سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :2

ڊرامي جا مکيھ قسم صرف ٻھ ٿيندا آھن، جن کي طربيھ (Comedy) ۽ حزنيھ (Tragedy) چئبو آھي. سنڌي زبان ۾ ڪاميڊي اھو ڊرامي جو قسم آھي، جنھن جي سڄي ڪھاڻيءَجي پڇاڙي طرب يا خوشي ۾ ختم ٿئي، ان کي ٻين لفظن ۾ خوش انجام ڊرامو چئجي، جڏھن تھ ٽرئجڊي اھو ڊرامي جو قسم آھي، جنھن جي ساري قصي جي پڇاڙي حزن يا غم ۾ پوري ٿئي، ان کي ٻين لفظن ۾ غم انجام ڊرامو سڏجي.

ڊرامي ۾ ھنن جزن جو پڻ ھجڻ ضروري آھي:

1- ڪھاڻي، 2- ڪردار، 3- ڪشمڪش يا تصادم،

4- عروج،  5- اختتام.

ڊرامي جي صنف ۾ بھ ابتدائي پيڙھھ جو پٿر رکندڙ مرزا قليچ بيگ آھي. جنھن 1880ع ۽ 1885ع ۾ ”ليليٰ مجنون ۽ خورشيد“ نالي ڊراما لکيا. (26) ان کان پوءِ ھندو اديبن پڻ ڌڙا ڌڙ ڊراما لکڻ شروع ڪيا پر مسلمان اديبن بھ ھن صنف ۾ ڪا گھٽتائي ڪين ڪئي آھي. سندن تفصيل تمام ڊگھو آھي، ھن وقت سڌي ادب ڊراما جي صنف ۾ پڻ اڳين کان اڳرو آھي.

افسانو

لغوي لحاظ کان ھر ڪھاڻيءَ کي افسانو چئي سگھجي ٿو. پر افسانو ڪنھن طرح سان ڪھاڻيءَ کان مختلف بھ آھي. افساني جو فن خارجي ۽ عوامي آھي. تھ داخلي ۽ روحاني بھ آھي انھيءَ ڪري افسانو پراثر ۽ دلڪش ٿئي ٿو. ڇو تھ ھن ۾ فقط ڪنھن ھڪ ڪردار جو ھڪڙو رخ يا وقتي خصوصيت ڏيکاري سگھجي ٿي. جڏھن تھ ناول ۾ ڪردار گھڻا ھوندا آھن، ناول ڊگھو ھوندو آھي ۽ افسانو ننڍو ٿيندو آھي. آسان لفظن ۾ تھ ناول ھڪ وڏي آکاڻي ۽ افسانو ننڍي آکاڻي ٿيندي آھي. ناول ۾ انساني زندگيءَ جو مڪمل نقشو ڪڍبو آھي ۽ افساني ۾ ڪنھن حد تائين ھڪڙي موقعي يا واقعي جي تصوير پيش ڪبي آھي.

افسانو يورپ ۾ بھ گھڻو قديم نھ آھي. عام خيال آھي تھ، اوڻويھن صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ صنعتي انقلاب جي اثر ھيٺ انساني زندگيءَ کي، جن حالتن سان واسطو پيدا ٿيو، انھن ئي مختصر افساني کي جنم ڏنو. (27)

ورھاڱي کان پوءِ ھتان جي ھندو ليکڪن جي لڏپلاڻ جي ڪري ٿورو وقت ادب جي تخليقي ڪوشش ۾ ڪجھھ ماٺار اچي وئي، جنھن کي سکر جي مالڪ جناب غلام رسول ولد محمود خان ڪيھر، پنھنجي اداري حبيب پرنٽنگ پريس فريئر روڊ سکر جي ذريعي، ڪنھن حد تائين پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن اداري طرفان شيخ اياز جي افسانن جو مجموعو ”پنھل کان پوءِ“ شيخ عبدالرزاق راز جي افسانن جو مجموعو ”ڊاک بنگلو“ ۽ ٻين افسانا نگار جا لکيل ”گل مکڙيون“ شايع ٿيا. اھي مجموعا افساني جي ترقيءَ جو سبب بڻيا، ان کان سواءِ افساني جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ٽماھي ”مھراڻ“ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو. (28)

سنڌي زبان ۾ پھريائين افسانو غلام حسين قريشيءَ لکيو، جنھن جو عنوان ھو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھھ“ ان کان سواءِ سيد ميران محمد شاھھ ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري“ جي ڳالھھ افساني طور لکي. ڪن جو خيال آھي تھ، افساني جي شروعات بھ مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ سان ٿئي ٿي.

افساني جي ترقي ۽ ترويج جا ٽي دؤر تصور ڪيا ويندا آھن:

·          1916ع کان 1925ع تائين، واري دؤر ۾ افسانھ نگارن اخلاقي پھلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سماج جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيون آھن. عثمان علي انصاريءَ جو افسانو ”ململ جو چولو“ وفاداري ۽ بي رحميءَ جي ٻن ڪردارن کي اجاگر ڪري ٿو.

·          1932ع کان 1939ع واري دؤر ۾ لطف الله بدوي ”غربت“ عبدالله عبد جو افسانو ”اسڪول ماسترياڻي“ ۽ ”ويچارو ماستر“ قابل ذڪر آھن.

·          1940ع کان 1947ع واري دؤر ۾ افساني تي ترقي پسند رجحانن جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انھن افسانا نويسن ۾ شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، شيخ عبدالستار، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ سوڀو گيانچنداڻيءَ جھڙن اديبن جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آھن. تنھن کان پوءِ افسانن جي ترقيءَ جو دؤر شروع ٿئي ٿو ۽ اڄ تائين ڪيترائي افسانا وجود ۾ اچي چڪا آھن. جن مان سياسي،سماجي، اخلاقي، قومي ۽ گھڻ قومي مسئلن تي ھڪ صحتمند فڪر جو انداز ملي ٿو، فني لحاظ کان اڄ جو سنڌي افسانو بين الاقوامي معيار جي برابري ڪري ٿو، جنھن ۾ سماجي حقيقين جو سچو پچو عڪس ملي ٿو، اھڙي قسم جا افسانا اسان جي سنڌي نثر ۾ اھم ادبي سرمايو آھن.

صحافت

صحافت ۾ روزمره جي زندگيءَ جا واقعات، حالات، حادثات ۽ حالاتِ حاضره کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو آھي، عام طور تي اخبارون مقامي، ڏيھي ۽ پرڏيھي خبرن سان گڏوگڏ سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل ڪالم، مختلف ڏڻن تي نڪتل خصوصي اشاعتون ۽ خاص نمبر گھڻي قدر ادبي مواد مھيا ڪندا آھن.

صحافت ٻھ قسم آھي ھڪ ورقي ابلاغ (Print Media)، ٻيو برقي ابلاغ (Electonic Media).

صحافت جي باري ۾ سنڌ جي ڏاھي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آھي تھ، موجوده دؤر ۾ صحافت ئي ڪنھن ٻوليءَ جي لغت کي زندھھ جاويد رکڻ جو ثبوت آھي، ھڪ سڄاڻ صحافي پنھنجي ٻوليءَ جي سرمايي مان موزون لفظ ۽ اصطلاح چونڊي ٿو. سنڌي صحافت جي تاريخ شاندار آھي. اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ سنڌي صحافت جو بنياد پيو، انھيءَ دوران ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪتا، جن ادبي دنيا ۾ وڏي خدمت ڪئي آھي، جيئن ”سرسوتي“ 1890ع ۾ ساڌو ھيرانند جي اڳواڻيءَ ۾ جاري ٿي، ”جوت“ 1896ع ۾ ”ڊي- جي- سنڌ ڪاليج مسلني“ ٿانورداس واسواڻيءَ جي نگرانيءَ ۾ 1901ع ۾ ڪاليج طرفان شايع ٿي. ”اخبار تعليم“ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ديوان تارا چند شوقيرام جي سھاري ھيٺ 1902ع ۾ نڪتي، ”ڀارت واسي، ھند واسي“ 1905ع ۾ جاري ٿيون، 1920ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام ”روح رھاڻ“ ڪڍي، 1924ع ڌاري ”ڦليلي“ شروع ٿي. 1925ع ۾ ”ديش متر“ مارڪيٽ ۾ آئي. 1932ع ۾ ”سنڌو“ اخبار آندي وئي. انھن مڙني اخبارن مان ڪي ماھوار، ڪي دو ھفتي تھ ڪي وري ھفتيوار ھيون.

سنڌي صحافت بھ ڪيترائي لاھا ۽ چاڙھا ڏٺا ۽ ڪيترن ئي دؤرن مان گذري آھي. جنھن جو ھت اسين تفصيل پيش نٿا ڪري سگھون. بھرحال موجوده دؤر ۾ سنڌي صحافت سٺي ترقي ڪئي آھي. ھاڻي تھ اخبارون انٽرنيٽ تي پڻ اچي رھيون آھن، جي پوري دنيا ۾ ڏسي ۽ پڙھي سگھجن ٿيون، تنھنڪري سنڌي صحافت کي بغير ڪنھن لوڀ لالچ ۽ ڊڄ ڊپ جي پنھنجون ذميوارون نڀائڻ گھرجن.

مڪتوبات

مڪتوبات عربي ٻوليءَ جي باب ”کتبَ يکتبُ کتبا“ مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”لکيتون“. ھي بھ نثري ادب جي ھڪ صنف آھي، جنھن کي اسين پھريون دفعو متعارف ڪرائي رھيا آھيون. ھن صنف ۾ ڪنھن اھم شخصيت جيئن بزرگ، پير فقير، سياستدان يا ڪنھن معتبر سماجي ڪارڪن جا مڪتوبات محفوظ ڪيا ويندا آھن. مثلا مذڪوره شخصيت جا خط، دستاويز، دستخط، بياض، آٽوگراف ۽ تصويرات وغيره کي مڪتوبات چئبو آھي. انھن جزن تي مشتمل ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن، جن کي عام طور مڪتوبات جي نالي سان سڏيو ويندو آھي.

ملفوظات

ھن نثري صنف ۾ پڻ مٿين قسمن جي شخصيت جا احوال، آثار ۽ سندن اقوالن کي قلمبند ڪيو ويندو آھي، ان قسم جي نثر کي ملفوظات چئبو آھي، اھڙي قسم جا بھ ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن.

ناول

ناول انگريزي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ”عجيب شيءِ“ يا ”نئين شيءِ“. ناول جي اصطلاحي معنيٰ آھي انساني ڪردارن جو نثر ۾ بيان ڪرڻ. ناول ادب جو ضروري ڀاڱو آھي، جنھن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نھ سگھي.

ناول ۾ ڪھاڻي ۽ سيرت نگاري اھڙي مزيدار ۽ حال جي موافق ھجي ۽ منجھس اھڙي ڪشش ھئڻ گھرجي، جو پڙھندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين، اھڙو تھ قيد ڪري وٺي، جو جيستائين ناول کي ختم نھ ڪري، تيستائين کيس آرام نھ اچي. جيئن پڙھندو وڃي تيئن منجھس خواھش پيدا ٿيندي وڃي. ناول ۾ بھ شعر وانگر فصاحت، بلاغت ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. ناول انساني جذبات جو آئينو آھي، تنھنڪري منجھس فرضي ڪردار اھڙا ھجن، جنھن مان انسانيت لاءِ سبق ۽ راھنمائي ھجي.

ناول ۾ ڪھاڻي، ڪردار يا سيرت نگاري، گفتگو، پلاٽ، مڪان ۽ زمان، ھيئت، موضوع ۽ منظر نگاري تمام اھم حصا آھن. ھونئن تھ بنيادي طور ناول ٻن قسمن جا ٿيندا آھن.

1- مشاھداتي، ۽ 2- تصوراتي.

پر ادب جي ماھرن ان جا ڪيترائي قسم لکيا آھن. مضمون جي لحاظ کان ناول جا ھيٺيان قسم آھن:

مذھبي، عشقي، جنسي، قومي، افسانوي، منطقي ۽ تصويري وغيره ۽ ھيئت (Form) جي لحاظ کان ناول جا ھي قسم بيان ڪيا ويا آھن:

واقعاتي، ڪرداري، ڊرامائي، عصري ۽ نفسياتي وغيره.

جڏھن تھ عام طور ناول جا ڪيترائي قسم ٻڌايا وڃن ٿا:

اصلاحي، اخلاقي، معاشي، سماجي، سياسي، تاريخي، سفري، جاسوسي، رومانوي، جنگي، سائنسي، نفسياتي، تبليغي، علمي، معماتي، تمثيلي، اسراري، مھماتي، سياحتي، حقيقت پسندانھ، ھمدردانھ ۽ فلسفيانھ وغيره. (29)

سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات ترجمن سان ٿي آھي. سڀ کان پھريان مشھور انگريزي اديب ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو 1870ع ۾ ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي ڪيو، ھن ۾ انساني زندگيءَ جي مختلف مسئلن بابت ويچار ڏنل آھي.

1891ع ۾ ساڌو ھيرانند، والٽر اسڪاٽ جي تاريخي ناول ”طلسم“ جو ترجمو ڪيو، جو 1927ع ۾ ڪاڪي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي مڪمل ڪري ڇپايو، ھي ناول صليبي جنگين بابت آھي.

طبع زاد ناولن ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول ”دلارام“ 1888ع ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ سندس ٻيو اصلاحي ناول ”زينت“ 1890ع ۾ ڇپجي ظاھر ٿيو. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ لالچند امرڏنو مل جو نالو اچي ٿو، سندس ناول ”چوٿ جو چنڊيا ڀرم جي ڀلائي“ 1905ع ۾ شايع ٿيو. ان سان گڏ ڀيرومل آڏواڻيءَ جا ناول ”آنند سندريڪا“ ۽ ”موھني ٻائي“ بالترتيب 1910ع ۽ 1911ع ڌاري ڇپيا، انھن ناولن ۾ ھندو معاشري جون اوڻايون بيان ٿيل ھيون. 1915ع ۾ سندس وري ٻيو ناول ”وريل ۽ نعمت“ منظر عام تي آيا. انھيءَ سال ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي جو ناول ”نورجھان“ سامھون آيو. 23-1922ع ڌاري محمد بن قاسم جي فتح بابت حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائي جو ”سندري“ ناول ڇپيو. ان کان سواءِ سندس ٻيا تاريخي ناول ”ستيءَ جي ستيا“ ۽ ”چتر پتي“ ھڪ ٻئي پٺيان سنڌي سڄڻن کي پڙھڻ لاءِ مليا. 1931ع ۾ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول ”جھان آرا“ ڏاڍو مقبول ٿيو. 1946ع ۾ نارائڻداس ميورام ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”غريبن جو ورثو“ وڏي مقبوليت ماڻي. ھن وقت تائين سندس ڪيترا ڇاپا نڪري چڪا آھن.

آزاديءَ کان پوءِ ڪيترائي ناول وجود ۾ آيا. اھڙن ناول نگارن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو مڙني کان مٿاھون آھي. سندس ناول ”سانگھڙ“ وڏي مشھوري ماڻي. مٿين ناول نگارن کان سواءِ محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (30) پڻ ناول جي صنف ۾ پاڻ ملھايو آھي. ناول نگاري جو اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. ھن وقت اسان جو سنڌي ادب ناول جي صنف ۾ تمام آسودو آھي.

ناٽڪ

ناٽڪ جي باري ۾ دنيا جي مشھور ناٽڪ نويس وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آھي تھ:

”اسان فاني انسان، ناٽڪ جي ڪردارن وانگر، ھن دنيا جي اسٽيج تي، عارضي عرصي لاءِ اچون ٿا ۽ پنھنجو پنھنجو رول ادا ڪري، ھميشه لاءِ غائب ٿي وڃون ٿا.“

ڏٺو وڃي تھ، انساني زندگي ۽ ناٽڪ ۾ وڏي مماثلت آھي. اھوئي سبب آھي جو دنيا جي عظيم فنڪارن پنھنجي خيالن جي اظھار لاءِ ادب جي ٻين صنفن کان ناٽڪ کي گھڻي اھميت ڏني آھي.

ناٽڪ جو آغاز انسان جي تھذيب ۽ تمدن جي شروعات کان ئي معلوم ٿئي ٿو، جنھن جو ثبوت اسان کي پنج ھزار سال آڳاٽي موھن جي دڙي واري سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا مان ملي ٿو، جتان ھٿ آيل مکيھ مجسمن مان نرتڪي يعني ناچڻي ڇوڪري (Dancing Girl) سان گڏ ان جي ناچ کي ڏسندڙ (Auidences) مجسما پڻ مليا آھن، جيڪي ان دؤر جي آڳاٽي نرنيه يا ناچ- ناٽڪ جا اھم اھڃاڻ آھن. اھڙي قسم جي ناٽڪ کي زنيه يا ناچ- ناٽڪ (Ballet) چيو ويندو آھي. (31) اھڙي طرح سان قديم سنڌي راڳ وارين ڪافين جي ڳائڻ دوران ڳائيندڙ قصي ۾ بيان ٿيندڙ ڪردار جي اداڪاري ھٿن جي اشارن ۽ آواز جي لاھن چاڙھن سان ڪئي ويندي ھئي. مثال طور ليلا چنيسر جي داستان پيش ڪرڻ وقت، فنڪار قصي کي سانگ واري سٽاءَ (ڊرامائي انداز) ۾ پيش ڪندو آھي ۽ ڳائڻ ذريعي ٻولن کي ائين پيش ڪندو آھي، جو ڄڻ ليلا پاڻ چئي رھي آھي. (32) ھن قسم جي ناٽڪ کي راڳ- ناٽڪ (Opera) چئي سگھجي ٿو.

مٿين ٻن قسمن کان سواءِ ناٽڪ جو ٽيون قسم بھ اسان جي سنڌ ۾ مروج رھيو آھي. جنھن کي سانگ (حڪايتي ناٽڪ) چئبو آھي. ان بابت سنڌي لوڪ ادب جي ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آھي تھ، سانگ سنڌ جو ناٽڪ آھي. سنڌ جا مڱڻھار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ ھنرمند گروھھ شادين ۾ محفلن جي موقعن تي سانگ وجھندا ھئا، جنھن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا ھئا. ھنرمند عورتون وري عورتن جي مجلسن ۾ سانگ وجھنديون ھيون، اڃان تائين ڪن جاين تي اھي سانگ رچايا ويندا آھن. (33)

سنڌي ادب ۾ سنڌي ناٽڪ جو دؤر 1880ع کان شروع ٿئي ٿو، سڀ کان پھريون ناٽڪ مرزا قليچ بيگ ”ليلا مجنون، نالي ھڪ راڳ – ناٽڪ لکيو، پوءِ 1885ع ۾ ”خورشيد“ ناٽڪ لکيائين، جيڪو ھڪ گجراتي ناٽڪ ”سونا نامول ني خورشيد“ جو ترجمو ھو، تنھن کان پوءِ 1888ع ۾ ديوان ڪوڙومل چندن مل ”رتناولي“ ناٽڪ لکيو، جو اصل ۾ سنسڪرت جي مشھور ناٽڪ نويس راجا ھرش ديو جو لکيل ھو، ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ جو ٽيون ناٽڪ ”بڪاولي“ ڇپيو. (34)

1894ع تائين رڳو سنڌي ناٽڪ ڇپيل صورت ۾ پڌرا ٿيا، پوءِ ترت ئي سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج جي زينت بڻايو ويو ۽ اھا ابتدا بھ پيشھ ور ناٽڪن جي ھٿان نھ پر سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي ۽ سلجھيل ذھنن جي ڪوششن سان ٿي. انھيءَ ۾ حصو وٺندڙ بھ گھڻو ڪري استاد، شاگرد، پروفيسر ۽ تعليمي ماھر ھئا. انھيءَ ڪري سنڌي ناٽڪ زياده طور تعليمي ادارن جي احاطن ۾ يا وري پڙھيل طبقي جي سماجي تنظيمن جي پروگرامن تحت ٿيندا رھيا، جن جو اسٽيج تي پيش ٿيڻ جو مقصد گھڻو ڪري تعليمي جي ترقي خاطر ھو. (35)

جيئن تھ ميوارام ڀمڀاڻي بنيادي طور ھڪ ناولنگار ۽ ناٽڪ نويس ھو، تنھنڪري ھاڻي اچون ٿا سندس جيون چرتر طرف.

مصنف جا حالاتِ زندگي

نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي انگريزي ادب جو ڄاڻو ۽ ماھر ھو. ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪيل ھئس. پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي، جنھن کي ھن وقت ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪري ڪوٺيو ويندو آھي، ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ھو. تنھن ھوندي بھ سنڌي ادب سان گھڻو نيھن ھئس. انگريزيءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سنڌيءَ ۾ سماجي ناول لکڻ جي عمدي مشق ھئس، سندس عبارت جي طرز ڏاڍي سلوڻي ۽ رنگين آھي. کيس ناول ۾ منظر نگاري بھ حد درجي جي آھي، جو ڄڻ تھ اھي ماڳ ۽ مڪان گھمامي رھيو ھجي.

ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ۽ ٻيا اعليٰ پايھ جا اديب سندس لکڻي، علميت، ادبيت ۽ ڏاھپ جا مداحي ھئا. پاڻ بھترين مترجم بھ ھو تھ ان سان گڏوگڏ سٺا طبع زاد ناول لکي سنڌي ادب کي ڏنائين، ھو سنڌي علم ادب جي اعليٰ ناول نگارن مان ھڪ آھي. ھن جا ناول فني توڙي ادبي لحاظ کان اعليٰ شمار ڪيا ويا آھن. ھر ڪا ادبي لکڻي وقت جي آئينھ دار ھوندي آھي، جنھن ۾ حالتن جي عڪاسي ڪئي ويندي آھي، اھي ٻئي خوبيون ڀمڀاڻيءَ جي ناولن ۾ ملن ٿيون.

ڀمڀاڻيءَ جا وڏا اصل ھنڱورجن جا رھاڪو ھئا، جي پوءِ لڏي اچي پڊعيدن ۾ رھيا ۽ تنھن کان پوءِ سندس ڪجھھ مائٽ ٺارو شاھھ ۽ ٺٽِ ڳوراو ۾ وڃي ويٺا. ممڪن آھي تھ ڀمڀاڻي صاحب پاڻ پڊعيدن، ٺارو شاھھ يا ٺٽِ جو ئي ھجي، پر ان جو اسان کي اڃان تائين ڪو واضع ثبوت نھ ملي سگھيو آھي، باقي ايترو سو معلوم ٿئي ٿو تھ، پاڻ ”غريبن جو ورثو“ ۾ ٺارو شاھھ، ڪنڊيارو، ھالاڻي، گھانگھرا ۽ بازيدپور جو ذڪر واضع طور ڪري ٿو ۽ پاڻ ناول جي پلاٽ ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي پسگردائي ۾ گھمي، ڦري ۽ لامارا ڏئي ٿو. مطلب تھ سندس خيالن جي اپٽار سمنڊ جي ڇولين وانگر آھي، جو ڪڏھن پير مھدي شاھھ تھ ڪڏھن خانواھڻ تھ وري ڪڏھن گھانگھرا گھمي ٿو. انھيءَ مان معلوم ٿيو تھ پاڻ ھن علائقي جو ئي آھي، تنھنڪري کيس ھتان جي وستين واھڻن، ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن ۽ شھرن بابت ڳوڙھي ڄاڻ آھي.

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماھر ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ڀمڀاڻين بابت لکي ٿو تھ:

”ڀمڀاڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان نارائڻداس ميرن جي صاحبيءَ ۾ ھنڱورجن ۾ زميندار ھو ۽ ديوان عيدن مل ھنگوراڻيءَ جي نياڻي پرڻيو ھو، ڪنھن وقت ديوان نارائڻداس جو پنھنجي ڀائرن سان ملڪيت تان تڪرار ٿيو تھ، پنھنجي سھري ديوان عيدن مل کي چيائين تھ، اھڙي ڪنھن ھنڌ ھلي رھجي، جتي نھ ڀائر ڏسن، نھ کٽ پٽ ٻڌجي. ديوان عيدن مل وڏي پڌارت وارو ھو، تنھن سندس مرضي رکڻ لاءِ نوشھري فيروز تعلقي ۾ ڳوٺ ”چِيھو“ کان ڏيڍ ڪوھھ پري ھڪ ويران پٽ وڃي وسايو، جڏھن تھ ڪيترن ھندن کي ھمٿائي اتي آندائين ۽ کين جايون بھ پنھنجي خرچ تي جوڙائي ڏنائين، جنھن ڪري اھو نئون ٻڌل ڳوٺ سندس نالي پٺيان ”پٽ عيدن“ ۽ پڊعيدن“ سڏجڻ ۾ آيو.“ (36)

ڀمڀاڻين جي آڪھھ، ديوان نارائڻ داس جي پوٽاڻ ۽ ديوان عيدن مل ھنڱوراڻيءَ جو ڏوھٽاڻ ديوان ڀمڀومل جي نالي پٺيان ڀمڀاڻي سڏجن ٿا.

تصنيفات

ڀمڀاڻي صاحب جو لکڻ پڙھڻ جي دنيا ۾ وڏو نالو آھي. پاڻ 1944ع کان 1945ع تائين سنڌ جي مشھور ليکڪن جا نثر ۽ نظم تي مشتمل ٽي ڀاڱا ادبي گلشن نالي مرتب ڪيائين، جن جي خصوصيت ديوان ڏيارام وسڻمل جي انتخاب وانگر اھا ھئي جو ھرھڪ ليکڪ جي ساھتڪ جيوت ۽ رچنائن جو مختصر احوال پڻ ڏنل ھو. (37) جنھن جي مھاڳ ۾ ڀمڀاڻي صاحب پاڻ ئي لکي ٿو تھ:

”ادبي گلشن جي ٽن ڀاڱن مان، ھرھڪ ۾ نثر خواھھ نظم جا چونڊ ٽڪرا کنيل آھن ۽ ھرھڪ مصنف جو ٿورو ڪي گھڻو ذڪر ڪيو ويو آھي، ھڪڙي ئي ڪتاب ذريعي گھڻن لکندڙن سان واقفيت صرف ھھڙن انتخابن دوران ئي ٿي سگھي ٿي. (38) انھيءَ ادبي گلشن جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڀمڀاڻيءَ جا ليک ”پرائي ماس ۾ ڪاتي“ جيڪو حقيقتا سندس ناول ”وڌوا“ تان ٽڪرو کنيل آھي، جنھن ۾ ھڪ عورت ”گومي“ پنھنجي پٽ ”اجيت“ کي شادي ڪرائڻ جو اونو رکي ٿي پر کيس وٽ شاديءَ جو خرچ ۽ ڪنوار جي واسطي زيور گھڙائڻ لاءِ ڪجھھ بھ نھ آھي، پر اجيت کيس چئي رھيو آھي تھ امان! زيورن پائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جنھن تي گومي کيس چوي ٿي تھ، اجيت! مڻين بنا نئين ڪنوار ڪيئن سھڻي لڳندي؟

”عورت جي سونھن سادگيءَ ۾ آھي ۽ نھ سون ۾، مڻيا زال کي من لڀائيندڙ نھ ٿا بنائين پر ھن جا لڇڻ، عورت جا اخلاق ئي ھن جا بي بھا ڳھڻا آھن.“ اجيت اھا وراڻي ڏئي ٿو.

جنھن تي ماڻس کيس چوي ٿي تھ:

”ائين پرائي ماس ۾ ڪاتي وجھڻ سٺو ڪم ڪين آھي.“ (39)

سندس ٻيو ليک ”نالا“ آھي، جنھن لاءِ مصنف لکي ٿو تھ:

”ماڻھو نالا لکي پاڻ کي امر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن تھ جيئن ھو ھميشه دنيا وارن کي ياد رھن، انھيءَ لاءِ شاگرد ھاسٽل جي ڀتين تي نالا، لائبرري جي ڪتابن تي نالا، ڌنار جھنگ ۾ وڻن تي نالا، ميت جا مائٽ قبرن تي نالا لکائيندا آھن، پر انھن نالن کي ڪوبھ جٽاءُ ۽ ھميشگي نھ آھي، جڏھن تھ شاعر ۽ اديب امر ٿي سگھن ٿا، پر جتي وڏا بزرگ ۽ شاعر ئي ياد ڪونھن، اتي اسان جھڙا ادبي عابد ڪنھن کي ياد رھندا. سنڌ بي قدرن جو ملڪ آھي، منھنجو نالو تھ پاڻيءَ تي لکڻ ۾ ايندو، جو اتي ئي لکجي اتي ئي ڊھيو وڃي. مگر پاڻ کي اھو دلاسو ڏيندو آھيان تھ، ٻين وندرن کان ادب جي وندر وري بھ بھتر آھي.“ (40)

1942ع ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول ”مالھڻ“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جنھن جو پس منظر سنڌ جي ”سن“ ۽ ”مانجھند“ شھرن تي ٻڌل آھي پر اھو جھوني زماني وارن موتن ۽ خودڪشين سان ٽمٽار آھي، توڻي جو منجھس خيال فيلسوفاڻا ۽ عبارت علميت واري اٿس.

1943ع ۾ مصنف جو ھڪ ٻيو ناول ”وڌوا“ ڇپيو، جنھن جو پس منظر ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاھھ جھڙن شھرن تي ٻڌل آھي، ھن ۾ ھندو قوم جون ڪميون ڪوتاھيون ۽ غلط رسم و رواج بيان ڪيا ويا آھن، گڏوگڏ ھڪ نوجوان تعليم يافتھ ھندو وڌوا جا ڏک ۽ امنگ چٽيل آھي. ھي ناول ھندستان ۾ تعليمي نصاب تي رکيل آھي.

1945ع ڌاري پروفيسر ڀمڀاڻي ”ادبي غنچو“ شايع ڪيو، جنھن ۾ سندس ئي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي ساٿي پروفيسر رام پرتابراءِ پنجواڻي جي ليکن جو انتخاب بھ ھو. ان ۾ ڀمڀاڻي جا ليک ھي ھئا:

عبارت (ادبي ليک) نالا (خيال ليک) جنھن جو مٿي ذڪر ڪري چڪا آھيون، عظيم غلطي (مذاقي مضمون) ھري (جنھن ۾ مائٽن جا ابھم ٻارن تي ظلم ڏيکاريل آھن) ۽ فقيرن لاءِ قاعدو (جنھن ۾ فقيرن جي سقيم حالت لاءِ سماج کي جوابدار قرار ڏنو ويو آھي.) تنھن کان سواءِ سندس تصنيف ۾ ”شاھھ جون سورميون“ تصويرن سان گڏ سنڌي ڪتاب گھر حيدرآباد طرفان ۽ ٻيو ڇاپو 1957ع ۾ ڇپيو، لازمي آھي تھ ان کان اڳ ۾ بھ ڇپيل ھوندو پر اھو نسخو ھن وقت اسان جي سامھون نھ آھي، شاھھ جي سورمين کان سواءِ ٻيارن لاءِ آکاڻيون پڻ لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيائين. (41) وري جڏھن 1932ع ۾ ديوان بولچند راڄپال مشھور ماھوار علمي مخزن ”سنڌو“ برپا ڪئي (42) تھ ان ۾ پروفيسر ڀمڀاڻي صاحب جو ادبي ليک ”سنڌي ساھتيه جا ٽيھھ سال 1916ع کان 1946ع“ ڇپيو. (43)

ساڳي ئي سال يعني 1945ع ۾ سندس ٽيون ناول ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ ڇپجي ظاھر ٿيو، جو اصل ۾ انگريزي جي ناول (Tess of Durber Willes) تان ترجمو ٿيل آھي، ھن ناول ۾ ماحول ۽ معاشري جي خرابين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيئن تھ ھي ناول سنڌ جي حالتن سان ٺھڪندڙ ھو، تنھنڪري ھن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري مٿس نالو رکيائين ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“. ھن ناول بابت خود مصنف لکي ٿو تھ:

”ھن ڪتاب جو بنيادي ويچار ڪھڙو آھي؟ انسان جي جيڪڏھن صرف ٻاھرين رھڻي ڪھڻي پاڪ آھي تھ، اھو ڪافي نھ آھي، رھڻي ڪھڻيءَ کان وڌيڪ ضرورت آھي تھ، سندس خيالن ۾ ڪوبھ ناپاڪ جزو نھ ھجي.“

ھيءُ ناول پھريان 1930ع ۾ ڇپيو ھو ۽ سندس ٻيو ڇاپو 1945ع ۾ منظر عام تي آيو.

1935ع ۾ چوٿون ناول ”غريبن جو ورثو“ لکيائين، جو ديوان موتي رام راماڻي 1946ع ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ادبي گھر ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ھن جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تھ ويچارو غريب ھميشه تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو.

”غم غريبن جو ورثو آھي، ساندھھ ڏکن سھڻ ڪري سندن سيرت گھڙجيو پوي. جيتوڻيڪ کين ڏيڻ ۾ ھرڪو ڪيٻائي ٿو، تھ بھ ھو ڏئي ڄاڻن. ٻيو ڪجھھ ڏيڻ لاءِ نھ اٿن، تھ پنھنجو پاڻ تھ اٿن. جيڪڏھن ڌن نھ اٿن، تھ تن ۽ من جو تياڳ تھ ڪو ھنن کان سکي.“

ھت اسان جو تعلق پڻ مصنف جي انھيءَ ناول سان آھي، تنھنڪري ھاڻي ناول ”غريبن جو ورثو“ ۾ آيل ڪردارن جو وچور ڏئي رھيا آھيون.

ڪردارن جو تعارف

1.      جان محمد: ھڪ زميندار آھي، جنھن سان پيرو مڱڻھار جي پراڻي نيازمندي ھئي. ھالاڻيءَ ۾ ويساکي جي ميلي تي ھر سال مڱڻھارن ۽ راڳيندڙن جي مجلس لڳائيندو ھو.

2.     پيرو مڱڻھار: ٿر ۾ ڏڪار سبب لڏي اچي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھھ ۽ ھاڻوڪي ضلعي نوشھروفيروز جي حدن ۾ اچي ويٺو، ناولنگار پڻ ضلع نوابشاھھ لکيو آھي پر 1989ع ۾ سنڌ سرڪار نواب شاھھ کي ٻھ اڌ ڪري، دولتپور، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ خود نوابشاھھ تعلقن تي مشتمل ھڪ ضلعو نوابشاھھ جي نالي سان، جڏھن تھ محرابپور، ڪنڊيارو، ڀريا سٽي، مورو ۽ خود نوشھروفيروز تعلقن کي شمار ڪري ضلعو نوشھروفيروز جوڙيو ويو.

پيرو مڱڻھار شرنانين وڄائڻ جو ملوڪ ۽ طبيعت جو سخي ھو، ڀڳت ڪنور رام وانگر، جيڪا گھور ملندي ھئس، سا اتي جو اتي فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ھو. بھرحال صحيح معنيٰ ۾ فنڪار ۽ سخي دل انسان ھو.

3.     حياتان: مٿين پيرو مڱڻھار جي زال، ٿر مان پير مھدي شاھھ ڳوٺ ڏانھن لڏي اچڻ وقت، رستي ۾ ھٿ پير لڌائين ۽ حميد کي جنم ڏئي پاڻ چالاڻو ڪري وئي.

4.     بخشڻ کٽي: پيروءَ سان گڏ ٿر مان لڏي اچي ساڻس گڏ رھيو، پيروءَ جي پٽ ”حميد“ جي سنڀال ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ بري صحبت ۾ ڦاسي شرابي ٿيو ۽ نشي سببان ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو.

5.     سچل: ھيءَ بخشڻ کٽيءَ جي زال، حميد جي ماءُ (حياتان) مري وڃڻ کان پوءِ کيس نپايائين. انتھائي محنتي، رحمدل ۽ وفادار مائي آھي.

6.     حميد: ھن ناول جو ھيرو ۽ سورمو آھي. پاڻ سمجھو، سياڻو ۽ محنتي ۽ فرض شناس، علم جو ڳولائو ۽ انسان ذات سان ھمدردي رکڻ وارو، ٿڃ پياريندڙ ماءُ ”سچل“ جي خدمت ڪندي سلھھ (Tuber Culosis) جھڙي موذي مرض ۾ گرفتار ٿي، پنھنجي زندگي قربان ڪري ٿو، پر پنھنجي رضائي ماءُ جي خدمت ۾ ڪابھ ڪسر ڪين ٿو ڇڏي.

7.     جمال: حميد جو ھم ڪلاسي، ڪنڊيارو جي انگريزي اسڪول ۾ ساڻس گڏ پڙھندو ھو.

8.     جنت: ناول جي ھيروئن ۽ سورمي آھي، ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ گھانگھرن جي سدا ملوڪ، سلڇڻي، سٻاجھڙي، سادي ۽ ھڪ پاڪيزه اڻ پڙھيل ڇوڪري آھي، جا ھڪ ڳوٺاڻي ٿي ڪري فقط حميد جي محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي. ھو تحمل سان پنھنجي نفس تي ضابطو آڻڻ واري، وفاداري ۽ پاڪدامن ڇوڪري آھي. جيڪا ھڪ دفعو ڪنھن سان پيار ڪرڻ جي آڌار تي، ان لاءِ ساري جيون قربان ڪري، پنھنجي پريمي حميد جي مرڻ کان پوءِ بھ سندس قبر تي گل چاڙھيندي رھي ٿي.

9.     دادن: بخشڻ کٽيءَ جو پٽ، ھڪ صاف ۽ سادي طبيعت وارو ڇوڪرو آھي. ھي بھ جنت جي محبت ۾ جڪڙجي وڃي ٿو پر پنھنجي ٿڃ شريڪ ڀاءُ حميد جو ڀرم رکندي ڳچ عرصو گمناميءَ جو گذاري ٿو.

10.  قادر بخش: گھانگھرن جي ڳوٺ جو رھاڪو، جنت جو پيءُ، رحمدل، سخي ۽ ھڪ مھمان نواز ڳوٺاڻو ھاري آھي.

11.   صادق علي: ڪنڊيارو جو علم دوست، غريبن جو ھڏڏوکي، خدمتگار ۽ مددگار زميندار آھي، جنھن جي سھائتا سان حميد پڙھيو ۽ پوءِ وڃي ڊڪ منشيءَ جي عھدي تي رسيو.

مٿين ڪردارن تي سرسري نظر وجھبي تھ سمورا ڪردار پنھنجي پنھنجي جاءِ تي موزون نظر ايندا. ڪوبھ ڪردار غير ضروري نھ آھي. جيڪڏھن پلاٽ مان ڪنھن بھ ڪردار کي جدا ڪبو تھ ڪھاڻيءَ جو سلسلو ئي ٽٽي پوندو. سمورا ڪردار ھڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل آھن ۽ ھڪڙي ئي ماحول جي پيداوار آھن. جڏھن تھ پڙھندڙ ناول جي مطالع ۾ اھڙو تھ محو ٿي وڃي ٿو، جو ھو پاڻ کي بھ ناول جو ھڪ ڪردار تصور ڪري ٿو.

ناول ۾ ڪوبھ ڪردار جا مدنظر نٿو اچي. سڀئي ڪردار پنھنجي عمل ۽ ردعمل جي نتيجي ۾ ڦرندا رھن ٿا، ان ڪري پڙھندڙ مٿان پنھنجو گھرو اثر ڇڏين ٿا. (42)

ناول جو پس منظر

نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي ھي ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھھ ۽ موجود نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تھ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو.

ھي ناول ڏيکاري ٿو تھ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجھھ ٻيو بھ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بھ چئبو آھي.

مصنف کي ڪھڙي ڳالھھ ھن ناول لکڻ تي آماده ڪيو، تنھن بابت پاڻ لکي ٿو تھ:

”ھڪ رات ستو پيو ھوس تھ رڙين جو آواز آيو. جاڳي ڏسان تھ، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جا ملازم فقيرن ۽ سندن عورتن کي شھر جي کليل جاءِ تان اٿاري رھيا آھن تھ ھتي نھ سمھو. غريب ويچارا آزيون نيزاريون ڪندا رھيا تھ اڄوڪي رات مھلي ڏيو مگر ملازمن کين ھڪالي ڪڍيو.“

غريبن جي اھا حالت ڏسي مصنف جي دل تي گھڻو اثر ٿيو ۽ سندس دل ۾ اھي خيال اٿيا تھ:

·          غريبن برابر ۾ دنيا ۾ گند ڪيو آھي؟

·          پٽ تھ ڌڻيءَ جو آھي، پوءِ ھي انھن کي سمھڻ ڇو نٿا ڏين؟

·          غريب بھ تھ سماج جو جزو آھي.

·          جي غريب ٿيڻ گناھھ آھي، تھ پوءِ انھن جي سڌاري لاءِ ڪو قدم ڇو نٿو کنيو وڃي؟

·          دولتمندن جا ڪتا بھ ڪوٺين ۾ قابو آھن پر غريبن کي کليل ميدانن تي سمھڻ جي بھ اجازت نھ آھي.

·          اي انسان! خيرات اھا نھ آھي تھ، تون اسپتالون ۽ مسافر خانا ٺھرائين پر غريبن جو ٻار رستي ۾ ھڪ پيسو گھري تھ ان کي ڇڙٻون ڏين.

·          اي انسان! تون جيئن علم ۽ عقل ۾ ترقي ٿو ڪرين، اوتريو دل جو سخت ڇو ٿو ٿين؟

·          غريب جڏھن ساندھھ ڏک سھي ٿو تھ، سندس سيرت گھڙجي ٿي.

·          قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آھن، پر غريبي ڇھون حواس آھي.

·          چون ٿا تھ غريبن ۾ علم پرائڻ لاءِ چاھھ ڪونھي، ھاڻي جيڪي ماڻھو کائڻ لاءِ پريشان ۽ ڍڪڻ لاءِ اٻاڻا نيڻ کڻي نھارين تھ اھي علم لاءِ ڪيئن اڳڀرا ٿيندا؟

·          مٿيان خيال ليکڪ جي ذھن ۾ انھيءَ ڪري اڀريا، جو ھن ميونسپالٽيءَ جي ملازمن جو غريبن مٿان ظلم، پنھنجي اکين سان پيسو، مصنف انھيءَ واقعي جو گھرو اثر قبول ڪيو تھ سندس ذھن ۾ اھڙا ٻيا بھ واقعا تري آيا ۽ انھن کي ترتيب ڏيئي ناول ”غريبن جو ورثو“ تيار ڪيائين.

ھن مان معلوم ٿيو تھ، جيڪي واقعا انساني ذھن تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ زندگيءَ سان گھاٽو تعقل رکن ٿا، انھن کي ترتيب ڏئي لفظي جامو پھرائي ناول تيار ڪري سگھجي ٿو.

ناول جو تنقيدي اڀياس

پروفيسر ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو ھيءُ ناول ”غريبن جو ورثو“ ھونئن تھ 1935ع جو لکيل آھي، پر ورھاڱي کان اڳ پھريون ڀيرو 1946ع ۾ ديوان موتي رام راماڻي ڇپائي ظاھر ڪيو، ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ ان کان پوءِ ٽيون ڇاپو بھ ڇپجي پڌرو ٿيو. چوٿون ڇاپو 1974ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، سنڌي ساھت گھر حيدرآباد طرفان 2005ع ۾ پنجون ڇاپو بھ نڪري نروار ٿيو، ھي ان جو ڇھون ڇاپو آھي، جيڪو اسان روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان سينگاري، سنواري نئين انداز سان ترتيب ڏئي شايع ڪري اوھان جي ھٿن ۾ پھچائي چڪا آھيون.

ھاڻي اسان رخ رکون ٿا تھ ناول جي صحت، ٻولي، سٽاءُ ۽ سندس خوبين خامين طرف:

·          پروفيسر ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو ھيءُ ناول دکدائڪ نظر اچي ٿو، جنھن ۾ ڏکن کي غريبن جو ورثو ڪري کنيو ويو آھي، پر انھن ڏکن تي غالب پوڻ جو حل نھ ٻڌايو ويو آھي ۽ انھن کي ڪاٿي بھ اھڙو غريب نھ ڏيکاريو ويو آھي، جو اھي اٽي، لٽي ۽ اجھي جا محتاج ھجن، حالانڪ غريب اھو آھي، جنھن کي انھن ٽن شين جي لوڙ ھجي. ناول نگار جيڪي حالات لکيا آھن، تن مان ائين پيو سمجھجي تھ پيروءَ جو خاندان مڇيءَ مانيءَ وارو ھو.

·          ناول تمام عمدي نموني سان سٽيو ويو آھي. منجھس ڪردار ۽ واقعن جي ھڪ ٻئي سان مناسبت ڏيکاري وئي آھي پر ڪاتي ڪاتي بي اڻت، بي ربط ۽ اڻٺھندڙ واقعا بھ آندا ويا آھن جيئن:

”واءُ لڳندي واٽ تي ڪتاب جي پنن جو اچي حميد جي ٽنگن ۾ وچڙڻ ۽ انھن ڪاڳرن ۾ وري آکاڻيون ڇاپيل ھئڻ يا حميد جو درويش وٽ وڃڻ ۽ اتي تختيءَ تي ھدايتون لکيل ھئڻ ۽ پکاليءَ جي پاڻمرادين ڳالھين مان حميد جو مطمئن ٿيڻ وغيره.“

مٿين جملن جو ناول جي پلاٽ سان ڪو تعلق ئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

·          ناول ۾ زبان تمام سليس، سادي ۽ ٺيٽ ٻھراڙي واري ادا ٿيل

آھي. پر ھڪ اڌ جاءِ تي مصنف ٻوليءَ جو انداز واڻڪو پڻ ڪري ويو آھي. جيئن:

”ان سال ويساکيءَ جي ميلي تي ڪن نامور ڀڳتن کي نينڊ ڏئي گھرايو ويو ھو. پر ڪئين ماڻھو تھ ويساکيءَ جي سنان لاءِ آيا ٿي ڏٺا، جو سنان ميلي جي پھرين ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ مھل درٻار جي کوھھ تي ڪيو ويندو آھي، ان سنان کي اڃا تائين وڏي اھميت ڏني وڃي ٿي. چون ٿا تھ جن ڇوڪرين کي ور نھ ملڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي، سي جيڪڏھن ويساکيءَ جو سنان ڪنديون ۽ اھو ۽ اڳيون ڏينھن اپواس رکنديون، تھ سندن راھھ ۾ جيڪي بھ رنڊڪون ھونديون، سي دور ٿي وينديون.“

·           ان کان سواءِ لوازمو، مفتون، راھ راست ۽ بي خار جھڙن عربي ۽ فارسي حدفن کان علاوه سنسڪرت ٻوليءَ مان اپواس، ڪشٽ، ڀسم، روٽي، وگيان ۽ تياڳ جھڙا الفاظ ڪم آڻي ٻوليءَ کي سادو ۽ سولو بنائڻ بدران منجھيل ڪري ڇڏيو اٿس.

·          ناولنگار غريبن جو ڏاڍو ھمدرد ڏسجي ٿو، ان کي واقعي غريبن سان ھمدردي بھ آھي ۽ چوي ٿو تھ، عملي طور تي ڪي اھڙا اثرائتا قدم کنيا وڃن، جن مان غريبن جي حالت سڌاري وڃي پر غربت ختم ڪرڻ لاءِ مصنف ڪوبھ ٺوس حل نھ ٻڌايو آھي. اڃا بھ تصور ملي رھيو آھي تھ، غريب بس سورن لاءِ ئي ڄائو آھي ۽ سورن ۾ زندگي گھارڻ کان سواءِ ڪجھھ نٿو ڪري سگھي.

·          ناول ۾ حميد ۽ جنت جي وچ ۾، جيڪي مڪالما ڪرايا ويا آھن، سي پڻ ڪنھن ٻھراڙيءَ جي ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جا نٿا لڳن، جڏھن تھ ناولنگار کين سادو ۽ سٻاجھڙو ڪري پيش ڪيو آھي. ناول مان اھو سبق ملي رھيو آھي تھ، ھو ٻئي ذھين ۽ چالاڪ آھن. ان کان سواءِ گھانگھرن جي ھڪ ٻھراڙيءَ جي ڇوڪريءَ جو اھڙي طرح سان ھڪ اڻ ڀئين ماڻھوءَ سان عشق ڪرڻ، پاڻ ۾ ڪچھريون ڪرڻ، حميد جو سندس گھر اچڻ، راتيون رھڻ ۽ مٽن مائٽن جي سامھون گڏ کائڻ پيئڻ، ٻھراڙيءَ جي ماحول ۽ سنڌ جي تھذيب جي بلڪل ابتڙ پيو لڳي. سنڌ جي ڪابھ عورت اھڙي بي پرواھيءَ سان والدين جي روبرو پنھنجي پيارل سان قرب ونڊي نٿي سگھي.

·          حميد جو پنھنجي ٿڃ پياريندڙ ماءُ کي بيگانو ڪرڻ، کانئس ڳچ زمانو غافل رھڻ ۽ پنھنجي نوڪريءَ ۾ مشغول رھڻ ۽ رڳو پريما جنت جو انتظار ڪاٽڻ، حميد جي خدمتگذاري، فرمانبرداري ۽ ماءُ جي رکوالي واري تصور کي ڇيھو رسائي ٿو، ناولنگار کانئس اھڙي غفلت نھ ڪرائي ھا، تنھنڪري اھڙي تصور بجاءِ مصنف حميد ۽ سندس ماءُ کي ويجھو رکي ھا تھ ڏاڍو ڀلي ٿئي ھا.

·          ناول ۾ ڀمڀاڻي صاحب ڪجھھ تاريخي حقيقتون بھ ڏنيون آھن، جيڪا ھڪ سٺي ڳالھھ آھي تھ، جيئن پڙھندڙ تاريخي واقعن ۽ حادثن کان واقف ٿين، جيئن 1929ع واري ٻوڏ جو منظر ھن طرح چٽيو اٿس:

1929ع وارو سال سنڌ لاءِ ڪافي نقصانڪار ثابت ٿيو، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھھ ضلعن ۾ تھ ٻوڏون قھر ڪري ڇڏيا. ڇر جي پاڻيءَ ھيٺ سون جي تعداد ۾ ننڍا ڳوٺ ۽ واھڻ ناس ٿي ويا. ڪيتريون پڪيون ۽ ڪچيون جڳھيون پاڻيءَ ھيٺ اچي ويون. جان ۽ مال جو نقصان بھ اڪيچار ٿيو.“

·          ناول ۾ ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي، منجھس پھاڪا ۽ اصطلاح سٺا ڪتب آيل آھن جيئن:

”نھ ٿيو آھيان ڏھڻ جو نھ ڪھڻ جو“، ”غريب جو تھ واءُ بھ ويري“، ”وھلور وڃڻ“ ۽ ”گھڙي گھڙي جا وڍ پوڻ“ ڏيئي تي وٽ چڙھي تھ ڏينھن ٺري، سگھو کائي ان ۽ اگھو کائي ڌن، لڳو وا، ويو ساھھ ساھھ تي ڪھڙو آھي ويساھھ، ميان جي مڏي، ٻھ ڏندڻ ھڪ تڏي، ڪڇڻ ڪم ڪچن جو، اڻڀا سڻڀا نھ ڪري، سونھن وڃايم سور، آنڊي جي ڄر ۽ ڀاڙا ڏيڻ وغيره.

ان کان سواءِ مصنف پيروءَ جي جذبي مان ظاھر ڪيو آھي تھ، غريب وڏيءَ دل وارا آھن ۽ حميد جي ماءُ جي خدمت ۾ جان ڏيڻ وارو جذبو پڻ اعليٰ ڪردار آھي.

بھرحال ”غريبن جو ورثو“ ڀمڀاڻي صاحب جو طبع زاد ناول آھي، جيڪو ورھاڱي کان اڳ جي سنڌي ادب، خاص ڪري ساھتي پرڳڻي بابت ھندو اديبن جي لکيل ادبي خدمتن جي ھڪ بھترين سوکڙي آھي. حالانڪ سنڌي لکڻ جو جيڪو ڏانءُ ھندو اديبن کي آھي ۽ منجھن عبارت جي پختگي آھي، سا ٻين ۾ گھٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

جيئن تھ ھر ناول ۾ ٿوريون ڪي گھڻيون خوبيون، خاميون ضرور ھونديون آھن، پر ان ھوندي بھ ھي ناول فني لحاظ کان پنھنجي عروج تي پھتل آھي ۽ سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو وکر آھي.

پڄاڻي

سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ ادنيٰ خادم جي حيثيت سان، مون پنھنجي وت آھر ادب جي باغ مان ڇڳا چونڊي، ميڙا چونڊي ڪري مھاڳ ۾ گھڻو ڪجھھ ادبي مواد مھيا ڪيو آھي. ھيءَ منھنجي ننڍڙي ڪوشش ضرور آھي پر ادبي دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ وڏي وٿ آھي. آس اٿم تھ منھنجو ھيءُ پورھيو صاب پوندو ۽ ادب جي دنيا ۾ لاڀائتو ٿيندو. وڌيڪ پڙھندڙن تي ڇڏيو ويو آھي، تھ آءٌ پنھنجي مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آھيان، پڙھندڙ پوءِ بھ جيڪڏھن منھنجي ڪم ۾ ڪا اوڻائي پوڻائي پائين تھ منھنجي ناقص علمي سمجھي درگذر ڪن ۽ بنا ڌڙڪ مونکي ان کان آگاھھ ڪن تھ دلي طور شڪريو بجا آڻيندس.

بازيدپور                                

ڪنڊيارو- نوشھروفيروز

سنڌ

   2006-6-01         

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو
 

مھاڳ جا حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)        بلياوي عبدالحفيظ مولانا: مصباح اللغات، قديمي ڪتب خانھ رام باغ ڪراچي، ص- 30,29.

(2)       علامھ امداد علي بن امام علي قاضي، صدارتي تقرير دادو، سنڌ.

(3)       ميمڻ محمد صديق خانبھادر: سنڌ جي ادبي تاريخ، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، تلڪ چاڙھي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ڏھون، سال 1976ع، ص- 1.

(4)       عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، رونق پبليڪيشن اتمچنداڻي گھٽ حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1970ع، ص- 32.

(5)       ملڪاڻي منگھارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سال 1993ع.

(6)       عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، رونق پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1970ع، ص- 32.

(7)       ايضا عرساڻي: ص- 32.

(8)       ايضا عرساڻي: ص- 12.

(9)       ايضا عرساڻي: ص- 12.

(10)     ايضا عرساڻي: ص- 33,32 (تلخيص).

(11)      بوبڪائي جعفر مخدوم: البيان المبرم في قول السنود ڇڏي او ڇڏيم (قلمي)، ص- 23، موجود قاسميھ لائبريري ڪنڊيارو

(12)     بوبڪائي جعفر مخدوم: اِستفتاءُ في ما تعارف قوم القوم الطلاق (قلمي)، ص- 66، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو

(13)     بوبڪائي جعفر مخدوم: الحجة القوية جواب الرسالة الحلفيه (قلمي)، ص- 3/ب، 5/پ، 6/ب، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو.

(14)     دائود پوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر: (مرتب) ڪلام گرھوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 2005ع، ص- 296.

(15)     جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1994ع، ص- 142.

(16)     عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، ڇاپو ٻيو، رونق پبليڪيشن، حيدرآباد، سال 1970ع، ص- 15.

(17)     عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ڊراما ۽ ناول، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، شاھي بازار حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، سال 1955ع، ص- 29-28.

(18)     ايضا عرساڻي، ص- 29.

(19)     مقفيٰ: اھو نثر آھي، جنھن ۾ قافيو ھوندو آھي پر وزن نھ ھوندو اٿس جيئن: دوست مھربان، قدردان، بلند مڪان، عالي شان، ميان علي خان.

مسجع: اھو نثر آھي، جنھن ۾ ٻنھي جملن جا الفاظ وزن ۾ برابر ھجن. جيئن: ڪج رفتار، پنھنجي اخبار، گوھر بار، ڪالم نگار.

(20)    عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ٻولي ۽ ان جي تعليم، ڇاپو ٻيو، رونق پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، سال 1970ع، ص- 39,38 (تلخيص)

(21)     ايضا عرساڻي: ص- 48-47.

(22)    ملڪاڻي منگھارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ڇاپو ٽيون، سال 1993ع، ص- 37.

(23)    مرزا حبيب الله پروفيسر: ڊراما جي تاريخ ۽ تنقيد، ڇاپو پھريون، نسيم بڪ ڊيپو حيدرآباد، سال 1968ع، ص- 7,6، حوالو ورتل:

Northern Indian Musi, ByE Alain Danielou, 1949, P. 21

(24)    (الف) مولائي شيدائي رحميداد خان: جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، سال 1993ع، ص- 4.

(ب) آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: قديم سنڌ، ڇاپو ٽيونب، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1992ع، ص- 37.

(25)    عرساڻي محمد اسماعيل: سنڌي ڊراما ناول، ڇاپو ٻيو، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، سال 1900ع، ص- 2-1.

(26)    نظاماڻي مير محمد: سنڌي ڊراما، ڇاپو ٻيو، آر. ايم فتح اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، سال 1970ع، ص- 72.

(27)    ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، ڇاپو پھريون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1996ع، ص- 179,178.

(28)    ايضا ميمڻ: ص، 182.

(29)    پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر: سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ، ڇاپو پھريون، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1982ع، ص- 145,138 (تلخيص).

(30)    ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر: سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، ڇاپو پھريون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1996ع، ص- 138,132 (تلخيص).

(31)     پنھور محمد يوسف ڊاڪٽر: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، ڇاپو پھريون، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1992ع، ص- 15.

(32)    بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، سال 1978ع، ص- 268.

(33)    بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: مناظرا، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1961ع، ص- 19.

(34)    ملڪاڻي منگھارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 110,109.

(35)    پنھور محمد يوسف ڊاڪٽر: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1992ع، ص- 22,21 (تلخيص).

(36)    آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: سنڌ جي ھندن جي تاريخ، جلد پھريون، ڇاپو ٻيو، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، سال 2002ع، ص- 160.

(37)    ملڪاڻي منگھارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 251.

(38)    ڀمڀاڻي ميوارام پروفيسر: ادبي گلشن، ڀاڱو ٻيو، ڇاپو ٻيو، ايل دوارکا داس اينڊ برادرس، ڪراچي، سال 1946ع، مھاڳ.

(39)    ايضا ڀمڀاڻي: ص، 70,69,68.

(40)    ايضا ڀمڀاڻي: ص- 81,73.

(41)     ملڪاڻي منگھارام پروفيسر: سنڌي نثر جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص- 270.

(42)    ايضا ملڪاڻي: ص- 226.

(43)    ايضا ملڪاڻي: ص- 232.

(44)    انصاري محمد ابراھيم: مطالعو غريبن جو ورثو، ڇاپو پھريون، عجائب اسٽور فريئر روڊ سکر، سال 1978ع، ص- 56,57.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org