سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :3

حافظ عبدالله ”بسمل“

مرحوم عبدالله صاحب ”بسمل“ 1949ع ۾ وفات ڪئي آھي. حافظ صاحب وڏو عالم، فاضل، اديب، شاعر ۽ سخن شناس ماڻھو ھو. سندس تعلق ٽکڙ جھڙي مردم خيز ۽ علمي مرڪز سان آھي.  سندس علمي زندگي اگرچ ھڪ علمي درسگاھھ مان ٿي، پر اڳتي ھلي حافظ صاحب مرحوم سنڌ جو بھترين شاعر ۽ اديب ليکجڻ ۾ آيو. افسوس آھي جو سندس ڪلام جو ڪو خاص مجموعو نھ ڇپجي سگھيو آھي. سندس سارو ڪلام سنڌ جي اخبارن ۽  ۽ رسالن  ۾ محفوظ آھي، فقط مثنوي محمدي ڇپيل آھي.  سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان بسمل صاحب جي ”ڪلام“جي اشاعت جو انتظام ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ سندس سوانح ۽ ڪلام تي مفصل طور علمي تبصرو پيش ڪيو ويندو.  دعا آھي تھ الله تعاليٰ شال مرھي، ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

] نمبر 1، سال 1955ع[

مرحومھ روشن آرا مغل

سنڌ جي مشھور تعليمي ۽ اصلاحي ڪم ڪندڙ، محترمھ روشن آرا مغل، 25 مئي 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. (انالله وانا اليه راجعون.) مرحومھ روشن آرا علم ۽ عمل، ادب ۽ اخلاق جي زيورن سان آراستھ ھئي. ھڪ غريب خاندان ۾ ڄائي ۽ پنھنجي محنت ۽ ڪشالي سان اعليٰ درجي تي پھتي.

مرحومھ ”روشن“ جي ابتدائي  تربيت پنھنجي ماءُ جي ھنج ۾ ٿي، جنھن زناني سڪول ۾ ماستري ڪندي ۽ بيواھھ ھوندي پنھنجي ٻچن کي پاليو ۽ تاتيو.”روشن“پرائمري پوري ڪري، سيڪنڊري تعليم  ڪاميابيءَ  سان حاصل ڪئي.  پاڪستان کان اڳ 1947ع  ۾ بمبئي مان بي. ايس. سي پاس ڪيائين، 1951ع ۾ بي –ٽي، 1952ع ۾ سنڌيءَ  ۾ ايم اي، ۽ 1954ع ۾ ايل ايل بي جو پھريون سال پاس ڪيائين. 1955ع ۾ ٻئي سال جو امتحان ڏيڻو ھوس ۽ اڃا پي ايڇ. ڊي ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ڊگرين حاصل ڪرڻ جو خيال ھوس. تعليمي مشغولين ۽ امتحانن جي ڪاميابين سان گڏ قومي ۽ وطني ۽ اصلاحي ڪمن ۾ کيس چڱو اعزاز حاصل ھو.

1944ع کان 1948ع تائين ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور جي برک ميمبرياڻي ٿي رھي آھي. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر ھئي. 1948ع کان ڪراچيءَ  ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس جي عھدي تي فائز رھي. آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع تائين آمريڪا ۾ زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن جي سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي ويئي ۽ آمريڪا جي وڏن وڏن عالمن کان پنھنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل ڪيائين. ان سان گڏ جپان، ھانگ ڪانگ، برما، اوڀر پاڪستان ۽ سيلون جو بھ سير ڪيائين. ”روشن“سچ پچ تي ھر اعتبار سان ”روشن“ ھئي ۽ سنڌي عورتن لاءِ ھڪ ”مثالي  عورت“  ھئي. علم ۽ ادب ۾ ڀڙ، طبع ۾ سليم ۽ حليم، نياز ۽ نوڙت واري ”روشن“ سنڌ جو روشن تارو ھئي.

سندس ڪا بھ تصنيف ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڪا نھ آھي، البت سندس مضمون آھن، جي رسالن ۽ مخزنن ۾ محفوظ آھن، ۽ سندس اٽڪل 150 کن تقريرون موجود آھن، جي ھن ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان نشر ڪيون، جن سڀني کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آھي.

ھن تعليم يافتھ ۽ روشن دل خاتون جي بي وقت وفات، نھايت صدمو پھچايو آھي. دعا آھي تھ الله تعاليٰ  کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري، ۽ سندس پسماندن خاص طور سندس ساھھ صدقي ڪندڙ ماءُ، غمزده ڀيڻ ”بادام“، سندس شريف النفس وفادار شوھر مسٽر اسحاق کي صبر جميل عطا ڪري.

افسوس-

”ھوءَ ھير گھلي، ھوءَ رت بدلي،

گل گل جي منھن تي، مرڪ ملي

افسوس انھيءَ مکڙيءَ  تي جا

نھ کڙي نھ ٽڙي، نھ کلي نھ کلي!“

 

سيد محمد عالم شاھھ”عالم“

سيد محمد عالم شاھھ ”عالم“ ٽکڙائيءَ، تازو 28 مئي 1955ع تي وفات ڪئي آھي. (انالله وانااليھ راجعون) مرحوم ٽکڙ جي مردم خيز شھر ۾ 30 جمادي الاول 1306ھھ ۾ ڄائو. مرحوم علامھ اسدالله شاھ ”فدا“ ۽ سيد محمد حافظ شاھھ سندس چاچا ھئا. شاھھ صاحب ننڍپڻ کان وٺي نھايت ذھين ۽ سليم طبع ھو. سندس تعليم جي ابتدا ديني مڪتب ۾ ٿي. ان زماني ۾ ٽکڙ علم ۽ ادب جو مرڪز ھو ۽ حافظ محمد يوسف جي”مڪتب“ جي شھرت وڏن وڏن علم دوست ماڻھن کي ڇڪي آڻيندي ھئي. آخر سندس عزيزن کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي ميٽرڪ تائين تعليم ورتائين، ۽ ان کان پوءِ مرحوم نور محمد وڪيل ۽ مسٽر دين محمد عليگ جي صلاح تي علي ڳڙھھ ويو. پر ڪن گھرو معاملن ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نھ سگھيو ۽ ڳوٺ موٽي آيو ۽ اچي شادي ڪيائين.

شعرو شاعري جو شوق ”فدا“ جي صحبت مان پيدا ٿيس. سندس ڪلام جو زيادھ ذخيرو ”ڪافين“جي صورت ۾ آھي. سندس ڪافيون نھايت پرسوز، وقت انگيز ۽ روحانيت سان ڀريل آھن.

مرحوم شاھھ صاحب محفل جو مور، گفتگو جو سھڻو، معلومات سندس وسيع، سياست، مذھب، علم ۽ ادب تي رھاڻ ڏاڍي رس ڀري ڪندو ھو.

سندس ڪافي ڪلام موجود آھي، جو شايع ٿيڻ جھڙو آھي. سندس پسماندن کي گھرجي تھ ڪلام کي جمع ڪرائين ۽ شايع ڪرائين. ”مھراڻ“ جو ادارو شاھھ صاحب جي پسماندن ۽ عزيزن سان شريڪ غم آھي. دعا آھي تھ رب ڪريم کيس مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي!

قاضي احمد ميان اختر جھونا ڳڙھي

اسلامي تاريخ جي وڏي ڄاڻوءَ ۽ مورخ، قاضي احمد ميان اختر جھونا ڳڙھي مرحوم 6 آگسٽ 1955ع رات جو 8بجي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ ۾ انتقال ڪيو.(انا لله و انا اليه راجعون).

مرحوم قاضي صاحب جو اصل نسل سنڌ سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏا ٺٽي جا رھاڪو ھئا، پر زماني جي انقلاب سبب ڪلھوڙن جي دور ۾ جھونا ڳڙھھ ڏانھن لڏي ويا ھئا. سندن مادري ٻولي اڃا تائين ڪڇي سنڌي آھي. قاضي صاحب وچولي طبقي جو فرد ھو. سندس ابتدائي زندگي ”سفيد پوش“ نموني ۾ شروع ٿي. اھو ئي سبب آھي، جو قاضي صاحب ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم ۽ ڊگرين کان محروم رھيو. ذوق سليم ۽ ذاتي مطالعي کيس معراج ترقيءَ تي پھچايو.

قاضي صاحب شعبھ تاريخ اسلام ۾ وڏي مقام جو صاحب ھو. ان کان سواءِ دينيات، فقھ، لسانيات، فلسفي، ادب ۽ تنقيد ۽ ٻين فنن ۾ بھ وڏيءَ دسترس جو مالڪ ھو. باوجود وڏي ڪمال جي، قاضي صاحب مرحوم نھايت نھٺو، سادھ دل ۽ شريف الطبع شخص ھو.

سندس تحقيقي مقالن جو وڏو انداز ھندوستان جي معياري رسالن ۾ محفوظ آھي. سندس ھر مقالو، تحقيق ۽ مطالعي جو نچوڙ آھي. سندس لکڻي رنگين ۽ انداز بيان شيرين آھي، اھو ئي سبب آھي جو تاريخ جھڙن خشڪ مضمونن ۾ بھ ھڪ قسم جي ڪشش پيدا ڪئي اٿس. قاضي صاحب پاڪستان کان اڳ  واري زماني ۾، جھونا ڳڙھھ  جي نواب جو پرائيويٽ سيڪريٽري ھو. ”ورھاڱي“ جي لڏ پلاڻ  ۾ قاضي صاحب ھجرت ڪري پاڪستان آيو. ڪراچيءَ ۾ اچي ”انجمن ترقي اردو“ جو سيڪريٽري ٿيو، ۽ ان سان گڏ انجمن جي سھ ماھي رسالي، ”اردو“ جي ادارتي بورڊ ۾ بھ اعزازي طور ڪم ڪندو رھيو.

سندس تصنيفات ۾ ھڪ زبردست معياري ڪتاب علامھ اقبال جي فلسفي، ڪلام ۽ شخصيت تي لکيل، اقبال اڪيڊميءَ شايع ڪيو آھي، جنھن ۾ قاضي صاحب اقبال جي ھر پھلوءَ کي واضح ڪيو آھي.

پوئين دور ۾، ڊسمبر 1952ع ۾، قاضي صاحب مرحوم، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبھ تاريخ اسلام جو ھيڊ ٿي آيو.

مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي تقريب لاءِ ”سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت“  تي ھڪ تحقيقي  مقالو لکجي رھيو ھو.

قاضي صاحب جھڙي محقق ۽ عالم جي جاءِ ڀرجڻ مشڪل آھي. سندس وفات، علمي ۽ تاريخي دنيا ۾ ناقابل تلافي خال ڇڏيو آھي. الله تعاليٰ شال مٿس رحمت ڪري.

 

]نمبر 3 – سال  1955ع[

الحاج حافظ حيات شاھھ ”حافظ“

سنڌءَ جو ھي ناميارو شاعر 26 ڊسمبر 1955ع تي 82ورھين جي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. پاڻ 1294ھھ ۾، پنجاب جي ضلعي گجرات جي ڳوٺ ”سيدان“ ۾ تولد ٿيو. سندس والدھ ڇھن سالن جي عمر ۾، ۽ والد ٻارھن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويا، ۽ سندس ماسيءَ سندس پرورش ڪئي. گھر جي نااتفاقيءَ سبب، چوڏھن سالن جي عمر ۾ پاڻ وطن ڇڏي، مدراس طرف ھليو يو، ۽ پوءِ ملبار، دکن، بمبئي، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ طرف گذاري، اٺاويھن سالن جي عمر ۾، مارواڙ جي ڳوٺ پالوترا (والھوٽو) ۾ اچي رھيو، جتي سخت بخار ۾ ڇھھ مھينا مبتلا رھڻ سبب، اکين کان نابين ٿي ويو. انھيءَ کان پوءِ، قسمت سانگي، 1908ع ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ ” ڪوٽڙيءَ“ ۾ ”حسن واھڻ“ ۾ رھندو، نيٺ اچي ميان علي بخش ڀٽيءَ وٽ حيدرآباد رھيو. ميان علي بخش سان سندس دوستي ”مولود ڳائيندڙ“  جي حيثيت ۾ ٿي، جو پاڻ بھ سٺو مولودي ھو. حافظ حيات اول اول ”مولود“ ٺاھڻ شروع ڪيا. دوستن جي قدر افزائيءَ تي ھو وڌيڪ مولود ۽ مداحون چوڻ لڳو، ۽ پوءِ اڳتي ھلي ڪافيون، غزل ۽ نظم وغيره بھ چوڻ لڳو. اھڙيءَ طرح، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي نھايت عظيم خدمت ڪيائين. مولودن، مداحن عشقي، اخلاقي، علمي، قومي ۽ ديني غزلن، نظمن ۽ ڪافين جو ھڪ بينظير خزانو سنڌ کي عطا ڪري، سچ پچ تھ حافظ حيات شاھھ سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو ڪري ويو آھي.

مرحوم ”حافظ“ جي ڪلامن جا ٻھ مجموعا – ”ديوان حافظ سنڌي“ ۽ ”گلستان حيات“ سندس زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿي، خراج تحسين حاصل ڪري چڪا ھئا. مرحوم شاھواڻي صاحب جيڪو ” گلستان“ جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو، ان ۾ شعرن جو ترجمو شعرن ۾ سندس ئي ڪيل آھي. ٻھ ڪتاب ”وڇڙيلن جو ميڙو“ ۽ ”داستان غم“ اڃا اڻ ڇپيل آھن.

سندس ھڪ شاگرد، محمد موسيٰ ”راز“ جي پٽ مقبول احمد ڀٽيءَ، مرحوم جي حياتيءَ ۾ ئي، سندس نالي پٺيان ھڪ لئبرري حيدرآباد ۾ کولي، جا اڄ بھ حيدرآباد شھر ۾ ھڪ چڱي لئبرري سمجھي وڃي ٿي.

 

ديوان سوڀراج نرملداس ” فاني“

 15- مارچ 1956ع تي، سنڌي ادب جو روشن ستارو ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“ ڀارت ۾ گذاري ويو. سندس جنم 27- فبروري 1883ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو ھو. ”فانيءَ“ جو والد بھ سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسيءَ جو ماھر ۽ خدا ترس صوفي طبيعت وارو انسان ھو، ان ڪري ”فاني“ صاحب بھ ننڍي ھوندي کان ئي صوفي خيالن ڏي لاڙو رکندڙ ھو. ھن کي شاعريءَ جي ڏات قدرتي مليل ھئي، جنھن ڪري نون ورھين جي ڄمار کان ئي شعر چوڻ لڳو. مطالعي جو شوق ايترو گھڻو ھوس، جو ٻيو ڪو بندوبست نھ ھوندو ھوس تھ رستن جي شمعدانن تي ويھي بھ مطالعو ڪندو ھو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ ۾ پھريون نمبر حاصل ڪيائين. پوءِ سرڪاري نوڪري ڪرڻ لڳو، تان جو 1937ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عھدي تان رٽاير  ڪيائين.

آنجھاني ”فاني“ نوڪريءَ واري زماني ۾ بھ شعر، مضمون وغيره لکندو ھو، پر رٽائرڊ  ٿيڻ بعد تھ انھي ادبي خدمت کي ھيڪاري جنبي ويو. پنھنجي وھاڻي ھيٺان بھ پنو پينسل رکندو ھو، ۽ ڪنھن بھ وقت ڪو نئون خيال ايندو ھوس، تھ يڪدم لکي ڇڏيندو ھو. ايتري قدر، جو پڇاڙيءَ ۾ نظر گھٽ ٿي ويس تھ ٻارن کان بھ لکائي ڇڏيندو ھو، تھ جيئن ھي املھھ ماڻڪ رائگان  نھ وڃن!  ھو جئن شاعر ھو، تئن موسيقيءَ جو پڻ ماھر ھو، عربي، پارسي، سنڌي، انگريزي ۽ ھندي  ٻولين جو سٺو ڄاڻو ھو، وڏي آفيسر ھوندي بھ نھٺائي، غريبن سان ھمدردي ۽ رحم سان سندس دل سدا ڀرپور ھئي.

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ جي خاص اون ھوندي ھيس.  پنھنجي سنڌ جي اٽڪل اسي شھرن جي  قديم تاريخ جي کوجنا ڪري، ڪيترائي تاريخي مضمون ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ شايع ڪرايائين. ” سنڌو“،  ”غنچھ اميد“، ”مھراڻ“، توڙي ڪاليج مخزنن ۽ ٻين رسالن ۾ ھميشھ سندس مضمون ۽ شعر پوندا ھئا. سندس ڳچ  ڪتاب شايع ٿيل آھن، جن مان ”خيالي جھلڪ“، ”چيت ڦلواڙي“، ”روحاني تجلا“، ”ويچار وکر“، ”ترجمھ گلستان“، ”پھاڪا“، وغيره ڪتاب ڪافي مشھور آھن، ۽ ٻيو ڪيترو ئي ادب اڃا اڻڇپيل اٿس.

آنجھاني ديوان سوڀراج ”فاني“ انسان ذات جو ھمدرد ھو. پگھار محدود ھوندي بھ صرفي ۽ سنجم  سان رھي، بچت ڪري، خير خيراتون ڪندو ھو!

سنڌ سان تھ کيس خاص محبت ھئي، ۽ ان کان جدا ٿيڻ جي جھوريءَ جھڄائي ڇڏيس، جنھن ڪري ھندستان ۾ گھڻو وقت جالي نھ سگھيو، نھ تھ اھڙن اصولي زندگي گذاريندڙ ھستين جي عمر گھڻو ڪري ڪافي وڏي ٿئي ٿي. لاشڪ سندس وفات سنڌي ادب لاءِ ھڪ عظيم صدمو آھي.

] نمبر 2، سال 1956ع[

شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽو

مرحوم مغفور ڊاڪٽر دائودپوٽو، برصغير ھندو پاڪ جي ھڪ مشھور ۽ جليل القدر  مورخ ۽ محقق جي حيثيت  سان ڪافي متعارف آھي. سندس شخصيت، سر زمين سنڌ لاءِ خاص طرح فخر جو باعث آھي. سنڌي زبان، ادب ۽ تھذيب ھن فرزند جليل جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن تي جيترو ناز ڪري، اھو گھٽ آھي. سچ پچ علامھ صاحب مرحوم جي ذات کي، پنھنجيءَ جاءِ تي، ھڪ ”مستقل دور“ جي حيثيت حاصل آھي. افسوس جو اھو دور ختم ٿي ويو! سندس تصنيفات ۽ تاليفات، مقالات ۽ تخليقات جو وڏو حصو سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌي تصوف ۽ سنڌي مشاھير، علماءِ ۽ شعراءِ بزرگان دين سان تعلق رکي ٿو. ھڪ ”مثالي انسان“ جي حيثيت سان، سندس علمي خدمت جو پايو نھايت بلند آھي. علامھ مرحوم ھڪ طرف مشرقي ۽ مغربي  لسانيات جو وڏو اسڪالر ھو، تھ ٻئي طرف اسلامي علوم ۽ فنون  ۾ بھ وڏي مقام وارو عالم ڪري تسليم ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي مشاھير جي سوانح ۽ ڪلام جي ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ کين اوليت جو شرف حاصل آھي. سندس انگريزي، فارسي، عربي، ۽ سنڌي ڪتابن کي ڏسڻ کان پوءِ، ھر ڪو  اھل علم سندن تبحر علمي، وسعت نظريءَ، وسيع مطالعي، اصولي انتقاد، تخليقي روح، اصول تنقيد، عالمانھ علوم، لساني ڄاڻ، ۽ مختلف فنون سان شغف جو دل کولي داد ٿو ڏئي، خاص طور سنڌي زبان ۽ ادب سان سندن  والھانھ محبت، اسان لاءِ بھترين مثال آھي. سندس وفات حسرت آيات، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ناقابل  تلافي سانحو آھي.

علامھ مرحوم جو تعلق جڏھن تھ ”مھراڻ“ جي ادارت سان ھو، ھي زير نظر پرچو پڻ سارو سندن ئي ايڊٽ ڪيل آھي، لھاذا، سندن ياد ۽ محبت کي مد نظر رکي، اسين ھن ”مھراڻ“ ۾ سندن ئي بھترين مقالا  شامل ڪري رھيا آھيون، جي ھر حيثيت  سان قابل تعريف ۽ افادي آھن.

پھريون مقالو ”ادبي سنگت“جي عنوان ھيٺ، جنوري 1946ع واري پھرئين ”مھراڻ“جي پرچي ۾ آيل آھي، جنھن ۾ مرحوم علامھ صاحب جن ”مھراڻ“ مخزن جي اشاعت ۽ ان جي ادبي پاليسيءَ جي نظرياتي مقاصد ۽ علمي ۽ ادبي طريق ڪار متعلق نھايت صاف ۽ واضح ڇنڊڇاڻ ڪئي آھي. جڏھن تھ ”مھراڻ“ نالو ئي سندن تجويز ڪيل ھو، ۽ پھرئين پرچي جو ايڊيٽوريل بھ پاڻ ئي لکيو ھئائون، لھاذا سندن ان تجويز، گذارش ۽ تفصيلي بحث کي ”مھراڻ“ جي بنيادي پاليسيءَ  ۾”سنگ ميل“ جي حيثيت حاصل آھي. شڪر جو مقام آھي تھ ”مھراڻ“ اڄ تائين ان مفيد ۽ ارتقا پذير پاليسيءَ تي قائم آھي، جنھن جو تعين ۽ قيام علامھ مرحوم پنھنجيءَ تحرير ۾ ڪيو آھي. اسين ان تحرير جو عڪس، تبرڪ طور، ”مھراڻ“ ۾ شايع ڪري رھيا آھيون.

ٻيءَ دلڪش تحرير، ”سرھا گل“ جي تمھيد آھي، جا 1934ع ۾ لکيل آھي. اھا تحرير نھايت سليس، دلڪش، رقت آميز ۽ ٻاجھاري انداز ۾ لکيل آھي، جنھن ۾ گذريل دور جي ڪلاسيڪي ادب جي چيده چيده اقتباسن سان گڏ، سندن تشريحي نوٽ بھ آھن. اھا تمھيد، پنھنجي جامعيت ۽ افاديت جي لحاظ کان اڄ بھ نئين ۽ تازي آھي. بطور جملھ معترضھ، اھا بھ گذارش ڪرڻ مناسب آھي تھ ”سرھا گل“جي انتساب لکندي، علامھ مرحوم پنھنجي استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم کي جن لفظن ۾ خطاب ڪيو آھي، انھن مان ” استاد ۽ رفيق شاگرد“ جي تعلقات تي پڻ ڪافي روشني پوي ٿي. جيئن لکيو اٿن: ”ھيءَ سرھن گلن جو دستو  پنھنجي پياري استاد پروفيسر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي سڳوريءَ خدمت ۾ نذر رکان ٿو.“ ھن مان ثابت آھي تھ ”پياري استاد“ ۽ ”رفيق شاگرد“ جا پاڻ ۾ دلي پيوند ھئا، جن کي علامھ مرحوم تادم حيات نھايت اخلاص ۽ محبت سان نباھيندو آيو، ۽ ھميشھ سندس ذڪر خير محبت ۽ احترام سان ڪندو آيو.

 ٽيون مقالو ”الوحيد“ جي آزادي نمبر، 14 آگسٽ 1949ع تي شايع ٿيل، تان ورتل آھي. ان جو عنوان آھي”اسان جي سنڌي زبان“.  مرحوم علامھ صاحب جنھن والھانھ ۽ جذب انگيز، وجد آور ۽ دلڪش انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ستائش ۽ تعريف ڪئي آھي، اھا سندس دلي محبت ۽ عاشقانھ ڪيفيت جو دليل آھي. ان جو دوباره شايع ڪرڻ ھڪ تھ سندن بھترين ”علمي ياد“ آھي، ۽ ٻيو تھ موجوده سنڌي قوم ۽ سنڌي اديبن لاءِ تازيانھ عبرت آھي، ۽ ڪم ڪرڻ جي اھميت ڏانھن دلنشين دعوت آھي.

آخر ۾ اسين بارگاھھ باري تعاليٰ ۾ دست بدعا آھيون تھ رب ڪريم شال کين مرھي ۽ مغفرت  ڪري، ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

انالله و انا اليه راجعون!

 علامھ دائودپوٽي مرحوم  جي شخصيت ڪنھن بھ تعارف جي محتاج نھ آھي. علامھ صاحب مرحوم سر زمين سنڌ جو اھو عالم بي بدل، اديب ڪامل، فاضل الافاضل، مؤرخ ۽ محقق فرزند ھو، جو پنھنجين عالمانھ ۽ محققانھ خدمتن ۽ ڪاوشن جي ڪري نھ فقط ھند ۽ سنڌ ۾، پر ايران، عرب ۽ مصر، بلڪھ يورپ تائين شھرت ۽ نيڪنامي حاصل ڪري چڪو ھو.

علامھ صاحب پنھنجي صوري ۽ معنوي انفراديت جي لحاظ سان، پنھنجي معاصر عالمن ۽ اديبن ۾ ھڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ ھو. سندس علمي خدمتون ۽ ادبي تحريرون ھڪ خاص فني ۽ انتقادي معيار تي رسيل ھيون، جي پنھنجي دلنشين اسلوب بيان ۽ سليس انداز تحرير جي ڪري ھڪ مثالي حيثيت جون حامل آھن. سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالات ۽ تصنيفات ۽ تاليفات کي ”باقيات الصالحات“  جو درجو حاصل آھي، جن جي زندگي ۽ تازگي تيسين قائم رھندي، جيسين سنڌي زبان قائم ۽ دائم رھندي، ۽ جيستائين سنڌي سٻاجھڙا ھن ٻاجھاريءَ ٻوليءَ کي جھنگن جھرن ۾ جھونگاريندا رھندا.

علامھ صاحب اگرچ ھڪ مفلوڪ الحال ۽ پسمانده خاندان مان پيدا ٿيو ھو، پر پنھنجي ذاتي صلاحيت ۽ جدوجھد سان فضل و ڪمال جي ان مقام تي پھتو، جنھن تائين پھچڻ رڳو ڪن خاص ماڻھن لاءِ مخصوص سمجھيو ويندو ھو. علامھ صاحب پنھنجيءَ مثالي جدوجھد سان اھو بھ واضح ڪري ڏيکاريو تھ ”انسان پنھنجي زندگي پاڻ ٿو بنائي“. ھڪ مشقت پسند ۽ محنتي ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جا مادي اسباب ۽ عوامل پاڻ ٿو پيدا ڪري، ۽ دل لائي ڪم ڪرڻ سان، ھر مخلص فنڪار، خاڪ کي اڪسير ۽ پٿر کي گوھر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. فقط يقين ڪامل، مسلسل جدوجھد، عمل پيھم ۽ دل بينا جي ضرورت آھي، جنھن سان زندگيءَ جي جھاد ۽ جھد للبقاءَ  واريءَ ڪشمڪش ۾ ڪامياب ٿيڻ ھڪ بديھي امر آھي. علامھ صاحب جي زندگيءَ ۽ سيرت  جا ٻھ مکيھ ۽ اھم حصا آھن: ھڪ اھي علم جي تحصيل ۽ تڪميل لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻ، ۽ ٻيو سليقي ۽ نيڪ شعاريءَ سان وقت گذارڻ، ۽ لا يعني خرافات کان بچي ڪري، علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ مقام پيدا ڪرڻ. سندس زندگيءَ ۽ مثالي جدوجھد مان ثابت ٿو ٿئي تھ مشڪل پسند ۽ عملي ماڻھو لاءِ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون خود رھبريءَ جو ڪم ڏين ٿيون، ۽ ڏاکڙا ۽ جاکڙا مورڳو سونھان ۽ ساٿي ٿي ساڻ ھلن ٿا.

”تن سورن کي شاباس، جن پرت پڄائي پنھل سين!“

علامھ صاحب جو سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان سان جو والھانھ پيوند ھو، اھو سندس تحريرن مان ظاھر آھي. سندس قلم ۽ زبان ھميشھ سنڌي ادب، زبان ۽ مشاھير جي مدح و تعريف ۾ رطب اللسان رھندا آيا آھن. باوجود  يڪ  متعدد مشرقي ۽ مغربي زبانن جي مشھور عالم ۽ اسڪالر ھجڻ جي، پنھنجيءَ مٺڙيءَ مادري زبان سان سندس ايتري والھانھ شيفتگيءَ مان ظاھر آھي تھ علامھ صاحب پنھنجيءَ کٿيءَ جي لڄ ۽ ان جو محافط ھو. ھو پراون دھلن، تي احمقن وانگر نچڻ جي ويجھو بھ نھ ويو. پنھنجيءَ سنڌي تھذيب، سنڌي ادب، سنڌي مشاھير، سنڌي شاعرن ۽ عالمن، ۽ انھن جي ھر ڪچيءَ ڦڪيءَ لکت سان پيار ھوس. پراڻن ۽ گمنام، ڪرم خورده ۽ بوسيده بياضن کي ڳولڻ، انھن جي نئين سر تسويد ڪرڻ، انھن تي مقدما لکڻ، انھن جي تشريح لکڻ، انھن جي منتشر ۽ غير مرتب ورقن کي نئين سر ترتيب ڏئي سينگارڻ ۽ سنوارڻ، ۽ ان کان پوءِ تمام سھڻي نموني ۾ ڇپائڻ، اھي سندس ادبي ڪارناما آھن، جي سندس شخصيت ۽ فن کي امر رکن ٿا.

”ابيات سنڌي“،”شاھھ ڪريم جو ڪلام“،”ڪلام گروھڙوي “، ”تاريخ معصومي“،” چچ نامھ“،”منھاج العارفين“،”سرھا گل“،”سنڌي نظم“،”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“ (٣حصا)،”ميين عيسي جو ڪلام “ (مقالو)، ”غلام محمد خانزئيءَ جو رسالو“ (مقالو)، ۽ ٻيا اھڙا بيشمار علمي ۽ ادبي مقالا، جي وقت بوقت اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رھيا، سڀ جا سڀ، پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي تحقيقي ۽ تصنيفي شاھڪار آھن، جن جي معيار ۽ قدر جو اعتراف ھر طبقي جي عالمن ۽ فاضلن ڪيو آھي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org