رئيس ضيا، ننڍي وھيءَ ۾ ئي يتيميءَ جا ڏکيا ڏينھن
ڏٺا. سندن والده ماجده سندن ولادت کان پوءِ جلدي
وفات ڪئي، ۽ پاڻ اڃا ٩ سالن جا مس ٿيا تھ مرحوم
بلبل بھ کين داغ مفارقت ڏيندي، کين يتيم ڪري
انتقال فرمايو.
والدين جي وفات کان پوءِ، سندن تعليم ۽ تربيت جو
ذمھ دارانھ فرض، جنھن خوش اسلوبيءَ سان ڏاڏي سائين
ادا ڪيو، اھو حيرت جھڙو آھي.
ڏاڏو مجذوب ظاھر ۾ تھ نھايت مجذوبانھ ۽ درويشانھ
انداز ۾ گوشھ گير رھندو ھو، تنھن ھوندي بھ رئيس
مرحوم جي تعليم ۽ تربيت، خوراڪ ۽ پوشاڪ تي تمام
گھڻو خيال ڏيندو ھو.
ڏاڏو مرحوم ان دور جو وڏو عالم، فقيه ۽ صوفي ھو.
سندن علمي ڪمالات کان جتي مرحوم بلبل مستفيد ٿيو،
اتي ڪيترا ھندستاني عالم بھ سندن رھاڻ لاءِ ڪھي
ميھڙ ۾ ايندا ھئا، ۽ دقيق ۽ لاينحل ديني مسئلن تي
ساڻن تبادلھ خيالات ڪندا ھئا.
ان سلسلي ۾ مولانا ابو الفتح پاڻيپتيءَ جو نالو
مشھور آھي، جنھن ڪيترن مسئلن، مثلا بھشت ۽ دوزخ،
آدم جي پيدائش ۽ بھشت مان خروج، وحي ۽ رسالت متعلق
ڪيئي مسئلا ڏاڏي مجذوب کان حل ڪرايا ھئا.
ڏاڏو مجذوب ھميشه گوشه گير رھندو ھو ۽ ھفتي ۾ ٻھ
ٽي ڀيرا مس سڪل ۽ رکي ماني کائيندو ھو. صبح جو
پنھنجي ڪوٺڙيءَ مان ٻاھر نڪري، بنگلي جي دروازي تي
ويھي، مرحوم ضيا ۽ سندس سنگتين سان راند کيڏندو
ھو. ان ٻاراڻي مشغلي ۾، ڏاڏو مرحوم ٻارڙن کي جوئر
جي ڪانن سان ٻاراڻا رانديڪا ٺاھي ڏيندو ھو، ۽ ڪڏھن
ڪڏھن گھوڙو بنجي، ٻارڙن کي پاڻ تي سواري ڪرائي
وندرائيندو ھو. خاص طرح سان رئيس ضيا کي ڪلھن تي
چاڙھي ھر وقت ڪڏائيندو گھمندو ھو.
مرحوم بلبل جي وفات وقت، ڏاڏو مجذوب، رئيس ضيا کي
ڪلھن تي چاڙھي، ميھڙ شھر کان ٻھ ٽي ميل ٻاھر کڻي
ويو. ان وقت فرمايائين:
”بابا! اڄ ھت اھو آيو آھي، جيڪو ٻارن کي يتيم ڪندو
آھي، جيڪو مائرن کي رنڙ زال سڏائڻ تي مجبور ڪندو
آھي، جيڪو پٽن کان پيءُ کسي وٺندو آھي، جيڪو مائرن
کان پٽ کسيندو آھي، جيڪو گھرن مان خوشين جا چراغ
وسائي ويندو آھي، جنھن جي اچڻ سان ھر ماڻھو بيقرار
۽ اشڪبار ٿيندو آھي، جنھن جي اچڻ سان غم ۽ اندوھ
جي فضا طاري ٿي ويندي آھي، جنھن جي اچڻ تي ڪو بھ
حيلو ڪارگر نھ ٿيندو آھي، جو ڪنھن بھ ميڙ- منٿ ۽
ست- ستاءَ تي ھٿين خالي واپس نھ ويندو آھي، جنھن
ھزارين گھر ويران ڪري ڇڏيا، بابا ضيا! اچ، پاڻ ھن
گھر مان نڪري ھلون، جيئن اھو پنھنجو ڪم پورو ڪري
ھليو وڃي!“
ڏاڏي مرحوم جي زير تربيت رھندي، اپريل ١٩٢١ع ۾
رئيس ضيا پنھنجي والد مرحوم بلبل جي برپا ڪيل
انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اھو اسڪول اڄڪلھھ ھاءِ
اسڪول بنجي چڪو آھي. رئيس ضيا مرحوم ميھڙ جي اسڪول
۾ فقط پنج درجا انگريزي پڙھيا، سي بھ ڏاڏي مجذوب
جي ترغيب ڏيارڻ سان سندس تعليم بھ ڏاڍي البيلائيءَ
سان ٿي. صبح جو ساجھر نيرن کان فارغ ٿي، ڏاڏي
مجذوب جي ڪلھن تي چڙھي، اسڪول پھچندو ھو؛ اتي موڪل
ملڻ تائين، ڏاڏو مرحوم ڪلاس ۾ ويٺو ھوندو ھو.
گرميءَ جي موسم ۾ مجذوب کيس وڃڻو ھڻندو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن ڪلاس ۾، اگر ڪو ماستر، اجايو سجايو،
ڪنھن شاگرد کي ڇڙٻيندو ھو، تھ پوءِ کيس ڏاڏو مرحوم
سخت تنبيه ڪندي چوندو ھو:
”ماستر صاحب! ھي گلن ڦلن جھڙا ٻارڙا، ڪو ماءُ جي
پيٽان علم ۽ ادب ڪو نھ سکي آيا آھن. اگر سکيل ۽
پڙھيل ھجن ھا تھ پوءِ ھوند ھت اچن ئي ڪين ھا!
اوھان ھنن کي سيکاريو ۽ پڙھايو، پر نڪو ھنن کي
ماريو، نڪو ھنن کي گارگند ڪريو. ھنن جي آھ عرش تي
ويندي آھي، ان کان بچو!“
رئيس ضيا جي تعليم جي سلسلي ۾، جڏھن اھو مسئلو
پيدا ٿيو تھ رئيس ضيا انگريزي پڙھڻ ۾ ڪا بھ دلچسپي
نٿو وٺي، نڪو سبق ياد ٿو ڪري، تڏھن ڏاڏي مجذوب ان
جو اھو حل پيدا ڪيو، جو پاڻ سنڌي-انگلش ڊڪشنري
گھرايائون. ان کي ڏسي ۽ سمجھي، پوءِ مرحوم ضيا کي
پاڻ سبق ياد ڪرائيندا ھئا. ان لغت ۾ ڏاڏي مجذوب
ايتري تھ مھارت حاصل ڪئي، جو پاڻ مرحوم ضيا کي آخر
تائين پڙھائيندا رھيا، ايتري قدر جو اسپيلن لکڻ
وقت اسڪول ۾ خود ماسترن کي بھ سمجھائيندا ھئا.
سندن ايتري رغبت ۽ توجھھ ڏيڻ سان مرحوم ضيا ھميشه
چڱا نمبر کڻي پاس ٿيندو ھو. مزو اھو آھي تھ ڏاڏو
مجذوب لغت ھميشه ابتي جھلي پڙھندو ھو!
مرحوم ”ضيا“ پنج درجا ميھڙ ۾ پاس ڪري، ڇھون درجو
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو، ۽ ان
کان پوءِ ميٽرڪ بھ اتيئي ڏنائين. ان کان پوءِ
ڪاليج جي تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھھ ۾
آگسٽ ١٩٣١ع ۾ داخل ٿيو. اتي ١٩٣٨ع ۾ ايم- اي، ايل-
ايل-بي جا امتحان، فرسٽ ڊويزن ۾، امتياز سان پاس
ڪيائين.
عليڳڙھ ۾، ڏاڏي مجذوب جي تربيت ۽ تعليم تي، ان دور
جي مشھور عالمن ۽ محققن ڊاڪٽرن سيد ظفر الحسن ۽
پروفيسر محمد حبيب جو ڪافي اثر پيو.
ڊاڪٽر سيد ظفر الحسن ھڪ جڳ- مشھور فلسفي ۽ عالم
ھو. ڊاڪٽر صاحب خاص طرح سان ھيگل جي ”فلسفئھ
جدليات“ تي، انھن ٽن مشھور عالمن مان ھڪ ليکيو
ويندو ھو، جي ان دور۾ پوري دنيا ۾ سند طور تسليم
ڪيا ويا ھئا. رئيس ضيا ان کان فلسفھ ۾ تڪميل ڪئي.
اھو ئي سبب آھي جو سندن خيالات ۽ جذبات، تقرير
توڙي تحرير تي، فلسفيانھ رنگ ھڪڙي طرف، تھ ڏاڏي
مجذوب جي اثر ڪري مجذوبانھ ۽ قلندرانھ اثر ٻئي
طرف، آخر تائين قائم رھيو.
ان سلسلي ۾ پروفيسر حبيب بھ فلسفھ سياست تي عالمي
شھرت جو مالڪ ۽ وڏو عالم ھو، جنھن جي صحبت ۽ تعليم
سان پاڻ فلسفھ سياست ۾ تڪميل ڪيائين.
عليڳڙھھ ۾رئيس ضيا نھايت شان ۽ عزت سان، تعليم
پوري ڪري، جڏھن پنھنجي وطن ميھڙ ۾ واپس آيو، تڏھن
پنج سال کن، ھتي جي مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾
گذاريائين. سندن اھي پنج سال، سنڌ جي مشھور جيد
عالم، استاد العلماءَ حضرت مولانا عبدالڪريم ديروي
رحھ، جناب سيد حاجي علي اڪبر شاھ صاحب، ۽ ٻين ميھڙ
جي عالمن ۽ اديبن جي عارفانھ ۽ ادبي صحبت ۾ گذريا.
اھو دور اسان ٻنھين جي شاعرانھ نومشقي، مطالع ۽
تبادلھ خيالات جو سنگ بنياد ثابت ٿيو. انھن پنجن
سالن جي عملي مشاھدي، ۽ وسيع مطالع جي دور ۾،
سندن شاعرانھ طبع ۾ ھڪ قسم جو نئين سر ذوق پيدا
ٿيو. ان ذوق جي تڪميل جي سلسلي ۾، پاڻ پنھنجي والد
ماجد جي نسبت سان ” بزم بلبل“ کي قائم ڪيائون. ان
”بزم بلبل“ جي مشاعرن ۾، سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽
شاعر شرڪت ڪندا رھيا، جن ۾ طرحي ۽ غير طرحي ڪلام
پيش ڪيو ويندو ھو.
رئيس مرحوم ضيا جي توجھ ۽ انتظام ھيٺ جميعت
الشعراءِ سنڌ پاران آل سنڌ ادبي ڪانفرنس بھ ٿي.
١٩٤٣ع ۾، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾، منطق ۽
سنڌي ادب جا ليڪچرار ٿيا ۽ ان سان گڏ، کين بورڊنگ
ھائوس جو سپرنٽينڊنٽ ٿي پڻ ڪم ڪرڻو پيو، پر ڪجھھ
وقت کانپوءِ، ڪن ھنگامي ۽ سياسي اختلافن جي پيدا
ٿيڻ تي، پاڻ استعيفا ڏئي، واپس ميھڙ ۾ آيا.
ڪجھھ وقت کان پوءِ، دادو ۾ پھريائين اسسٽنٽ پبلڪ
پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ١٩٥٣ع ۾ دادو ضلعي جو پبلڪ
پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو.
رئيس مرحوم اھو عھدو آخر تائين، مثالي نموني ۾
ماڻيو، ۽ پنھنجي وفات کان اڳ ان تان استعيفا ڏئي،
سال- اڌ آرام سان گذاريائين.
رئيس ضيا جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ ايترو
چوڻ ڪافي آھي تھ پاڻ ” بزم بلبل“جو باني ھو، ۽
ماھناماھ” اديب-سنڌ“ جو ايڊيٽر رھي چڪو ھو.
دادوءَ ۾ ”انجمن آفتاب ادب“ جو نائب صدر ۽ بار
ائسوسيئيشن ميھڙ ۽ دادوءَ جو سرگرم رڪن. ”جمعيت
الشعراءِ سنڌ“ جو نائب صدر ۽ قلندر لال شھباز
ميموريل ڪاميٽيءَ جو سرگرم سرڪردو ھو. آخري وقت ۾
ھڪ ھفتيوار اخبار” تنظيم عوام“ (دادو) پڻ
ھلايائون.
رئيس مرحوم فلسفي ۽ دينيات جي فاضل ھجڻ سان گڏ، ھڪ
مثالي نثر نگار پڻ ھو. پاڻ سنڌيءَ سان گڏ،
انگريزيءَ تي بھ استادانھ دسترس رکندو ھو. سندس
سنڌي ۽ انگريزي مضمون، سنڌ جي سڀني روزانھ سنڌي
توڙي انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رھيا
آھن. سندن انگريزي مضمون ”ڊان“ ڪراچي ۽ ”انڊس
ٽائمس“ حيدرآباد ۾ نھايت دلچسپيءَ سان پڙھيا
ويندا ھئا. ڏاڍي ضرورت آھي، اگر ڪو صاحب، اھي
انگريزي ۽ سنڌي مقالا جمع ڪري، ڪتاب تيار ڪري.
رئيس مرحوم پنھنجي وجود مسعود جي حيثيت سان، ھڪ
انجمن ھو. وٽس ھر وقت عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر
ايندا رھندا ھئا، جن سان علمي ۽ ادبي،مذھبي ۽ ملڪي
مسئلن تي تبادلھ خيالات ڪرڻ سندس پسنديدھ مشغلو
ھو. پاڻ جتي بھ رھيو، اتي علمي ۽ ادبي ماحول جو
سرڪردو ٿي رھيو. علمي ۽ ادبي، تعليمي ۽ تھذيبي
خدمت جي خيال کان رئيس مرحوم، ھر جماعت، ھر انجمن،
ھر بزم ۽ ھر مجلس جو روح روان رھندو آيو. ھميشه
عالمن ۽ اديبن جي دلجوئي ۽ سرپرستي ڪيائين. ھڙون
وڙئون امداد ڪندي ڪو نھ گسندو ھو. سندس جھڙي ھئي
صورت تھڙي ھئي سيرت! خدا ترس ۽ مذھبي خيالات جو
پابند، پڪو ۽ سچو مسلمان ھو. سندس نيڪ سيرت مان
ھزارن غريبن کي فائدو پھتو. ڪيترن بيروزگار ھندن
۽ مسلمانن جو بار مٿس رھندو آيو. ان بار کي آخري
گھڙيءَ تائين نباھيندو آيو. رئيس مرحوم ڪم آزار
شخص ھو. دوستن جو دوست ھو ۽ دشمنن تي مھربان. ڪنھن
دوست کي اگر ڪٿي بھ ڪا ناجائز تڪليف پھچندي ھئي تھ
ھو بيقرار ٿي ويندو ھو. دور دراز سفر ڪري ھيڪر
وڃي، انھن مشڪلاتن کي منھن ڏيندو ھو. سندس دستر
خوان ھميشه ڪشادو رھيو. ھڪ طرف وقت جا عالم ۽ فاضل
اديب ۽ شاعر سندس دسترخوان جي زينت رھيا، تھ ٻئي
طرف امير ۽ پير، ليڊر ۽ ملڪي رھنما بھ سندس
ميزبانيءَ جي شرف کان مستفيد رھيا. ميھڙ ۾ بلبل
بنگلي جا دروازا ھر آئي وئي لاءِ کليل رھيا. ميھڙ
۾ جڏھن بھ ڪو ٻاھريون ماڻھو ايندو ھو، اھو ھڪ ڀيرو
ضرور بلبل بنگلي تي مھمان طور رھايو ويندو ھو.
مھمان نوازيءَ جي سلسلي ۾ امير ۽ غريب جو ڪو بھ
فرق نھ رکيو ويو، حتاڪ، ھندو ليڊر، وڪيل ۽ واپاري
بھ اچي رھندا ھئا. بلبل بنگلو، گويا ميھڙ ۾ ھڪ
ادبي ۽ علمي مرڪز جي حيثيت رکندو ھو، جنھن ۾ ھر
وقت، علمي ۽ ادبي رھاڻ ھلندي رھندي ھئي. رئيس
مرحوم ان رھاڻ لاءِ شمع محفل جي حيثيت رکندو ھو.
مدرسھ عربيھ ميھڙ جي عالمن ۽ بزرگن سان گڏ بلبل
بنگلھ جي رھاڻ،اسان ٻنھين جي فڪر و نظر جي تربيت
ڪئي.
مرحوم رئيس جي وفات، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ھڪ اھڙو
خال پيدا ڪيو آھي، جنھن جو ڀرجڻ مشڪل آھي. اسان ھڪ
راستباز ۽ صداقت شعار، رفيق، دوست، سرپرست ۽ ھم
وطن بزرگ کان وڇڙي چڪا آھيون، جو ڏاڏي مجذوب جي
نالي واريءَ ”نسبت“ سان، ھميشھ مون کي ” بابا
سائين“ ڪري لکندو ھو!
رئيس مرحوم، ھڪ علمي ڪتبخانو پڻ ڇڏي ويو آھي، جنھن
۾ مرحوم بلبل جي دؤر جي قديم علمي ۽ فني ڪتابن ۾،
پاڻ چڱو خاصو اضافو ڪيائين. سندس جمع ڪيل لئبرريءَ
۾ انگريزي، فارسي، اردو، سنڌي، عربي زبانن جا بيش
بھا شھپارا موجود آھن. ان طرح سنڌي، اردو ۽
انگريزي، علمي ۽ ادبي رسالن جو پڻ وڏو تعداد موجود
آھي. سندن قانوني ڪتابن جو ذخيرو ان کان علاوھ
آھي. سندن فرزندن ۽ عزيزن لاءِ مناسب آھي تھ ھو
رئيس مرحوم جي لئبرري، سندس علمي مقالن، اڻ ڇپيل
مضمونن، شعر و شاعريءَ جي بياض وغيرھ کي ” باقيات
الصالحات“ سمجھي محفوظ ڪن، ائين نھ ٿئي جو اھو
ساري زندگيءَ جو گڏ ٿيل سرمايو سنڀال کان سواءِ
ضايع ٿي وڃي.
رئيس صاحب مرحوم پنھنجي قبيلي ۽ خاندان جو پڳدار ھو. سندس خاندان ۾ (اڳئين
گھر مان) ٽي فرزند- مسٽر شمس الدين، صلاح الدين ۽
رئيس نظام الدين آھن، جي بھ اولادي آھن. سندس
ھميشرھ محترمھ ۽ سندس پٽ، پوٽا ۽ ڏوھٽا آھن. رئيس
مرحوم جون ٻھ نياڻيون آھن، جي بھ اولادي آھن ۽
سندس آخري اھليھ بھ حيات آھي.
خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ سندن سارو ڪڙم ۽ ڪھول رئيس مرحوم جي روايات کي زندھھ
رکندو ٿو اچي، ۽ سندس فرزند پنھنجي لائق والد ماجد
جي نقش قدم تي ھلي رھيا آھن.
رئيس مرحوم کي پنھنجي جليل القدر والد مرحوم ”بلبل“ جي پاسي ۾، پنھنجي پاڙي
واريءَ مسجد ۾ رکيو ويو آھي.
دعا آھي تھ رب ڪريم شال رئيس مرحوم کي مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس
پسماندن، سندن ھمشيرھ محترمھ، ۽ ان جي اولاد، ۽
سندن فرزندن ۽ سندن عزيزن رئيس قمر الدين، رئيس
بدر الدين، ميان عبدالقادر، ميان غلام قادر، وڏيري
الھڏني خان ٿيٻي، ميان عبدالحق، رئيس فقير محمد،
۽ سڀني عزيزن کي صبر جميل جي توفيق عطا
فرمائي.(آمين).
حضرت پير عبدالستار جان سرھندي
ھيءَ خبر سنڌ جي علمي ۽ ادبي، مذھبي ۽ ديني حلقن
لاءِ نھايت روح فرسا آھي تھ ”خاندان مجدديھ“ جي
لکن مريدن ۽ عقيدتمندن جي پيشوا، ٽنڊي سائينداد جي
مشھور بزرگان دين حضرات سرھندي خاندان جي مشھور
عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر، حضرت پير الحاج سائين
عبدالستار جان سرھندي، ١٧- سيپٽمبر ١٩٦٦ع مطابق ١-
جمادالثاني ١٣٨٦ھھ، داعي اجل کي لبيڪ چوندي، وفات
فرمائي! انا لله وانا اليه راجعون.
سائين عبدالستار جان سرھندي پنھنجي انفرادي ۽ ذاتي
وضعداريءَ جي حيثيت سان سرھندي بزرگن ۾ شھرھھ آفاق
جو مالڪ ھو. مرحوم علوم ظاھريھ جي تڪميل ۽ تحصيل
سان گڏ علوم باطنيھ ۾ بھ وڏي مقام تي فائز ھو.
وضعدار، نيڪ طينت، ديندار ۽ مرنج مرنجان شخصيت جو
مالڪ ھو. ديني علوم ۽ روحاني معارف ۾ وڏو درڪ حاصل
ھوس. ھميشھ خوش پوشاڪ ۽ خوش خوراڪ رھيو. عالمن ۽
اديبن جو جليس، شاعرن ۽ سخن سنج حضرات جو سرپرست،
مريدن ۽ عام ماڻھن جو ھمدرد ۽ خير خواھ، نيڪ- صورت
۽ نيڪ- سيرت، اھڙو نھ ٿيو،نھ ٿيندو.
سندس صورت نوراني، سيرت فقيراڻي، پوشاڪ اميراڻي ۽
باطن روحاني، ھر خيال سان مجمع اوصاف ھو. سندس
ڪلام شيرين، گفتگو دلنشين، لب ولھجو نرم ۽ جاذب،
طبيعت ۾ وقت، مزاج ۾ وسعت- اھي اھڙيون وصفون آھن
جي مشڪل سان ڪنھن ھڪ ھنڌ نظر ٿيون اچن.
پير صاحب ھڪ روشن ضمير، جلوت پسند، سياح، معاملھ
فھم ۽ نڪتھ سنج شخص ھو، جنھن جي وجاھت ۽ شھرت کان
ھڪ طرف افغانستان جو شاھھ ۽ سعوديھ جو بادشاھھ،
مصر جو شاھھ فاروق متاثر ٿيا، تھ ٻئي طرف ھندستان
جا وڏا وڏا نواب ۽ رياستن جا مالڪ، راجائون ۽
رجواڙا بھ سندس صورت ۽ سيرت، معاملا فھمي ۽ دوررس
فيصلن کان متاثر ٿيا.
ھڪ طرف شاھھ ايران ۽ شاھھ شرق اقردن، حضرت پير
سائينءَ جي رھاڻ کان مستفيد ٿيا، تھ ٻئي طرف
ھندستان جا عظيم دانشور ۽ سياسي ليڊر،
قائداعظم،مولانا آزاد، مولانا محمد علي، مولانا
شوڪت علي، مھاتما گانڌيءَ جھڙا جليل القدر ملڪي
پيشوا بھ حضرت پير سائينءَ سان متعارف رھيا.
جھان بيني ۽ زبان داني، جيئن تھ حضرات مجدديھ جو
خاص رنگ آھي، حضرت پير سائين ان جامع ۽ ھمھ رنگ
وصف جو واحد نمائندو ھو. پاڻ سنڌي، اردو، فارسي،
عربي، پشتو، بلوچي ۽ سرائڪي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ ماھر
بھ ھئا ۽ شاعر بھ ھئا. سندن ڪلام زيادھ تر عشقيھ
شاعريءَ تي مشتمل آھي. ان سلسلي ۾ بھ پاڻ پنھنجن
قديم بزرگن ۽ سلف صالحن کان جداگانھ رنگ جا حامل
رھيا.
حضرت پير سائين ڪيئي ڀيرا ھندستان، ايران،
افغانستان، عرب، عراق ۽ مصر جا سفر ڪيا، ان ڪري
مسلم ملڪن جي حالات ۽ سياسي معاملات تي سندن نگاھھ
نھايت وسيع بھ ھئي ۽ عميق بھ ھئي. سندن حلقئھ
احباب ۾، بادشاھن ۽ اميرن، وزيرن ۽ عالمن، شاعرن ۽
اديبن جو وسيع حلقو اچي ٿو وڃي. اھڙي مقبوليت ھن
کان اڳ ڪنھن بھ سنڌيءَ کي مشڪل ملي آھي. سندن
گفتگو زيادھ تر شستھ ۽ شائستھ، پر ڪجھھ ظرافت
ڏانھن مائل رھندي ھئي. بذلھ سنج ۽ حاضر جواب بھ
ھڪڙائي ھئا. کانئن ڪنھن بھ ظريف ۽ دانشمند، گفتگو
۾ ڪا ڳالھھ نھ کنئين آھي. پاڻ مجلس جا مور ھئا ۽
سندن شخصيت وڏن وڏن عالمن ۽ پيرن جي موجودگيءَ ۾
بھ نمايان رھندي ھئي، وڏا وڏا فرعون ۽ ھامان بھ
سندن اڳيان جھڪندي ڏٺا ويا.پاڻ ديني حميت ۽ اخوت
جي سلسلي ۾ بھ پنھنجو مٽ پاڻ رھيا.
پير صاحب جن حرمين جا خادم ۽ محب ھئا. ڏڪر جي حالت
۾ پاڻ ھزارين مڻ اناج ۽ لکين رپيا، قحط زدھ ماڻھن
لاءِ، حرمين پھچائي چڪا ھئا.
سندن شاعري بھ نھايت لذيذ آھي. شاعريءَ جي فن ۾
پاڻ روايت جا ايترا پابند نھ رھيا. ھن فن ۾ سندن
جدت ۽ ندرت اھا ھئي جو پاڻ تشبيھات جو اھو حصو،
جنھن ۾ شاعر سڳورا، معشوق کي ڪافر، چنگيز، ظالم،
ستمگر، بت- بيپير، رھزن، ايمان، بيوفا، ڪج ادا
سڏين ٿا، سو رد ڪري ڇڏيائون. فرمائيندا ھئا!
” ھي عجيب ستمگري آھي! محبوب ۽ معشوق کي ستمگر ۽
چنگيز، بيوفا، ڪج ادا چوڻ ڪو مناسب آھي؟ محبوب ۽
معشوق جي ھر ”ادا“ محبوب آھي! محبوب سرتاپا محبوب
آھي! عاشق ناھنجارگستاخ آھي، جو محبوب مان عيب ٿو
ڪڍي، ۽ کيس مشھور سفاڪ ۽ ظالم چنگيز سان تشبيھھ ٿو
ڏئي!”پرينءَ جي پار جي، مڙئي مٺائي!“ ڏسو تھ سنڌ
جي عارف جي ڪيڏي نھ گھري نگاھھ آھي! بابا، مون تھ
ڪڏھن بھ پنھنجي محبوب کي ستمگر نھ سڏيو آھي!“
مون کي ياد آھي تھ سائين ميران محمد شاھھ وٽ ھڪ
رھاڻ ۾ جڏھن اھا گفتگو نڪتي، تڏھن مون کين عرض
ڪيو، ”حضرتا! ڀلا ڪو اھڙو ڪلام تھ سڻايو، جنھن ۾
محبوب سان خطاب بيحجاب ڪيو ويو ھجي!“ پاڻ فورا
فرمايائون: ڪڙڪ آواز ۾، گاف تي زير ڏيندي ، ۽
کلندي.
”گرامي صاحب، اوھان اسان جا پيارا دوست ۽ سخن سنج
آھيو. اوھان جي تعريف حضرت حافظ ھاشم جان صاحب کان
ٻڌي اٿم. اسدالله شاھ ۽ ٻيا ٽکڙائي سادات اوھانجو
گھڻو ذڪر ڪندا آھن. حضرت مخدوم صاحب جي خاص احباب
۾ شمار ٿيو ٿا. اسان شاعري بھ جوانيءَ ۾ ڪئي.
بھرحال،تفنن طبع لاءِ ڪافي ٻڌائيندس۽ نھ امتحانا.“
سائين ميران محمد شاھ جي ھڪ خوشگوار ٽھڪ کان
پوءِ، سائين ستار جان ھيءَ ڪافي ٻڌائي:
لھھ سدم سھڻا سنڀار، نينھن ٿو مونکي نھوڙي!
قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پيمان پار،
وصل جا وعدا ڪري پوءِ تون وري سي نا وسار...
ماريو مون کي وڇوڙي! آخري شعر آھي:
آءٌ نھ ھڪ آھيان اڃايل، عشق ۾ عاجز اپار،
منجھھ انھيءَ ميدان ماريا، برھھ بيحد بي شمار....”
پير“ جھڙا ڪئين ڪروڙي!
اھا ڪافي پنھنجي اسلوب ۾ فن جي لحاظ سان نھايت
لذيذ بھ آھي ۽ معياري بھ آھي. سندس زبان سادي ۽
سليس سنڌي آھي. ان ۾ تجنيس حرفي جي مراعات بھ آھي.
ان کي ڏسي، ائين ڪو بھ سمجھندو تھ ھيءُ ڪافي ھڪ
اھڙي شخص جي آھي، جنھن کي ھڪ نھ پر ست زبانون آھن!
جنھن وٽ رات ڏينھن عربي، فارسي ۽ پشتو زبانن ۾
گفتگو ھلي ٿي!
اھا ڪافي پوري ٿي تھ سائين ميران محمد شاھھ
فرمايو، ”اھو ڪلام ٻڌايو!“ اھو ٻڌي مون کڻي چپ
ڪئي. پير سائين فرمايو:” گرامي صاحب، ھاڻي جواب
ترڪي بھ ترڪي! رنج نھ ٿيندو!“ مون عرض ڪيو:” نھ ،
نھ، ارشاد!“ فرمايائون:
محبوب ماھھ صورت، ڪو بيوفا نھ آھي،
ماڻا مٺي جا آھن، ليڪن جفا نھ آھي.
شاعر شڪايتون ٿا بيجا بڪن، گرامي،
دراصل دلبرن ۾ڪائي خطا نھ آھي.
تشبيھھ تنھنجي قد جي شمشاد ساڻ ڪن ٿا،
شمشاد ۾ ٽلڻ جي توصيف ڪا نھ آھي.
تنھنجي مٺن چپن کي مرجان پيا چون ٿا،
مرجان ۾ لطافت، ميٺاڄ سا نھ آھي،
ڪنھن دم چون تھ آھي، پيارو پريءَ جو پيڪر،
ليڪن پريءَ ۾ اھڙو نازو ادا نھ آھي.
ان کان پوءِ فرمايائون تھ ”پھرئين شعر ۾ آءٌ
ھينئر، گرامي چئي اوھان کي مخاطب ٿيو آھيان، ورنھ
اتي ”مدامي“ آندو اٿم“ ان کان پوءِ بھ ڪافي وقت
تائين رھاڻ ھلندي رھي.
ھڪ ڀيري رھاڻ ۽ صحبت ۾ وحدت الوجود تي گفتگو نڪتي.
مون کين ڪجھھ دلائل پيش ڪيا. پاڻ اکيون ٻوٽي ٻڌندا
رھيا. مون جڏھن چپ ڪئي، تڏھن پاڻ اکيون کولي، کلي
ڏٺائون. فرمايائون، ”مولوي صاحب، شيخ ابن عربيءَ
کان ڪافي متاثر آھيو ڇا؟ مڪتوبات مطالع ڪين ڪئي
اٿو؟ حضرت مجدد فرمائي ٿو:
مارا نص درڪار است نھ ڪ قص!“
ائين چئي، پاڻ وحدت الشھود جا دلائل پيش ڪرڻ شروع
ڪيائون. ان رھاڻ ۾ پاڻ قرآن، حديث، اقوال سلف،
بالخصوص حضرت مجدد رحھ جي مڪتوبات مان شواھد ۽
دلائل پيش ڪندا رھيا. ان تقرير دلپذير ٻڌندي، ائين
معلوم ٿيو تھ ڪو علم ڪلام جو استاد، شاگردن کي درس
پڙھائي رھيو آھي. سندن دلائل ۾ڪا بھ سختي ۽ ڪج
بحثي نھ ھئي. کلندي مرڪندي بحث ڪندا رھيا. سندن
دقيق نگاھھ ۽ وسعت مطالع کي ڏسي، آءٌ تھ دنگ رھجي
ويس. مون سائين حافظ ھاشم جان کان سواءِ،ٻيو ڪو بھ
ان پايي جو متڪلم ۽ عالم دين نھ ڏٺو آھي!
سائين ميران محمد شاھ جي چھلم تي، دسترخوان تي
ويٺي، فرمايائون:
”گرامي صاحب، اوھان جو ميران محمد شاھ تي لکيل
وفيات پڙھيم. تمنا ٿو ڪريان تھ مان بھ جلدي مري
پوان تھ من مون تي بھ لکو!“
ان تي، قاضي غلام مصطفيٰ، رٽائرڊ ڪليڪٽر ۽ عزيزم
محبوب علي چنا صاحب، ٽھڪ ڏيئي وراڻيو:
”سائين! اوھان اڄ کڻي پاڻ کي مرحوم سمجھو تھ گرامي
صاحب لکي!“ فورا فرمايائون:
”تڪلف سان پيدا ٿيل تحرير ۾روح نھ رھندو،
روح تڏھن ٿيندو جڏھن منھنجو روح نڪري!“
بھرحال، اھي عجيب غريب لطائف ۽ ظرائف آھن، جي ھن
وقت دل تي تري آيا آھن. سندن شعرو شاعريءَ جي
سلسلي ۾، چند اشعار پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان. سندن
جھان بيني ۽ مشاھدي ۽ تجربي جو شاھڪار ملاحظھ
ڪريو:
جڏھن جاچي ڏٺم ساري خدائي
نظر مون کي فقط ھڪ ڳالھھ آئي.
ڪمينن ۾ وفاداري نھ آھي،
اسيلن ۾ نھ آھي بيوفائي،
ٻھ چيزون، ٻن ۾ خالق ڪين خلقيون،
چڱن ۾ بّد ۽ بڇڙن ۾ چڱائي.
ڪمينا قرب ڪن، ظاھر زباني،
اندر ھڪڙي، ٻھر ڪن ٻي ٻيائي.
ڪمينن سان نھ رکجي قرب قلبي،
ڪرڻ گھرجي نھ تن سان آشنائي.
پري رھجي، نھ رکجي پيار تن سان،
نھ آھي چال ۾ جن جي چڱائي.
ڪجي قربان پنھنجي جان، تن تان،
رکن جي صاف سھڻا ٿا سچائي.
پڄاڻان تجربي، ھي شعر جوڙيم،
زماني زھر جي چٽڻي چکائي.
محبوب کي ٿا چون:
مشتاق يار موھين، بانڪن ڀنڀن ۾ ڇا ٿيئي؟
ونگيو وٺن ويچارا، ڪارن ڪنڍن ۾ ڇا ٿئي؟
آب حيات ناھين، ڪوثر بھ ڪين، ليڪن،
بخشين ٿو زندگاني، لعلن لبن ۾ ڇا ٿئي؟
ظاھر ۾ باھھ وانگر، گرچھ ٻرن ٿا ليڪن،
ٺارن ھنيون
مٺيءَ سان، ڳاڙھن ڳلن ۾ ڇا ٿئي؟
اسرار عشق وارا، محبوب پاڻ ڄاڻي،
پوپير ڇو پڇين ٿو، اھڙن ڪمن ۾ ڇا ٿئي؟
بھارجي آمد تي، حضرت پير سائين ھن طرح ٿو محبوب کي
خطاب فرمائي:
آيو بھار ٿيئڙو تازو چمن دوبارھ،
سيراب ٿيا بخوبي، سروسمن دوبارھ.
چوڌار اڄ چمن ۾، ڪيا چھچاٽ چيھن،
بلبل، گلن ڦلن تي ٿي نغمھ زن دوبارھھ.
مٽ ڪو نھ آھ ڪو گل، محبوب ساڻ منھن جي،
ڦاڙيو گلاب جي گل، ڏس پير ھن دوبارھھ.
سامان ٻيا نظارا، تو لئي ٿي انگارا
ايندين ڪڏھن پيارا،
پنھنجي وطن دوبارھ
ھي اھي پير سائينءَجو سنڌي ڪلام. ھتي فارسي، عربي
۽ پشتو ڪلام ڏيڻ طوالت جو سبب ٿيندو. سندن ڪلام جي
رنگيني ۽ پختگي، سندن قادر الڪلام ۽ مشاق استاد
ھجڻ جي شاھد آھي. |