ڇوڪري جا حميد سان ڳالھائي رھي ھئي، ان جو نالو
جنت ھو، ھوءَ گھانگھرن ۾ پنھنجن مائٽن سان ٻنيءَ
تي ڪم ڪندي ھئي. سندس ڳئون ڪنھن پاسي واريءَ ٻنيءَ
۾ وڃي فصل کي نقصان رسايو ھو، جنھنڪري ٻنيءَ جا
مالڪ ڳئون کي ڍڪ ۾ ڏيئي ويا ھئا. حميد کي نوڪريءَ
۾ اٽڪل ڏيڍ مھينو ٿيو ھو، مگر اِن ٿوري عرصي ۾
ھيءُ پنجون دفعو ھو، جو جنت ڳئون ڇڏائڻ لاءِ وٽس
آئي ھئي. پھريون دفعو جڏھن ھوءَ آئي، تنھن کي
مھينو کن ٿيو، پر پوين ٻن ھفتن ۾ چار دفعا آئي.
”مون کي سمجھھ ۾ ئي نٿو اچي، تھ توھين پنھنجن
جانورن جي برابر سنڀال ڇو نھ ٿا ڪريو. روز روز
ڳئون ڍڪ ۾. تو جھڙيون اٺ ڏھھ ڄڻيون ٻيون نھ پيدا
ٿيون تھ منھنجو مٿو ئي چٽ. توھان زالن کي ڇا چئجي؟
ھجي ڪو مرد تھ ان کي سمجھائجي.“
ڇوڪري، تون ڳئون ڇڏائڻ آئي آھين يا لڙڻ؟“
جيڪڏھن ڪو صرف ڍڪ منشيءَ جي اکرن کي ڏسي تھ
سمجھندو تھ منشي ڪاوڙيل ھو؛ پر ڳالھائڻ جو نمونو
تمام ٿڌو ھوس ۽ رکي رکي جنت ڏي نھاري پئي
مشڪيائين. حميد جو مشڪڻ ۽ ڇوڪريءَ جي منھن ۾ شوخي
آڻڻ.
جنت ڍڪ منشيءَ جي ڳالھائڻ مان ايترو سھي ڪيو تھ ھو
ان ڏينھن اھڙو خفي نھ ٿيو ھو، جھڙو اڳ ۾ ھڪ ٻھ
ڀيرو کيس ڏٺو ھئائين. ھوءَ پاڻ کان ان جو سبب پڇڻ
لڳي.
جنت جي ڳئون حميد وٽ ڍڪ ۾ ھئي، تھ حميد ويچاري جي
دل وري جنت وٽ ڍڪ ۾ ھئي. ھڪڙي غريبي، ٻيو عشق! جنت
تھ ڏنڊ ڏيئي ڍڳي ڇڏائي سگھي ٿي، پر جنھن ڍڪ ۾ حميد
جي دل ھئي، اتان تھ اھا نڪرڻ جي نھ ھئي. حميد جيئن
جنت کي ڏٺو، تيئن ھن لاءِ اندر ۾ محبت پيدا ٿيس.
حميد جي دل کي ڍڪ ۾ پئي بھ اڄ چوڏھن ڏينھن ٿيا
ھئا، پر ڪڇي ڪونھ پيو. ھو سڀاءُ جو لڄارو ھو. عشق
سان وري ڪا لڄ ٺھي؟ جي ٺھي تھ عاشق ويچارو پيو
اندر ۾ سور سھي، جيسين اھا لڄ لھي. حميد اڪيلو
گذاري ويڳاڻو ٿي پيو ھو ساٿي ڪنھن کي نھ ٿو گھرجي؟
سو جڏھن ھيءَ حسين نينگري ڏٺائين ۽ ھن سان
ڳالھايائين، تڏھن دل ڏيئي بيوس ٿي پيو. جنت جي
چلولي سڀاءُ ۽ مٺي زبان، خوبصورت مھانڊي ۽ نيھي
نگاھن تي ھيءُ غريب ڍڪ منشي مفتون ٿي پيو. بيقراري
اڳ بھ ڏٺي ھئائين، مگر ھيءَ بيقراري ٻئي نموني جي
ھئي. غم دنيا ۾ ٻيا بھ گھڻا پر عشق جو غم ٻيءَ
طرح... جنت سڀڪجھھ سمجھي ويئي ھئي. عشق جي پرک ۾
عورت مرد کان وڌيڪ قابل آھي.
ھوڏانھن وري حميد پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳو تھ اھو
اتفاق ڪيئن ٿو ٿئي، جو ٻئي ٽئي ڏينھن ھن ڇوڪريءَ
جي ڳئون اچيو ٿي ڍڪ ۾ پوي ۽ وري ھوڏ ٻڌي ٿي بيھي
تھ بنا ڏنڊ جي ڳئون ڏي! خيال ڪرڻ لڳو تھ ھوءَ شايد
ڄاڻي ٻجھي پنھنجي ڳئون ڪنھن ٻني ۾ ٿي ڇڏي تھ جيئن
اھا ڍڪ اچي پوي ۽ پوءِ پاڻ ان جي بھاني ھتي اچي؛
’شايد مون سان گڏجڻ ۾ کيس مزو ٿو اچي! ائين آھي ڇا
تھ ھوءَ مون سان محبت ڪري ٿي!‘ ان نموني جا انيڪ
خيال حميد جي اندر ۾ اڀرڻ لڳا. ليڪن جا پروڙ جنت
کي حميد جي باري ۾ پئجي چڪي ھئي، سا ڄاڻ حميد کي
اڃا نھ پيئي ھئي. عورت جي نگاھھ مرد جي نگاھھ کان
زيادھ ذڪي آھي.
حميد کي جنت سان گفتگو ڪرڻ ۾ لطف پئي آيو، سو ڪجھھ
مدت ڍڪ وٽ ترسايائين، آخر بنا پيسن وٺڻ جي ڳئون
ڏنائينس. جنت ڳئون وٺي ھلڻ لڳي؛ ۽ ويندي آھستي
چوندي ويئي، ”تو بھ گھڻن جا جانور ڍڪ ۾ رکيا آھن،
پر ھينئر تون مون وٽ قابو آھين. ڏنڊ سان بھ نھ
ڇڏيانءِ. تون پنھنجي دل اچي منھنجي ڍڪ مان ڪڍائج
تھ پتو پوندءِ.“
حميد اھي اکر ڪين ٻڌا.
(9)
”ھي ھي! وھي ھاءِ، من ۾ محبوبن جي.“ جنھن کي اندر
۾ عشوق جي تار لڳي پيئي ھوندي، سو ڪيئن سک سمھندو!
حميد لاءِ تھ ڏينھن رات ھڪ ھو. جنت جي يادگيري
لھيس ئي نھ. حياتيءَ ۾ پھريون ئي دفعو ڄاڻ پيس تھ
محبت ڇا آھي ۽ ڪيئن محبوب جي جدائيءَ ۾ اتاولو عشق
پنھنجو سک ۽ قرار وڃائي ٿو. ڪا چيز مزو نھ ڏئيس!
دنيا ھن لاءِ ھينئر بي مزي ٿي پيئي ۽ ساري عالم جي
موج ڄڻ تھ وڃي جنت ۾ سمائي ھئي. جنت ھئي تھ روشني
بھ ھئي؛ ھن بنا ھئي اوندھھ ۽ انڌوڪار. پيو واجھائي
تھ جنت جي ڍڳي وري ڪڏھن ٿي ڍڪ ۾ ڦاسي، تھ من ان
طريقي معشوق سان ٻن اکرن ڳالھائڻ جو موقعو ملي.
انتظاري انسان لاءِ خراب آھي، جيتوڻيڪ عاشق کي
انتظاريون ڪڍڻيون ئي پون ٿيون؛ پر حميد کي اھا
ڪھڙي خبر؟ ھو نھ اڳ ۾ ڪڏھن عاشق ئي بڻيو ھو ۽ نھ
انتظاريون ئي ڪڍيون ھئائين. سارو ڏينھن پاڻ سان
پيو سور سليندو ھو. ويٺي ويٺي دل گھريو وڃيس؛ اھڙو
بھ ڪو ڪونھ ھوس جنھن سان حال اوري، دل تان غم جو
بار ھلڪو ڪري. ھاڻي خبر پيس تھ ”رت رئڻ راتو
ڏينھان، آھي لڇڻ محبوب لاءِ.“
جنت کان سندس ٻنيءَ جو ڏس پتو پڇيو ھئائين. ھڪڙي
ڏينھن شام جو جنت جي ديدار جو شوق دل ۾ ڌري سندس
ٻنيءَ تي ويو. اندر ۾ ڏاڍي پئي ڌڪ ڌڪ ٿيس، جنت
پيھي تي بيھي جھار پئي ھڪلي. حميد کيس ڏٺو، سو
ٻنيءَ جو ٻاھريون پاسو وٺندو، جوئر جي ڪانن پٺيان
لڪندو، جنت جي طرف وڌندو ھليو. پاڻ جنت کي پري کان
پئي ڏٺائين، پر ھن جي حميد تي نظر ڪانھ پيئي، جيئن
جنت جي ويجھو پيو وڃي، تيئن خوشي وڃيس پيئي وڌندي.
اتي جنت جي کانڀاڻيءَ مان ھڪ گليلو ڇٽو ۽ سڌو اچي
حميد کي لوندڙيءَ وٽ لڳو. زور سان گليلي لڳڻ ڪري،
ڪيڪڙاٽ نڪري ويس. ماڻھوءَ جي ڪيڪڙاٽ جو آواز ٻڌي،
جنت پيھي تان بيٺي، چؤطرف نھاريو ۽ ھڪ ماڻھوءَ کي
پريان زمين تي ڏٺائين، ھو تڪڙي تڪڙي ڊوڙندي آئي ۽
حميد جي ويجھو پھچي پھرين تھ دھلجي بيھي رھي؛ پوءِ
عجب ۽ انتظار مان چيائين، ”ڍڪ منشي!“ ائين چئي جنت
حميد جي مٿي تي ڌڪ واري ھنڌ، جتان رت وھي رھيو ھو،
ھٿ رکيو. حميد جنت جي منھن ۾ نھاريو تھ جنت وري ھن
جي اکين ۾. ڪڇيو ڪنھن ڪونھ، جنت ڊوڙندي وئي ۽ بنا
دير جي پاڻيءَ سان ڀريل دلي، سرمو ۽ اڳڙيءَ ٽڪر
کڻي آئي؛ رت پاڻيءَ سان صفا ڪري، سوراخ ۾ سرمو
وجھي، مٿان اڳڙي ٻڌي ڇڏيائين.
حميد کي اڃ لڳي ھئي، سو چيائين، ”پاڻي“.
جنت وٽي ۾ پاڻي وجھي، حميد کي ڏنو، ھن پاڻي پيتو،
جنت مشڪندي پڇيس، ”اڃ لٿي؟“
”اِھا اڃ لٿي تھ ڇا ٿيو. اندر جي اساٽ تھ اڃا بيٺي
آھي.“
جنت حميد جي لفظن جو مطلب سمجھيو. ھوءَ خاموش
نگاھن سان سندس طرف ڏسندي رھي، رکي رکي، مٿي تي
ٻڌل پٽيءَ تي پئي ھٿ لاٿائين.
”ڍڪ منشي صاحب، مون کي معاف ڪجو. مون کان خطا ٿي
ويئي. منھنجي بيپرواھيءَ کان توھان کي زخم رسيو
آھي، منھنجي توھان تي نظر ڪانھ پيئي.“
”مان تنھنجي گليلي جو شڪار بڻيو آھيان.“ حميد
آھستي چيو.
ڀرسان ڪوبھ ماڻھو نھ ڏسي، جنت قرب مان چيو، ”مون
کي جو تو پنھنجو شڪار بڻايو آھي! مون تنھنجي جسم
کي زخم رسايو، ليڪن تو تھ منھنجي دل کي زخميو آھي،
بدن جو زخم مڙي ويندو، دل جو زخم ڏکيو ٿو ڇٽي؛ اھو
ماڻھو کي دائما چيچلارائي ٿو- تون تھ ڪي ڏينھن سور
سھندين مون کي تھ عمر ڀر سھڻو آھي.“
جنت پنھنجي محبت جو حميد اڳيان کليل اظھار ڪيو. ان
اظھار حميد جي اندر ۾ جا خوشي پيدا ڪئي، تنھن زخم
جو درد وسارائي ڇڏيس، ٻنھي کي ھڪ ٻئي جي دلين جي
پوري پوري ڄاڻ ملي. حميد جي منھن مان سرھائي بکڻ
لڳي. ھينئر حميد کي پڪ ٿي تھ ”تو جنين جي تات، تن
پڻ آھي تنھنجي.“ پاڻ کي چوڻ لڳو تھ، ’اھو زخم بھ
چڱو جنھن جنت جي اندر جو سچو حال تھ کولي پڌرو
ڪيو.‘
اتي جنت جو پيءُ قادر بخش پيھو خالي ڏسي پاڻ ان تي
چڙھي ويو، ۽ مٿان بيھي، جنت کي پريان حميد سان پٽ
تي ويٺل ڏٺائين. اتي اونداھھ اچي ٿي ۽ قادر بخش
پيھو ڇڏي ڌيءُ جي طرف وڌيو. جڏھن حميد ۽ جنت جي
ويجھو آيو، تڏھن جنت چيو، ”ابا، ھي اٿو ڍڪ منشي.“
”توھان کي ڇا ٿيو آھي؟“ قادر بخش حميد کان پڇيو.
”ٿورو زخم رسيو اٿم.“
جنت چيو، ”ابا، مون پيھي تان گليلو ڇوڙيو تھ اھو
اچي لوندڙيءَ تي لڳس. پٽي ٻڌي اٿمانس.“
سائين معاف ڪجو،“ قادر بخش ڍڪ منشيءَ کي چيو،
”ھيءُ منھنجي نياڻي آھي. اڳ ۾ تھ ڪڏھن بھ ھھڙو
اتفاق ڪونھ ڪيو اٿس.“
انھن لفظن تي حميد ۽ جنت ھڪ ٻئي طرف نھاريو.
قادر بخش حميد کي چيو، ”زمين تي ڇو ويٺا آھيو؟“ ۽
جنت طرف منھن ڪري چيائين، ”جنت، منشي صاحب کي
پنھنجي گھر تي وٺي ھل.“ ۽ حميد کي خوش ڪرڻ لاءِ
جنت کي خوشيءَ مان چيائين، ”کانڀاڻيءَ ھلائڻ کان
اڳ نظر ڊوڙائي ڏسجي تھ ٻنيءَ ۾ اندر ڪو ماڻھو تھ
ڪونھي الائي ڪڏھن سمجھھ ايندءِ!“ وري حميد طرف
نھاري چيائين ”توھين گھر تھ ھلي، ٿورو آرام وٺو تھ
مان ڪم لاھي جلد اچان ٿو.“
جنت حميد کي ساڻ وٺي جاءِ تي آئي. گھر ۾ ماڻس بھ
ڪانھ ھئي. حميد کي کٽ تي ڪري ويھاريائين ۽ پاڻ
ڀرسان زمين تي پيل ڳوڻ جي ٽڪر تي ٿي ويٺي.
حميد چيو، جنت پڻھين چيو تھ اھڙو اتفاق تو اڳ ۾
ڪڏھن ڪونھ ڪيو آھي.“
”محبت بھ اڳي ڪڏھن ڪانھ ڪئي ھئي.“
”گليلي ھڻڻ لاءِ ڳوليئھ بھ مون کي.“
”محبت ڪرڻ لاءِ بھ تھ توکي ئي ڳوليم.“
”اھو زخم چئبو تھ محبت جي سوغات آھي.“
جنت بنا جواب ڏيڻ جي مشڪندڙ منھن سان پڇيس، ”تون
ٻنيءَ وٽان جو لنگھئين، سو وئين ڪيڏانھن ٿي؟“
”تو وٽ ٿي آيس.“
”اجائي خوشامد!“
”تنھنجو ديدار ڪرڻ نڪتو ھوس.“
”منھنجو گليلو پاڻمرادو تنھنجي مرحبا ڪرڻ آيو،“
جنت کلي چيو.
”تو مون کي پاڻ گھرائي زخم ڏنو.“
”مون دعوت ڪانھ موڪلي ھيئي.“
”پنھنجيءَ دل جو ڪشش ڪيم.“
”تھ دل جو تحفو بھ درد ئي ٿيندو آھي جيڪي منھنجي
دل وٽ ھو، سو توکي ڏٺائين.“
”ان جواب ملڻ تي حميد کي کل اچي ويئي. جنت پڻ
کليو. سندن کلڻ جو آواز قادر بخش ۽ سندس گھر
واريءَ جي ڪنن تي پيو، جي گھر طرف پئي آيا. قادر
بخش ٻاھران ئي سڏيو، ”جنت!“
”جيءُ، ابا.“ ائين چئي، جنت اٿي دروازي وٽ آئي.
قادر بخش اڃا اچي ويٺو ئي مس، تھ حميد چيس، ”توھان
جي مھرباني. مون کي فرحت آھي ۽ ھاڻي مان ھلان ٿو.“
حميد، جنت ۽ سندس مائٽن کان موڪلائي، ڍڪ طرف روانو
ٿيو.
(10)
گھانگھرن ۾ اچڻ بعد حميد پھريون ھڪ خط دادن کي
لکيو ھو. پر جڏھن کان وٺي جنت سان محبت جو ناتو
ٿيس، تڏھن کان وٺي ھن دادن ۽ سندس مائٽن کي صفا
وساري ڇڏيو ھو. دادن ٻھ ٽي خط لکيا ھئس، مگر حميد
وٽان کيس ڪوبھ جواب ڪونھ آيو ھو، حميد وٽان ڪنھن
بھ خبرچار نھ اچڻ جي حالت ۾، سچل کي سڀني کان
زيادھ خيال ٿيڻ لڳو، ھن دادن کي گھانگھرن ڏياري
موڪليو تھ وڃي حميد جي خبرچار لھي اچي. دادن
گھانگھرن ويو، ليڪن وري نھ موٽيو، انسان کي ڪھڙي
ڄاڻ تھ سندس تقدير ۾ ڇا لکيل آھي!
دادن جنھن ڏينھن گھانگھرن ۾ آيو، تنھن جي ٻئي
ڏينھن صبح جو حميد ڪنھن ڪم سان بازار ۾ ويو ۽ دادن
کي چئي ويو تھ ڍڪ ۾ پيلن جانورن جي نظرداري پيو
ڪج. پٺيان جنت ڍڳيءَ جي بھاني اتي آئي ۽ حميد جي
جاءِ تي دادن کي ڏسي، پھرئين عجب لڳس، پر پوءِ پاڻ
سنڀالي چيائين؛ ”ڍڪ منشي ڪيڏانھن ويو آھي؟“
دادن، جو طبيعت جو خوش مزاج ھو، تنھن ھڪ خوبصورت
ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان اڪيلو ڳالھائيندو ڏسي،
چرچي ڪرڻ لاءِ چيو، ”مان نئون ڍڪ منشي آھيان.“ چئھ
ڪھڙو ڪم اٿيئي؟“
جيسين جنت ڪا وراڻي ڏئي، تيسين دادن کيس منھن کان
وٺي چوٽيءَ تائين پئي جاچيو ۽ دل چاھڻ لڳيس تھ
ھھڙيءَ حسين نينگر سان تھ محبت ڪرڻ جڳائي. دل
کسجندي ويرم ڪانھ لڳندي آھي. ھن جوان سان بھ اھائي
ڪار ٿي، جنت جي پھرينءَ نگاھھ ئي دادن کي گھائي
وڌو.
جنت آئي ھئي حميد سان پيار ونڊڻ، سو ڪھڙو جواب
ڏئي. ھن کي سمجھھ ۾ ئي نھ ٿي آيو تھ حميد ڪيئن کيس
ٻڌائڻ بنا ڳوٺ ڇڏي ويو ھوندو. پڪ ئي نھ پيئي ٿئيس،
آخر ڳالھھ ٺاھي چيائين، ”پڇڻ آيس تھ منھنجي ڍڳي تھ
ڍڪ ۾ ڪانھي.“
”ڍڪ ۾ ڍڳيون ڪيتريون ئي آھن؛ وڃي سڃاڻ.“
”مان وري اچان ٿي.“ ائين چئي جنت واپس ورڻ لڳي.
”وري ڪيڏيءَ مھل ايندينءَ تھ مان ويٺو ھجان.“ دادن
پڇيس.
جنت ماٺ ۾ ھئي دادن حميد جيان لڄارو ڪين ھو، سو
جنت کي ترسائڻ لاءِ ساڻس ڳالھائڻ لڳو. ھن کان سندس
نالو ۽ رھڻ جو نشان پتو پڇيائين. دادن کانئس حميد
جي باري ۾ سوال ڪيا، پر جوابن مان اھا ڄاڻ پئجي
ڪانھ سگھيس تھ جنت جو حميد سان ڪو گھاٽو تعلق ھو.
جنت پنھنجن دلي امنگن کي وقتي لڪائي ڇڏيو.
ايتري ۾ حميد بھ اچي سھڙيو. حميد کي ڏسي، جنت دادن
ڏانھن نھاريو، ڄڻ تھ خاموش نگاھن سان کيس چيائين
ٿي تھ تو مون سان ڪوڙ ڳالھايو آھي. دادن کان ٽھڪ
نڪري ويو. ”حميد!“ دادن جنت ڏانھن اشارو ڪري چيو،
”مون ھن نينگر کي چيو تھ مان ڍڪ منشي آھيان.“
”جنت! دادن توسان مذاق پئي ڪئي؟ دادن ۽ مان ڀائرن
جيان آھيون. تون کانئس ڪنھن بھ قسم جي لڄ نھ ڪر.
ھو ڪالھھ ڳوٺان مون کي گڏجڻ آيو آھي. مان ڪنھن
ڏينھن تنھنجيءَ ٻنيءَ تي وٺي ايندس.“
جنت بنا ڪجھھ ڳالھائڻ جي ٻنيءَ طرف رواني ٿي. سندس
وڃڻ بعد جڏھن حميد ۽ دادن اندر ڪوٺيءَ ۾ اچي ويٺا
تڏھن دادن وجھھ وٺي حميد سان جنت جي سونھن جو ذڪر
ڪرڻ لڳو. دادن کي ڪھڙي سڌ تھ جنھن سونھن تي پاڻ
مشتاق ٿي پيو ھو، تنھن اڳي ئي حميد کي پنھنجو شڪار
بڻايو ھو. جنت ٻنھي جي خيالن جو کاڄ ھئي، ٻھ شينھن
ھڪ ٻيلي ۾ رھيا پيا ھئا. دل جو راز نھ ھو سلي ھن
سان، نھ ھن سان. ليڪن عشق لڪڻ جو نھ آھي، ان کي
ڪيترو بھ لڪائڻ جي ڪوشش ڪبي، تھ بھ اھو پڌرو ٿي
پوندو. ٿيو بھ ائين.
شڪل شبيھھ ۾ دادن ھن کان وڌيڪ وڻندڙ ھو. کٽين جا
ٻار ڳوٺ کان ٻاھر ويندا آھن تھ گھڻو ڪري سٺا ۽ صفا
ڪپڙا بدن تي پيل ھوندا اٿن. دادن دل ۾ سمجھڻ لڳو
تھ جنت کي کيس قبولڻ ۾ ڪوبھ عار نھ ٿيندو، ھن کي
ڪھڙي خبر تھ ھوءَ اڳ ۾ ئي پنھنجي محبت جو قول ڏيئي
چڪي ھئي!
دادن کي خيالن پچائڻ جي عادت ھئي ۽ ھر ڳالھھ ۾
ٿوري ئي وقت ۾ تمام اونھو ھليو ويندو ھو. ھن جو
پاڻ ۾، الائي ڇو، ايترو تھ اعتقاد ھو، جنھن چيز
لاءِ شوق ٿيندو ھوس اھا سمجھندو ھو تھ پڪ ملنديم.
جنت لاءِ پيار، جو سندس اندر ۾ اڀريو ھو، تنھن کي
پڻ ھو ساڳيءَ اميد سان ڏسڻ لڳو.
(11)
صبح جا يارھن ٿيا ھئا، آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو
ھو، برسات جا اھڃاڻ پئي نظر آيا. حميد پنھنجيءَ
ڪوٺيءَ جي ٻاھران ورانڊي ۾ کٽ تي رکيل ھنڌ تي مٿو
رکي، اکيون ٻوٽي ليٽيو پيو ھو تھ، سندس ڪنن تي
آواز پيو، ”سائين منھنجي ڍڳي ڍڪ ۾ آھي؟“ اکيون
کولي ڏسي تھ جنت سندس کٽ اڳيان ڳنڀير شڪل ڪري بيٺي
آھي، حميد کان کل نڪري ويئي، حميد کلندو ڏسي، جنت
چرچي ڪرڻ جي خيال کان ڄاڻي ٻجھي پاڻ کي وڌيڪ ڳنڀير
ڪيو.
”مان آئي آھيان ڍڳيءَ جو پڇڻ ۽ تون مون تي ٺٺولي
ڪري کلين ٿو. ڌارين ڇوڪرين سان اھا روش ٺيڪ نھ
آھي.“ جنت مسخريءَ جي ارادي سان شوخ ٿي چيو، تھ ڄڻ
تھ حميد سندس اڻ واقف ھو.
”مان تھ توسان کلندس پوءِ جنھن کي شڪايت ڏيڻي ھجي
ئي، تنھن کي وڃي ڏي.“ حميد مشڪندي چيو.
”شڪايت!“ جنت چيو، ”حميد خلاف شڪايت! منھنجي
لاغرضائيءَ سبب توکي گليلو لڳو، پوءِ تو ڪنھن کي
شڪايت ڏني؟“ ائين چئي جنت کلندي پنھنجا ٻيئي ھٿ
حميد جي ھٿن ۾ ڏنا.
”مان ڍڪ منشي شايد صرف تنھنجي ڪري ٿي آيو آھيان.
”منھنجي ڪري ئي ڌڻيءَ توکي ھتي آندو... پر ٻڌاءِ
تھ سھين زخم ۾ ڪجھھ فرحت محسوس ڪرين ٿو؟“
”صبح ساڻ ڪنھن حڪيم وٽ ويو ھوس، ان ملم لڳايو آھي.
چيائين تھ ڦٽ کي مڙڻ ۾ ٻھ ٽي ڏينھن لڳندا. مون کي
تھ خيال ڪونھي، لھي ويندو.“
”توکي تھ پاڻ ان زخم مان مزو ايندو ھوندو! جنت
مشڪي پڇيو.
”سو ڪيئن؟“
”اھو زخم توکي جنت جي يادگيري ڏياريندو ھوندو.“
جنت ڪنڌ ھيٺ ڪري وراڻيو.
جنت جي انھن لفظن حميد جي اندر ۾ بجلي پيدا ڪئي.
ھن جنت جي پرخمار نيڻن ۾ نھاريو ۽ چيائينس، ”مٺڙي
جنت! جنت ھٿ ڪرڻ لاءِ ماڻھو ڪيترا نھ ڪشالا ڪڍي ٿو
۽ تڪليفون پاڻ تي ھموار ٿو ڪري. تو تھ مون کي زمين
تي ئي جنت ۾ پير رکايو آھي. جيڪو تنھنجو نالو آھي،
سائي تون آھين.“
مٿيان اکر دادن جي ڪنن تي پيا، جو ڍڪ طرف اچي رھيو
ھو. ھو ڪجھھ وقت اڳ ٻاھر ڪم سان ويل ھو، جتان
ھينئر موٽيو پئي. دادن ڀت جي اوٽ ۾ ويھي حميد ۽
جنت جي ھلندڙ گفتگو ٻڌي جنت پنھنجيون اکيون زمين
مان ڪڍي حميد ۾ کپايون ۽ پڇيائينس، ”اھو محبت جو
اظھار آھي يا سکڻي خوشامد.“
”پاڻ کان پڇ.“
”اھو جواب مان تنھنجي واتان ٻڌڻ گھران ٿي.“
”مان تنھنجي خوشامد ڇو ڪريان؟ مان تھ توسان محبت
ڪريان ٿو. محبوب کي ساراھبو آھي، مگر ھن جي خوشامد
ڪانھ ڪبي آھي. خوشامد جو محبت سان ڪوبھ تعلق
ڪونھي... مان تھ وري بھ چوان ٿو تھ، جنت مون کي
جنت ڏيکاري.“
”اسان جي محبت شل ڌڻي ھميشه قائم رکندو اچي.“
”وصال خواھھ وڇوڙو ھن جي حڪم سان ئي تھ ٿئي ٿو.“
”جنھن کي پاڻ واٽ ڏيکاري ٿو، تنھن کي ڪير ڀلائي
سگھندو!“
”جنت!“
”حميد! مان ھڪ غريب ڪڙميءَ جي ڌيءُ آھيان ۽ دنيا
جي چالبازين ۽ حرفتن مان نھ ڄاڻان. اسان ٻھراڙيءَ
وارن ۾ عقل گھٽ تون منھنجي بي عقلائيءَ ڪري مون کي
دل تان وساري نھ ڇڏج!“
”جنت چئين ڇا ٿي؟“
”پنھنجين اوڻاين کان واقف ٿي ڪريانءِ.“
”ڇا لاءِ؟“
”ڏسان تھ تنھن ھوندي بھ مون سان پيار ڪرين ٿو.“
”مان دنيا ۾ اڪيلو آھيان. نھ ابو اٿم نھ امان،
تنھنجيءَ زندگيءَ ۾ ئي ھينئر پنھنجو جياپو
ڳوليندس. ڏنل آٿت مون کان کسي نھ وٺج.“
”حميد! مان توسان محبت ڪريان ٿي، توسان گڏجڻ ۾ مون
کي جو لطف ملي ٿو، سو حياتيءَ ۾ پھريون دفعو حاصل
ڪيو اٿم. تنھنجي يادگيريءَ مون کان ڪم جو بوجو
وساري ٿي ڇڏي. تو مون کي خوشي ڏني آھي.“
”انساني خوشي تھ عارضي ليکي وڃي ٿي.“
”اسين ان کي دائمي ڪنداسين. محبت جاودان آھي، ۽ جا
خوشي محبت پيدا ڪري سا پڻ جٽادار ٿئي ٿي.“
دادن، جو خيال سان سڀڪجھھ ٻڌي رھيو ھو، تنھن جي
منھن جو رنگ ڦريو. ھو حميد جي طرف وڌيڪ ۽ جنت کي
حميد سان گڏ کٽ تي ويٺل ڏٺائين. دادن کي ڏسي جنت
کٽ تان اٿي کڙي ٿي ۽ حميد کان موڪلائي گھر ڏانھن
ويئي.
ان طرح حميد ۽ جنت ھڪ ٻئي ۾ گڏجندا رھيا. سندن
سنيھھ جو سلو وڌندو رھيو. جنت جي مائٽن کي اڃا
تائين ھنن جي نيھي ناتي جي ڪابھ سڌ ڪانھ ھئي. ٻئي
ڄڻا اڪيلائيءَ ۾ ملندا ھئا. لڪي ڇپي پيار ونڊڻ ۾
وري ٻيو لطف آھي!
(12)
حميد ۽ جنت جي ملاقات پوري ٿي. حميد ڏاڍو خوش پئي
نظر آيو. ڇو نھ خوش ٿئي؟ جيڪي دل چاھيس ٿي سو ٿي
رھيو ھو. مگر قدرت جو قانون آھي تھ جنھن مان ھڪ کي
خوشي حاصل ٿئي، تنھن مان ٻئي کي غم رسي. دادن جي
پيرن ھيٺان زمين نڪري ويئي. پروڙ پيس تھ حميد جو
پيار دوطرفو آھي ۽ سندس ھڪ طرفو. حميد کي اھا خبر
ڪانھ ھئي تھ جنھن سان پاڻ محبت ٿي ڪيائين، تنھن تي
دادن پڻ مفتون ھو، ليڪن دادن کي تھ سموري سڌ پئجي
ويئي. دادن کي رستو سوچڻو ھو. ھو پنھنجو پاڻ سان
بحث ڪرڻ لڳو؛ جنت کي اھا ڄاڻ نھ آھي تھ مان کيس
پيار ڪريان ٿو؛ خبر پوڻ سان ھوءَ شايد مون کي حميد
کان وڌيڪ پسند ڪري؛ ڇو نھ وجھھ وٺي ساڻس محبت جو
اظھار ڪريان؛ نااميدي تھ ھينئر بھ آھي. ان کان
بدتر حالت ڪھڙي ٿيندي؟ وري ويچار آيس تھ جي ناڪاري
جواب ڏئي تھ، پوءِ حميد کي ضرور پتو پوندو تھ مون
سندس کير ۾ موريءَ وجھڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ سندس
خوشيءَ کي ناس ڪرڻ گھريم ٿي. ھو منھنجي لاءِ اندر
۾ ڇا چوندو؟ مان سندس روبرو ڏٺو ٿيندس. بعضي خيال
پيو اچيس، تھ ٻئي جي سک لاءِ مان پنھنجو قرار ڇو
وڃايان. آزمائي تھ ڏسان؛ من ”ھا“ ڪري وجھي! پر وري
چوي، تھ ھوءَ حميد سان محبت ڪري ٿي. ڇا، عورت جي
دل ايترو جلدي ڦري سگھي ٿي! حميد جا اکر؛ جي ھن
جنت کي چيا ھئا سي ٻڌا ھئائين تھ ”مون کي نڪو ابو
آھي نڪا امان.“ اھي اکر ياد پيس. ويچار ڪرڻ لڳو،
تھ جنت ھن لاءِ وڏو ڏڍ آھي. جيڪڏھن اھا بھ ويس، تھ
خبر نھ آھي تھ سندس ڪھڙي حالت ٿي گذرندي. ھڪ ئي
ماءُ وٽ پليا آھيون. جنت منھنجي تقدير ۾ ھجي ھا،
تھ پھرين منھنجو ساڻس گڏجڻ ٿئي ھا.
جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ڪاٺ جو ٽڪرو اچي پوي ۽ اھي
ڇوليون ان کي ڪڏھن ھڪ طرف تھ ڪڏھن ٻئي طرف
گھلينديون رھن، تيئن خيالن جي ساگر ۾ دادن جي دل
پڻ ھڪ حالت ۾ نھ ھئي ۽ ڀٽڪي پئي. ھو حد مايوس پئي
نظر آيو. حميد سندس شڪل مان سمجھي ويو، تھ ڪجھھ
مڙيو ئي ٿيو آھي، جنھن دادن جي روش ۾ تبديلي آندي
آھي. حميد گھڻو ئي پيو پڇيس، پر دادن اندر جو سور
سليئي نھ. سور سانڍڻ تھ عاشق جو ڪم آھي؛ ڪڇڻ ڪم
برابر ڪچن جو آھي. ماکيءَ جي مک ڪنول گل جي چؤگرد
ڦيرا پائيندي، ڀون ڀون ڪندي آھي، مگر جڏھن گل تي
ماکي چوسڻ ويھندي آھي، تڏھن ھوءَ ماٺ ۾ ھوندي
آھي، ان وقت ھن وٽان ڪوبھ آواز ٻڌڻ ۾ نھ ايندو
آھي. عاشق بھ ماٺ ۾ پنھنجي عشق جو مزو وٺي ٿو.
حميد بھ مونجھاري ۾ پئجي ويو. دادن وٽس مزمان ٿي
آيو ھو؛ ۽ ان کي ملول ڏسي پاڻ مزي ۾ نٿي رھي
سگھيو.
حميد ۽ جنت جون گڏجاڻيون دادن کي روز بروز وڌيڪ
دلگير ڪنديون رھيون. درد سھي سھي، ماڻھو ڇوٽڪاري
لاءِ ٻاڏائي ٿو؛ دادن جو درد ھو بھ بنا علاج. ڇا
ڪري جو پاڻ بھ گھڙيءَ گھڙي جي وڍن کان آجو ٿئي ۽
حميد جي راھھ ۾ بھ رنڊڪ نھ پوي. دادن گھانگھرن ڇڏڻ
جو پڪو ارادو ڪيو ۽ وڃڻ وقت ھيٺين چٺي حميد لاءِ
ڇڏي ويو:
”پيارا حميد! ھن خط دوران مان توکي الوداع ڪريان
ٿو. مان ھتي آيس توکي گڏجڻ، پر ھاڻي ڄاڻ ٿي پويم،
تھ پاڻ وڃائڻ آيو ھوس تقدير طاقتواري آھي، انسان
ان اڳيان عاجز ٿيو پوي. ماڻھو ھڪڙا خيال ڪري ٿو تھ
مالڪ ٻيا.
”مان وڃان ٿو. ڪيڏانھن؟ اھو تھ مان بھ چئي نٿو
سگھان. مون کي ڳولڻ جي ڪوشش نھ ڪجو؛ نھ مون سان
ملڻ جي ئي خواھش رکجو. مون لاءِ دنيا ھينئر بي مزي
ٿي پيئي آھي. مون لاءِ جھان ۾ اميد ڪانھي ۽ اميد
تي ئي انسان تڳي ٿو! اميد کان سواءِ زندھھ رھڻ
جيئري موت آھي.
”مان دل جو راز تو اڳيان کولي ظاھر ڪريان ٿو.
منھنجي جنت سان محبت آھي؛ جنھن کي تون چاھين ٿو.
تنھن کي مان پاڻ دل و جان سان چاھيان ٿو. مون جنت
کي پھريون دفعو ڏٺو ۽ منھنجي دل ڏانھنس ويندي رھي.
پوءِ ڄاڻ پيم تھ ھوءَ توسان محبت ڪري ٿي. پنھنجيءَ
خوشيءَ جي خواھش ۾ تنھنجي خوشي وڃايان، اھو مون
کان نھ ٿيو. توھان کي قرب ڀريون ڳالھيون ڪندو ڏسي،
مان بيحد بيقراري پسي رھيو ھوس. گھانگھرن ۾ وڌيڪ
وقت ھلڻ معنيٰ زياده بيچني ڏسڻ يا تنھنجي شربت جي
پيالي ۾ زھر گڏجڻ. مان بيقراريءَ کان ايترو نھ ڊڄڻ
لڳس، جيترو پوئين ڪم ڪرڻ کان. خيال ڪيم تھ متان
پيار جي انڌ ۾ اچي تنھنجي راھھ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيان،
تنھنڪري بھتر طريقو سمجھيم، تھ گھانگھرا ڇڏي ھليو
وڃان. دنيا ۾ مکيھ موقعن تي ماڻھوءَ کي بعضي
پنھنجو سونھون پاڻ ٿيڻو پوي ٿو.
”تنھنجو آرام خيال ۾ آڻي مون مٿيون فيصلو ڪيو.
تنھنجي آرام جو اونو ڇو ٿيم؟ سچل توکي ۽ مون کي گڏ
نپايو، ھڪ ئي غريباڻي پينگھي ۾ لوڏيو. تنھنجي ماءُ
توکي سچل جي حوالي ڪري ويئي، ۽ مان، سچل جي اولاد
ٿي، تنھنجي خوشيءَ جي آڏو اچان، اھا منھنجي ماءُ
جي ڏنل انجام ۾ ڀڃڪڙي وجھڻي ٿيندي. مان انھيءَ ڪم
ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھيان، جنھن مان منھنجيءَ ماءُ
جي عزت گھٽ ٿئي ۽ مان پاڻ شرمسار بڻجان.
دادن.“
چٺيءَ جو حميد تي گھاٽو اثر ٿيو. سندس عجب جي حد
نھ رھي، جڏھن معلوم ٿيس تھ دادن جو جنت سان پيار
ھو. کيس دادن جي صبر ۽ ڪم زبانيءَ تپرس ۾ وجھي
ڇڏيو، دادن جي وڃڻ بعد حميد پھرينءَ گڏجاڻيءَ وقت
ئي جنت کي دادن واري چٺي ڏيکاري. جنت کي اچرج وٺي
ويو. چٺي ويڙھيندي ھن حميد جي منھن ۾ نھاريو، جنھن
چيس، ”جنت، دادن توسان محبت ٿي ڪئي.“
”چٺيءَ مان تھ اھوئي ظاھر ٿئي ٿو... ليڪن مان تھ
تنھنجي ٿي چڪي آھيان.“
”مون کي دادن جو ڏاڍو خيال ٿي پيو آھي. الائي
ڪيڏانھن ھليو ويو! سچل ڇا چوندي؟ مان کيس ڪيئن
ٻڌائيندس، تھ ھو ڇو ھليو ويو!“
”ان ۾ تنھنجو ڪھڙو قصور آھي؟“ جنت حميد کي منجھيل
ڏسي، کيس دلداري ڏيندي چيو.
حميد پنھنجو فرض سمجھي، بخشڻ کي دادن جي اوچتي وڃڻ
جو اطلاع موڪليو.
(13)
پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙيءَ ۽ سوڙھيءَ
گھٽيءَ ۾ گتي جي دروازي وٽ بخشڻ گلاس مان شراب پئي
پيتو ۽ سندس روش ۽ ڳالھائڻ جي رنگ مان ظاھر ھو تھ
ھو نشي جي اثر ھيٺ ڪي قدر اچي چڪو ھو. ٽي ڄڻا ساڻس
گڏ پي رھيا ھئا، ۽ انيڪ گراھڪن سان دڪان اندر
بينچون ڀريون پيون ھيون. شام جي مھل ھئي. اھوئي
وقت آھي جڏھن گتي جو مالڪ اڪثر رڌل ٿئي ٿو ۽ ڪمائي
جام ٿيندي اٿس. ڪمي ڪاسبي شام جو ڪم تان لھي، روز
جي ڪمائيءَ واري رقم ھٿ ۾ ڪري، اچن ٿا شراب تي
وارو ڪن. بخشڻ خالي گلاس زمين تي رکي، چوڻ لڳو:
”اچو تھ غمن کي شراب جي پيالي ۾ ٻوڙيون. غريبيءَ
جو تھ اھوئي سولو سستو علاج آھي. گتو مشغول
ماڻھوءَ لاءِ وندر آھي ۽ واندي ماڻھوءَ لاءِ
مشغولي.
گتو تھ ھڪ ناٽڪ گھر جيان آھي، جتي انيڪ نمونن جا
ماڻھو ۽ انيڪ سڀاءُ اچيو ٿا گڏجن. ماڻھو ھتي وڙھڻ
بھ اچن ٿا تھ دوست ٿيڻ بھ ٿا اچن. گتي کي گناھھ جو
گھر ڪوٺي سگھجي ٿو، پر نھ اونداھو مڪان، ڇاڪاڻ تھ
اتي بتيون وسامن ئي ڪونھ. اڌ رات جو بھ ڏينھن لڳو
پيو آھي. جڏھن ٻين ھنڌن تي اونداھھ ھجي، تڏھن ھتي
روشني.
جيتوڻيڪ بانس ڏاڍي اگري پئي آئي، تھ بھ تماشو ڏسڻ
وٽان ھو. شراب ٻين بھ پيتو پئي، پر بخشڻ جي حالت
افسوس جوڳي ھئي؛ ھو نشي ۾ پر ھو.
پيرو مڱڻھار جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، بخشڻ وڃي خراب
صحبت ۾ ڦاٿو ھو. پھرين سچل گھڻو ئي سمجھايس، پر
جڏھن ڏٺائين تھ ھو کيس ٻڌي ئي نھ ٿو، ۽ مورڳو ئي
مٿس غصو ٿو ڪري، تڏھن ويچاري ماٺ ڪري ويھي رھي.
زال ذات ٻيو ڇا ڪري سگھندي! بخشڻ رات جو اڪثر دير
سان موٽندو ھو. سندس اوسيئڙي ۾ نھاريندي نھاريندي
سچل کي ڪيترا دفعا تھ ننڊ کڻي ويندي ھئي. ھينئر تھ
وري دادن بھ اتي ڪونھ ھو، جنھنڪري وڌيڪ اٻاڻڪائي
محسوس ٿيندي ھيس. نشي جي انڌ ۾ بخشڻ کان ساڃھھ تھ
بلڪل موڪلائي ويندي ھئي ۽ بعضي تھ ويچاريءَ سچل کي
حد کان ٻاھر تنگ ڪندو ھو. ھوءَ سڀ صبر سان سھندي
ھئي. سھڻ تھ ڪو عورت کان سکي!
ھڪ دفعي رات جو ڳچ حصو گذري چڪو ھو. سچل ننڊ مان
اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي. پاڻ کي گھر ۾ اڪيلو ڏٺائين.
بخشڻ اڃا ڪونھ موٽيو ھو. سچل جي دل گھرڻ لڳي. ھن
آسمان ڏي نھاريو، جيئن تارن مان وقت جو اندازو
لڳائي سگھي. رات جا اڍائي يا ٽي ٿيا ھا؛ سوچڻ لڳي
تھ گتو بھ تھ ايتريءَ دير تائين کليل نھ رھندو
آھي! بخشڻ ڇو نھ موٽيو آھي؟ اھڙين حالتن ۾ عورت جي
دل ضعيف ٿئي ٿي. ھوءَ ڀرمن ۽ سنسن جي تھ اڳ ۾ ئي
کاڌل آھي. سچل کي آرام ئي نھ پيو اچي: اٿي ۽ ويھي
پيئي. آخر اڌ مني ڪلاڪ جي آنڌ مانڌ بعد دروازي تي
کڙڪو ٿيو. جيسين سچل دروازي تائين پھچي، تيسين
تڪڙا تڪڙا کڙڪا ٿيڻ لڳا. بخشڻ ائين در در نھ
کڙڪائيندو ھو، ھيءُ تھ ڪو ٻيو ماڻھو ٿي ڏٺو. سچل
در کوليو دروازي جي ٻاھران زمين تي بخشڻ جي لاش
پيل ڏٺائين. بنا ڪڇڻ جي ھوءَ پھرين لاش طرف |