سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب:

صفحو :2

محمد بخش ”واصف“

 فخر الشعراءِ سنڌ، محمد بخش واصف صاحب ھڪ جامع الفنون ۽ جامع الڪمالات اديب ھو. سندس وفات سنڌي ادب لاءِ ناقابل تلافي نقصان آھي.  ھو اسلامي علوم ۽ ديني فنون جو ڄاڻو بھ ھو، تاريخ، سير، رجال جو محقق بھ ھو، مناظر ۽ مباحث بھ ھو، تھ ھڪ زباندان ۽ لغوي بھ ھو، ۽ تصوف، ويدانت، مجوسي فلسفي، ۽ يوناني فلسفي جو ڪافي مطالعو ھوس. سنڌي، اردو، عربي، فارسي، ھندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانون ڄاڻندو ھو. ھڪ مشاق ۽ استاد شاعر بھ ھو، ۽ بلند پايھ جو اديب ھو. ھو ھڪ خوش خط خطاط، ۽ نقاش ڪاتب ۽ مصور بھ ھو، تھ ھڪ سخن سنج، سخن فھم ۽ نقاد بھ ھو. ايترين خوبين جو ھڪ ھنڌ گڏ ھجڻ پنھنجيءَ جاءِ تي ڪرامت کان گھٽ نھ آھي. واصف مرحوم، 1892ع ۾ ڄائو ۽ 1952ع ۾ 60 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

سندس تصنيفات ۾ شرح لطيفي، اسان جو پيارو رسول، گلزار چنبيلي، رباعيات واصف، ديوال واصف، اسلامي شريعت ٻھ حصا، ردتناسخ، خزبنت العوم(اڻ ڇپيل) مشھور ڪتاب آھن.

شعر و شاعري .  شاعريءَ ۾ ھڪ انفرادي  مقام حاصل اٿس،  سندس ڪلام ۽ زبان سليس  ۽ رنگين آھي. ھڪ قادر الڪلام، ۽ ڪھنھ مشق شاعر ھجڻ جي ثبوت ۾ سندس ديوان ۽ رباعيات جو مجموعو پيش ڪري سگھجن ٿا. سندس غزليات ۾ تخيل جي بلنديءَ سان  گڏ، استعاري ۽ ڪنايي جو صحيح استعمال  ۽ بندش جي چستي ۽ برجستگي نمايان خصوصيتون آھن.

واصف، جديد ۽ قديم دور جي وچ ڌاري پيدا ٿيو، تنھن ڪري سندس ڪلام ٻنھي دورن کان متاثر ٿيو آھي. ان ۾ سانگيءَ ۽ قليچ جو رنگ بھ نظر ايندو، تھ جديد ۽ قومي رنگ بھ، جتي صوفيانھ نڪات  ۽ عارفانھ اسرار بيان ٿيل نظر اچن ٿا، اتي وطن دوست ۽ درد دل رکندڙ قومي شاعر جي حيثيت بھ نمايان  نظر اچي ٿي. رباعيءَ جي سنگلاخ زمين ۾ مرحوم واصف جي حڪيمانھ خيالات ۽ عارفانھ جذبات کي ڏسي سگھجي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان تيار ٿيل سنڌي لغت ۾، واصف مرحوم نمايان ڪم ڪيو آھي. گھڻين زبانن ڄاڻڻ ڪري ۽ خاص طرح سنسڪرت جي اڀياس سببان،  سنڌي زبان جي لغوي تحقيق ۽ اشتقاقن جي صحت متعلق سنڌي لغت لاءِ ڪارآمد معاون ھو. سندس قلمي ڪتابن ۾ خزينت العلوم معياري چيز آھي. سندس ”ديوان“ جا باقي ٻيا حصا بھ اڃا اڻڇپيل آھن. سندس لئبرري، ھڪ گرانمايھ علمي خزانو آھي. دعا آھي تھ واصف مرحوم  کي رب تعاليٰ مرھي، ۽ سندس نعم البدل سنڌ کي عطا فرمائي. نھايت ضروري آھي تھ واصف مرحوم جون سموريون تصنيفون  ” ڪليات واصف“ جي نالي شايع ٿين.

جمع خان ”غريب“

 سنڌ جي مشھور شاعر جمع خان ”غريب“ 17 آگسٽ 1953ع تي وفات ڪئي. ”غريب“ صاحب، مريد خان لاکير تعلقھ ميھڙ ضلع دادو ۾، 15 جنوري 1885ع تي ڄائو. سندس ابتدائي زندگي علمي ماحول ۾ شروع ٿي، اسڪولي تعليم سان گڏ پنھنجي خداداد ذھن ۽ ذڪاوت سان فارسي، اردو ۽ سنڌي جا ادبي ڪتاب مطالع ڪندو رھيو، ۽ سنڌ جي مشھور شاعر ۽ اديب مرحوم ” بلبل“ جي صحبت ۽ علمي تربيت سان شاعريءَ جي فن ڏانھن متوجھ ٿيو، ۽ مرحوم بلبل جي اصلاح ۽ اشاري سان چڱو ڪلام چوڻ شروع ڪيائين. مرحوم ”غريب“ ھڪ بھترين ۽ مثالي استاد جي حيثيت سان زندگي شروع ڪئي. ماستريءَ سان گڏ قاضي  عبدالوھاب  شڪارپوريءَ کان طب جي تحصيل ڪري سند ورتائين.

سندس شعر ۾ سوز ۽ اصليت ۽ سلاست موجود آھي. سندس غزل ۽ بزم مشاعرن ۾ پيش ٿيل طرحي ڪلام نھايت رنگين ۽ لذيذ آھي. ھو ھڪ انفرادي طرز ڪلام جو موجد ھو، جنھن ۾ سلاست ۽ ميٺاڄ، نماڻائي ۽ تواضع ۽ ھلڪي ظرافت موجود آھي. سندس شعر جي اصلاح مخلص مرحوم ۽ محمد صديق مسافر پڻ ڪئي آھي. ”گل نوبھار“ سندس ڪلام جو معياري انتخاب آھي، جو ھاءِ اسڪول لاءِ ڪورس طور منظور ڪيو ويو ھو. سنڌ جي سڀني بزم مشاعرن ۽ ادبي مجلسن سان سندس علمي تعلق  رھندو آيو. سندس ادبي ذوق کيس اڳتي ھلي رسالي ”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ۽ ”مسلمان“ جو مدير معاون ۽ رسالي ”طالب الموليٰ“ سيتا روڊ جو ايڊيٽر بنايو. پينشن تي 1940ع ۾ لٿو، ۽ پوءِ سارو عرصو ادب ۽ حڪمت جي خدمت ۾ گذاريائين.

قطع تاريخ جي فن ۾ ”غريب“ صاحب جو پايو بلند آھي. ھزارين تاريخي مادا ڪڍيا اٿس، ۽ علمي ۽ فني طور نباھيا اٿس. ان فن جا ڄاڻندڙ ھن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آھن. جميعت الشعراءِ  سنڌ ۽ مجلس علم و ادب ھالا جو سرگرم رڪن ٿي ڪم ڪندو رھيو. وفات کان اڳ پنھنجو مادھ تاريخ بھ ڪڍي ڇڏيائين؛ ”بابقا جان غريب“ 1372 ھجري. مرحوم جو ڪلام ۽ ”قطعات تاريخي“ کي سھيڙڻ ۽ مرتب ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. اميد تھ سندن فرزند محترم رسول بخش ”دوست“ ان ادبي خدمت لاءِ ڪم ڪندو، جئن غريب صاحب جو ڪلام سنڌي ادب لاءِ چڱو اضافو ٿي سگھي. دعا آھي تھ الله تعاليٰ مٿس مغفرت فرمائي.

فقير غلام علي ”مسرور“

فقير غلام علي ”مسرور“ ھڪ صاحب ذوق، صوفي صافي اديب ۽ شاعر ھو، سندس وفات 19 آگسٽ  1953ع تي ٿي آھي.

ھي فقير صاحب، شڪارپور جي بدوي خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس نشونما، شڪارپور جھڙي مردم خيز علمي زمين ۾ ٿي. فقير صاحب ننڍيءَ عمر کان وٺي ذھين، ذڪي، سليم الطبع ۽ شاعرانھ طبع جو ماڻھو ھو. طبعي طور سندس لاڙو ”فقر“  ڏانھن رھيو. سندس صوفيانھ طبيعت ان وقت جي ڪن صوفين کان اھڙو متاثر ٿي، جو پنھنجا سڀ علمي مشغلا ۽ تعليمي مسئلا ڇڏي بيدل فقير جو طالب بنيو ۽ سندس درگاھھ  تي وڃي اعتڪاف ۾ ويٺو ۽ ذڪر فڪر جي نعمتن، حال ۽ واردات جي ڪيفيتن کان مستفيد ٿيو. 1908ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌ مدرسھ ۾ ڪجھھ وقت  رھيو. وري شڪارپور موٽيو، پر زخمي ۽ بيقرار دل کي قرار نھ آيو ۽ وري بھ اچي بيدل فقير  جي درگاھھ تي دم کنيائين. اھڙا ٽيھارو سال سندس سلوڪ ۽ طريقت جي پنڌ ۾ صرف ٿيا. ان وچ ۾ پنھنجي چاچي فقير حاجي امام بخش خادم جي صحبت ۾ شعر و شاعريءَ جو فيض حاصل ڪيائين.

1918ع کان پوءِ مٿس سماع ٻڌڻ ڪري جذب جي ڪيفيت طاري ٿيندي ھئي. ان جذب ۽ استغراق، منجھس سوز  ۽ درد پيدا ڪيو، ۽ سندس شاعرانھ ساز تي مضراب جو ڪم ڪيو. آخري زندگيءَ ۾ سنڌي صوفين جي پيروي ڪري ھڪ صوفيانھ اوتارو بنايائين، جتي موسيقي ۽ سماع جي مجلسن کان سرور حاصل ڪندو ھو، ڳائڻا ۽ موسيقار ايندا ويندا ھئا، ۽ سندس درد ۾ اضافو ٿيندو رھندو ھو. ان عرصي ۾ تپيدار ٿيو، 1948ع ۾ رٽائر ڪري ڳوٺ آيو، ۽ وري خانگي ملازمت اختيار ڪيائين. ان سلسلي ۾ پويون عرصو ٽنڊي آدم ۾ گذاريائين، ۽ اتي 19آگسٽ 1953ع تي وصال ڪيائين.

سندس ڪلام پختو آھي، ۽ فني ڪمالات سان ڀريل، فن عروض تي پورو، ان سان گڏ درد ۽ سوز سان ٽمٽار. سندس ڪلام اڃا غير مطبوع آھي. سنڌي ادبي بورڊ، ان جي تاليف ۽ ترتيب ۽ اشاعت جو ڪم پنھنجن ھٿن ۾ کڻي چڪو آھي.

 

مخدوم محمد صالح ڀٽي

 سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خاموش، ۽ صاحب فن خدمتگذار  مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ، 27 ڊسمبر 1953ع تي وفات فرمائي آھي.سندس عمر 66 ورھيھ  ھئي. مخدوم صاحب پراڻن ھالن جي علمي ۽ ديني خاندان ڀٽي بزرگن مان ھڪ قابل قدر فرد ھو. مخدوم صاحب جو نسب ستينءَ پيڙھيءَ ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو، اھو صاحب، جيسلمير جي راجپوت راجائن مان ھو ۽ سندس اصلوڪو نالو ”ارجن“ ھو. اھو صاحب 625 ھجريءَ ۾  غوث بھاؤالحق زڪريا  ملتانيءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو ھو، ان خاندان جو تعلق سري رامچندر سان آھي. ھن نو مسلم خاندان سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ طريقت جي تلقين ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آھي. سارو خاندان مسلسل ستن صدين تائين عالم ۽ عارف، اھل الله ۽ صاحب باطن ماڻھو پيدا ڪندو رھيو آھي. ٿر جا ٺڪر ۽ پير پٿورو  ھن خاندان جا مريد آھن.

مخدوم صاحب ھالن ۾ 4 درجا پڙھيا ۽ پوءِ مدرسة الاسلام ۾ 1902ع ۾ داخل ٿي، 1909ع ۾ فائنل ۽ ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1910ع ۾ پوني جي زراعتي ڪاليج  ۾ تعليم ورتائون. ستت ئي سنڌ مدرسة ۾ استاد جي حيثيت سان  داخل ٿيو. اتي ايس. ٽي. سي پاس ڪري، 1920ع ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ملا اسڪولس حيدرآباد مقرر ٿيو.  1922ع ۾ ٽرينگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد سنڌ ۾ استاد مقرر ٿيو. آخر سنڌ جي تعليم کاتي  ۾ رھي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ تعليمي خدمت ڪندو رھيو ۽ ايڊمنسٽريٽر آفيسر نوابشاھھ جي حيثيت ۾، 1944ع ۾ رٽاير ٿيو.

مخدوم صاحب، ماستريءَ  جي اوائلي زندگيءَ ۾ ڪراچيءَ مان ”الاشلام“  شايع ڪيو، جو ھڪ علمي، ادبي ۽ ديني معياري رسالو ھو،  جنھن ۾ بلبل، مخلص، حڪيم مرحوم ۽ مولوي  محمد عثمان نورنگ زاده ۽ ٻيا ڪھنھ مشق اديب لکندا ھئا.

مخدوم صاحب، ھڪ صاحب طرز اديب ھو. دينيات ۽ اسلامي تاريخ سان خاص طور تعلق ھوس. سندس لئبرريءَ ۾ نھايت معياري تاريخي ڪتاب موجود آھن. آخر تائين پئي ڪتاب لکيائين.  سندس تصنيفات ۾ ھي معياري ڪتاب آھن:

(1) سيده النساءَ (2) بيبي رابع بصري (3) منصور حلاج (4) صديق اڪبر (5) عروس ڪربلا (6) سقراط (7) اخلاقي جواھر(8) منھاج المومنين (9) اسان جو پيارو آقا (10) فاروق اعظم(11) واندڪائيءَ  جي وندر، (12) فتوحات اسلام.

سندن ڪي ڪتاب اڻ ڇپيل آھن: -1 ڪيڏارو احسان فقير جو 2- المرتضيٰ 3- حيات سعدي  4- ڪلام صوفي (مخدوم محمد ابراھيم ڀٽي، سندن والد مرحوم) 5- ڪلام مخدوم عبدالرؤف  ڀٽي (سندن ڏاڏو مرحوم) 6 – مضامين متفرقھ 7- ڪلام صالح. اھي ڪتاب نھايت تحقيق کان پوءِ مرتب ٿيل آھن.

 سندن لئبريريءَ جا  4ھزار ڪتاب  سندن انتخاب، مطالعي ۽ ذوق سليم جو دليل آھن. سندن زندگي نھايت سادي ھئي. مرحوم زندھ دل، خوش ذوق ۽ دوستن جو دوست، يارن جو وفادار يار ھو. دعا آھي تھ مرحوم کي رب عظيم مرھي، ۽ سندس علمي خدمتن جو انعام ۽ صلو بخشي، ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

 

ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي

سنڌ جو مشھور اھل قلم ۽ اديب مسٽر ڀيرو مل مھرچند، 1953ع ۾ وفات ڪئي آھي. مسٽر ڀيرو مل مھرچند، سنڌ جو سچو مؤرخ ۽ سنڌي زبان ۽ ان سان تعلق رکندڙ زبانن سنسڪرت ۽ ھنديءَ جو ماھر ۽ فارسيءَ  ۽ عربيءَ جو چڱو ڄاڻو ھو.

20 ورھين جي ڄمار ۾، 1896ع ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين پگھار تي ملازمت شروع ڪري، ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ان زماني ۾ سنڌي رڳو ميٽرڪ تائين پڙھائيندا ھئا، ۽ ڪاليج ۾ سنڌي ڪا نھ رکيل ھئي. 1924ع ۾ ڪاليج ۾ فقط بي اي ۾ سنڌي مقرر ڪئي وئي، ۽ اھا رڳو ڪراچي ڪاليج تائين محدود  ھئي ، سا بھ ان شرط  سان تھ جي سنڌي شاگردن ۾ چاھھ وڌيو تھ واھھ، نھ تھ بمبئي يونيورسٽيءَ کي سنڌي ڪڍڻي پوندي. ان وقت علامھ دائود پوٽھ صاحب سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيل ھو. جڏھن ھو صاحب ڊاڪٽريءَ لاءِ ولايت اسھيو تڏھن ان جاءِ تي، نومبر 1924ع ۾، ڀيرو مل مھرچند کي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ان دؤر ۾ مسٽر ڀيرو مل ”سنڌي زبان جي تاريخ“ نھايت تحقيق سان لکي.

سندس ڪتابن جو انداز پنجيتاليھھ آھي، جي گھڻو ڪري سنڌي زبان، سنڌي قومن، سنڌي تھذيب، سنڌي لغت، شاھھ لطيف ۽ سنڌ جي فقيرن ۽ صوفين جي ڪلام متعلق آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، غريب اللغات، سنڌ جو سيلاني، لطيفي سير، گلقند ٻھ حصا، شاھھ جي ڪن سرن جي تشريح، ”قديم سنڌڙي“(اڻ ڇپيل) ۽ سنڌي زبان تي سندن مضمون بھترين علمي ذخيرو آھي. 1905ع کان وٺي جيڪي سنڌي درسي ڪتاب اسڪولن ۾ پاڙھجن ٿا، تن ۾ ھڪ سئو کن سبق نثر ۽ نظم تي سندن لکيل آھن: ماءُ جي پيار بابت، ”مون کي ڪنھن ٿي کير پياريو“ لاباري بابت، ”اجھو اسوءَ جو مھينو آيو“، ماکيءَ جي مک بابت، ۽ ”وقت چوي آءٌ بادشاھھ“  وغيرھ سندس جوڙيل آھن.

سندس شعر جو ڪتاب بھ ڇپيل آھي، سندس تخلص ” غريب“ ھو. سنڌو ۽ ٻين سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس انيڪ علمي ۽ ادبي ۽ تاريخي مضمون شايع ٿي چڪا آھن. سندس جھڙو سنڌي زبان جو ڄاڻو وري پيدا نھ ٿيو آھي. سنڌي ادبي بورڊ جي ابتدائي ڪارڪنن مان ھو، ۽ سنڌي لغت ۾ بھ ھڪ محقق جي حيثيت سان  ڪم ڪيو اٿس. ”مھراڻ“ جي پھرئين دور جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ھڪ رڪن ھو ۽ سندس مضمون ”مھراڻ“ ۾ نھايت معياري حيثيت حاصل ڪري چڪا ھئا. نھايت ضروري آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي ھن لافاني خادم جا سمورا ڪتاب ۽ لکيتون ” ڪليات ڀيرو مل“  جي نالي شايع ڪيون وڃن.

 

قادر بخش ”بشير“

 مرحوم ماستر قادر بخش”بشير“  سنڌ جو ھڪ سادھ دل، خاموش طبع شاعر ۽ اديب ھو، ۽ 14 مارچ 1954ع تي 58 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

مسٽر قادر بخش مرحوم، سنڌي ماستر جي حيثيت سان زندگي شروع ڪئي، ۽ ھڪ مقبول عام اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام سليس، دلڪش ۽ اصلاحي آھي. شاعريءَ جي مختلف انواع ۽ اصناف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌ جي سڀني روزانھ اخبارن، ھفتيوار پرچن، ماھوار رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپبو آيو آھي، ۽ تحسين حاصل ڪري چڪو آھي. سندس ڪلام جو ڪو مجموعو اڃا شايع نھ ٿيو آھي. اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪافي مواد منتشر صورت ۾ موجود آھي. ھڪ المناڪ حادثي کان متاثر ٿي،  فن شاعريءَ ڏانھن رجوع ڪيائين، ۽ پنھنجي حسرتن ۽ پريشانين ۽ نااميدين کي شاعريءَ جي رنگين دنيا ۾ وندرائيندو رھيو. عشقيھ غزل بھ چيائين، تھ مذاقيھ  ڪلام بھ چيائين، وطني حب جا ترانا بھ ڳايائين تھ بيوفا دنيا لاءِ مرثيا بھ پڙھيائين. ھاري ۽ مزدور، ماستر ۽ زميندار متعلق بھ لکيو اٿس.  رسالن ۽ اخبارن جي جمع ڪرڻ جو کيس تمام گھڻو شوق ھوندو ھو. ھڪ دفعي ذڪر ڪيائون تھ ”الوحيد جا شروع ٿيڻ کان اڄ تائين مڪمل فائيل مون وٽ موجود آھن.“  ان مان پتو پوي ٿو تھ سنڌ جو علمي سرمايو وٽس ڪافي موجود رھندو پئي آيو، ۽ اھو اڄ تائين ضايع نھ ٿيو آھي. ھر ڪانفرنس ۽ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لازم سمجھندو ھو.

دعا آھي تھ رب پاڪ شال مٿس رحمت ڪري، ۽ سندس اولاد کي سندس علم مان مستفيد ٿيڻ جي صلاحيت عطا ڪري.

 

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

سنڌ جو مشھور اھل قلم، پختھ فنڪار، سليس ۽ سھڻي زبان لکندڙ، ظرافت آميز عبارت جو صاحب ۽ گھرو نقش چٽيندڙ خاص اسلوب ۽ اسٽائيل جو موجد، سرڳواسي لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، سنڌ ۽ سنڌي ادب کي ھميشھ جي لاءِ وڇوڙو ڏئي، 18 اپريل 1954ع تي، وڃي آنجھاني ٿيو.

جديد سنڌي ادب، ٻين بيشمار اعليٰ ھندو خادمن سان گڏ ٽن ھندو سڄڻن کي ڪڏھن بھ وساري نٿو سگھي: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي ۽ لالچند  امر ڏنو مل جڳتياڻي.

اھي ٽيئي صاحب سنڌي  زبان لاءِ ڄڻ ”ابو امان“  ھئا، جن سنڌيءَ کي پاليو، پختو ڪيو ۽ سينگاريو. ھر ھڪ پنھنجيءَ جاءِ تي بي مثال اديب جي حيثيت رکي ٿو. افسوس جو ھن سياسي جدائيءَ کان  پوءِ اھي صاحب ھندوستان ۾ اسان کان ھميشھ  لاءِ موڪلائي ويا.

لالچند ھڪ جانٺو، قداور، مضبوط، تندرست ۽ توانو مرد ھو. کلمک، خوش ذوق، کاڌي پوش، آزاد خيال ۽ محبتي مڙس ھو. ھو حق گو ھو، ۽ يارويس ماڻھو ھو. ھڪ ماستر ٿي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين، ۽ ھڪ بلند پايھ اديب، ۽ سنڌي فنڪار ۽ مصنف جي حيثيت سان  ھي لوڪ ڇڏيائين. قومي ڪم ڪندي، خلافت جي دور ۾ قطع تعلقات تحريڪ ۾ گھڙي پيو، ۽ آزاديءَ جي جدوجھد ۾ پاڻ موکيائين، ۽ ان جي انعام  ۾ جيل ياترا بھ نصيب ٿيس.

طبيعت صوفيانھ ھئس، تنھن ڪري اسلامي تصوف  مطالع ڪيائين، ويدانت جا ورق  ورايائين ۽ ڀيٽيائين. ڏٺائين تھ ھر ھنڌ حق آھي، ۽ اھو ھڪ آھي، فساد ۽ فتنو تھ اجايو آھي. انھن ڏينھن ۾، ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صوفيانھ ۽ فلسفيانھ  ڪم کان متاثر ٿيو، ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ آيو ۽ اتي بھ پنھنجي ھر دلعزيز  شخصيت کي خوب چمڪايائين.

”پيغمبر اسلام“جي تاريخ نھايت لذيذ ۽ وجداني انداز ۾ لکيائين،  جنھن ڪري کيس ڪي دوست مذاق طور لالچند مان  لعل محمد سڏيندا ھئا. ساري عمر  سنڌي ادب جي خدمت ڪندو آيو. ادب جي سڀني فنن ۾ ڪتاب لکيائين: سنڌي ٻوليءَ، شاھھ صاحب، ڊراما، تصوف، گھرو زندگي، سوشل معاملات، مطلب تھ ھر چيز تي لکيائين. سندس ڪتابن مان سيڻ ڪي ويڻ، نقد ڌرم، چوٿ جو چنڊ، ڪشني جا ڪشٽ، ڏکن ڏڌي زندگي، شاھاڻو شاھھ، سچل  سونھارو، بيرنگي باغ جو گل سنڌي، معياري چيزون آھن.

1914ع ۾، سنڌي ساھت سوسائٽي، مسٽر ڄيٺمل سان گڏجي، برپا ڪيائين. 1923ع ۾، حيدرآباد سنڌ ۾  رابندرناٿ ٽيگور ناٽڪ منڊليءَ جو افتتاح ٿيو: ان منڊليءَ جو برک اڳواڻ بھ مسٽر لالچند ئي ھو. ان سوسائٽيءَ لاءِ ”عمر مارئي“ لکيائين. سندس مضمونن جا مجموعا ”ڦلن مٺ“ ۽ ”سدا گلاب“ فڪر ۽ زبان جي لحاظ سان نھايت عمدا ۽ معياري آھن. سندس رسيلي زبان ۽ حقيقي ۽ فلسفيانھ خيال انھن ٻن ڪتابن ۾ سمايل آھن. سدا گلاب، اگرچ ٽيگور جي گارڊنر ( Gardnar) جي گيتن تان ورتل آھي، پر ترجمو آزاد آھي، ۽ اصليت تي قائم آھي. ائين وسھڻ ۾ ئي نھ ايندو تھ ڪو سدا گلاب ترجمو آھي.

سندس ڪتابن ۾ ”لڳھ ننڍو جيءُ گھڻو“ ھڪ بھترين چيز آھي. سندس بلڪل آخري ڪتاب آھي، شاھھ جي رسالي جو ”سر ڏھر ۽ ان جي تشريح“. پھريون ڪتاب ”ھندواسيءَ“ وارن شايع  ڪيو آھي، ۽ ٻيو ڪتاب ”ھندستان ساھتيھ مالا“ وارن ڇپايو آھي.

مرڻ کان ٿورو اڳ ”سنڌي ساھت جو نچوڙ“ ڪتاب لکي رھيو ھو، جنھن جو مسودو اڃا باقي آھي، پر افسوس اھو آھي جو ھن سنڌي اديب جي ديھانت کان پوءِ سندس مسودا ۽ ڪتاب بروقت چوري ٿي ويا. اھا علمي چوري سندس قضيي جي ڏينھن ڪئي وئي! اھا بھ مزي جھڙي ڳالھھ آھي، جو جنھن ڏينھن P.E.N  بمبئي جي سھاري ھيٺ اديبن جي ڪوٺايل سميلن، مدراس جي ڀرسان ھلي رھي ھئي، جنھن ۾ کيس ”1947ع کان 1953ع تائين سنڌي ادب تي تبصره“ جي عنوان ھيٺ مقالو پڙھڻو ھو، پاڻ ان ڏينھن گذاري ويو، پر اڃا بھ زياده اھا دلچسپ ۽ دکدائڪ خبر آھي، جو جنھن وقت سندس پويون مضمون ان سميلن ۾ پروفيسر منگھارام ملڪاڻي پڙھي رھيو ھو، عين ان وقت مسٽر لالچند بمبئيءَ ۾ پويان پساھھ کڻي رھيو ھو، ۽ سندس ڪتابن ۽ لکيل مضمونن ۽ مسودن کي بيدرد چور ۽ لٽيرا لٽي رھيا ھئا!

سندس زبان مٺي ۽ سليس ھئي، اجايا عربي، فارسي، ھندي ۽ سنسڪرت جا ڳاٽي ٽوڙ لفظ استعمال نھ ڪندو ھو.  ٻولي صاف ۽ مائيدار لکندو ھو ۽ ڪردار جي ھوبھو تصوير چٽڻ ۾ ڪمال حاصل ھوس. خاص ڪري گھرجي ٻڍڙين ماين جي ٻولي اھڙي لکندو ھو، جو سمجھبو تھ ڄڻ ڪنھن گھر ۾ ويٺا ٻڌون.

ھندستان وڃڻ کان پوءِ بھ اتي سنڌيءَ جي خذمت لاءِ تڙپندو رھيو. سندس آخري خواھش ھئي تھ سياسي تفريق کان پوءِ سنڌ ۽ ھند جي سنڌين ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميل جول جيئن جو تيئن رھي تھ بھتر. مرحوم لالچند جا ”مھراڻ“ سان گھرا ناتا ھئا. ھو صاحب ھن رسالي جو شروع کان وٺي آخر تائين مئنيجنگ ايڊيٽر ٿي رھيو. ڪھڙو نھ چڱو ٿئي جو ”ڪليات لالچند“  شايع ٿي سگھي.

 

علي خان ابڙو

سنڌ جو مشھور اديب، اھل قلم ۽ تعليمي ماھر، مسٽر علي خان ابڙو، 16 جولاءِ 1954ع تي وفات ڪري ويو.

مرحوم سنڌ جو ھڪ خاص قسم جو ساده دل، اصلاح پسند، غريبن جو ھڏ ڏوکي، اسلام ۽ دين جو انقلابي مطالع ڪندڙ، ۽ چند اصلاحي ڪتابن جو مصنف ھو. مرحوم، ساري زندگي قوم جي تعليمي خدمت، ۽ قلم سان اصلاح ڪندي گذاري آھي، ۽ سندس سٺا ڪتاب – سنڌ جي مسلمانن جي ترقي 6-5 حصا، اسلام ۽ اليڪشن، حالات نبي، رسومات تباھي، اخلاقي گلدستو- احاديث نبوي، تعليمات اسلام ٻھ حصا شايع ٿيل آھن.

پڇاڙيءَ ۾، مرحوم قرآن جو تفسير لکيو ھو، جنھن جا بعض حصا مون کي بھ ٻڌايا ھئائين. اھو تفسير طلوع اسلام تحريڪ کان متاثر  آھي ۽ مسٽر غلام احمد پرويز جي ”معارف القرآن“ جي طرز تي لکيل آھي.

مرحوم، ميھڙ جي ڀرسان ھڪ ننڍي ڳوٺ ”سانگين“ ۾ ھڪ غريب ھاريءَ جي گھر ۾، 1888ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي تربيت، ۽ مرحوم جي پنھنجي ذاتي صلاحيتن کيس ڪامياب انسان بنايو. مرحوم، 1901ع ۾ سنڌ مدرسة ۾ داخل ٿيو ۽ 1906ع ۾ مئٽرڪ امتحان پاس ڪيائين، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پھريون نمبر کنيائين. 1912ع ۾، سنڌ جو پھريون ايم – اي ٿي نڪتو، ۽ ثابت ڪيائين تھ محنت ۽ استقلال ۽ علمي صلاحيتون ئي انسان کي ڪامياب ڪن ٿيون. ان کانپوءِ مرحوم غريبن جي ٻچن جي تعليمي ۽ اخلاقي خدمت لاءِ تعليم کاتي ۾ گھڙيو، ۽ آخر پرنسپال جي عھدي تان رٽاير ڪيائين.

مرحوم جي ساري تصنيفات، جھالت، بيديني، بداخلاقي، رسم پرستيءَ جي خلاف آھي، ان ڪري مٿس ڪن غلط ماڻھن، وھابي ھجڻ ۽ ڪفر جي فتويٰ بھ ڏني، ۽ کيس ڪافي پريشان ڪيو. مرحوم،خلافت جي دؤر ۾، ھڪ حق پرست جي حيثيت سان ڪافي ڪم ڪيو، ۽ انگريزن جي انتقام جو پڻ شڪار ٿيو.

مرحوم، ساده زندگي بسر ڪندڙ، ٿور ڳالھائو، بردبار، کلمک، سادي طبيعت وارو، سچار، ۽ حق گو ماڻھو ھو.  سندس گفتگو ۾ اثر ھو، ۽ محفل ۾ دلي راحت ھوندي ھئي. مرحوم، پوئين زماني ۾ ھت حيدرآباد ۾ ڪافي وقت رھيو ۽ تمام محبت سان مون ناچيز سان روح رھاڻ ڪندو ھو، ۽ علمي مسئلن تي دل کولي ٻڌندو ھو ۽ ٻڌائيندو ھو.

سچ پچ تھ سنڌ ھڪ بھترين علم دوست کان محروم ٿي آھي. مرحوم جا آخري لفظ ھئا:” مومن جي نشاني اھا آھي تھ ھن دنيا مان مشڪندو وڃي، ۽ ڏسو تھ مان کلي رھيو آھيان، صرف ھڪ ارمان اٿم جو ھڪ مضمون نھ لکرائي سگھيو آھيان.“

مرحوم، وفات کان اڳ پنھنجن عزيزن کي گھرائي عمل، اخلاق، قرب ۽ ڀائپيءَ  سان ھلڻ جي تلقين ڪئي ۽ 16 جولاءِ 1954ع تي شام جو سوا ڇھين بجي وفات ڪئي. اسان جي دعا آھي تھ مرحوم جي پسماندن، مسٽر جمال الدين ابڙي سب جج کپري، مسٽر ڪمال الدين ۽ مسٽر شمس الدين، سندس ٻين پٽن ۽ انھن جي اولاد ۽ سندس رفيق عزيز مولوي عرض محمد صاحب کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ مرحوم کي رب تعاليٰ  مرھي ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

 

شيخ مراد علي ”ڪاظم“

 سنڌ جي معياري ۽ غزل گو شاعر، شيخ مراد علي ” ڪاظم“ آڪٽوبر 1954ع تي وفات  ڪئي. سنڌي شاعريءَ ۽ غزل گوئي ۾ شيخ ڪاظم مرحوم جو مقام صف اول ۾ ھو. شيخ صاحب، روھڙيءَ ۾ 10 مئي 1901ع ۾ ڄائو ۽ ھڪ غريب خاندان مان ترقي ڪري، سنڌي علم و ادب ۾ وڏي مقام تي پھتو. سندس ڪلام نھايت رنگين، پختو ۽ برجستو آھي. سندس تغزل جي فني حيثيت مسلم آھي. مرحوم سنڌيءَ سان گڏ، فارسي ڪلام بھ چيو آھي. سندس فارسي ڪلام جو داد، بلبل ھند سروجني نيڊو جھڙي اديبھ ۽ عالمھ بھ ڏنو ھو، جنھن جي ھدايت ۽ نصيحت تي ئي ھن ڌارين ٻولين ۾ طبع آزمائيءَ کي ڇڏي پنھنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. مرحوم روھڙيءَ ۽ خيرپور ميرس ۾ تعليم ورتي ۽ 1919ع ۾ سنڌ مدرسھ ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. ان عرصي ۾ فارسي ۽ ڪجھھ عربي پڙھيائين، ۽ چڱو استعداد پيدا ڪيائين. ھندستان جو سير بھ ڪيائين، ۽ اردو زبان ۾ خاصي مھارت حاصل ڪيائين.خيرپور جي مفتي سعيد الله وٽ ديوان حافظ فارسي باقاعدي مطالع ڪيائين.  1919ع کان 1923ع تائين، سنڌي شعر چوندو رھيو. 1923ع ۾ ھڪ سنڌي ديوان شايع ڪرڻ لاءِ مرتب ڪيائين، پر افسوس جو اھو گم ٿي ويو. مرحوم پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريو، ۽ اتي ملازمت ڪندو رھيو.

اوائلي دور کان لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ادبي حلقن سان وابستھ رھيو، ۽ پوئين دور ۾ ڪراچيءَ ۾ رھي، ادبي خدمت ڪندو رھيو. سندس ڪلام سنڌ جي سڀني معياري ۽ علمي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رھيو آھي.

افسوس جو سنڌي ادب اھڙي پختھ ۽ فني صلاحيتن واري غزل گو شاعر کان محروم ٿيو آھي.

دعا آھي تھ الله تعاليٰ کيس مرھي ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org