سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :3

ديباچو

رات جو وڳڙو ھو. مان بستري تي سمھيل ھوس. اکيون ٻوٽيل ھيون، پر ننڊ اڃا ڪانھ آئي ھيم. رات بھ ھروڀرو گھڻي ڪانھ گذري چڪي ھئي. اوچتو ڪنھن جي رڙين جو آواز منھنجن ڪنن تي پيو. ٽپو ڏيئي اٿيس. ٻاھر ڪٽھڙي ۾ اچي ھيٺ رستي ڏانھن کڻي نھاريان تھ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جا ڪي ملازم، ھٿن ۾ بيد جا سنھا لڪڻ ھئن. فقيرن، سندن زالن ۽ بارن کي زمين تان اٿاري رھيا ھئا. منھنجھي کاٻي ۽ ساڄي ماڻھون ڪٽھڙن ۾ نڪري آيا. ”اٿو! اٿو!!“ ھڪ ميونسپل ملازم وڏي واڪي دڙڪو ڏيندي چين، ”ھيءَ سمھڻ جي جاءِ نھ آھي.“

مون سمجھيو. ميونسپالٽيءَ قاعدو پاس ڪيو ٿو ڏسجي تھ جيئن تھ فقيرن شھرن ۾ وئل مچائي ڏنو آھي، انھن جي چرڻ پرڻ تي چوڪسي رکجي. جتي ٿو فقيرن کي وڻي، تِتي سامان سڙو رکي، گھر ٺاھي ويھي ٿا رھن. ائين گندگي ٿي ٿئي. غريب ڀلا وڃن ڪيڏانھن؟ ھنن جا گھر ڪو مٽيءَ ۽ ڪاٺ جا ڪين آھن. انھن مسڪينن جي ڇِت آھي آسمان ۽ چار طرف آھن چار ڀتيون، انھن جي گھرن ۾ نھ آھن ڪمرا ۽ نھ ورانڊا، نھ گلم، نھ غاليچا. ڇِنل تڏو يا پراڻو ڳوڻ جو ٽڪرو وڇايو ويھيو رھن. جتي ويھن اھو گھر ٿيو پوين.

غريب منجھي پيا. خيال ۾ ئي نھ پيو اچين تھ ڪيڏانھن وڃون. ھمت بھ ڪانھ پيئي ٿئين جو حڪم جي انحرافي ڪن. آخر ھڪ ٻڍيءَ عورت ھڪ ملازم کي چيو، ”اڄوڪي رات جي مھلت ڏيو؛ سڀاڻي صبح جو ھتان لڏينداسين.“ ھو ملازم، جو اندر جو ڪٺور ٿي ڏٺو ۽ دل رحم کان خالي ٿي لڳس، چوڻ لڳن، ”توھين صفائيءَ جا دشمن آھيون، شھر ۾ گند ڪري ڇڏيو اٿو. مان ڪجھھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھيان.“

”ڪاڏي وڃون؟“ ان پيرسن زال پڇيس.

ڪھڙو نھ پورو سوال؟ ويچارا ڪاڏي وڃن؟ ڪير انھن کي اجھو ڏيندو! غريبن جو ڪير حامي ٿيندو!! جيسين ڪو جواب مليس، تيسين ھن مائيءَ وري چيو، ”ڏينھن سڄو تھ کاڌي لاءِ ڀٽڪندي دربدر ٿيا آھيون، مگر رات جا ٻھ پھر بھ آرام نٿا سھو؟ اوھان جو آسرو پيسو آھي ۽ اسان جو الله سائين. اڄ ڪالھھ تھ الله بھ اسان سان رٺل ٿو ڏسجي.

ھو بيدرد ملازم، جنھن ۾ انساني امنگ شايد ناس ٿي ويا ھئا، نھ مڙيو. ھن پنھنجو ضد پاڙيو. فقيرن کي اتان اٿاريائين. خبر نھ آھي تھ ھو ڪيڏانھن ويا، مگر انھي ھنڌان اٿي ويا. زالن ٻار ھنجن تي کنيا، تھ مردن وري ڪلھن تي سامان کنيو.

ھو ويا، اونداھي ھئي رات، تارا تھ آسمان ۾ انيڪ ھئا، پر تھ بھ ڪي چنڊ جي مٽ! ھو اونداھيءَ ۾ گم ٿي ويا. پر مان اتي ڪجھھ مدت بيٺو رھيس. اونداھيءَ ۾ ھڪ ٽڪ نھاريندي زياده انڌارو ڏسڻ لڳو.

”غريبن دنيا ۾ برابر گند ڪيو آھي.“ مون دل ۾ چيو. انھن جي گدلائيءَ جو ڪارڻ سندن غريبي آھي، سندن محتاجي آھي. ان ڪارڻ جي علاج ڪرڻ بدران، انھن جي مسڪينپڻي کي دور ڪرڻ بجاءِ، اسين انھن کي ڌڪاريون ٿا، کين سماج تي اڻ گھربل بوجو ٿا سمجھون. انھن کي صفائيءَ سيکارڻ بدران، اسين ان صفائيءَ جي صدقي، سندن، حياتيءَ جا قاتل ٿا بڻجون. غريبن جو رت شاھوڪارن لاءِ فنائيل آھي، جنھن سان ھو شھر يا گھٽين کي ڌئاري صفا ڪن ٿا.

انسان ڪھڙو نھ بيدرد آھي! غريب بھ تھ سماج جو جزو آھن. پوءِ انھن جي سڌاري لاءِ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟ شھر جي صفائيءَ ۾ رخنو ٿو پوي، تنھنڪري غريب رستن تي نھ ويھن. چوڻ ۾ ايندو آھي تھ پٽ ڌڻيءَ جو آھي. پر ھت تھ قصو ئي اور لڳو پيو آھي. مسافرخاني ۾ ٻن ٽن ڏينھن کان زياده رھيا تھ دربان حڪم ڪندن تھ ٻڌو ٽپڙ. شاھوڪار پنھنجن پاليل جانورن لاءِ خاص ڪمرا ٺھرائين ٿا. جن گھوڙن تي چڙھي ھو شڪار ڪرڻ وڃن ٿا. تن جي کاڌي خوراڪ ۽ رھڻ جو بندوبست رکيو وڃي ٿو. ڇا، غريب ماڻھو انھن جانورن جھڙو بھ نھ آھي؟ دولتمندن جا پاليل ڪتا سياري جي موتمار ٿڌ کان اندر ڪوٺين ۾ قابو آھن؛ ليڪن ويچارن غريبن کي کليل ميدانن تي سمھڻ جي اجازت بھ ڪانھي؟ ڪير انھن جو فرياد ٻڌي؟ غريبيءَ ۾ ڪھڙي ڪشش رکي آھي جو، آدمي ان طرف ڌيان ڏين؟

شاھوڪار قاعدا جوڙين ٿا، مگر انھن تي پيروي ڪرڻ جي جوابداري صرف غريبن تي آھي. قاعدن جون ڀڃڪڙيون شاھوڪار ڪن، پر سزائون غريبن لاءِ آھن. پيسي وارن جا گناھھ ثواب آھن، پر مسڪينن جا ثواب ڏوھھ ٿيو پون. غريب پيٽ پالڻ ڪري رستي تان لنگھندڙ شاھوڪار کان پيسي جي طلب ڪندو، ڪنھن مسڪين جو ٻار ھن جي ڪوٽ جي پلئھ کان ڇڪيندو تھ ھو خفي ٿي مٿس غصو ڪندو. پر جڏھن اھي دولت وارا غريبن جي جسمن مان ائين رت نپوڙي ڪڍن، جيئن ڪڪر مان پاڻي نپوڙبو آھي تڏھن انھن کي ڪير چوڻ وارو آھي؟

جنھن ملڪ جي رھاڪن ۾ ھمدردي ۽ رحم نھ آھي، اھو ملڪ انسانيت جي درجي کان ڪريل سمجھڻ گھرجي. اي انسان! خيرات اِھا نھ آھي تھ تون اسپتال اڏائين، مسافرخانن ٺھرائڻ لاءِ ھزار ڪڍي ڏئين، واٽھڙن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ٺھرائين ۽ باقي جيڪڏھن ڪو غريب جو ٻار رستي ۾ توکان پئسي جي طلب ٿو ڪري تھ، ھن کي ڇڙٻِ ڏيئي ڪڍين. غريب جي دل خوش ڪرڻ جھڙو ثواب ٻيو نھ اٿيئي. جيئن تون علم ۾ ترقي ٿو ڪرين ۽ وگيان ۾ وک وڌائيندو ٿو ھلين، تيئن تون دل جو وڌيڪ ڪٺور ڇو ٿو ٿيندو وڃين؟ جيترو تون پاڻ کي وڌيڪ عاقل ٿو سڏائين تيترو زياده بي رحم ٿو بڻجين!

ان رات واري واقعي بعد، مون پاڻ کان سوال پڇيو، غريبن جو ورثو اھو آھي؟ جواب مليم، ”صرف اھو نھ.“

غم، بيشڪ غريبن جو ورثو آھي. سانده ڏکن جي سھڻ ڪري سندن سيرت گھڙجيو ٿي پوي. جيتوڻيڪ کين ڏيڻ ۾ ھرڪو ڪيٻائي ٿو، تھ بھ ھو ڏيئي ڄاڻن. ٻيو ڪجھھ ڏيڻ لاءِ نھ اٿن، تھ پنھنجو پاڻ تھ اٿن. جيڪڏھن ڌن نھ اٿن، تھ تن ۽ من جو تياڳ تھ ڪو ھنن کان سکي! اسين عام طرح غريبن جي اوڻاين کان واقف آھيون. اسين چئون غريب چوريون ٿا ڪرين، ھو گدلا آھن. منجھن ظاھري تھذيب ڪانھي، ھو بي عمليءَ جي حياتي ڪاٽين ٿا؛ پر انھن جي خوبين کان اسين اڻ ڄاڻ ئي رھون ٿا.

قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آھن. غريبي ڇھون حواس آھي. ٻين حواسن جو تعلق جسم سان آھي. ھن حواس جو جسم ۽ دل ٻنھي سان. غريبيءَ ۾ جسم سھي ٿو تھ دل محسوس ڪري ٿي. غريب وڏيءَ دل وارا ٿين ٿا. سوڙھين جاين ۾ رھي بھ ڪشاديون دليون ٿا ڌارين. مھمان نوازيءَ ۾ شاھوڪار ساڻن برميچي نھ سگھندا. غريب آھن، ليڪن ڌڻيءَ جي ويجھو آھن. جيڪو ڌن ماڻھوءَ کي ڌڻيءَ کان پري ٿو ڪري اھو ڌن بھ ڌوڙ سمان آھي. اھا غريبي بھ چڱي جا مالڪ ياد ڏياري. ھو قربانيءَ جا ڪوڏيا آھن ۽ دل سچي رکي ڄاڻن.

اسين کين ڏوھھ ٿا ڏيون، پر ھو ھر حال ۾ بي ڏوھي آھن. ھرڪو چوي منجھن تعليم لاءِ چاھھ ڪونھي. انھن ۾ تعليم جي فائدن جي ٻوجھھ ۽ قدر نھ آھي. مگر ان لاءِ ھو ڪيئن ٿا جوابدار ٿي سگھن؟ انھن جي غريبي ان لاءِ ذميوار آھي. جيسين ماڻھوءَ جو پيٽ ڀريل نھ آھي تيسين ھو ٻئي ڪنھن بھ ڏس ۾ پنھنجو خيال ڊوڙائي نھ سگھندو. خالي ڳوڻ ڪڏھن بھ سنئين بيھي نھ سگھندي جن کي بدن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي ٽڪر نھ آھي، ۽ جيڪي ھڪ ويلو کائيندا تھ ٻئي لاءِ اٻالا نيڻ کڻي پيا واجھائيندا، سي علم ۾ ڪھڙو چاھھ وٺندا؟ سؤ ڪري اسين تحريڪون ھلايون تھ غريبن ۾ علم جو پرچار ٿئي ۽ کين زوريءَ تعليم ڏيون، پر ورندو ڪي بھ ڪين. پھرين انھن جي غريبيءَ جو علاج ڪرڻ گھرجي. غريب حياتيءَ جي ھر ڪنھن مسئلي کي پيٽ قوت جي نظر سان ڏسي ٿو. جيڪڏھن غريب کي چئبو ”تنھن جي ٻارن کي بنا پيسي تعليم ٿا ڏيون ۽ توتي ھو ڪنھن بھ قسم جو ٻوجھھ نھ پوندا“ تھ بھ ھو ناڪار ڪندو. ڇاڪاڻ جو انھن ٻارن کي جيڪڏھن ھو ڪپھھ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلي يا اھي ڪنھن زميندار وٽ ٻنيءَ تي وڃي بيھن، يا تغاري وڃي کڻن تھ، مھيني ۾ ويھھ يا ٽيھھ رپيا گھر ۾ کڻي ايندا. غريب پيسو ڏسي خوش ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ ان پيسي لاءِ ھو پنھنجو پگھر ڏئي ٿو. ھو محنت ڪري ٿو ۽ ان محنت جو اجورو اکين سان پسي گدگد ٿو ٿئي. انيڪ مثال لڀندا، جن ۾ غريب گھرن جي ڇوڪرن اڌ ۾ تعليم وٺڻ ڇڏي ھوندي. ھو پڙھن ڪين پورھيو ڪرين؟ ھن قصي جي سورمي ”حميد“ کي بھ ائين ڪرڻو پوي ٿو. منجھس علم لاءِ دلي شوق آھي. ليڪن ڪجھھ مدت بعد ھن کي اھو چاھھ مارڻو ٿو پوي ڇا اھا قرباني نھ آھي؟

غريبن کي مجبورا قرباني ڪرڻي پوي ٿي. ھن قرباني ذريعي ئي تھ زندھھ رھن ٿا. تياڳ تي انھن جي زندگيءَ جو بنياد ٻڌل ٿئي ٿو. ”جنت“ جي قرباني بھ بي نظير آھي. ھڪ مسڪين ڪڙميءَ جي ڌيءُ، ٻھراڙيءَ ۾ ڄاول ۽ نيل، قدرت جنھن جو سونھون ھئي، عجب ۾ وجھندڙ ڪم ڪري ٿي ڏيکاري. ھوءَ پنھنجي ساري حياتي ان ڪانڌ جي قرب ۾ ٿي گھاري جو ساڻس شاديءَ ڪرڻ کان اڳ ئي راھھ رباني وٺي ٿو وڃي؛ پر سندن نڪاح ٿيل ھو ۽ جنت دل ۾ حميد کي پنھنجو ڀتار ڪري چڪي ھئي. ھوءَ پاڻ سان سچي رھي. جنت اڃا حياتي ڪانھ ڏٺي ھئي. مگر جيڪي ڏٺائين سو حميد جي صحبت ۾. ھن کان پوءِ جنت ڪجھھ بھ ڏسڻ نٿي چاھيو. ھن جي دل ۾ ھينئر دائما رات ھئي، جنھن ۾ نھ چنڊ ھو، نھ تارا. قدرت جي گود ۾ رھي، انسان جيڪي پاڻمرادو پرائي ٿو، سو اسڪولي تعليم مان ڪٿي ٿو حاصل ٿئي!

نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي

(1)

ھالاڻيءَ(1) جي ڳوٺ جي رونق ئي بدلجي ويئي ھئي. بازار جي سوڙھين گھٽين ۾ جتي گراھڪن نھ ھئڻ سبب دڪاندار اڪثر اوٻاسيون پيا ڏيندا آھن، تتي ماڻھن جا انبوھ پئي نظر آيا. حلواين دڪانن کي مٺاين سان وٺي سينگاريو ھو. گراھڪن جي پيھھ کي منھن ڏيڻ لاءِ خاص بازاريون کلي ويون ھيون، ويساکيءَ جي ميلي(2) جو موقعو ھو. ھالاڻيءَ جا رھاڪو، ننڍا خواه وڏا، جن لاءِ ڳوٺ ۾ ڪابھ خاص وندر ڪانھي، ھن ميلي جي کليءَ دل سان مرحبا ڪندا آھن. دڪاندارن جي تھ ٻيگھي مچندي آھي. ورھھ ۾ اھو ھڪ دفعو ئي کين ھٿ ڪوسي ڪرڻ جو وجھھ ملي ٿو. ھن ميلي تي، جو ھر سال چيٽ جي مھيني ۾ لڳندو آھي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو ھزارن جي تعداد ۾ اچي حاضر ٿيا ھئا. ڪلھي گس لڳي پيئي ھئي. ميلي مان گھمندي معلوم پئي ٿيو تھ ڪيترا رونشي ڪوڏيا صرف تماشي لاءِ اچي اتي سھڙيا ھئا. راڳ جا شوقين ڏسڻ آيا ھئا. ڇاڪاڻ جو ان سال ڪن نامور ڀڳتن کي نينڊ ڏيئي گھرايو ويو ھو. پر ڪيئي ماڻھو تھ ويساکيءَ جي سنان(3) لاءِ آيا ٿي ڏٺا، جو سنان ميلي جي پھرئين ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ مھل درٻار(4) جي کوھھ تي ڪيو ويندو آھي. ان سنان کي اڃا تائين وڏي اھميت ڏني وڃي ٿي. چون ٿا تھ جن ڇوڪرين کي ور ملڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي، سي جيڪڏھن ويساکيءَ جو سنان ڪنديون ۽ اھو ۽ اڳيون ڏينھن اپواس(5) رکنديون، تھ سندن راھھ ۾ جيڪي بھ رنڊڪون ھونديون سي دور ٿي وينديون ۽ دلي مراد حاصل ٿيندين. ميلو لڳل جيتوڻيڪ ٿوريءَ ايراضيءَ ۾ ھو، تھ بھ زور شور سان ٿي رھيو ھو.

ميلي جي بازارين مان گھمندي ھڪ نظارو پئي ڏسڻ ۾ آيو. پنجاھھ ورھين جو ھڪ شخص ڪاٺ جي ننڍڙيءَ ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ ويٺو ھو، جا بعضي پاڻ پئي ھلايائين، تھ بعضي تيرھن چوڏھن سالن جي ڄمار واري ڇوڪر، جو سندس پٽ ھو. گاڏي تازي ٺھيل ٿي نظر آئي ۽ ڪچي ساڳ مان جڙيل ھئي. پير مرد ٽنگن کان ويٺل ھو. ھن جي ڊگھي ڏاڙھي، جنھن ۾ اڇن سان گڏ ڪجھھ ڪارا وار پڻ ھئا، سندس گاڏيءَ جي چوڌاري ويڙھي پيئي ھئي؛ منھن ڊگھو ۽ اکيون شيريون ھيس. ھو بدن جو ضعيف ٿي لڳو. ور ۾ گٺل پتل جي دٻلي پيئي ھيس، جنھن مان ھر گھڙيءَ ناس ڪڍي پئي ڏنائين. مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل ھيس، شڪل جو سانورو ھو ۽ منھن تي ماتا جا نشان پري کان پئي نظر آيا. ھن گاڏيءَ ۾ ويھي پئي شرنائي وڄائي. شرنائيءَ ۾ مٿان ۽ ھيٺان رنگين ريشم جا گل ڌاڳن ۾ ٻڌل ھئا، جن ساز کي نزاڪتدار ٿي بڻايو. شرنائيءَ جو آواز بيشڪ رس ڀريو ۽ دلگداز ھو. ماڻھو ھن جي راڳ تي مست ٿي سندس گاڏيءَ جي چوڌاري پئي ڦريا. ڪيترن ھوٽلن وارن ھن کي رپيو يا ٻھ آڇي ڪلاڪ سوا لاءِ ھن جو راحت ڀريو راڳ ۽ شرنائي پئي ٻڌا. جيترو وقت راڳ ھليو ٿي، تيترو وقت سندن دڪانن تي ماڻھن جو شمار ئي ڪونھ ھو. ۽ ان ٿوري عرصي ۾ ھونئن کان ٻيڻي يا ٽيڻي ڪمائي ٿي ٿين.

گاڏيءَ ۾ ويٺل مڱڻھار، جنھن جو نالو پيرو ھو، جيڪي ڪمايو ٿي، سو سمورو پاڻ وٽ ڪونھ ٿي رکيائين. ڪيترا منڊا ۽ محتاج، پينو زالون ۽ ٻار خيرات لاءِ سندس گاڏيءَ پٺيان پئي ويا، جن کي ھن پنھنجي ڪمائيءَ مان ٿورو ڏيئي خوش ڪري ٿي ڪڍيو. غريبن ۽ گھرجائن کي خبر ھئي تھ ھو سخي ھو. ھن مڱڻھار ظاھر ڪري ڏيکاريو ٿي تھ، سخاوت ھرڀرو شاھوڪار جو ورثو ڪينھي. ماڻھوءَ کي پيسو سخي نٿو بڻائي، مگر سخاوت واري دل. ليڪن جيئن ھو پيسو ڏيندو پئي ويو، تيئن پٽس، جنھن کي حميد ڪري ٿي سڏيائين ۽ جو سمورو وقت ساڻس گڏ ھو، خار پئي کاڌا. ھو پيءُ جي سخاوت سھي نٿي سگھيو. سندس چھري مان ظاھر ھو تھ، پيءُ سان ان باري ۾ ذڪر چورڻ لاءِ وجھھ پئي ڳوليائين. ساريءَ بازار کي چڪر ڏيئي. ھو ھڪ شاھي تنبوءَ وٽ اچي پھتا، جنھن جي ٻاھران ڪپڙي تي ڪاغذ جي اکرن ۾ لکيل ھو: ”مڱڻھارن جي مجلس شام جو ستين بجي.“ پٽ کي گاڏيءَ بيھارڻ لاءِ چئي، پيروءَ کيس چيو، ”حميد! اڃ لڳي اٿم، سامھون ٿاڌل وارو ويٺو اٿئي. ٽڪي وارو ھڪ گلاس تھ ٺھرائي اچ!“ حميد جڏھن ٿاڌل جو گلاس آڻي پيءَ کي ڏنو، تڏھن پڻس پٽڪي جي وڪڙ مان آنو ڪڍي کيس ھٿ ۾ ڏيئي چيو، ”تون بھ وڃي پيءُ. ڏينھن ڏس تھ ڪھڙو نھ گرم ٿيو آھي! ھن سال چاليھو بھ سويل ئي شروع ٿيو آھي.“ مگر حميد، ڀرسان ڪوبھ ماڻھو نھ ڏسي، دل جي بار ڍري ڪرڻ لاءِ رنج ڀرئي نوع ۾ پيءُ جي منھن ۾ نھاري، کيس چيو، ”ابا! پنھنجو پيسو ٻين کي ڇو ٿا ڏيو؟“

”اھو پيسو سندن ئي آھي.“ پيروءَ مشڪندي وراڻيو.

”ھنن جو ڪيئن ٿيو؟“ حميد عجب ۾ پئجي پڇيو.

”نھ تھ مان جيڪر کين ڪيئن ڏيان؟“

”مون کي توھان جو مطلب سمجھھ ۾ نٿو اچي.“

”انھن جي صدقي تھ مليم ٿو. حميد، ڇا مان ۽ ڇا راڳ! ڇا منھنجي بدن جو ضعف ۽ ڇا نڙيءَ جو ميٺاج!! انھن مسڪينن جي ڪري تھ خدا منھنجي گلي جو رس قائم رکيو آھي. نھ تھ جوانيءَ سان گڏ ڳائڻ جي ڏات پڻ وڃايان ھا.

”اسين پاڻ غريب آھيون ۽ غريبن تي ڪھڙي ميار آھي.“ ھو تھ اسان کان بھ وڌيڪ غريب آھن. ياد رک: جي وٺڻو اٿيئي تھ ڏيڻو بھ پوندءِ.“

”مان توھان کي وڌيڪ پيسو ان طرح وڃائڻ نھ ڏيندس.“

پٽ جي انھن لفظن پيروءَ جي دل کي چوٽ رسائي. ھن چيو، ”ڇاڪاڻ تھ ڌڻيءَ تعاليٰ مون کي پنڌ ڪرڻ جي طاقت کسي، مون کي تنھنجو محتاج بڻايو آھي؟ حميد، يقين اٿم تھ جنھن ڏينھن کان تون مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندين، تنھن ڏينھن کان وٺي راڳ پڻ مون کي الوداع ڪري ويندو، ھن دکيءَ حالت ۾ راڳ ئي آھي، جو منھنجيءَ دل کي تقويت ڏيئي رھيو آھي.“

”پيسي جي تنگيءَ ڪري مان علم کان بھ تھ محروم ٿو رھان.“

”تون تھ تعليم پرائين ويٺو.“

”مگر مون کي وڌيڪ پاڙھڻ جي... توھان چيو تھ توھان ۾ توفيق ڪانھي.“

”حميد! مڱڻھار چيو ۽ خاموشيءَ سان پٽ جي چھري کي چتائيندو رھيو. منٽ ٻن بعد ھن آھستي چيو، ”حميد، علم برابر ڪيميا آھي.“

”مگر غريب تھ ان کي ھٿ ڪرڻ جي خواھش رکي نٿو سگھي! علم تڏھن دولتمندن جو ورثو آھي؟، حميد وراڻي ۾ پڇيو.

”علم تھ ھر انسان جو ورثو آھي.“

”غريب شايد انسان ڪونھن؟ ڇا غريب ٿيڻ گناھھ آھي؟“

”حميد، علم رستي جي بتيءَ جيان آھي، جا غريب خواه شاھوڪار کي ھڪ جھڙي روشني ڏئي ٿي.“

”مگر مسڪين ان مان بھ فائدو وٺي نٿا سگھن! ابا، خدا اسان کي ڇو غريب ڪيو؟“ حميد نااميديءَ وچان پڇيو.

”محبت اٿس تھ اسان کي سڀ کان محروم ڇو رکيو اٿس؟ غريب ڪنھن بھ چيز تي دل ڪري نٿو سگھي! تعليم بھ چئو تھ ڳنھڻي پوي ٿي؟ ماڻھو ان ۽ پاڻيءَ جي خيرات ڪن ٿا، پر تعليم ڏيڻ بھ ھڪ وڏي خيرات آھي. ابا، توھان ساري ڄمار ڪامورن ۽ دولتمند زميندارن جي خدمت ۾ گذاري آھي. سو ڪم ڇڏي بھ سندن سڏ تي ڊوڙندا ويا ھوندا. ليڪن اڄ جڏھن توھين ھن محتاجيءَ جي حالت ۾ آھيو، تڏھن ڪير ٿو توھان کي مدد جي آڇ ڪري؟“

حميد جي اکين ۾ ناراضپو ھو. ھن اڃا وڌيڪ چوڻ چاھيو ٿي تھ تنبوءَ مان ھڪ ماڻھو ٻاھر نڪتو ۽ پيروءَ جي نزديڪ اچي، کيس چيائين، ”زميندار صاحب سڏيئي ٿو.“

حميد پيءُ کان خالي گلاس وٺي، دڪاندار کي ڏيئي آيو، ۽ پوءِ پيءُ جي گاڏي اندر تنبوءَ ۾ ڪاھي ويو.

”سائين، توھان مون کي سڏايو آھي.“ پيروءَ زميندار کي چيو، جو کٽ تي ليٽيو پيو ھو. گرميءَ ھئڻ سبب ھڪ نوڪر کيس پکو ھڻي رھيو ھو ۽ ٻئي پئي ھن جي پيرن جي ترين کي مھٽيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org