مھاڳ
سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي
17- ڊسمبر
1976ع
تي ڪيل ميٽنگ جي ٺھراءَ نمبر
-24 الف ۾ فيصلو ڪيو ھو تھ جديد سنڌي ادب جي
ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ سماھي مھراڻ جو انتخاب شايع
ڪيو وڃي ۽ ”وياسي وينجھار“ جي چونڊ جو ڪم منھنجي
حوالي ڪيو ويو. مرحوم مولانا غلام محمد صاحب
گراميءَ انھي موضوع تي جيڪي مضمون لکيا آھن سي
تاريخوار گڏ ڪري اوھان آڏو پيش ڪريان ٿو. ھنن
مضمونن ۾ مرحوم مولانا صاحب سنڌ جي ڪيترن عظيم
اديبن ۽ شاعرن جي وڇوڙي تي پنھنجي مخصوص انداز ۾
تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي ۽ پنھنجي دلي جذبات جو
اظھار ڪيو آھي. ڪاش، ڪو ھن جي باري ۾ بھ ساڳئي شان
سان قلم کي ھلائي! مرحوم جي لکڻ جو نمونو بس سندس
ئي ھو ۽ ھن تائين محدود ھو ۽ اھا حقيقت آھي تھ اھا
ڳالھھ ڪنھن ٻئي ۾ نظر نٿي اچي. سندس پيش ڪيل مضمون
تي ڀلي سندس نالو لکيل نھ ھجي، پر ھر ڪو پڙھندڙ
يڪدم سمجھي ويندو تھ ھي مضمون گرامي صاحب جو لکيل
آھي. ظاھر آھي تھ ھن جي تحرير ۾ وڏي طاقت ھئي،
حافظو بھ غير معمولي تيز ھوس، سنڌي زبان جو تھ
استاد ھو.
انسان ھن دنيا مان ھميشـھ لاءِ لڏي وڃي ٿو، مگر
ھو جيڪي بھ ڪم ھن دنيا ۾ ڪري ٿو اھي پنھنجي پٺيان
ياد رھڻ لاءِ ڇڏي وڃي ٿو. پر ڪيترا اھي ڪم آھن،
جي قدر جي نگاھھ سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ ماڻھن جي دل ۽
دماغ تي نقش رھن ٿا. اھي ئي ڪم دنيا ۾ يادگار طور
قائم رھندا آھن، جي ان کي دنيا ۾ امر ۽ لافاني
بنائي ڇڏيندا آھن. مرحوم مولانا صاحب جون ھي پيش
ڪيل تحريرون اھي ئي آھن، جي سج جي روشنائيءَ
وانگر سنڌ جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مرحوم جي
ياد کي ھن جي قدردانن جي دلين ۾ تازو رکنديون.
مرحوم مولانا گرامي صاحب
-20 ڊسمبر
1920ع تي ميھڙ ۾ ڄائو. ھن جي نصابي تعليم اگرچھ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تائين
محدود ھئي، پر لاڳيتي مطالعي ۽ محنت سان ھن اھو
درجو حاصل ڪيو جو انگريزيءَ جي وڏن امتحان پاس
ڪيلن ۽ دستاربند مولوين کي بھ نصيب نھ ٿيو. ھن جي
زندگي انھن ماڻھن لاءِ سبق آھي جي دنيا ۾ وڌڻ ۽
ڪجھھ ڪرڻ چاھين ٿا. مرحوم جي زندگي اسان آڏو اھو
مثال پيش ڪري ٿي تھ لياقت جو معيار امتحان پاس ڪرڻ
۽ ڊگريون حاصل ڪرڻ نھ آھي.
منھنجون تھ مرحوم سان ڪچھريون ٿينديون ئي رھنديون
ھيون. اڪثر انھن ۾ سندس پيارو شاگرد مسٽر پرڀو
”ناشاد“ بھ ھوندو ھو. گرامي صاحب جون ڳالھيون
نھايت قيمتي ۽ دلچسپ ھونديون ھيون. انھن ۾ ڄڻ جادو
ھو جو ٻڌندڙن جي دلين تي وڏو اثر ڪندو ھو. ھو عام
توڙي خاص ماڻھن ۾ نھايت مقبول ۽ پيارو ھو. ھن جو
مطالعو نھايت وسيع ھو. ھو چرندڙ پرندڙ
انسائيڪلوپيڊيا (معلومات جو وڏو ڀنڊار) ھو. ھن جي
ڪچھريءَ واري گفتگو ۾ جو اثر ھو، اھڙو مون مرحوم
علامھ آءِ - آءِ- قاضي صاحب، مرحوم مولانا دين
محمد صاحب وفائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب
کان سواءِ ٻئي ڪنھن ۾ ڪو نھ ڏٺو. ھن جي ڳالھين ٻڌڻ
مان وڏو سبق حاصل ٿيندو ھو. چوندو ھو تھ واقعن جي
ھر پھلوءَ تي نظر وجھڻ گھرجي نھ تھ صحيح نتيجي تي
پھچڻ ڏکيو آھي. منھنجي ذاتي ڊائري تھ ھن جي
دانائيءَ جي قولن سان ڀريل آھي.
زماني جي ترقيءَ کي ڪڏھن بھ ھڪ ھنڌ روڪي نٿو
سگھجي. ھن جو قدم ھميشھ اڳتي ئي ٿو ھلي. ممڪن آھي
تھ اسان ۾ ڪيترائي عالم ۽ فاضل ماڻھو پيدا ٿين، پر
انھن ۾ مولانا غلام محمد گرامي ڪٿي؟ ھن جون
ڳالھيون افسانن وانگر ياد رھنديون ۽ ڪو زمانو تھ
ماڻھو ھن جو ذڪر ڪندي ھن کي ياد ڪندا رھندا.
مولانا مرحوم ھاڻي اسان جي وچ ۾ موجود ڪو نھ آھي،
ھو وفات فرمائي ويو. ڪيڏو نھ چڱو ماڻھو ھو! الله
بھ چونڊي چونڊي چڱا ماڻھو پاڻ وٽ جلد گھرائي ٿو
حيرت آھي تھ اکين آڏو ڪيتريون گرانقدر ھستيون ھن
دنيا کان رخصت ٿي ويون آھن ۽ اسان انھن لاءِ ڪجھھ
بھ ڪري نھ سگھياسين.
دنيا ۾ ھڪڙا اھي ماڻھو آھن، جن کي زماني قضا سان
وڏو ماڻھو ڪيو آھي. ھو ڪنھن امير گھر ۾ پيدا ٿيا
آھن ۽ وڏا ماڻھو سڏجن ٿا. ٻيا وري اھڙا آھن جي
پنھنجو نالو ڪڍڻ لاءِ زمين ۽ آسمان ھڪ ڪري ڇڏيندا
آھن ۽ پنھنجي مشھوريءَ لاءِ سڀ ڪجھھ ڪندا آھن ۽
آخر وڏا ماڻھو ٿي ويندا آھن. ٽيان وري اھڙا آھن،
جي رڳو پنھنجي لياقت، محنت ۽ خلوص سان ڪم ڪري عزت
۽ وڏ ماڻپائي حاصل ڪندا آھن. ھيءَ عزت ھميشھ لاءِ
ھوندي آھي. اھي نھايت ٿورا ھوندا آھن. مولانا
مرحوم انھي ننڍي گروھھ مان ھو. اسان کي ھن جي
زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. اسان ۾ ڀلا ڪيترا
آھن اھي، جن مرحوم وانگر پنھنجي ساري عمر علم ۽
ادب جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي آھي. ھن رڳو پنھنجي
محنت ۽ قابليت سان ھي درجو حاصل ڪيو. ھو پنھنجي
علم ۽ شوق ۽ ھمت جي زور سان اھڙو ٿيو، جو ھن جي
موت تي ھڪ وڏي طبقي کي حقيقي ڏک ۽ غم آھي ۽ ائين
ٿو ڏسڻ ۾ اچي تھ سنڌي علم ۽ ادب جو ھڪ ٿنڀو ڪري
پيو آھي. ھن جي زندگي صاف ۽ چٽو ٻڌائي ٿي تھ شوق ۽
محنت عجيب شيون آھن. جنھن کي اسين ڪمال ٿا چئون سو
انھن ٻنھي جي پيدائش آھي. جيتوڻيڪ ھو ھن وقت اسان
۾ موجود نھ آھي، مگر ھن جي ياد اسان جي دلين ۾
آھي. ”پکي تھ اڏامي ويو پر ٽاري تھ اڃا تائين
پينگھھ وانگر لڏندي ٿي رھي.“
امشب صدائي تيشھ از بيستون نيايد،
شايد بخواب شيرين فرھاد خفتھ باشد.
حيدرآباد
-7اپريل
1977ع
سيد بچل شاھھ
وياسي وينجھار
ڊاڪٽر گربخشاڻي
سنڌ جو مشھور عالم ۽ اديب، سنڌي زبان جو ڄاڻو،
شاھھ جو شارح، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي،
تقسيم ھند واري سال،
11
فيبروري
1947ع
تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.
ڊاڪٽر صاحب جي ادبي حيثيت امر ۽ جاودان آھي، سنڌي
ادب ۾ جيسين شاھھ جو ڪلام رھندو، تيستائين سندس
علمي ۽ محققانھ شرح بھ زندھھ رھندي.
ڊاڪٽر صاحب،
8 مارچ
1884ع ۾، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سندس ابتدائي زندگي، ھڪ اديب ۽ سنڌي زبان جي
ڄاڻوءَ جي حيثيت سان شروع ٿي. ڊاڪٽر صاحب اگرچ
نحيف ۽ نازڪ طبع جو ھو، تاھم ابتدائي ۽ ثانوي
تعليم نھايت امتياز سان حاصل ڪري،
1900ع ۾، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ١٩٠٥ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين،
ايم اي لاءِ بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1907ع
۾ تعليم ختم ڪيائين، ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ انگريزي ۽
فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو.
1928ع
۾ انگلينڊ روانو ٿيو ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ رھي ھڪ
مقالو ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ تي لکي، ڊاڪٽريٽ
جي سند حاصل ڪيائين. آخري عمر تائين ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج جي مختلف منصبن تي فائز رھيو ۽ آخر ۾
پرنسپال ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفات ۾، شاھھ جي رسالي جي شرح جا
3
جلد، نور جھان ناول، لواريءَ
جا لال، نھايت معياري ۽ بي نظير آھن. شاھھ جو
رسالو سندس وسيع مطالعي، محققانھ ڪاوش، لغت تي
عبور، تصوف ۽ ويدانت جي ڄاڻ ۽ صحيح ادبي مزاج جو
ثبوت آھي. ڊاڪٽر صاحب جنھن محنت ۽ عرق ريزيءَ سان
ويھي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري شاھھ جو ڪلام جمع ڪيو آھي، اھو
ھڪ عظيم علمي ڪم آھي، پر ان تي اڪتفا نھ ڪيائين ۽
ھڪ نقاد ۽ زباندان لغوي ۽ صوفي محقق ۽ عالم جي
حيثيت سان شرح لکيائين، ۽ اڳين سڀني رسالن کان
گوءِ کنيائين، بلڪ اڄ تائين اھڙي معياري شرح اڃا
ڪا نھ لکي وئي آھي. ڊاڪٽر صاحب ھن شرح جا
4
جلد لکي پورا ڪيا ھئا، جنھن جا
3
جلد،
1923ع، 1924ع
۽
1931ع
۾ ڇپيا ھئا، ۽ باقي چوٿون ۽ آخري حصو تقسيم کان
پوءِ، ھندستان ڏانھن ويل آھي، ۽ معلوم ٿيو آھي تھ
سندس عزيزن وٽ محفوظ آھي.
رسالي جي شرح متعلق ڪن عالمن سخت تنقيدون لکيون،
پر ڊاڪٽر صاحب اٽل رھيو، ۽ شرح کي پنھنجي نقطھ نظر
سان لکندو رھيو. ياد رھي تھ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي
رسالي ۾ اڳين ڇپيل رسالن کان ھڪ ھزار بيت گھٽ شايع
ڪيا آھن.
شرح جي ابتدا ھڪ عالمانھ مقدمي سان ٿئي ٿي، جنھن ۾
شاھھ جي سوانح حيات جا مختلف پھلو، نھايت لذيذ ۽
محققانھ انداز ۾ پيش ڪيل آھن، ۽ آخري ٻن بابن ۾
شاھھ جي زبان ۽ ان جي صرفي ۽ نحوي بناوت تي
عالمانھ بحث لکيو اٿس. روح رھاڻ ڪتاب ۾، شاھھ جون
آکاڻيون نھايت سلوڻي ۽ سوادي، مٺيءَ ۽ دلنشين
ٻوليءَ ۾ لکيون اٿس. ھن ڪتاب ۾ سندس اسلوب بيان
نھايت دلڪش ۽ وڻندڙ، رنگين ۽ شيرين آھي.
”لواريءَ جا لال“ سوانح نگاريءَ ۽ سنڌي بزرگن جي
حالات تي مفيد علمي چيز آھي، ۽ ”نورجھان“ ھڪ لذيذ
تاريخي ناول آھي.
سنڌي زبان ڪڏھن بھ اھڙي محسن ۽ عظيم الشان اديب کي
وساري نھ ٿي سگھي. ضرورت آھي تھ سندس علمي ڪارنامن
۽ شخصيت تي ڪو مفصل ڪتاب لکيو وڃي.
ڪشنچند- ”بيوس“
سنڌ جو مشھور عوامي شاعر مسٽر ڪشنچند”بيوس“
23
سيپٽمبر
1947ع
تي پرلوڪ پڌاريو.
”بيوس“ پنھنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي
شاعريءَ جو موجد ھو. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪو نھ آھي،
تھ ”بيوس“ پھريون شخص آھي، جنھن گل ۽ بلبل واري
ايراني ۽ اردو رنگ کي ڇڏي، ٺيٺ سنڌي زبان ۾ طبع
آزمائي ڪئي، ۽ قومي فطري خيال پيش ڪيا. سندس زندگي
ھڪ آدرشي استاد جي حيثيت سان شروع ٿي، ۽ ھڪ باڪمال
قومي ۽ عوامي شاعر ٿي، ھيءُ دنيا ڇڏيائين.
ڪانگريس ۽ خلافت جي دؤر سياست ۾ بھ بھرو ورتائين.
ھو گانڌيءَ جو معتقد ۽ شش ھو، ۽ ھندو مسلم ايڪتا
جو حامي ھو. سرڪاري نوڪريءَ ھوندي بھ قومي ترانا ۽
جوشيلا شعر، پنھنجي پياري شاگرد، ھوندراج
”دکايل“جي نالي لکندو ھو، ۽ اخبارن کي موڪليندو
ھو. اھي سليس قومي گيت، سنڌ جي ھر قومي ميڙ ۾،
ڏاڍي جوش ۽ محبت سان پڙھيا ويندا ھئا.
زندگي بلڪل سادي گذاريندو ھو، ۽ ڪوشش ڪري ولايتي
چيزن کان پري رھندو ھو، ۽ ديسي شيون واپرائيندو
ھو. حڪمت سندس آبائي پيشو ھو، پينشن تي وڃڻ کان
پوءِ بھ حڪمت جو دڪان ھلائيندو رھيو.
مارچ،
1933ع ۾ سنڌي ساھتيھ سميلن سندس صدارت ۾ سڏائي وئي، جنھن ۾ سنڌي زبان ۽ سنڌي
تھذيب، ۽ سنڌ جي سليس شاعريءَ متعلق، پاڻ نھايت
ڪارائتا خيال پيش ڪيائون.
سندس ڪلام سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۽ روزانھ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رھيو. سندس
”شيرين شعر،“ ۽ ھئملٽ ڊرامو، نصابي طور ھاءِ
اسڪولن ۾ منظور ٿيل ڪتاب ھئا.
سندس شاگردن ۽ صحبتين مان ھوندراج دکايل ۽ پروفيسر رام پنجواڻي مشھور شاعر
۽ اديب آھن.
ضرورت آھي تھ ”بيوس“ جي ڪلام ۽ مضمونن کي جمع ڪجي ۽ سندس ڪلام ۽ سوانح حيات
تي ڪو ضخيم ۽ مفصل ڪتاب لکيو وڃي.
ڄيٺمل پرسرام گلراج
سنڌ جو مشھور اديب، قومي ۽ ملڪي خدمتگذار، صوفي ۽
ٿياسافسٽ، ڄيٺمل پرسرام
7
جولاءِ
1948ع
تي گذاري ويو.
ڄيٺمل پرسرام، سنڌ جي سماجي زندگيءَ جو ھڪ نھ
وسرندڙ ھيرو ھو. وسيع مطالعي، وسيع فڪر ۽ وسيع
مشرب وارو صوفي صافي ھو. تصوف ۽ ويدانت جي ڪتابن
جو ڪافي علم ھوس. شاھھ لطيف جي ڪلام ۽ رمزن جو تھ
وڏو ڄاڻو ھو، سندس زبان سلوڻي ۽ مٺي، ھلڪي ۽
دلپذير ھئي.
قومي زندگيءَ جو آغاز ڪانگريس ھلچل ۾ ڪيائين، ۽ ساري عمر سچو ديش ڀڳت ٿي
رھيو. ”سنڌ“ سان تھ خاص الفت ھئس. وفات وقت پنھنجن
پوين کي وصيت ڪري ويا آھن تھ سندن ھاٺي يا گورو
يعني سندن چکيا جي خاڪ ۽ ھڏيون، سنڌو درياءَ جي
سپرد ڪيون وڃن. پھرئين دؤر ۾ مرحوم غلام محمد خان
ڀرڳڙيءَ جو ٻانھن ٻيلي ۽ صلاحڪار ٿي ڪم ڪيائين ۽
ڀرڳڙي صاحب جي خيالات ۽ قومي ڪمن جي ڦھلائڻ لاءِ
سنڌي ۽ انگريزي اخبارن جو ايڊيٽر ٿيو. سندس بيباڪ
۽ ھندو مسلم فساد کي ختم ڪندڙ، اتفاق ڏي ڇڪيندڙ
مضمون اڄ بھ موجود آھن. ڪانگريس جي تحريڪ ۾ مھاتما
گانڌيءَ سان گڏ جيل بھ ماڻيائين. سندس طبيعت
فقيراڻي ھئي. سنڌ جي صوفين ۽ سنتن، ۽ ھندو توڙي
مسلمان فقيرن جي ڪلام جو مٿس خاص اثر پيو. پيغمبر
اسلام ۽ ان جي سچي تعليم کان بھ متاثر ٿيو ۽
پيغمبر اسلام تي ھڪ ڪتاب لکيائين.
سندس زندگيءَ جو ٽيون دؤر، مائي ايني بيسنت جي صحبت، ۽ ٿياسافي تحريڪ کان
شروع ٿيو. ان تحريڪ ۾ اچڻ کان پوءِ سڀني مذھبن ۽
ڌرمن جي سچائي ۽ يگانيت تي خوب ليڪچر ڪيائين.
سندس ڪوشش سان حيدرآباد سنڌ ۾ بيسنت لاج جو بنياد وڌو ويو، جو حيدرآباد جو
مذھبي، ڌرمي ۽ ڪلچرل مرڪز بنجي پيو.
ٿياسافي ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ”روح رھاڻ“ نالي رسالو
1923ع
۾ ڪڍيائين، جو
1944ع
تائين پورا
21
سال ساندھ، باقاعدگيءَ سان
ھلندو رھيو، جنھن ۾ قرآن، گيتا، تصوف، ويدانت،
ٿياسافيءَ ۽ روحانيت متعلق معياري مضمون شايع
ٿيندا ھئا. نھايت خوشيءَ جي ڳالھھ آھي جو سندس
ھيءُ دلپذير رسالو، ڏھن سالن کان پوءِ، وري ھاڻي،
سندس لائق فرزند ۽ نھن بمبئيءَ مان شروع ڪيو آھي.
سندس انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو چڱو انداز آھي، اوم جي ڪھاڻي، سڌيون ۽ چڪر،
پيغمبر اسلام، فلاسفي ڇا آھي، موت آھي ئي ڪو نھ،
شاھھ جون ڪھاڻيون، روح رھاڻ جا
21
جلد ۽ سنڌڙيءَ جا فائيل ۽ ٻيا
ڪيئي علمي ۽ ادبي مضمون سندس يادگار اڄ اسان وٽ
موجود آھن.
برھمو سماج، سناتن ڌرم، اسلام ۽ ٿياسافيءَ جو وڏو
ڄاڻو، سنڌ جو سورھيھ ۽ عاشق، قلم ۽ ڪلام، علم ۽
عمل، اخلاق ۽ محبت جو مجسمو مرحوم ڄيٺمل پرسرام
تقسيم کان پوءِ جيئن سنڌ جا وڻ ڇڏي ويو، تيئن
7
جولاءِ
1948ع ۾، بمبئيءَ ۾ سندس
مرتبو ٿيو.
ضرورت آھي تھ سندس شخصيت ۽ ڪتابن ۽ خيالن تي مفصل ڪتاب لکيو وڃي، ۽ سندس
سمورا ڪتاب ۽ لکيتون ”ڪليات ڄيٺمل“ جي نالي شايع
ڪيون وڃن.
مولانا دين محمد وفائي
سنڌ جو مشھور ۽ معروف عالم ۽ اديب، عربي، فارسي،
اردو ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو ۽ فاضل حديث ۽ تفسير،
تاريخ ۽ علم الانساب، فقھ ۽ فلسفھ، تصوف ۽ فلسفيھ
ولي الاھيءَ جو وڏو ماھر ۽ استاد، مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جو فڪري ترجمان، الوحيد جو سابق ايڊيٽر،
توحيد جو مدير، ”مھراڻ“ جو معاون تحرير مولانا دين
محمد وفائي صاحب
10
اپريل
1950ع
تي وفات ڪري ويو. سندن عمر
60
ورھيھ ھئي.
”مھراڻ“ سان نھ فقط سندن تعاون ھو پر ايڊيٽوريل
بورڊ جو ھڪ فرد ھو. ”مھراڻ“ جي نالي سان سندن انس
۽ محبت جو اھو روشن دليل آھي، جو پاڻ ”مھراڻ“
پبلشنگ ھائوس جي طرفان، پنھنجن جو تحقيقي ۽
معياري ڪتاب ”لطف اللطيف“ شايع ڪري، سنڌي ادب ۾
”مھراڻ“ کي وڌيڪ مشھور ۽ مقبول ڪيائون.
مولانا وفائي، سنڌي زبان، سنڌي تھذيب، سنڌ جي
تاريخ، سنڌ جي روايات ۽ سنڌ جي شاعريءَ جو وڏو
محقق ۽ ڄاڻو ھو. پنھنجي ساري عمر عزيز علوم دينيھ
۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ گذاري، مولانا مرحوم ھڪ عمدو
مثال قائم ڪيو. مولانا مرحوم جي ملڪي ۽ وطني،
سياسي ۽ صحافي زندگي بھ قابل قدر آھي. توحيد، ھڪ
بلند معيار ديني ۽ ادبي رسالو آھي. سندن تصنيفات ۾
بيشتر ديني ڪتاب آھن. ان کان سواءِ سنڌ جي شخصيات
متعلق سندن گڏ ڪيل ڪتاب، سنڌ جي علم الانساب ۽ علم
وجال جو بھترين شاھڪار آھي.
مولانا مرحوم پنھنجي آخري زندگيءَ ۾، امام
الانقلاب، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ھڪ طالب ۽
ترجمان ٿي اٿيو، ۽ ولي الاھي فلسفھ جي مطالعي ۾
وقت گذاريائين. مرحوم مولانا سنڌيءَ کي سندس
اجتھاد، علمي تبحر، معلومات مطالعي ۽ خوش ذوقيءَ
تي پورو پورو اعتماد ھو. اھا اميد قائم ٿي چڪي ھئي
تھ مولانا وفائي سنڌي زبان ۾ فلسفھ ولي الله جي
ترجماني ۽ شرح جا فرائض بجا آڻيندو، پر اي بسا
آوزو کھ خاک شد. مولانا مرحوم
1919ع
کان وٺي
1946ع تائين ”الوحيد“ جي معرفت قوم ۽ وطن جي خدمت ڪندو رھيو، ۽ اسير فرنگ بھ
رھيو ۽ تحريڪ خلافت جو سرگرم رڪن ھو. مولانا ھڪ
خوش اسلوب صاحب تحرير ھو. سندس زبان سلاست جو
آئينو آھي. سندس تصنيف ”لطف اللطيف“ سنڌي ادب ۾
زندھ جاويد آھي.
اھڙو جامع العلوم ۽ جامع الفنون عالم، سنڌي ادب
لاءِ باعث فخر ھو. اھڙو عالم، اديب، سخن سنج،
مورخ، محقق، فلسفي، صحافي، منطقي، علم الانساب جو
ڄاڻو، سنڌي شخصيات جو ماھر، وري پيدا ٿيڻ مشڪل
آھي. خلفائي راشدين، سيرت النبي، الھام باري ۽ ٻيا
ڪتاب سندس يادگار آھن.
”مھراڻ“ جو معاون مدير ھو، تنھن ڪري ”مھراڻ“ جو
ادارو ۽ مھراڻ جا ناظرين ۽ سنڌي ادب سندس وفات کي
ھڪ علمي نقصان تصور ڪن ٿا. دعا آھي تھ مولا پاڪ
مرحوم کي مرھي ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.
غلام محمد شاھواڻي
مسٽر غلام محمد شاھواڻي ايم-اي، مرحوم،
14ڊسمبر ١٩٥٠ع تي لاھور ۾ وفات ڪئي آھي. نھايت ارمان آھي، جو
سنڌ جو ھي نوجوان اديب ۽ علم دوست ۽ خوش اخلاق ۽
رلڻو ملڻو ماڻھو، اڃا تازو شاھھ جو رسالو شايع
ڪري چڪو ھو. مرحوم پنھنجي تعليمي ڪمن ڪارين سان
گڏ علمي ڪتاب بھ شايع ڪرائيندو رھيو. پاڻ اول نور
محمد ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ھو، ۽ پوءِ وري
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. مرحوم ٿوري
وقت ۾ نھايت عمدا ڪتاب شايع ڪرائي، سنڌي ادب ۾ چڱو
اضافو ڪيو آھي.
مثنوي مولانا روم جا ٻھ جلد” علمي خزانو“ جي نالي سان نثر ۾ شايع ڪرايائين.
ان طرح غوث اعظم جي ڪتاب فتوح الغيب جو ترجمو،
گلستان سعدي جو ترجمو، سر سسئي آبري، ادبي اصول،
چونڊ نظم نثر
3
حصا، راز رمزون، ۽ ننڍڙو ڪتاب
رسول ڪريم تي، خلفائي راشدين يعني چئني يارن جون
جدا جدا سوانح عمريون ۽ اسلامي افسانن جو ڪتاب،
ترڪن جي بھادري، وغيرھ شايع ڪرايائين. سندس ھميشھ
جو يادگار شاھھ جو اھو رسالو آھي، جنھن تي ھن
پاڻيءَ وانگر ھزارھا رپيا ھاريا، ۽ نيٺ رسالو شايع
ڪيائين. سخت محنت ڪري، تندرستي وڃائي ويٺو، پر
رسالي جي شوق ۾ ائين چوندو رھيو تھ ”منھنجي رڳي
اھا تمنا آھي تھ مرڻ کان اول شاھھ جي رسالي جو ھڪ
جلد مون کي ڇپي ڏيکاريو وڃي“ سندس اھا آرزو نيٺ
پوري ٿي، رسالو کيس ڇپجي مليو، پر طبيعت جئن پوءِ
تئن ڪرندي وئي ۽ آخر پاڻ چيائين تھ ”مان رسالي جو
شھيد ٿيندس .“
آخري وقت ۾ کيس علاج لاءِ لاھور نيو ويو، جتي
14
ڊسمبر
1950ع
تي وفات ڪيائين. سندس لاشو ٽرين ذريعي آندو ويو، ۽
حيدرآباد سنڌ ۾ دفن ڪيو ويو.
سندس علمي ذوق کي ڏسي اھا پيشنگوئي ڪيل ھئي تھ ھي
ماڻھو سنڌي ادب لاءِ اڃا بھ وک وڌائيندو. پر اي
بسا آرزو کھ خاک شد. دعا آھي تھ رب جليل کيس علمي
خدمت جي صلي ۾ مغفرت فرمائي، ۽ ان جي ڪتاب کي
مقبول ڪري.
غلام احمد ”نظامي“
مرحوم غلام احمد نظامي، سنڌ جي قومي شاعر، سن
1951ع
۾ وفات ڪئي آھي. نظامي صاحب جا وڏا اصل تھ
لاڙڪاڻي جا ھئا، پر پوءِ لڏي ڪراچيءَ ۾ آيا. سندس
والد حاجي محمد صديق ھڪ محنتي ماڻھو ھو، جنھن
ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسلاميھ ھوٽل جو بنياد وڌو. نظامي
صاحب
15 جون
1895ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ ڇھن ورھين جي عمر ۾ سندس تعليم ۽ تربيت جي ابتدا ھڪ
اردو اسڪول ۾ شروع ٿي. اگرچھ سندس تعليمي معيار
موجودھ اسڪولن ۽ڪاليجن ۽ مڪتبي نقطئھ نظر سان
ايترو وسيع نھ ھو، تاھم ذوق سليم ۽ ذاتي جوھر،
مسلسل مطالعي ۽ سير و سفر ۽ علمي مجلسن ۾ اٿڻ ويھڻ
ڪري، ايترو استعداد ڪيائين، جنھن اڳتي ھلي کيس
سنڌي زبان جو قومي شاعر بنايو. سندس ذوق سليم ۽
طبع روان کيس ننڍيءَ عمر کان وٺي شعر و شاعريءَ ۽
ادب جي دنيا ۾ آندو. اول اول اردوءَ ۾ ڪلام
چيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾. ابتدا ۾ تخلص ”اصغر،“ ۽
پوءِ ”خبطي“، ۽ آخر ۾ ”نظامي“ ڪيائين. حضرت نظام
الدين محبوب الاھيءَ جي گادينشين، اردو جي وڏي
اديب، شمس العلماءَ خواجھ حسن نظاميءَ جي بيعت ڪرڻ
کان پوءِ،
1926ع ۾، مرحوم پنھنجي مرشد جي نسبت قائم رکڻ لاءِ ”نظامي“ تخلص اختيار ڪيو.
سندس ابتدائي ڪلام جي اصلاح، مرحوم مخلص ۽ پوءِ
حاجي محمود خادم صاحب ڪئي آھي. تحريڪ خلافت وقت گل
و بلبل جي شاعريءَ کي ترڪ ڪري، قومي شاعري شروع
ڪيائين.”بياض نظامي“ ۽ ”رياض نظامي“ سندس ڪلام جا
ٻھ مجموعا ڇپجي چڪا آھن. نثر ۾ سندس ڪيئي مضمون
آھن، جي ”ڪاميابي“، ”الوحيد“، ۽”ترقي“ رسالن ۽
اخبارن ۾ موجود آھن. ”حور دمشق“ ۽ ”خدائي انتقام“
چڱا علمي ناول آھن. نظامي صاحب، پنھنجي آخري ايام
۾ ھڪ علمي ۽ ادبي ۽ سياسي ھفتيوار پرچو ”وحدت“
جاري ڪيو، جنھن جا ٻھ چار نمبر سندس زندگيءَ ۾
شايع ٿيا.
نظامي صاحب،
23 فيبروري
1951ع تي جمع جي ڏينھن، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. دعا آھي تھ الله تعاليٰ کيس مرھي، ۽
سندس پسماندن کي صبر جي توفيق عطا ڪري. |