوائلي دؤر ۾ شعر و شاعريءَ سان بھ شغف رکندا ھئا.

سندن تاليفات ۽ فتاويٰ جي علمي حيثيت پڻ تسليم ٿيل آھي. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي تھ سندن مقام جا عالم ھن وقت ۾ تمام ٿورا وڃي رھيا آھن. دعا آھي تھ سندن پسماندن کي رب ڪريم صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي. اھا بھ ضرورت آھي تھ سندن مقالن ۽ فتوائن کي جمع ڪيو وڃي،  جئن اھو علمي ذخيرو ائين منتشر بياضن بيانن ۽ رسالن ۾ ضايع ٿي نھ وڃي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org