سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :15

دادا تيرٿداس ھوتچند

ان سلسلي ۾ ٻي ڏک ڀري ڳالھھ اھا آھي تھ سنڌ جو مشھور  ودوان ديوان تيرٿداس ھوتچند  پڻ ١- آگسٽ ١٩٧١ع تي چالاڻو ڪري ويو. سرڳواسي تيرٿداس سنڌ جو سچو سڄڻ ۽ پرستار ھو. سنڌ جي علم ۽ ادب جو عاشق ھو. سنڌ جي صوفي شاعرن لطيف ۽ سچل سان تھ والھانھ عشق ھوس. تصوف ۽ ويدانت جي اصطلاحن ۽ مختلف نظرين جو وڏو ڄاڻو ھو. آخري عمر تائين سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي شاعرن جي ڪلام  ۽ پيغام تي ڪم ڪندو رھيو. پاڻ تصوف کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ تصوف کان ايترو تھ متاثر ٿيو جو ھڪ مسلمان درويش ڏاڙھون فقير جو مريد ٿيو. ان فقير جي صحبت مان گھڻو ڪجھھ حاصل ڪيائين. تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي سندس ڪيئي علمي مقالا سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيا آھن. سرڳواسيءَ جي اھا تمنا ھئي تھ ڪيئن بھ ڪري سنڌ جي صوفين لطيف ۽ سچل جو ڪلام يورپ تائين پھچائجي، ۽ ان سان گڏ ٻين جديد سنڌي شاعرن جي فن کان پڻ يورپ کي آگاھ ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪيترن شاعرن جو ڪلام انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري جرمنيءَ ۾ پروفيسر گرڊليوپڪي جي معرفت جرمن زبان ۾ شايع ڪرايائين.

سرڳواسي رلڻو ملڻو، دل جو صاف، دوستن جو ھمدرد ۽ يار ويس ھو. سندس سٻاجھي ۽ نماڻي شخصيت ڏاڍي ڏياري ۽ وڻندڙ ھئي.

اسان ھن ڏک ڀرئي واقعي تي سرڳواسيءَ جي عزيزن- ھمشيرھ محترمھ دادي ليلاوتي ھرچنداڻي ۽ ڊاڪٽر ٽي-وي ھرچنداڻيءَ  سان ڏک ۾ شريڪ آھيون. دعا آھي تھ سرڳواسيءَ جي آتما کي شانت ۽ سڪون نصيب ٿئي.

]نمبر ٣، سال ١٩٧١ع[

ميان علي بخش احمدزئي

سنڌ جي مشھور،طباعت ۽ ڇپائيءَ جي ماھر، ميان علي بخش احمدزئي، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد ٢٩- اپريل ١٩٧٤ع (ربيع الثاني ١٣٩٤ھھ قلب جي حرڪت بند ٿيڻ ڪري تقريبا ٦٣ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ميان علي بخش مرحوم، طباعت جي فن جو وڏو ماھر ھو. سنڌي ادبي بورڊ جا شاھڪار ڪتاب، سندس مخلصانھ ۽ ماھرانھ فن لاءِ شاھد آھن.

ميان صاحب مرحوم، احمدزئي خاندان جو فرد ھو، ۽ سندس والد مرحوم محمد يوسف پنھنجي وقت جو رڄ چڱو مڙس ھو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ھن خاندان  کي حيدرآباد ۾ ڪافي ملڪيت انعام طور مليل ھئي. ميان صاحب ٻڌائيندو ھو تھ ڪنھن زماني ۾ موجودھ اولڊ يونيورسٽيءَ کان شاھ مڪي ۽ گاڏي کاتي سميت ايريا، سندس وڏن جي ملڪيت ھئي.

ميان صاحب ١٩١٠ع ۾ ڄائو، مختصر تعليم پرائي، ١٩٢٣ع کان پريس لائين اختيار ڪيائين. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي مشھور ھندو فنڪارن ۽ ماھرن جي زير تربيت، پريس جي فن ۾ مھارت حاصل ڪيائين. ميان صاحب نھايت محنتي ۽ اورچ ماڻھو ھو، ان ڪري رات ڏينھن پنھنجي ڪم ڪار ۾ مشغول رھندو ھو ۽ فضول ڪمن ڪارين کان ھميشه پاسو ڪندو ھو. آخر تائين پنھنجي سادگيءَ ۽ وضعداريءَ تي قائم رھيو. پريس جي ڪم ۽ گھرو مشغولين کان سواءِ ٻيو ڪو بھ ڪم ڪار نھ ڪيائين.

اوائلي زندگيءَ ۾ ”خاڪسار تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو ۽ مير الھھ بخش مرحوم ۽ مير علي احمد خان ٽالپر پارن ليڊرن سان گڏجي ڪم ڪيائين. پاڪستان کان اڳ، ”آفتاب“۽ ”باب الاسلام“ (تحريڪ خاڪسار جي ھفتيوار اخبار) جو ايڊيٽر رھيو. ”خاڪسار تحريڪ“ جي ڦھلائڻ جي سلسلي ۾ علامھ مشرقيءَ جون ڪيئي تقريرون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايائين. ان کان علاوه ٻيا بھ علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪيائين، جن ۾ سندس ناول وڌيڪ پسند ڪيا ويا، جن ۾ سندس زندگيءَ جي عڪاسي موجود ھئي.  ان طرح ھڪ قومي خادم جي حيثيت سان ”خلافت تحريڪ“ ۾ بھ حصو ورتائين. ” خاڪسار تحريڪ“ سان، تحريڪ جي خاتمي تائين وابستھ رھيو.

١٩٥٢ع ۾ جڏھن سنڌي ادبي بورڊ، پريس قائم ڪئي، تڏھن بورڊ جي پھرين سيڪريٽريءَ، محترم محمد ابراھيم صاحب جويي جي مردم شناس نگاھھ، ميان صاحب کي منتخب ڪيو. پاڻ مسلسل ٽيويھن سالن کان بورڊ جي شاندار خدمت ڪندو پئي آيو.

بورڊ جي ڪتابن ۽ خاص طرح سان”مھراڻ“ جي حسن طباعت سندس وسيع تجربي جو نتيجو آھي. ميان صاحب يارن جو يار، وضعدار، محنتي ۽ مخلص انسان ھو. سڀني سان نباھڻ سندس زندگيءَ جو مقصد رھيو. کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرحوم ميان صاحب جي تدفين وقت شھر جي نامور شخصيتن، اديبن، شاعرن، پريس لائين جي ماڻھن ۽ پاڙي جي معززن شرڪت ڪئي. ان طرح بورڊ جون آفيسون سندس ڏک ۾ بند ڪيون ويون ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“  پاران ٺھراءُ پاس ڪري، سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪئي وئي.

آخر ۾ دعا آھي تھ رب ڪريم کيس مرھي ۽ سندس پسماندن، عزيزن ۽ دوستن کي صبر جي توفيق عنايت فرمائي.

 

حافظ شاھھ”حافظ“ حسيني

سنڌي اديبن لاءِ اھا خبر دل کي ڏک پھچائيندڙ ٿيندي تھ مرحوم سيد حافظ شاھ ”حافظ“ حسيني ٽکڙائي، ١٠- مئي ١٩٧٤ع تي، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

ٽکڙ جي مردم خيز زمين، علم ۽ ادب، دين ۽ سياست جي ميدان ۾، جي جيد عالم ۽ فقيه، شاعر ۽ اديب، قومي خدمتگار ۽ سياستدان پيدا ڪيا آھن، تن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. سنڌي موزون شاعريءَ جي اوليت جو شرف بھ ٽکڙ کي حاصل آھي. نور محمد ”خستھ“ ۽ حافظ ” عالي“ جو برجستھ ۽ شستھ ڪلام سنڌ ۾ موزون شاعريءَ جو اوائلي نمونو آھي.

ان سلسلي ۾ ٽکڙ جي سادات خاندان جا برصغير جي تاريخ ۾ ڪافي اثرات ملن ٿا. سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاھ اول، علامھ قاضي اسد الله شاھھ، ”فدا“ حسيني، سيد حاجي محمد”حافظ“ شاھھ مرحوم، مرحوم سيد ميران محمد شاھ ” مير“  پنھنجي پنھنجي دور  جا جليل القدر انسان ھئا. پھريون وڏو حڪيم، ٻيو وڏو عالم دين، ٽيون وڏو شاعر ۽ چوٿون وڏو سياستدان ھو.

مرحوم  سيد محمد حافظ شاھ، ان سلسلي جو قابل تعريف فرد ھو، جنھن آخر تائين ٽکڙ جي تھذيبي ۽ علمي روايت کي زندھ رکيو. سندس ضمير  ۽ خمير ۾، ٽکڙ جي نجابت ۽ شرافت، نفاست ۽ لطافت، محبت ۽ اخلاق، قرب ۽ شفقت جا مڙيئي جوھر جمع ٿيا ھئا.حافظ شاھھ مرحوم ٽکڙ جي روايت جي گويا زندھ تصوير ھو. يارن جو يار، وفاشعار ۽ وفادار، جھڙس ڪو مشڪل ملندو، پنھنجن ۽ پراون سان سندس لڳ لاڳاپا، ھڪ شفيق دوست وارا رھندا آيا. ڪنھن سان نھ  ڦٽايائين، ھر ڪنھن جي خدمت ڪيائين، ھر ڪنھن سان اخلاق ۽ محبت جو پيوند ڳنڍيائين، ڪنھن سان ٻاڙو نھ ٻوليائين، سندس قلب سليم، مزاج لطيف، گفتگو سنجيدي ۽ ملائم، ڪردار بداغ- سراسر سون ھو، وٽس نھ ٻيائي ھئي ۽ نھ وڏائي ھئي.

مرحوم حافظ شاھ جي والد جو نالو سيد الھھ بخش شاھ ھو، جو پنھنجي دؤر جو رڄ چڱو مڙس، صاحب مطالع، سياستدان ۽ باشعور انسان ھو. برصغير جي مشھور سياستدان مرحوم سائين ميران محمد شاھ صاحب ” مير“ ( وزير مملڪت پاڪستان) جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس وڏو دخل ھو. حافظ شاھ مرحوم جي تربيت پنھنجي والد بزرگوار جي نظرداريءَ ھيٺ ٿي. ان طرح حافظ شاھ مرحوم جو ڏاڏو، برصغير ھند و پاڪ جو وڏو عالم ۽ فقيه، صوفي ۽ سياستدان حضرت علامھ اسدالله شاھ ” فدا“ حسيني ھو، سندس شمار ”خلافت تحريڪ“ جي پيشرو اڳواڻن ۾ ٿيندو ھو. علمي حيثيت موجب ”بھارالاخلاق “رسالي جو ايڊيٽر ھو، ”بھار الاخلاق“  سنڌي ادب ۾ قدامت جي لحاظ سان وڏو مقام رکي ٿو.

حافظ شاھ مرحوم جو نالو سيد حاجي محمد ”حافظ“  شاھ پنھنجي دور جو يڪتائي روزگار ڪافي گو شاعر ھو، سندس دلسوز ڪلام ”پيام غمگسار“  جي نالي ڊاڪٽر حسيني صاحب جو ترتيب ڏنل شايع ٿي چڪو آھي.

حافظ شاھ مرحوم ٢٢- فيبروري ١٩٢٣ع ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي گھر کان شروع ٿي. مشھور شاعر حافظ ”دلگير“ وٽ ٻھ سال کن ديني تعليم حاصل ڪيائين. چئن درجن کان پوءِ حيدرآباد ايڪڊمي ھاءِ اسڪول ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ پڙھي بمبئي يونيورسٽيءَ  مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ ١٩٥١ع ۾ بي- اي(آنرز) ۽ ايل- ايل- بي پاس ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت ڪيائين.

حافظ شاھ مرحوم، وڪالت سان گڏ علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعريءَ جي خدمت بھ ڪندو آيو. ان سلسلي ۾ ” اداره سنڌي ادب“ ٽنڊو محمد خان، سندس سرپرستيءَ  ۾ ڪافي تعداد ۾ڪتاب ڇپايا. حافظ شاھ جا ترجمو ڪيل ڪتاب، ”تباھي“ ” آئين زندگي“ ۽ ” داستان غم“ بھ ان اداري جا شايع ڪيل آھن.

حافظ شاھ نھ فقط ڪامياب وڪيل ھو، پر ان سان گڏ ھڪ سٺو نثر نگار ۽ شاعر پڻ ھو. سندس نثر رنگين مرصع، دلڪش ۽ پختھ آھي ۽ سندس عبارت ۾ سلاست ۽ ميٺاڄ آھي. سندس شاعري بھ فني لحاظ سان تعريف جي قابل آھي. سندس اڪثر ڪلام ”مھراڻ“ ۽ سنڌ جي رسالن ۾ شايع ٿيندو آيو آھي.

صحافي ادب ۾، سندس ايڊٽ ڪيل رسالو ”لطيف“  ھڪ عمدو يادگار آھي، جو ڪراچيءَ مان شايع ٿيو.

شاھ صاحب ھڪ مخلص ۽ محنتي ماھر قانون جي حيثيت سان بھ وڏي ڪاميابي ۽ شھرت حاصل ڪئي، آخر تائين ڪيترن اھم ادارن جو قانوني مشير پڻ رھندو آيو.

مرحوم حافظ شاھ حسينيءَ جي ذات ٽکڙ جي روايات جو گويا عمدو يادگار چئي سگھجي ٿي. اسان ھن صدمي جانڪاھ ۾، سندس عزيزن ۽ قريبن، خاص طرح سان سندس ڀائرن ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھ الحسيني چيئرمين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ۽ جناب سيد شبير ”ھاتف“ ڊئريڪٽر نئشنل بوڪ فائونڊيشن سان اظھار تعزيت ڪندي، ڏک جو اظھار ڪريون ٿا.

دعا آھي تھ رب ڪريم مرحوم کي مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن، فرزندن ۽ عزيزن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي- آمين.

]نمبر٢، سال ١٩٧٤ع[

لاھوتي لڏي ويا

سنڌ جي ادبي ۽ علمي تاريخ ۾ ھي سال ڏاڍو ڳرو ثابت ٿيو آھي. ھن سال ۾ سنڌي ادب جي وفا شعار خدمتگذارن مان پورو ساٿ ڀرجي ھن پار پھچي چڪو آھي. ان ساٿ جي وڇوڙي نھ فقط سنڌي ادب ۾ خال پيدا ڪيو آھي، پر ان سان گڏ سنڌي ادب جي خدمتگذارن کي بھ جھوري وڌو آھي.

”موت“، زندگيءَ لاءِ لازم ملزوم شرط آھي. ”موت“  ھڪ فطري امر آھي، جنھن کان ڪو بھ انسان بچي نٿو سگھي، پر ڪي ڪي اھڙا واقعا ٿين ٿا، جن جو اثر ڪافي زماني تائين قائم رھي ٿو ۽ انھن جي تلافيءَ جي ڪا بھ صورت نظر نھ ٿي اچي.

ھينئر تائين جديد فلسفي ۽ مذھبيات جي مطالع وارن اھو ثابت ڪيو آھي تھ زندگي ھڪ ارتقا پذير حرڪت آھي، ۽ اھا حرڪت مسلسل ھلندي ٿي اچي. آد جڳاد کان وٺي، نامعلوم زماني تائين، زندگي ۽ ڪائنات جي اھا ارتقا پذير حرڪت، مسلسل ۽ لاڳيتي ھلڻي آھي ۽ ان جي حرڪت ۾ ڪٿي بھ ڪو ڇيڄو ۽ وقفو نھ آھي. ان طول طويل سفر ۾ ”موت“ ھڪ عارضي منزل آھي، جنھن کان پوءِ حيات بدع الممات جو سفر شروع ٿو ٿئي. فلسفي ۽ تصوف  جا ڄاڻو حڪيم ۽ فيلسوف چون ٿا تھ معنوي طور تي انسان، روح ۽ حيات باقي ۽ لافاني، زندھ ۽ جاودان آھي. باقي عناصرن مان ٺھيل جسم فاني آھي، ڇو تھ عناصر بھ فاني آھن، ۽ مادي  کي حيات جاوداني حاصل ناھي، روح ئي لازوال ۽ لافاني آھي.

قدرت جي ڪارخاني ۾ ”انسان“ بھ ھڪ وڏي وٿ آھي، حقيقي ڪارساز جو نائب ۽ خليفو آھي. ھن زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ ترقي وٺائڻ سندس منصبي فرض آھي. بلڪ چيو ويو آھي تھ ھيءَ ڪائنات ۽ ان جي ارتقا ۽ تسخير آھي ئي انسان لاءِ. نظام شمسي، زمين ۽ ھوائون، باغ ۽ راغ، اوڀڙ ۽ ميوا، حيوان ۽ ٻيا جاندار، سڀ ”انسان“ لاءِ خلقيا ويا آھن ۽ ھيءَ ڪائنات بي مقصد  نھ خلقي وئي آھي. ” انسان“ جي حيثيت ھن ڪائنات ۾ نھايت اھم آھي. ان اھميت کي محسوس ڪندي ئي علم وارن چيو آھي تھ ”انسان“  ”عالم صغير“ آھي. ان جي معنوي حيات لاءِ ”موت“  کان پوءِ بھ حياتيءَ  جي ارتقا موجود رھندي. لطيف چيو آھي:

”نھ ڪا ابتدا عبنھ جي، نھ ڪا انتھا“

بھرحال، عالمن چيو آھي تھ انسان ۽ ان جو روح ۽ ان جا ڪارناما سڀ زندھ رھن ٿا. گويا ”انسان“ کي موت بھ ھميشه لاءِ مٽائي نٿو سگھي، بلڪ موت سندس سفر جي ھڪ عارضي منزل آھي، جنھن کان پوءِ حيات بعدالممات جو سفر جاري رھي ٿو.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نھ مات،

ھوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جئا.

مرڻ کان اڳ مرڻ ۽ جيئڻ کان اڳ جيئڻ تي، فلسفيانھ ۽ صوفيانھ بحث موجود آھن، جن جي اپٽار جي ھت گنجائش نھ آھي. فقط ايترو سوچڻو آھي تھ ان ۾ زندگيءَ جي مسلسل حرڪت ۽ حيات جاودان کي بيان ڪيو ويو آھي. ”انسان“ جي معنوي ڪمال جي بھ ڪا انتھا ناھي ؛ اھو معنوي ڪمال، ھن رنگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾، جسماني موت کان پوءِ بھ قائم ۽ دائم رھي ٿو، ۽ اھو ئي آھي، ”مرڻ کان اڳ مرڻ ۽ جيئڻ اڳ جيئڻ.“

سنڌي ادب مان وڇڙيل ساٿي، اگرچ اڄ جسماني لحاظ سان، ھن رنگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾ موجود ناھن، پر سندن علمي ۽ ادبي، فني ۽ اخلاقي، عملي ۽ ذھني وجود ۽ ڪارناما اڄ بھ موجود آھن ۽ موجود رھندا، ان ڪري، اھي ڄڻ تھ اسان وٽ حيات بھ آھن ۽ موجود بھ آھن. ظاھري طرح سان اھي لاھوتي لڏي ويا آھن، پر اسان وٽ پنھنجو علم ۽ فن ڇڏي ويا آھن. انھن جي علم ۽ فن ۽ فن کي سھيڙڻ ۽ سنوارڻ ۽ انھن جي منصبي فرض کي اڳتي وڌائڻ اسان جي فرض ۾ شامل آھي.

اسان جا ساٿي پنھنجو وارو وڄائي ويا، ھاڻي اسان کي انھن جي ڪم کي تڪميل تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. لڏي ويل ساٿين جي يادگيريءَ جو اھو ھڪ بھترين ۽ مثالي طريقو آھي. ان جي مقابلي ۾، رڳو ماتم سرائيءَ ۽ اشڪ شوئيءَ مان تھ ڪجھھ بھ ورڻو ناھي.

لڏي ويل ساٿ ۾، جي ساٿي اسان کان وڇڙي چڪا آھن، تن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ھتي في الحال ڪا بھ گنجائش ناھي. اھم ڪم اڳتي ھلي، سنڌي ادب جا عالم دانشور ئي ڪندا. في الحال سندن نالن پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي.

 ھن سلسلي ۾ مرحومھ بيگم زينت چنا جو اسم گرامي سرفھرست آھي. سنڌ جا اديب ۽ دانشور، پيار ۽ پاٻوھھ وچان کين ”جيجي“ ڪري سڏيندا ھئا. سندن علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سنڌي ادب جي تاريخ ۾ امر رھنديون.

ان طرح حيدرآباد جي رڄ چڱي مڙس مرحوم سرائي اميد عليءَ جھڙي ڪھنھ مشق افسانھ نگار، شيخ عبدالله عبد مرحوم جھڙي عالم ۽ نافد، مولوي الله ورائي بروھيءَ جھڙي عالم دين ۽ صاحب قلم، ضياءُ الله غلام علي نانا جھڙي فضيلت  ڀرئي بزرگ، مرحوم علي محمد خالديءَ جھڙي پياري قربائتي ۽ زندھ دل شاعر، مرحوم جان محمد جماليءَ جھڙي محترم استاد ۽ تعليمي سڌارڪ، مرحوم محمد حسين آتش جھڙي قادر الڪلام غزل گو شاعر ۽ مرحوم عبدالغفور انصاري جھڙي نوجوان اديب ۽ ماھر تعليم ۽ مرحوم ممتاز حسن جھڙي انسان دوست ۽ سنڌي ادب جي خير خواھ دانشور کان وڇڙي چڪا آھيون.

دعا آھي تھ رب ڪريم کين مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان سان گڏ الله تعاليٰ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي پڻ پنھنجي فرض ادائيءَ جي توفيق عنايت فرمائي، جيئن ھو سنڌي ادب جي وڇڙيل ساٿ جي فن ۽ علمي ذخيري کي سھيڙي، سنواري ۽ شايع ڪري سگھن. سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ اھا ھڪ وڏي خدمت ۽ فرض شناسي چئي سگھجي ٿي.

]نمبر ٣ ۽ ٤، سال ١٩٧٤ع [

مير سڪندر خان کوسو

سنڌ جي مشھور ”کوسھ“ بلوچ قبيلي جي فقير منش ۽ ادب نواز شخصيت مير سڪندر خان کوسي ”سڪندر“  مسلسل علالت کان پوءِ، تاريخ ٢٨- مئي ١٩٧٥ع تي پنھنجي جان، جان آفرين جي سپرد ڪئي. انالله وانااليه راجعون.

مير صاحب مرحوم پنھنجي ذاتي اوصاف جي حيثيت سان ھڪ منفرد سيرت جو صاحب ھو. سندس ھر دلعزيز شخصيت، تڪلف ۽ تصنع کان بي نياز ھئي. حد کان وڌيڪ متواضع، ملنسار، شفيق ۽ قرباعتو ھو. سوز ۽ ساز، راز ۽ نياز جي نعمت سان پڻ مالا مال ھو.

مير صاحب مرحوم اگرچھ زماني جي خيال کان ھڪ قومي رئيس ھو، پر حقيقت جي خيال کان ھڪ فقير ۽ درويش ھو. سندس دل جي دنيا رقت ۽ گداز سان ٽمٽار ھئي، ساز ۽ سوز سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھو. پاڻ سلسلھ چشتيھ سان روحاني طور تي واڳيل ھو.

مير صاحب مرحوم جي ادبي دنيا ۾ شناسائي سندس شعر و شاعريءَ جي ڪري ٿي آھي، سندس ڪلام جو مجموعو ”سڀ ۾ پنھون پاڻ“، سنڌي شاعريءَ جي ذخيري ۾ بيش بھا اضافو آھي. ان ڪري ھڪ ڪامل الفن ۽ قادر الڪلام  شاعر جي حيثيت سان  مير صاحب مرحوم جو نالو سنڌي ادبي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رھندو.

پنھنجي تعارف ڪرائيندي مير صاحب مرحوم چيو آھي:

”مان نھ تھ پاڻ کي اھل نظم ٿو سمجھان ۽ نھ اھل حق. ھا ايترو ضرور لکندس تھ پنھن جي سيني ۾ ھڪ نرم ۽ نازڪ دل رکندڙ  آھيان، جنھن ۾ درد آھي ۽ ان درد جو ھميشه کان وٺي طلبگار آھيان....... بقول لطيف:

ســو ســکـن ڏيــئي، ورھھ وھايم ھيڪڙو،

مون کي تنھن نيئي، پير پسايو پرينءَ جو.

مير صاحب مرحوم جوانيءَ  کان وٺي سلوڪ ۽ تصوف سان وابستھ رھيو. سندن بيعت سلسلھ عاليھ چشتيھ ۾ ان وقت جي قطب الارشاد حضرت خواجھ گل محمد رحھ ( ٿلھھ شريف وارا)  سان ٿي، جن جي ڪيميا اثر نگاھھ کيس سون بنائي ڇڏيو. پنھنجي ڪامل مرشد جي توجھات خصوصيءَ جو ذڪر ڪندي مير صاحب لکي ٿو:

”الله جو ڪرم مون تي اھو ٿيو جو شروع کان وٺي ڪاملن، بزرگن، درويشن ۽ سخنورن جي صحبت نصيب ٿي. منھن جي ڪامل مرشد جيڪا منھنجي رھبري ڪئي آھي، ان لاءِ مان اکر ڪٿان آڻيان، جو بيان ڪري سگھان. پير مغان جي صحبت اندر ۾ عشق جي چڻنگ دکائي ڇڏي، جا ڪٿي مجاز جي مھميز ذريعي ڀڀڙ ٿي ڀڙڪي تھ ڪٿي وري حقيقت جي روپ ۾ رونما ٿي.“

مير صاحب مرحوم اوائلي دور ۾ ملڪي ۽ قومي معاملات ۾ پڻ حصو ورتو ۽ پنھنجي قوم جي ڪافي خذمت ڪيائون. سندس آخري زندگي خلوت نشيني، فڪر و ذڪر، مطالع ۽ روحاني رھاڻ، عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ۽ راڳ ۽ ويراڳ جي ڪچھرين ۾ گذري. مير صاحب پڇاڙيءَ تائين پنھنجي وضعداريءَ تي قائم رھندو آيو، ۽ ھر ڪنھن سان قرب ۽ مريادا جو وکر ونڊيندو رھيو.

مير صاحب مرحوم کوسا بلوچ قبيلي جي بکراڻي شاخ جو چشم و چراغ ھو. سندس والد ماجد مير بھادر خان، پنھنجي زماني جو رڄ چڱو مڙس، باحوصلھ ۽ اورچ شخص ھو. مير سڪندر خان پنھنجي والد ماجد جي ٻڌايل ڳوٺ بھادر پور ضلع جيڪب آباد ۾ ١٩١٦ع ۾ تولد ٿيو.

مير سڪندر خان مرحوم کي قومي وجاھت، علم دوستي، حب الوطني ۽ خدمت خلق جا اوصاف پنھنجي اسلاف ۽ آبا و اجداد کان وديعت ٿيا، جن تي آخر تائين ڪاربند رھيو. ان سلسلي ۾ سندس ڏاڏي مير دلمراد خان (اول)  کي قومي عزت ۽ حب الوطني، مجاھدانھ جدوجھد ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ ادا ڪيل تاريخي ڪارنامن جي ڪري، برصغير جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ نمايان مقام حاصل آھي.

١٨٥٧ع جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾، جتي ميرٺ ۽ دھليءَ ۾ احمد شاھ، تانتيا ٽوپي، بابا فرنويس، راڻي آف جھانسي ۽ شھنشاھ ھند بھادر شاھھ جا نالا ملن ٿا، اتي سنڌ ۾ انگريزن جي خلاف پيدا ڪيل آزاديءَ جي جنگ جي سرواڻ ۽ سالار مير دلمراد خان اول جو ذڪر پنھنجي ساٿي عنايت شاھ سان گڏ ملي ٿو. مير صاحب مرحوم ان سلسلي ۾ جيڪب آباد، سکر ۽ شڪارپور جي محاذ تي انگريزن جي خلاف جدوجھد جي رھنمائي ڪئي.

مورخن تسليم ڪيو آھي تھ جون ١٨٥٧ع ۾ جا ھندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي، ان ۾ سنڌ بھ نھايت ڪاميابيءَ ۽ بلند حوصلي سان حصو ورتو. سنڌ ۾ پيدا ٿيل تحريڪ جا ٻھ انقلابي سرواڻ، ھڪ دريا خان جکراڻي ۽ ٻيو مير دلمراد خان اول کوسو بلوچ ھئا. خود انگريزن  بھ تسليم ڪيو آھي تھ ”بلاشڪ اھي ٻئي بھادر شخص ڪڏھن بھ انگريزن جي اڳيان پيش نھ پيا.“

افسوس ھي آھي تھ ڪن پنھنجن جي غداريءَ ڪري، تحريڪ جا راز انگريزن کي بروقت معلوم ٿي ويا ۽ تحريڪ ڪامياب نھ ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ انقلابي سورھين کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ملي.

مير دلمراد خان اول کي نھ فقط گرفتار ڪري، ڪاري پاڻيءَ ڏانھن اماڻي نظر بند رکيو ويو، پر ان کان علاوه سندس لکين ايڪڙ زمين ۽ ٻي جائداد بھ ضبط ڪئي وئي. ان تاريخي پس منظر کي ڏسڻ کان پوءِ مير صاحب مرحوم سڪندر خان ”سڪندر“  جي خانداني ۽ قبائلي، قومي ۽ ذاتي وجاھت ۽ بزرگيءَ جي خبر پئجي سگھي ٿي.

مير صاحب مرحوم جي سيرت  ۽ خيالات لاءِ سندس شعر ۽ شاعريءَ جو علمي مجموعو ” سڀ ۾ پنھون پاڻ“  شاھد عادل آھي، جنھن کي سنڌي ادب جي نامور اديب ۽ شاعر محترم ”عنايت“ بلوچ  ترتيب ڏنو آھي. محترم ”عنايت“ بلوچ خاندان جي ”احوال ۽ تعارف“ ۾ ڪافي تفصيل سان لکيو آھي، جنھن کي مطالع ڪرڻ گھرجي.

اسان مير صاحب مرحوم جي ٽن فرزندن- مير غلام فخر الدين خان، محمد علي خان ۽ لياقت علي خان سان گڏ سندس لائق ۽ سڄاڻ ڀائٽئي مير دريا خان کوسي، ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان، سان ھن قومي ۽ خانداني سانحي ۾ شريڪ غم آھيون ۽ دست بھ دعا آھيون تھ رب ڪريم مرحوم کي مرھي، کيس پرينءَ جو پاڙو نصيب ڪري ۽ پسماندگان کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

نواب محمد علي خان لغاري

 ھيءَ خبر علمي ۽ ادبي دنيا لاءِ نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ تاجپور جي لغاري نوابن جي خاندان  جي چشم و چراغ ۽ مشھور علم دوست  بزرگ نواب حاجي محمد علي خان ٩- سيپٽمبر ١٩٧٥ع تي وفات ڪئي.انا لله وانا اليه راجعون.

نواب محمد علي خان مرحوم تاجپور جي لغاري نوابن جي مورث اعليٰ نواب ولي محمد خان (وزيراعظم سنڌ) جي خاندان جو چشم و چراغ ھو. مرحوم نواب صاحب جي ساري زندگي ڪتابن جي مطالع ۾ گذري. ڪتابن جو اھڙو شوقين ڪو ورلي ھوندو. مرحوم پنھنجي علمي ذوق جي سلسلي ۾ ڪيئي ناياب ڪتاب گڏ ڪيا، جن جو اڄڪلھھ ملڻ نھايت مشڪل آھي. سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن جو نھايت قيمتي ذخيرو گڏ ڪيائين. سندس ڪتبخانو ساري سنڌ ۾ شھرت حاصل ڪري چڪو آھي.

علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت جي اصلاح ۽ ھارين جي رھنمائيءَ لاءِ ھڪ رنگين ۽ باتصوير رسالو ”نئين کيتي“  ماھوار شايع ڪرايائين. ان رسالي جو سرپرست نواب حاجي نور احمد خان لغاري ھو، ۽ ايڊيٽر نواب حاجي جان علي خان لغاري رھيو. ان رسالي ۾ علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تھذيب کان علاوه شعر و شاعري ۽ ديني معلومات  تي بھ معياري مقالا شايع ٿيندا ھئا. خاص طرح سان سنڌ جي زراعت ۽ ان جي فني مسئلن ۽ مشڪلاتن متعلق ماھرن کان مقالا لکايا ويندا ھئا.  اھو حصو مسٽر ڪريم ڏني راڄپر جھڙي زراعت جي ماھر جي مشوري سان تيار ڪيو ويندو ھو. ان سلسلي ۾ نئين کيتي پبليڪيشن پاران ڪافي ڪتاب شايع ڪيا ويا، جن جو تعلق سنڌ جي زراعت سان آھي، مثلا ڪپھھ، ڪڻڪ، ڪمند، سارين ۽ ٻين جنسن متعلق رنگين تصويرن سان ڪتاب ڇپايا ويا. رسالو نئين کيتي بھ لاڳيتو ٽي سال کن ھليو. افسوس جو اھو رسالو اڳتي ھلي جاري رھي نھ سگھيو. اڄ بھ اگر نئين کيتي رسالي ۾ آيل فني مقالن کي ترتيب ڏئي ڇپايو وڃي تھ ھوند سنڌ جي زراعت تي ڪافي علمي ذخيرو گڏ ٿي سگھي ٿو. ان متعلق سندس متعلقين ۽ عزيزن کي سوچڻ گھرجي، مرحوم مغفور نواب صاحب جو اھو علمي ذخيرو ئي تاريخي يادگار بنجي سگھي ٿو ۽ اھو ئي سندس ورثو آھي.

نواب صاحب مرحوم ھڪ وڏي خاندان جي مشھور فرد ۽ بااثر زميندار ۽ جاگيردار ھجڻ جي باوجود، نھايت ملنسار ۽ متواضع شخصيت جو مالڪ ھو. مرحوم ڪچھرين جو مور ھو. علمي تبادلھ خيالات ۽ ڪتابن ۽ رسالن جي مطالع ۽ گڏ ڪرڻ ۾ ئي وقت گذاريندو ھو.عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ سگھڙن، ديندارن ۽ علم وارن ماڻھن سان سندس مخلصانھ ۽ دوستانھ تعلق پڇاڙيءَ تائين قائم رھيو. سندس دستر خوان بيحد وسيع ھو. مھمانن جي موجودگي سندس لاءِ وڏي نعمت ھوندي ھئي، ھميشه گوشھ نشين ٿي رھيو ۽ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪري خاموش زندگي گذاريائين.

نواب صاحب مرحوم مشھور جامعھ عربيه تحريڪ جي بانين مان ھو. شمس العلماءِ دائود پوٽي ۽ مرحوم سيد علي اڪبر شاھھ صاحب سان گڏ جي ڪم ڪيائين. ۽ ان مقصد لاءِ مالي مدد بھ ڪندو رھيو. آخري دؤر تائين جامعھ عربيه جو سيڪريٽري ٿي رھيو. اڄ جامعھ عربيه ڪاليج سنڌجي مشھور علمي درسگاھن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

مرحوم، خانداني شرافت جو مجسمو، وضعدار ۽ قربدار، مخلص ۽ نھايت محنتي انسان ھو. زراعت جي فن ۾ سندس مھارت سرڪاري عملدارن پڻ تسليم ڪئي آھي. مرحوم سخي بھ ھڪڙو ئي ھو. ڪڏھن بھ ڪنھن سائل کي خالي ھٿين نھ ڇڏيائين. مرحوم ٻھ ٽي ڀيرا اسلامي ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيو، ۽ اتي جي نوادرات، ڪتابن ۽ نقشن جو وڏو ذخيرو خريد ڪري آندائين. ان طرح ڪافي ڀيرا حج ڪيائين.

مرحوم نواب صاحب وڏي مطالع وارو شخص ھو، تاريخ، تھذيب، تصوف ۽ شعر و شاعريءَ تي سندس معلومات کي ڏسي علمي طبقو حيران ٿي ويندو ھو. مرحوم جي دوستن  جو حلقو نھايت وسيع آھي. سندس عمر ٦٧ سال ھئي. سندس وصيت موجب کيس شاھھ عنايت شھيد رحھ جي پاڙي ۾، جھوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. اسان ھن جانڪاھ صدمي ۾، سندس عزيز نواب نور احمد خان لغاري، ڀائرن نواب جان علي خان لغاري ۽ نواب محمد خان لغاري ۽ فرزندن ۾ نواب شير محمد خان لغاري، نواب سيف الدين خان لغاري ۽ نواب خليل احمد خان لغاريءَ سان دلي طور شريڪ آھيون. دعا آھي تھ رب ڪريم مرحوم کي مرھي ۽ سندس عزيزن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

 

 

]نمبر ٢ ۽ ٣، سال ١٩٧٥[


 

مولانا غلام محمد گرامي سنڌ جو برک اديب، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي مھراڻ سان ١٩٥٥ع کان ١٩٧٦ع تائين وابستھ رھيو. انھيءَ دور ۾ مولانا گرامي رسالي مھراڻ جي ريگيولر ڪالم ”آديسي اٿي ويا، مڙھيون مون مارين“ ھيٺ انھيءَ وقت ۾ دانشورن، کوجناڪندڙن، اديبن ۽ سماجي شخصيتن جي گذاري وڃڻ تي جيڪي وفات ناما(Obituaries) لکيا، اھي سيد بچل شاھھ سھيڙي سموھي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا آھن. ھن ۾ ڪل ٨٥ سوانحي خاڪا آھن، جن ۾ ڪجھھ ھي آھن: ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪشنچند”بيوس“، ڄيٺمل پرسرام گلراج، مولانا دين محمد وفائي، ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي، لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، روشن آرا مغل، ديوان سوڀراج نرملداس فاني، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ، عبدالمجيد سالڪ، حاجي محمود خادم،  حڪيم شمس الدين، ساقي سجاولي، مولوي عبدالحق، سيد عطاءُ الله شاھ بخاري، عثمان علي انصاري، علامھ عنايت الله مشرقي، ائڊولس ھگزلي، جان ڪينيڊي، مير غلام علي خان ٽالپر، سيد ميران محمد شاھ، پروفيسر احسان بدوي، ساڌو واسواڻي، علامھ نياز فتحپوري، علامھ آقاي سعيد نفيسي، بيگم عطيا فيضي، علامھ آءِ. آءِ. قاضي، سيد علي اصغر شاھ، استاد رائچند، مخدوم امير احمد، دادا تيرٿداس ھوتچند، ميان علي بخش احمزئي، ”حافظ“ حسيني، مير سڪندر خان کوسو، نواب محمد علي خان لغاري.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org