سچل ٻن باھين ۾ ھئي. ڪتو بھ سالن جو پاليل ھو ۽
اھا بخشڻ جي ڏينھن جي نشاني ھيس. ان کي دل تان
سھسائڻ بھ مشڪل پئي لڳس؛ ليڪن ساڳي وقت روزگار جو
سوال بھ سندس لاءِ وڏو ھو. اڪيلي زال ڪٿي وڃي
نوڪري ڳوليندي! ھتي تھ ھري مري ويئي ھئي. نئين ھنڌ
نصيب آزمائڻ ھن کي ڪٺن پئي نظر آيو. آخر گھڻيءَ ڳڻ
ڳوت بعد فيصلو ڪيائين تھ ڪتي کي ھڪالي ڪڍڻ بنا ٻيو
ڪوبھ چارو ڪونھي. سچل ڪتي کي ساڻ ڪري بازار طرف
وڌي. ننڍين ۽ سوڙھين گھٽين مان ڦرندي ڦرندي، ھڪ
چوسول ۾، جتي ٻيا ڪتا بھ ھئا کيس ڇڏي؛ پاڻ لڪي ڇپي
گھر موٽي آئي. سج لٿي جي مھل ھئي. اھا ساري رات
بنا گوڙ جي گذري ۽ زميندار کي پڻ گھربل آرام مليو.
مگر سچل سمورو وقت جاڳندي رھي. پاليل جانور جي
يادگيري ستائڻ لڳس. اڇو صبح ٿيو تھ سچل ڪوٺيءَ کي
تالو لڳائي، پاڻ وڃي ڪم تي چڙھي. ٽن چئن ڪلاڪن بعد
جيئن پنھنجي ڪمري طرف موٽي، تيئن ڏٺائين تھ اھو
ڪتو دروازي تي ليٽيو پيو ھو. سچل کي ڏسي ڪتو اٿي
کڙو ٿيو ۽ پڇ لٽائي کيس چنبڙڻ شروع ڪيائين. سچل بھ
ڪو گھٽ خوش ڪانھ ٿي. جھڙيءَ طرح ڪو مائٽ وڇڙيل
اولاد ڏسي خوشي حاصل ڪري، تھڙيءَ طرح ڪتي کي پسي،
سچل گدگد ٿيڻ لڳي. منجھند ٿي تھ وري اھوئي ڪتن جو
ڪٽڪ اچي مڙيو. سچل کي پاڻ وٽ گھرائي زميندار جي
زال مٿس غصو ڪيو. سچل ٻھ ٽي گھمرا ان نموني ڪتي کي
ڪٿي جو ڪٿي ڇڏي آئي، پر ھو ٿوري وقت بعد وري اچيو
پنھنجي جاءِ ڳولي لھي. ھڪ ڀيري سچل دل کي ڏاڍو ڪري
ڪتي کي ناس ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ھڪ مضبوط نوڙي
ساڻ ڪري، ڪتي کي ڳوٺ کان پري وٺي، درياءَ جي ڪناري
تي آئي. اتي چار وڏا ۽ ڳورا پٿر کڻي، ان نوڙيءَ
سان ڪتي جي چئن ئي پيرن م ٻڌي ڪتي کي وڍي پاڻيءَ ۾
ڦٽو ڪيائين. پاڻيءَ ۾ پوڻ سان ڪتو ٻڏي ويو. ڪتي کي
پاڻيءَ اندر ويندو ڏسي، سچل جي اکين جو ھارڻ شروع
ڪيو. آلين اکين سان ھوءَ پنھنجي مڪان طرف موٽي،
اھو مڪان اڄ کيس ويران ڀاسڻ لڳو؛ اندر ويھي نھ
پيئي سگھي. رات جو ڪوٺيءَ جي ٻاھران کٽ وجھي ان تي
سمھي، پر آرام ڪٿي اچيس اکيون ٻوٽجنس ئي نھ پيون؛
اکيون روئي بس ڪن تھ ننڊ بھ اچين! سچل جي حالت مان
ظاھر ھو تھ پياري جانور جي جدائي بھ انسان کي
ايترو بيقرار ڪري ٿي، جيترو ڪنھن عزيز جو وڇوڙو.
ماڻھو جانور کي بھ انسان جيترو پيار ڪري سگھي ٿو.
سچل سموري رات ڇرڪن ڀريندي گذاري. بيوس جانور جي
شڪل اکين آڏو پئي ڦريس. من جو مونجھارو تن جي
ناتوانيءَ کان وڌيڪ بي آراميءَ ۽ بيزاري پيدا ڪري
ٿو. ھوءَ پنھنجي ھيبتناڪ ڪارنامي کي ياد ڪري ڪنبڻ
لڳي. عورت، اڪثر دل جي نرم، تنھن ڪيئن ھھڙو راڪسي
ڪم ڪيو، جو ھڪ جانور کي بي درد نموني ۾ کڻي درياءَ
۾ ٻوڙيائين. غريبي ماڻھوءَ مان نرمائي ڪڍي، کيس
ڪٺور دل بڻائي ٿي. ماني ماڻھوءَ کي ھھڙن ڀيانڪ
ڪرتوتن ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. بک، ڪجھھ وقت لاءِ
سچل جي جانور لاءِ پيار تي قبضو ڪري، کيس بي رحم
بڻايو؛ پر سچل نيٺ پنھنجي غلطي محسوس ڪئي. ھينئر
زميندار جي گھر ۾ نوڪري ڪرڻ ھن لاءِ ناممڪن ٿي
پيئي. بنا اطلاع ڏيڻ جي ھوءَ مڪان ڇڏي ھلي ويئي.
سچل ان ئي درياءَ جو ڪپ وٺندي پئي وئي، جنھن ۾ ڪتي
کي ڦٽو ڪيو ھئائين ڪجھھ پنڌ بعد کيس پياس ستايو ۽
نئڙي درياءَ مان پاڻي پيئڻ لڳي. پاڻي پي بس
ڪيائين، تھ ڏسي تھ درياءَ ۾ سامھون ڪا چيز ترندي،
سندس طرف پئي اچي. سچل ڪپ تي ويٺي رھي، جيسين اھا
شيءِ سندس آڏو آئي، اھا چيز جنھن کي ڏسڻ سان ئي
سچل جون اکيون ڦاٽي ويون، سا ھئي ان ڪتي جو بيجان
جسم. جيئن چور چوريءَ ڪرڻ بعد آسپاس نھاريندو آھي،
تھ ڪو ڏسيم تھ ڪونھ ٿو، تيئن سچل پنھنجي چوڌاري
ڏسڻ لڳي. ھن جي مغز جا پردا خشڪ ٿيڻ لڳا؛ سچل کي
اکين اڳيان انڌوڪار پئي نظر آيو. سچل جي شڪل مان
ائين پئي ظاھر ٿيو تھ مئل ڪتو ڄڻ تھ ماٺ ۾ کيس
ٻڌائي رھيو ھو تھ ”انسان ڪھڙو نھ بيوفا ۽ بي درد
ٿئي ٿو! جانور ۾ انسان کان وڌيڪ سچائي ٿي لڀي. تو
بي قياس ٿي مون کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو، ليڪن مان جيئري
تھ ٺھيو، مگر مئي کان پوءِ بھ تنھنجي پٺ نھ ٿو
ڇڏيان. جانور، جن کي انسان جيترو عقلمند نٿو ليکيو
وڃي ۽ جن ۾ احساس جو انگ گھٽ ٿو سمجھي، سي انسان
جيان احسان فراموش نھ ٿا ٿين. انسان خود مطلبي ٿئي
ٿو؛ ھو پنھنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ جيڪي کيس ڀائين
ٿا تن سان دغا ڪرڻ کان بھ نٿو گسي. اھو انسان جي
شان وٽان نھ آھي!“
سچل پنھنجي ڪئي تھ حد پشيمان ٿي رھي ھئي. ان کان
وڌيڪ ٻيو ھوءَ ڪري بھ ڇا ٿي سگھي؟ ھن جي دل کي
ڀاري چوٽ رسي. ھن ڪتي کي پاڻيءَ مان ڪڍي زمين تي
رکيو، پوءِ پنھنجي پوتيءَ مان اڌ ڦاڙي، ان ۾ کيس
ويڙھي، ٻانھن ۾ کڻي ھلڻ لڳي. رستي ۾ ھڪ کڏ ڏٺائين،
جنھن ۾ ڪتي کي پورڻ جو خيال ڪري، جانور کي ٻانھن
تان ھيٺ لاٿائين. بيجان جانور جي منھن تان ڪپڙو
پري ڪري، سچل آخري دفعو سندس شڪل ڏٺي ۽ ڪيل پاپ جو
پڇتاءُ ڪيو. سچل جي نيڻن مان ڪرندڙ گرم ڳوڙھن ھن
جانور جي منھن کي پسائي ڇڏيو. ڪتي کي کڏ ۾ رکي ۽
سندس مٿان مٽي وجھي، سچل ھڪ دڙو ٺاھيو، پوءِ ان تي
پاڻي ڇٽڪاري، مٽيءَ کي ڄمائي ڇڏيائين، جيئن قبر
ڏسڻ ۾ اچي.
ڀريل دل سان سچل قبر کي الوداع ڪري واپس وري ٿورا
قدم کڻي، ھڪ وڻ جي ڇانو ھيٺ ٿي ويٺي. ھوءَ خيال
ڪرڻ لڳي تھ ڪيڏانھن وڃان. وري ڪنڊياري وڃڻ کيس ٺيڪ
نھ ٿي لڳو. پير مھدي شاھھ موٽڻ جو ارادو ڪري
اوڏانھن رواني ٿي- جانور جي موت جو سندس دل تي
ايترو تھ اونھو اثر ٿيو، جو ڪيترن ڏينھن تائين،
گھٽين ۽ رستن تان لنگھندي، ساڄو ھٿ پنھنجي گوڏي تي
ھڻي، ٻانھن اڳيان ڊگھيڙي، ٻچڪار ڏيئي، سچل ھٿ ائين
ڪندي ھئي، ڄڻ تھ ڪتي کي مانيءَ ٽڪر ٿي آڇيائين.
سچل جي خيال ۾ ڪتو گھر ڪري ويو. ھوءَ متوالن جيان
پيئي رلندي پنندي ھئي. سندس بدن پراڻن ۽ ميرن ڪپڙن
۾ ڍڪيل رھندو ھو. ھن لاءِ دنيا ۾ ھينئر ڪوبھ وسيلو
نھ ھو. ھن کي کاڌي پيتي جي ڪابھ پرواھھ نھ رھندي
ھئي. جنھن بک کانئس ھڪ بيگناھھ ۽ پياري جانور جو
خون ڪرايو، ان بک ھينئر کيس ستائڻ بس ڪيو. انساني
زندگيءَ جي اھائي تھ ارمان جوڳي حقيقت آھي، تھ
جنھن چيز خاطر ماڻھو پاپ ڪري ٿو، ان چيز جي تمنا،
پاپ جي ڪم ٿيڻ بعد، کيس بلڪل نھ ٿي ستائي. ڪيل پاپ
جي يادگيري ۽ خوف ھن جي اھا خواھش ناس ڪريو ڇڏين.
(19)
”جنت!“ قادر بخش وڏي آواز سان سڏيو.
”جنت اڃا ٻنيءَ تان ڪانھ موٽي آھي.“ جنت جي ماءُ،
اندر ڪمري ۾ گھڙندي، وراڻيو. ھن ٻاھر اس ۾ ڪپڙا
پئي سڪڻ وڌا. ھوءَ ڀتار جي ڀرسان ساڳي کٽ تي اچي
ويٺي ۽ پڇيائينس، ”ڇا گھرجيو؟“
”گھرجيم تھ ڪجھھ ڪونھ خيال آيو اٿم تھ جنت جي نڪاح
جو جلدي بندوبست ٿيڻ کپي. جنت اسان جي اکين جو نور
آھي. پنھنجي جيئري ئي ٻڌڻ چاھيان ٿو تھ، جنت جو
نڪاح ٿيو. منھنجي صحت بھ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ خراب
ٿيندي ٿي وڃي. ھھڙن ڪمن ۾ دير اصل نھ پوڻ گھرجي.
ڪالھھ حميد وٽان جيڪو وڳو جنت کي سوکڙيءَ طور آيو
آھي، تنھن بھ مون کي سجاڳ ڪيو. حميد اھو اسان کي
يادگيري ڏيارڻ جو نمونو اختيار ڪيو ٿو ڏسجي. جنت
سان محبت تھ اڳيئي اٿس. مرضي اٿم تھ ھتي اچڻ لاءِ
کيس اڄ لکي موڪليان.“
قادر بخش ۽ سندس گھر واريءَ ڳالھايو پئي تھ جنت بھ
اچي پھتي- ”جنت!“ پڻس چيو، ”زميندار صاحب جو منشي
ڪالھھ کان وٺي ٻنيءَ تي آھي نھ؟“
”منجھس ڪم اٿو ڇا؟“
”ھا. حميد ڏانھن خط لکائڻو اٿم.“ ۽ درديلي نوع ۾
ظاھر ڪيائين، ”منھنجي حياتيءَ تي ڪھڙو اعتبار!“
تون ور واري ٿين، تھ منھنجي دل تان وڏو بار لھي
پوي.“ جنت جو ڪنڌ ھيٺ ھو. قادر بخش سلسلو جاري
رکندي چيو، ”جنت، اسان جي غريب ۽ ڏکن ڏڌل حياتيءَ
۾ تون ئي آھين، جنھن کي ڏسي مان ۽ ماڻھين جيئون
ٿا. تون اسان جي پورھئي جو بوجو ھلڪو ٿي ڪرين ۽
تنھنجي ڪري اسين دنيا جون تڪليفون بھ محسوس نھ ٿا
ڪريون. ھن پراڻي مسڪين مڪان ۾ تون ئي اسان ٻنھي جي
خوشي آھين. خدا تعاليٰ مھربان آھي. مان تھ کانئس
ھر وقت اھائي دعا پنندو آھيان، تھ جنت کي لائق ور
ڏيارج.“
جنت ماٺ ۾ بيٺي رھي. پڻس چيس، ”جنت، جلدي وڃي منشي
صاحب کي منٿ ڪري وٺي اچ. چئجانئس تھ ابو بيمار پيو
آھي، نھ تھ توھان کي ھلاک نھ ڪري ھا. مس قلم ۽
ڪاغذ آڻڻ لاءِ عرض ڪجانس.“
جنت جي ماءُ ڀتار کي چيو، ”جنت ھينئر اڃا ڪم تان
موٽي آھي. نيرن ڪري پوءِ ٿي وڃي ڪوٺي اچيس.“
جيسين قادر بخش ڪجھھ چوي، تيسين جنت وراڻي ڏني،
”نيرن پوءِ ٿي اچي ڪريان. اڃا اھڙي بک ڪانھ لڳي
اٿم.“ ائين چئي، جنت ٻنيءَ جي طرف رخ رکيو- سندس
وڃڻ بعد، قادر بخش مشڪي زال کي چيو، ”ڏٺئي، نڪاح
جو ٻڌي بک ئي مري ويس-“
”جنت ھاڻي وھيءَ ۾ آھي- اسان جون ڇوڪريون جن جي
چپن تي خاموشيءَ جي مھر لڳل ٿئي ٿي، تن جي اڪلاءَ
جو اونو تھ اسان کي ئي رکڻو ٿو پوي- ھو وات مان
ڪڇن ڪونھ ٿيو، پر سندن دل جو راز ھنن جي ھلت مان
ظاھر ٿيو پوي- جنت خوش ڇو نھ ٿيندي؟“
”سندس خوشي اسان جي آھي.“ قادر بخش جواب ڏنو ۽
چيائين، ”کانئس وڌيڪ پياري چيز اسان لاءِ ٻي ڪھڙي
آھي؟ جنت ئي تھ اسان جي زندگيءَ جي روشني آھي!“
گھڙي کن لاءِ تھ ٻيئي ڄڻا چپ ۾ ھئا، پوءِ قادر بخش
زال کي چيو، ”اڃ لڳي اٿم.“ جنت جي ماءُ جيئن
پاڻيءَ جو وٽو اچي مڙس کي ھٿ ۾ ڏنو، تيئن جنت
منشيءَ کي ساڻ وٺي اندر آئي- منجيءَ تي پيل ڪپڙا
کڻي، جنت منشيءَ کي اتي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيو.
”منشي صاحب معاف ڪجو.“ قادر بخش چيو. ”مان توھان
جو غلام آھيان؛ پر ناتوائيءَ سبب تڪليف ڏني ٿي
مانو.“ ۽ زال ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”منشي صاحب
کي رڌل آڀون تھ کاراءِ.“
”ھينئر ضرورت ڪانھي.“ منشيءَ وراڻيو.
”چڱو ڀلا ڇا لکائڻو اٿيئي؟“
”چٺيءَ لکائڻ جو خيال اٿم. چوان؟“
”چئھ.“
”عزيز حميد، شال سدا سلامت ۽ خوش ھجو.
”السلام عليڪم بعد عرض تھ، توھان جو جنت لاءِ
موڪليل وڳو برابر پھتل آھي. مھرباني. جيئن ھتان
عيد پوري ڪري ويا آھيو، تيئن ڪوبھ خط ڪونھ موڪليو
اٿو. مان جڏھن ٻين جي محتاجي ڪڍان، تڏھن ٻھ اکر
لکائي موڪليان. پنھنجي خير و عافيت جو احوال لکندا
تھ دلجاءِ ٿئي.
”اسان جي مرضي آھي تھ، ٻن يا ٽن ڏينھن جي موڪل وٺي
ھتي اچو، تھ نڪاح جو ڪم لاھي ڇڏجي. منھنجي حالت تھ
بلڪل ڪانھ سڌري آھي. ھن وقت تھ تندرستي اڳي کان بھ
زياده بگڙيل آھي.
”زياده خير“
”اوھان جو نياز مند“
”قادر بخش“
پورن ٽن ڏينھن پڄاڻا، قادر بخش کي حميد وٽان جواب
۾ خط آيو. ھن آرتوار ڏينھن صبح جو اچڻ لاءِ لکيو
ھو. اڄ ٻڌو ھو؛ باقي ٽي ڏينھن؛ پوءِ حميد ايندو ۽
جنت جو ساڻس نڪاح ٿيندو. اھو خيال ڪري قادر بخش ۽
سندس زال ڏاڍا گد گد ٿيڻ لڳا. خط جي احوال کان
واقف ٿي، جنت بھ گھٽ خوش ڪانھ ٿي، ھن جون اکيون
آچر ۾ ھيون.
جمعي جي رات ھئي. جنت توڙي ماڻس پڪيءَ ننڊ ۾ ھيون.
غريب ڏينھن جو پورھيو ڪن، تھ رات جو ننڊ بھ گھري
اچين، ليڪن قادر بخش کي آرام ڪونھ ھو. ھن کي
ڇاتيءَ ۾ سور ھو، جو وڌندو پئي ويو. آخر جڏھن
ڏٺائين تھ سور سھڻ کان ٻاھر آھي، تڏھن رڙ ڪري زال
کي سڏيائين. ننڊ ۾ اوچتي آواز ٻڌڻ سان جنت ۽ ماڻس
ڇرڪ ڀري اٿيون. جنت جي ماءُ اکيون مھٽيندي مڙس جي
کٽ اڳيان وڃي بيٺي.
”ڏاڍو سور اٿم.“ قادر بخش چيو.
”ڇاتيءَ ۾؟“
”ھا؛ ھينئر تھ گھڻو وڌي ويو آھي. ڇاڻيءَ ۾ چڀ چڀ
ٿي ٿئي.“
”مالش ڪريانو.“
”جيئن وڻيئي تيئن سور کان ڇوٽڪارو ڏينم.“
جنت ڊوڙندي وڃي مالش جو تيل کڻي آئي، جو حڪيم ڪجھھ
ڏينھن اڳ ڏنو ھون- جڏھن کان وٺي قادر بخش بيمار
پيو ھو، تڏھن کان وٺي، ٽي چار دفعا ان نموني جو
درد پيو ھوس، پر ھھڙو سخت سور اڳ ۾ ڪڏھن بھ محسوس
نھ ڪيو ھئائين. رات جو دک ھونئن تھ وڌيڪ ليکائيندو
آھي. ماءُ ۽ ڌيءُ رات جو باقي حصو ويٺي گذاريو.
صبح ٿيو، تھ حڪيم کي گھرايو ويو. ٻھراڙيءَ جا
حڪيم، جي نبض پوري مس ڏسي ڄاڻن، سي ھھڙين منجھيلن
بيمارين کي ڇا سمجھندا. حڪيم ڪھڙو بھ گھٽ ھجي، تھ
بھ پنھنجيءَ قابليت ۾ کيس ذرو بھ شڪ نھ ھوندو آھي.
حڪيم دوا ڦيرائي ڏني، مگر ان مريض جي حالت ۾ ڪو
سڌارو نھ آندو. قادر بخش جي حالت انتظار پيدا ڪندڙ
ھئي. جنت ۽ ماڻس کي منھن تي ملولائي ڇانئجي ويئي.
گھر ۾ ٻيو ڪوبھ مرد ماڻھو ڪونھ ھو. پاسي ۾ رھندڙ
ڪڙمين ھر طرح جي مدد پئي ڏنن. جنت اندر ۾ ائين پئي
چيو تھ آچر اچي تھ من حميد بھ اچي سھڙي.
ڇنڇر جي رات جو قادر بخش جي گھران اوڇنگارن جا دل
ڏاريندڙ آواز پئي آيا. موت انسان تي فتح پاتي ھئي.
جنت ۽ ماڻس بي جان جسم جي ٻنھي پاسن کان ويھي اکين
مان نيسارن جيان پاڻي پئي وھايو؛ ۽ سندن روئڻ ۾
انسان جي بي ڪسيءَ جو نھايت دکدائڪ نقش چٽجي رھيو
ھو. ھھڙن وقتن تي غريب خواھھ شاھوڪار ويچارو آھي.
قادر بخش جي آخري مراد، تھ جنت جو نڪاح اکين سان
ڏسان، پوري ڪانھ ٿي. انسان جي حياتي اڻ پورين
اميدن جي ھڪ ڪھاڻي آھي. دنيا ۾ انسان آس کان وڌيڪ
نراسائي پسي ٿو.
سج ڪني مس ڪڍي، تھ حميد بھ خانواھڻ مان اچي پھتو.
ساري واٽ جنت ۽ پنھنجي آئيندي جا خيال پچائيندو
آيو ھو. جيتري ئي خوشيءَ جي اميد رکي آيو ھو، تيرو
ئي غم پسڻو پيس. جنت جي جڳھھ ٻاھران ڪڙمين جو
انبوھھ پٽ تي ويٺل ڏٺائين ۽ اندران روئڻ جو آواز
ٻڌي، سمجھي ويو تھ قادر بخش جو قضيو ٿيو آھي؛
ماڻھن جي ڳالھائڻ مان پڻ ائين معلوم ٿيس. ھو سڌو
اندر لنگھي ويو. حميد کي ڏسي، جنت ۽ ماڻس ۾ ڄڻ تھ
ساھھ پيو. جھڙيءَ طرح ڪنھن ماڻھوءَ کي ڌارئي ملڪ ۾
پنھنجو عزيز يا سڃاڻپ وارو ماڻھو گڏجي وڃي ۽ ان کي
ڏسي ھو خوش ٿئي، تھڙيءَ طرح حميد کي ڏسي، جنت ۽
سندس ماءُ محسوس ڪرڻ لڳيون. ڪڇيو ڪنھن بھ ڪونھ.
ھنن خاموش نگاھن سان حميد جي مرحبا ڪئي، حميد وري
موٽي اچي ٻاھر بيٺو.
رات جو وقت ھو، جنت، ماڻس ۽ حميد ٽيئي ڄڻا زمين تي
پيل پراڻي گلم تي ويٺا ھئا. مڙس جي کٽ خالي ڏسي،
جنت جي ماءُ جو ھنياءُ کاڄندو پئي ويو. گذريل وقت
جون يادگيريون دل تي تري ٿي آيس. حميد کيس دلداري
ڏيڻ ۾ ڪين گھٽايو. ماءُ کان اشاري ملڻ تي جنت اٿي
باھھ ٻاري ۽ حميد لاءِ ماني تيار ڪئي؛ پر ماءُ ۽
ڌيءُ کي دک ۾ ڏسي، حميد کان ھڪ گرھھ بھ نھ ڳسيو،
سڄو ديڳڙو بچو ئي پيو ھو. ٽنھي ڄڻن رات جو لنگھڻ
ڪڍيو.
حميد، جنت ۽ سندس ماءُ سان انھيءَ رات ڪنھن بھ
نموني جو ذڪر چورڻ مناسب نھ سمجھيو. ھنن جيان پاڻ
بھ وڃي آرامي ٿيو ۽ جيستائين ننڊ آيس. تيستائين
جنت جا ئي خيال پئي ڪيائين. ويچارڻ لڳو تھ ھينئر
نڪاح ڪيئن ٿي سگھندو ۽ قدرت شايد اسان جي ميلاپ جي
خلاف ٿي ڏسجي. ھينئر تھ نڪاح ضرور مھمل ٿيندو.
انھيءَ ارمان ۾ ھو تھ اک لڳي ويس.
ٻئي ڏينھن جنت، حميد کان پڇيو، ”گھڻن ڏينھن جي
موڪل اٿيئي؟“
”باقي ٻھ ڏينھن.“ حميد وراڻيو.
”جيئن آئين، تيئن ئي ويندين!“
”نھ؛ کڻي آيس اميد ۽ کڻي ويندس ارمان.“
”پر اڪيلو آيو آھين ۽ اڪيلو ئي ويندين نھ؟“
”ھونئن وري تون مون سان ھلڻي ھئين ڇا؟ سمجھيم ٿي
تھ ھيءُ آخري دفعو ٿيندو، جو مان اڪيلو موٽندس؛
مگر ھينئر تھ ڪجھھ بھ چئي نٿو سگھجي.“
”جيڪي ٿيو آھي، تنھن ۾ ڪنھن جو ڏوھھ آھي ڇا! نڪاح
ٿئي يا نھ، ھينئر ٿئي يا پوءِ، مگر مان تھ پنھنجي
دل توکي ڏيئي ويٺي آھيان. شاديءَ ۾ وري وڌيڪ ڇا ٿو
ٿئي؟ اسان جي دلين جو تھ نڪاح ٿي ويو آھي. سچي
محبت ظاھري نڪاح جي پابنديءَ لاءِ نھ ٿي ترسي. جا
محبت نڪاح کان پوءِ پيدا ٿئي ٿي، سا دنيا جو خيال
رکي ٿي؛ مگر جنھن محبت نڪاح کان اڳ ئي دلين کي ھڪ
ٻئي جو ڪري ڇڏيو آھي، سا دنيا ڏانھن بي پرواھيءَ
جي نظر سان نھاري ٿي.
”جنت، وڌيڪ بھ چئھ، اڄ مان توکي ٻڌڻ ٿو چاھيان.
تون منھنجيءَ دل وٽان ٿي ڳالھائين.“
”تون گھٻرائجي ويو ھئين؛ توکي رستو ڏسڻ ۾ نھ ٿي
آيو.“
”جنت، تو واٽ ڏيکاريم. عورت ھميشه مرد جو سونھون
ٿي ٿئي ۽ ھن جي اونداھيءَ واٽ ۾ روشڻي آڻي ٿي؛
ھوءَ مرد کي ڪرڻ کان روڪي ٿي کيس بلنديءَ تي ٿي
رسائي.“
ان وقت جنت جي ماءُ سندن ڀرسان اچي لنگھي، سو
پڇيائين، ڇا جي ويٺا ڳالھھ ڪريو؟“
حميد ھڪدم جنت ڏي نھاريو، جنھن جون اکيون زمين ۾
کتل ھيون ۽ جواب ڏنائين، ”سمجھي وڃو.“
”ھا، مون سمجھيو،“ جنت جي ماءُ ورندي ڏني.
”توھان کي سمجھڻ جھڙي دل آھي.“ حميد چيو.
جنت کي ماڻس چيو، ”ھينئر پاڙي واريون زالون اچڻيون
آھن.“ پاڻ ائين چئي ھلڻ لڳي.
”امان، مان اچان ٿي.“ جنت وراڻيو ۽ ھن ماءُ جي پٺ
ورتي. حميد ڪجھھ وقت لاءِ گھانگھرن جي ڳوٺ جو چڪر
لڳائڻ لاءِ روانو ٿيو.
رات جو جنت ۽ حميد پاڻ ۾ اڪيلا گڏيا. جنت چيو،
”اسان کي ھينئر فيصلو ڪرڻو آھي.“
”يعني؟“
”ھينئر امان، ۽ منھنجو ھتي ٻنيءَ تي اڪيلو گذارڻ
ٺيڪ نٿو لڳي.“
”انھيءَ ۾ سوچڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ مان جو ويٺو
آھيان.“
”منھنجي جاءِ تھ آخر تو وٽ ئي آھي.“ ائين چئي جنت
مشڪندي، حميد ڏانھن اکيون کنيون. حميد پنھنجي ساڄي
ٻانھن سندس گلي ۾ وجھي چيو، ”جنت، باقي بچي تنھنجي
ماءُ. تنھنجي ماءُ منھنجي ماءُ آھي. ٽيئي گڏ
گذارينداسين. دل ۾ ڌاريائي ڪانھي، تھ سڀ پنھنجا
آھن.“
”تنھنجو چوڻ ٺيڪ آھي.“
”تھ باقي ڪھڙي اٽڪ آھي؟“
”جماعت جي اٽڪ.“
”ڪنھن لاءِ؟“
”مون لاءِ، نھ پر امان لاءِ؛ ھينئر تھ مان کيس
اڪيلو بھ نٿي ڇڏي سگھان.“
”مان ساڻس ڳالھھ چوريان؟ کيس شايد حجاب ٿو ٿئي.“
”پر اسان کي ڪجھھ ڏينھن ضرور ھت گذارڻا پوندا.“
”جڏھن چئو، تڏھن مان وٺڻ اچانو.“
”امان پاڻ مرادو توسان ذڪر ڪڍندي. منھنجو يا
تنھنجو کيس ان باري ۾ چوڻ ھن وقت تمام خراب ٿو
لڳي. مان کيس ٻڌايان ٿي تھ تون سڀاڻي وڃڻو آھين.“
اڱاري جو ڏينھن ھو، جنت ماءُ سان حميد جي اسھڻ جي
ڳالھھ ڪري ڇڏي ھئي. منجھند جو جڏھن گھر ۾ ڪي بھ
ملاقاتي ڪونھ ھئا، تڏھن جنت جي ماءُ حميد کي چيو،
”حميد، تون اڄ اسھڻ وارو آھين. ڌڻي نگھبان ٿيندءِ.
پر جنھن مراد سان توکي ھتي گھرايوسين، اھا تھ پوري
ڪانھ ٿي سگھي. بندو تھ خدا جي حڪم جو تابعدار
آھي.“ پوءِ جنت جا ڀرسان ويٺي ھيس. تنھنجي پٺيءَ
تي ھٿ رکي چيائين، ”جنت تنھنجي آھي. مون وٽ فقط
امانت طور اٿيئي جلدي اچي وٺي وڃجانس.“ ايتري چوڻ
کان پوءِ سندس دل ڀرجي آئي. شايد کيس پنھنجي
اڪيلائيءَ جي يادگيري ٿي پيئي، جا جنت جي شاديءَ
بعد ڏسڻي ھيس، ليڪن پنھنجن جذبن کي قبضي ھيٺ رکي،
ھن ظاھر ڪيو، ”حميد، جنت جو خيال رکج. وري بھ ٿي
يادگيري ڏياريانءِ، تھ ھوءَ تنھنجي آھي، وڌيڪ توکي
مان ڇا چوان؟“
جنت جي ماءُ کي معلوم ھو تھ مرد ڪيترو بھ کڻي محبت
جي وس ٿي عورت جو محتاج بنجي، تھ بھ آخر ۾ مرد بنا
عورت ويچاري آھي. جا محبت شاديءَ کان اڳ جي آھي،
سا عاشق معشوق واري محبت آھي؛ مگر جو پيار شاديءَ
بعد ٿو پيدا ٿئي، اھو زال مڙس وارو پيار آھي. جڏھن
پھرينءَ محبت جي اثر ھيٺ آيل انسان ٻيءَ محبت جا
آزمودا پسڻ شروع ڪن ٿا، جا پھرينءَ کان گھٽ خيالي
۽ زياده عملي آھي، تڏھن ھنن کي نااميدي ڏسڻي پوي
ٿي پھرين محبت انسان کي عرش جا سير ٿي ڪرائي، تھ
پوئين زمين تي ٿي پنڌ ڪرائيس. جنت ۽ حميد جي وچ ۾
طالب ۽ مطلوب واري محبت ڏسي، ھوءَ خوش برابر پئي
ٿي، پر دل بار کان آجي ڪانھ ھيس. جيسين ٻنھي کي
شاديءَ بعد پڻ ساڳئي نموني ۾ پيار ونڊيندو نھ ڏٺو
ھئائين، تيسين کيس آرام ڪٿي ٿو اچي! |