جنت ۽ ماڻس کي ڏسي سچل کي دل ۾ ھر ھر خيال پيو اچي
تھ حميد کان جيڪر پڇان تھ ھي ڪير آھن. آخر رات جي
مھل جڏھن سڀ کائي سمھڻ جي تيارين ۾ ھئا، تڏھن سچل
چيس، ”حميد؛ ھي ٻھ ڄڻيون ڪير آھن؟“
حميد سچل کي سموري حقيقت سڻائي ۽ اھو بھ ٻڌايائينس
تھ پاڻ ۽ جنت جلدي شادي ڪرڻ وارا آھن. سچ چيو،
”جنت سڀاءَ جي سٻاجھڙي پيئي لڳي. شڪل جي بھ بيشڪ
حسين آھي.“ اتي سچل کي کنگھھ ٿورو ھلاک ڪيو ۽ حميد
کيس آرام ڪرڻ لاءِ چئي، اٿي کڙو ٿيو.
گھڻي وقت کان پوءِ سچل کي نرم بسترو نصيب ٿيو ھو.
سخت زمين تي سمھي ھڏ ئي ڀڄي پيا ھئس؛ سو کيس جھٽ
ننڊ کڻي ويئي. ٿڪ ننڊ جي قيمت آھي. جيترو ٿڪ گھڻو،
تيتري ننڊ گھاٽي. جنت جي ماءُ حميد کي خلاصو ڏسي
چيو، ”حميد شاديءَ جي باري ۾ ڪھڙو خيال اٿيئي؟“
جنت ان وقت ماءُ جي ڀرسان ويٺي ھئي. حميد اول جنت
ڏي نھاريو ۽ پوءِ وراڻي ڏني، ”پھرين امان چاق ٿئي.
ھھڙي خوشيءَ جي موقعي ۾ ھن جو شريڪ ٿيڻ بلڪل ضروري
آھي. منھنجي پھر مان تھ ھوءَ ھڪڙي ئي آھي. ھن وقت
ھوءَ تمام نٻل آھي؛ منجھس خوشي ڪرڻ جي سگھھ بھ
ڪانھي. ٿورو پاڻ کڻي، تھ پوءِ ڏسنداسين. دليون تھ
ھڪ آھن. باقي زماني کي راضي ڪرڻ لاءِ ظاھري پابندي
پوري ڪرڻي آھي.“
”جماعت تھ ان پابنديءَ تي زور ٿي ڏئي.“ جنت جي
ماءُ چيو.
”جنت، تون خاموش ويٺي آھين.“ حميد ڏانھس نھاري
ظاھر ڪيو.
جنت وراڻيو، ”انصاف ٿيڻ جي اميد اٿم؛ ھروڀرو ڇو
ڪڇان؟ ڳالھائبو آھي اڳلي کي دل جي حال کان واقف
ڪرڻ لاءِ. اھو توکي اڳ ئي معلوم آھي، پوءِ وڌيڪ
ڳالھائڻ مان فائدو؟ جنھن لاءِ مون کي تڪڙ ھئڻ کپي،
تنھن لاءِ تون بھ گھٽ منتظر نھ ھئڻ گھرجين، ۽ جنھن
مان مون کي نقصان آھي، تنھن مان توکي فائدو نھ
پھچڻو آھي، پوءِ ڳالھائي ڇا ڪريان؟“
”تنھنجي انھيءَ چوڻ ۾ ذري ماتر بھ شڪ ڪونھي.“ حميد
جواب ۾ چيو.
”ھيءَ ويچاري ٻيو ڇا چوندي.“ جنت جي ماءُ ڌيءُ
ڏانھن اشارو ڪندي ظاھر ڪيو ۽ چيائين، ”ڇوڪريون تھ
ھونئن ئي بھ لڄاريون ٿين ٿيون.“
”سڀاڻي امان سان صلاح ڪنداسون.“ حميد وراڻيو پوءِ
ٽيئي وڃي آرامي ٿيا.
(23)
سچل کٽ تي ليٽي پيئي ھئي. سندس پيرن کان حميد ويٺو
ھو ۽ مٿن کان جنت بيٺي ھئي. کٽ اڳيان ھڪ جھوني
موڙي تي ويھي حڪيم سچل کي پئي تپاسيو. ڦڦڙن جي
تپاسڻ بعد، حڪيم حميد جي منھن ۾ نھاري گنڀير نوع ۾
چيو، ”ھن کي سلھھ آھي.“ جنت حميد جي طرف اکيون
کنيون ۽ حميد سچل ڏانھن نھاريو، جنھن مشڪيو پئي.
”امان، تون مشڪين ڇو ٿي؟“ حميد پڇيس.
”دنيا مان جلدي ڇوٽڪارو ملندم.“ سچل جواب ڏنو.
حميد ڪابھ وراڻي ڪانھ ڏني. ھن سچل جي مٿي تي ھٿ
رکيو ۽ پوءِ حڪيم سان گڏ کانئس دوا وٺڻ لاءِ روانو
ٿيو.
سچل جي چاق ٿيڻ جي اميد رکڻ اجائي ھئي. ٻھراڙيءَ ۾
ڪٿي آھن اھڙا ھوشيار طبيب، جي ان اگري مرض جو علاج
ڪن. نھ غريبن وٽ ايترو پيسو ئي ٿئي ٿو، جو خرچ ڪري
بيمار کي ڪيڏانھن ٻاھر وٺي وڃن. ھن وقت ان مرض جي
باري ۾ ماڻھن ۾ جيڪا سجاڳي آھي، سا ويھھ ورھيھ اڳ
تھ اصل ڪانھ ھئي. غريب ڳوٺاڻا سلھھ کي موت جو
ملائڪ ڪري ٿا سمجھن.
حميد موٽيو. سچل کي دوا پيئن لاءِ چيائين. سچل
چيس، ”حميد، دادن جو پتو ڪونھ پوندو؟ ھن کي ڏسڻ
کان سواءِ مان دنيا مان ھلي وينديس؟ ڇا، دل جي
خواھش ان پوري ئي دل ۾ رھجي ويندي؟ کيس ڳولي ڪونھ
ايندين؟“
”ڪٿي ڳوليانس؟“
”برابر؛ خبر نھ آھي تھ ھو ڪٿي ھوندو.“
”منھنجي دل چوي ٿي تھ ھو زندھھ آھي.“
”ڌڻي شال زندھھ رکندس. مان مرڻ کان اڳ کيس ڏسڻ ٿي
چاھيان.“
”منھنجي وس ۾ ھجي تھ کيس ڳولڻ لاءِ مان ڪجھھ بھ
جيڪر ڪرڻ لاءِ تيار ٿيان.“
ان وقت سچل حميد کان پاڻيءَ جي گھر ڪئي. جنت جا
نزديڪ ويٺي ھئي، تنھن جو ٻڌو، سو پاڻيءَ جو ڪٽورو
کڻي اچي سچل جي اڳيان بيٺي. سچل پاڻي پيتو. کانئس
خالي ڪٽورو واپس وٺي، جنت حميد کي چيو، ”نيرن
ڪيتري وقت کان تيار آھي.“
سچل حميد ڏي منھن ڪري کيس چيو، ”وڃي نيرن ڪر.“
”تو ڪجھھ کاڌو آھي؟“ حميد سچل کان پڇيو.
جنت وراڻي ڏني، ”کير پيتو اٿس.“
حميد لسيءَ سان ڍوڍو پئي کاڌو ۽ جنت ڀرسان ويٺي
ھيس. جنت ھلڪي آواز ۾ چيس، ”حميد، مان توکي ھڪ عرض
ڪرڻ چاھيان ٿي.“
حميد منھن مٿي ڪري چيو، ”عرض!“
”ھا، حميد.“
”جنت، تون تھ مون تي حڪم ھلائي ٿي سگھين.“
”مان توتي حڪم ھلايان؟“
”بيشڪ، حق اٿيئي.“
”چڱو ٻڌ. اڄ کان وٺي توکي سچل جي کٽ جي ويجھو وڃڻو
نھ آھي.“
”جنت، تون ڇا ٿي چئين؟“
”حڪم جي انحرافيءَ لاءِ سزا ملندءِ.“
”مان سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿيندس.“
”تون منھنجو چوڻ موٽائين ٿو؟“
”مان، تنھنجو مطلب نٿو سمجھان. ائين چوڻ ۾ تنھنجي
ڪھڙي مراد آھي؟“
”حميد، منھنجي توسان محبت آھي. مان توکي قربان ڪرڻ
لاءِ تيار نھ آھيان. سچل کي سلھھ آھي. سلھھ واري
ماڻھوءَ جي خدمت ڪرڻ حياتيءَ تان آسرو لاھڻ آھي.“
”منھنجو حياتيءَ سان پيار ڪونھي.“
”۽ مون سان؟“
”ڇو، انھيءَ ۾ اڃا شڪ اٿيئي؟“
”جي مون کي پيار ڪرين ٿو، تھ توکي پنھنجيءَ
حياتيءَ کي بھ پيارو سمجھڻ گھرجي.“
”جنت، محبت انسان کي فرض بجا آڻڻ کان روڪي ٿي؟“
”محبت پنھنجي قيمت گھري ٿي.“
”اھا قيمت ڪھڙي آھي؟“
”محبت جو ملھھ محبت ئي آھي.“
”اھا مان توکي ڏيندو رھيو آھيان ۽ حياتيءَ جي آخر
گھڙيءَ تائين ڏيندو رھندس.“
”انھيءَ خوفناڪ بيماريءَ مان ڇٽڻ ناممڪن آھي.“
”تنھنڪري!؟“
”جنھن جي نوبني ٿيڻ جو ڪوبھ امڪان نھ آھي، تنھن جي
ڪري تون پنھنجي صحت جوکي ۾ ڇو ٿو وجھين؟“
انسانيت ائين ٿي چوي تھ بيمار جي پرگھور نھ لھجي،
يا ھن جو علاج نھ ڪجي؟
”امان سندس چاڪري ڪندي. تون کانئس پري رھھ.
”ھن کي منھنجي خدمت جي گھرج آھي. مون کي ڪي ڪلاڪ
ڄائي ٿيا ھئا، جڏھن پاڻ مون کي گود ۾ ڪري پنھنجي
ڇاتيءَ مان کير پياريائين. ماءُ وانگيان ھن مون کي
پاليو. اڄ ھوءَ پنھنجو ڀتار خواه پٽ وڇائي ويٺي
آھي، ۽ ھن حالت ۾ جيڪڏھن مان کيس پنھنجي منھن ڏسڻ
کان بھ سڪايان، تنھن جي معنيٰ تھ مان سندس پڇاڙي
جلدي آڻڻ ٿو چاھيان. جنت، مان نٿو چاھيان تھ ھوءَ
دل ۾ رنج کڻي وڃي تھ جنھن کي پاڻ ڪنھن بھ حالت ۾
دادن کان گھٽ ڪانھ سمجھندي ھئي، سو سندس احسان
وساري ويٺو آھي ۽ ساڻس بيوفائي ٿو ڪري. ھن جي دل
کي ڪيڏو نھ صدمو رسندو! ٻئي کي سخت رنج رسائي، مان
پنھنجي عمر ڪجھھ ورھيھ وڌايان، اھو انسان جو ڪم نھ
آھي. ماڻھوءَ جي حياتيءَ تي ھونئن بھ ڪھڙو بقاءُ
آھي؟“
”توکي منھنجي آئيندي جو اونو نٿو ٿئي؟ منھنجي
حياتي تنھنجيءَ حياتيءَ سان ڳنڍي پيئي آھي.“
”ائين برابر آھي. پر جنت، مون کي اھڙي صلاح نھ ڏي،
جنھن جي پوئواريءَ سان مون کي شرمساري پسڻي پوي ۽
منھنجو ضمير مون کي سک سمھڻ نھ ڏئي. سچي محبت اھا
چئجي جا منھنجيءَ عزت جي نگھبان ٿئي.“
جنت جي چھري تي مايوسي ۽ مونجھارو ڏسي، حميد چيس،
”جنت، تون الائي ڇا سمجھندي ھوندينءَ مان تھ اھوئي
حميد آھيان جو ڪجھھ وقت اڳ ھوس، اھوئي گھانگھرن
وارو ڍڪ منشي جو روز ٻنيءَ تي تنھنجي ديدار لاءِ
ايندو ھو. مان ھينئر بھ تنھنجي ديدار جو اوترو ئي
شائق آھيان. پر اھا محبت اعليٰ نھ چئبي جا انسان
کي انڌو بڻائي کيس فرض ڏانھن لاغرض بڻائي. جو
انسان پنھنجو فرض وساري ٿو، ان جي ذھن تي چئبو تھ
ڪٽ چڙھي ويئي آھي. عورت جو پيار قلعيءَ جو ڪم ڏئي
ٿو، جو مرد جي دل تان ڪٽ لاھي ان کي صفا ڪري ٿو.
تنھنجيءَ محبت مون ۾ قربانيءَ جو جزو پيدا ڪيو،
مون مان پنھنجي پاڻ لاءِ پيار تڙي ڪڍيو. محبت ۾
اھائي تھ خوبي آھي، جو انسان مان خودي صفا ڪڍيو ٿي
ڇڏي.“
”تو ۾ قربانيءَ لاءِ پيدا ٿيل جذبي جو پھريون شڪار
جنت ٿي ٿئي؟“
”تون ڪنھن جي آھين؟“
”تنھنجي.“
”مون کي پنھنجيءَ شيءِ جي قربان ڪرڻ جو ھرڪو حق
آھي.“
”حميد، تو مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو.“ جنت وراڻيو.
”جنت“، حميد ڇرڪ ڀري چيو، ”مون کان تھ نوڪري تي
وڃڻ جي يادگيري ئي لھي ويئي آھي. چڱو ڀلا مان ھلان
ٿو. امان جي پارت ھجيئي.“
ائين چئي، جنت جي پٺيءَ تي ھٿ رکي، حميد نوڪري تي
روانو ٿيو. پاڻ ويو. جنت کي خيالن جي ساگر ۾ وجھي
ويو.
(24)
حميد کي ڪجھھ وقت کان بخار پئي آيو، ليڪن گھر ۾ ھن
ڪنھن سان ان جسماني پيڙا جي ڳالھھ ڪانھ ڪڍي؛ ۽ نھ
وري سچل جي چاڪريءَ ۾ ئي ڪا ڍرائي ڪيائين. سچل جي
حالت اڳي کان گھڻي خراب ٿي چڪي ھئي. جنسي ھڏن جو
پڃرو ٿي پيئي ھئي. جنت جي ڊپ کان حميد بخار سبب
آرام جي ضرورت سمجھندو ھو، تي بھ نھ ڪندو ھو تھ
متان ھوءَ ڪجھھ چويس. نوڪري تھ بھ نيمائتو ويندو
ھو. جنت ٻھ ٽي گھمرا سندس منھن مان سمجھيو تھ پاڻ
ٺيڪ نھ آھي، پر ھوءَ اڃا پڇيس تھ حميد ڳالھھ
ڦيرائي وڃي.
ھڪ دفعي حميد ڍڪ تي ھو تھ سندس ھڪڙو دوست جنھن کي
سچل جي بيماريءَ جي خبر ھئي، اتي آيو ۽ ٻڌايائينس
تھ ٺارو شاھھ جو ھڪ ھاڪارو حڪيم خانواھڻ ۾ ڪنھن
سانگي آيو آھي ۽ صلاح ڏنائينس تھ سچل کي ان کان
تپاساراءِ. جتي حڪيم لٿل ھو ان جاءِ جو ڏس بھ
ڏنائينس. حميد اتي جو اتي، بنا وقت وڃائڻ جي
اوڏانھن روانو ٿيو. ٻاھر بيٺلن مان معلوم ٿيس تھ
حڪيم اندر ھو. حڪيم ڪمري ۾ ويھي، ھڪ ھڪ ڄڻي کي پاڻ
وٽ تي گھرايو. حميد جو وارو بھ آيو. ڪوٺيءَ ۾ گھڙڻ
سان ھن کان ڇرڪ نڪري ويو. حڪيم جي ڀرسان دادن کي
ويٺل ڏٺائين. دادن جي وات مان نڪري ويو ”حميد!“
دادن پنھنجي جاءِ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ حميد کيس
پنھنجي ڀاڪر ۾ ڪري ورتو. ٻنھي جي اکين ۾ پاڻي ھو؛
وڇڙيل اوچتو مليا ھئا. حڪيم، جو ٺارو شاھھ وارو
مولوي ھو، وائڙو ٿي ويو. ھن ٻنھي کي ويھڻ لاءِ
چئي، دادن کان حميد جي باري ۾ پڇيو. دادن کيس
سربستي ڳالھھ ڪري ٻڌائي، جنھن تي حميد چيو، ”دادن
سچل مون وٽ آھي پر بيمار جي حالت ۾.“
”امان!“ دادن پڇيو.
”ھا؛ دادن. کيس سلھھ آھي. مان ھت حڪيم صاحب کي وٺڻ
آيو آھيان.“
”امان زندھھ آھي!“
”مريض ٿي بستري تي پيئي آھي. تنھنجي لاءِ ٿي
جيئي.“
”۽ ابو؟“
”ھن کي گذر ڪئي ڪيترائي مھينا ٿي ويا.“
دادن مولويءَ ڏانھن منھن ڪري کيس عرض ڪيو، ”ھلو،
امان کي ھلي ڏسو!“
ٻيئي ڄڻا حميد سان گڏ سندس گھر آيا. دادن کي ڏسي
جنت تڪڙي تڪڙي ڪوٺيءَ اندر ھلي ويئي. ھن کي دادن
جي حميد ڏانھن لکيل چٺي، جنھن ۾ ھن جنت لاءِ پيار
جو اِظھار ڪيو ھو، ياد آئي. جنت شڪي ٿيڻ لڳي. سچل
ورانڊي ۾ کٽ تي سمھي پيئي ھئي. اکيون ٻوٽيل ھيس؛
پر جاڳي پي. دادن ماءُ کي ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.
ماءُ جي ڏک ڀري حالت ڏسي، دادن دل جھلي نھ سگھيو.
سچل سڃاڻڻ کان ٻاھر ھئي. ڪھڙو پٽ پنھنجيءَ امڙ کي
اگھو ۽ ھھڙيءَ رحم جھڙي حالت ۾ ڏسي روئڻ کان رھي
سگھندو؟ پٽ جي حيات ھوندي ماءُ جي ھيءَ حالت! دادن
ماءُ جي کٽ اڳيان جھڪي، کيس ڀاڪر پائي چيو،
”امان!“
سچل! اکيون کوليون، دادن وري چيو، ”امان!“
سچل آواز سڃاتو ۽ پٽ ڏانھن نھاريو. ھن ڪڇيو بلڪل
ڪين. سندس ٻنھي اکين مان اڻ ميو آب وھڻ لڳو. سچل
پنھنجا نٻل ھٿ دادن جي مٿي ۽ منھن تي گھمايا. سچل
ڪيترائي ڀيرا ڏک وچان رنو ھو، اڄ ھن خوشيءَ منجھان
ٿي جر ھاريو. ھن پٽ جي اکين ۾ چتائي نھاريو ۽ انھن
۾ اندر پاڻ کي کٽ تي سمھيل ڏٺو. ننڍپڻ وارو دادن
سچل کي ياد اچڻ لڳو. ھيءُ جھان ھڪ ناٽڪ آھي، جنھن
۾ رنج ۽ راحت، سڪ ۽ سوز جي پردن پٺيان انسان، بعضي
ويس ڌارين جي حيثيت ۾، زوريءَ خواه پاڻ مرادو،
پنھنجا ڪم ادا ڪري ٿو ۽ بعض تماشبينن جيان سانتيڪي
نموني ۾ ٿيندڙ واقعا جاچي، خوشيءَ خواه غم جو
اظھار ڪندو ٿو رھي.
آخر سچل ڏٻري آواز ۾ چيو، ”دادن!“
”جي امان!“ دادن وراڻيو.
تنھنجي لاءِ ترسيل ھيس. مان ھن کان اڳ مران ھا، پر
توکي ڏسڻ جي خواھش پئي ھلايم. مون ۾ ھاڻي جيئڻ جي
سگھھ ڪانھي. دادن، اولاد دل جو اھڙو ڪٺور ٿيندو
آھي ڇا؟ ھيترن ڏينھن ۾ ماءُ جي ڪا سار بھ لڌءِ!
منھنجيءَ اندروني ڇڪ اڄ توکي ھت آندو آھي.“
دادن ماٺ ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪري سڀ پئي ٻڌو. ڪھڙو جواب
ڏئي؟ ھو فرض ۾ پٺتي پيو ھو. سچل حميد ڏي نھاري پٽ
کي چيو، ”دادن، حميد جو شڪرانو مڃ ھن مون کي
تنھنجي غير حاضريءَ جي لک ڪانھ وڌي.“ سچل اڃا ڪجھھ
چوڻ ٿي چاھيو تھ حميد مولويءَ ڏانھن اشارو ڪري
چيو، ”امان! ھيءُ حڪيم توکي ڏسڻ آيو آھي. ماٺ ڪر
تھ تپاسيئي.“
”منھنجو حڪيم تھ دادن آھي. مون کي بيماريءَ مان
ڇوٽڪارو نھ گھرجي، مگر ھن زندگيءَ مان.“
مولويءَ سچل کي چڱي طرح تپاسيو ۽ ٻاھر اچي دادن ۽
حميد کي ٻڌايائين تھ سچل جي ڇٽڻ جي اميد ڪانھي ۽
سندس حالت خطري واري آھي. دادن، جو ٺارو شاھھ مان
گڏ آيو ھو، تنھن مولويءَ کان ماءُ وٽ رھڻ جي اجازت
ورتي.
مولوي پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن روانو ٿيو. دادن ۽ حميد
اندر آيا. دادن، جيئن ماءُ جي ڀرسان آيو؛ تيئن ھن
ھڪدم چيس، ”دادن، حميد پيءُ سان ڪيل انجام پورو
ڪيو. ھن گھرج مھل دل و جان سان منھنجي چاڪري ڪئي
آھي.“
”مان تنھنجو شڪر گذار آھيان.“ دادن حميد کي چيو،
پنھنجن جي مھرباني مڃبي آھي ڇا؟ مون تھ صرف فرض
پاليو آھي.“
”خدا ان جا ڀاڙا ڏيندءِ؛ مان تھ غريب آھيان.“ سچل
چيس.
”جنت!“ حميد پڪاريو. ”امان لاءِ کير کڻي اچ.“
دادن، حميد وٽ اچڻ بعد، پھريون ئي دفعو جنت کي ڏٺو
مگر مولويءَ جي صحبت ايترو تھ سندس سيرت کي ٺاھيو
ھو، جو ھن تي جنت جي سونھن جو ڪوبھ اثر نھ ٿيو.
جنھن جي حسن اڳ مستانو ڪري رکيو ھوس، تنھن کي ھو
بنا ڪنھن بھ دلي جذبي جي، بي پرواھيءَ سان ڏسي
رھيو ھو. نڪي ھن حميد کان ئي ان باري ۾ سوال ڪيو.
سمجھيائين تھ شادي ڪئي ھوندائون.
دادن کي ٻھ ٽي ڏينھن حميد وٽ ٽڪئي ٿيا ھئا. ھو
سارو وقت ماءُ جي ڀرسان ويٺو ھوندو ھو. شام جي مھل
حميد ۽ دادن ويٺي ڳالھايو. جنت بھ نزديڪ بيٺي ھئن.
دادن حميد کي سندس صحت لاءِ تاڪيد پئي ڪيو. حميد
کي جو سنھو تپ ايندو ھو، تنھن ھن کي بلڪل ضعيف ڪري
ڇڏيو ھو. جنت کي تھ اصل ڊپ کائي ويو ھو. اتي حميد
کان ٿوري کنگھھ ٿي ۽ جيڪو کانگھارو ڪڍيائين تنھن ۾
رت پيو ھو. دادن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ ھن چيو،
”حميد، کانگھاري ۾ رت!“
جنت وڌيڪ ڪجھھ بھ ڪين چيو. ھوءَ اتان ھلي ويئي.
جنت جي پرپٺ حميد دادن کي چيو، ”دادن مون کي اڳ ئي
اھا خبر ھئي، پر لڪايم پئي.“
”تو بدن جي پوري سنڀال نھ ورتي آھي، دادن ورجايس.
”جيڪي ٿي سگھيو، سو ڪيم ٿي.“
”امان کي بچائڻ لاءِ تو پنھنجي حياتي خطري ۾ وڌي
آھي. تو پنھنجي حياتي ڪمائتي ڪرڻ ٿي چاھي، پر ڪيڏي
نھ جوکي سان.“
ڏينھن جو انسان جيڪي خيال ڪري ٿو، سي رات جي مھل
خواب جي صورت ۾ ساڻس ملاقات ڪن ٿا. خواب سچ نھ
آھي، پر خواب جو بنياد حقيقت تي ٻڌل ٿئي ٿو. ڪيترن
خوابن لاءِ سبب ڏيئي سگھجن ٿا تھ ڇو فلاڻي وقت
فلاڻو خواب ڏٺو ويو.
جنت جا اکر تھ اِن رت ۾ مان پنھنجو موت ٿي ڏسان.
جيڪي ھن حميد ۽ دادن جي روبرو چيا، تن تي ھوءَ
ساري شام غور ڪندي رھي. ھن کي ڪجھھ اجھي ئي نھ
پيو. رات جو سمھڻ کان اڳ حميد سندس نزديڪ اچي،
”جنت!“
جنت پنھنجون زرديون اکيون حميد طرف کنيون، پر زبان
مان ڪجھھ بھ نھ ٻوليو. ھوءَ ساڻس رنج ٿي نظر آئي.
جنت کي سخت ڏک ھو، جو حميد سندس چوڻ تي ڪو ڌيان نھ
ڏيئي، پاڻ کي سلھھ جو شڪار بڻايو ھو.
جنت رات جو خواب لڌو. ڏٺائين تھ حميد اھڙو تھ ڳري
ويو آھي، جو ڪنڊن جي پڃري جيان پيو نظر اچي. ھو کٽ
تي ليٽيو پيو ھو، حميد جنت کي پاڻ ڏانھن سڏي چيو،
”پياري جنت!“ جنت وراڻي ڏني، ”موت جي پيغام ڏيڻ
لاءِ ٿو سڏينم ڇا؟“
”موت جو پيغام؟“
”ھا؛ تو جيئاريم، تون ئي وري مارينم ٿو.“
”جنت! حميد، تعجب ۾ پئجي پڪاريو.
”حميد، تون مون کي جيئري ئي ٿو مارين.“
”سو مان جنت جو ڏوھي آھيان. جيڪڏھن محبت ڪرڻ ڏوھھ
آھي تھ ان ڏوھھ جو مان قبولدار آھيان؛ جيڪڏھن دنيا
۾ فرض پالڻ گناھھ آھي، تھ مان پاڻ کي گنھگار ئي
سڏيندس.“
”مون کي پاڻ تي ڏک آھي.“ جنت وراڻيو. ”چوان ٿي تھ
غريبن جو اولاد پيدا ئي صرف سھڻ لاءِ ٿو ٿئي ڇا؟
غريب پيسي جي تنگي تھ ڏسن، پر محبت جي تنگي پڻ.
ڀلا منھنجي قسمت ۾ لکيل ئي غم ھوندو تھ ان کي ٻيو
ڇا ڪري سگھندو! غريب جڏھن سمجھي ٿو تھ خوشيءَ جي
ڳولا ۾ وڃان ٿو، تڏھن پلئھ ۾ اھا ئي ڳڻتي ۽ ڳارو
اچيو پويس.“ گھڙي کن بعد وري چيائين، ”حميد، تو
منھنجو چوڻ نھ مڃيو. پنھنجي بھ حياتي وڃائين ٿو ۽
مون کي پروس ڪري ٿو وڃين.“
انسان جيڪي سجاڳيءَ جي حالت ۾ نٿو چئي يا ڪري
سگھي، سو ھو سپني جي حالت ۾ سولائيءَ سان ڪري ٿو.
حميد وراڻي ڏنس، ”تنھنجي حڪم جي پوئواري ڪريان،
ڪين دل جو چوڻ مڃان؟“
”تنھنجي دل جي مالڪياڻي تھ مان ئي آھيان نھ؟“
”انھيءَ ۾ تھ ذرو بھ شڪ نھ آھي.“
”باقي؟“
”منھنجي ضمير مون کي مجبور ڪيو.“
”ڇا لاءِ؟“
”تنھنجي حڪم جي ابتڙ ھلڻ لاءِ. جنت، محبت جي وس ٿي
مون اھو ڪي ڪرڻ نٿي گھريو، جنھن جي ڪري منھنجي عزت
گھٽجي. جو پيار انسان کي سندس شان ۽ مان ڏانھن بي
پرواھھ بڻائي ٿو، اھو اعليٰ درجي وارو پيار نھ
آھي.“
مون کان وڌيڪ توکي سچل جو خيال رھيو. مان تھ ائين
سمجھي ويٺي ھيس تھ تو لاءِ مون کان وڌيڪ ٻي ڪابھ
چيز نھ ھوندي. تو ثابت ڪري ڏيکاريم تھ منھنجو اھو
خيال ھڪ وھم ھو.“
”ھروڀيرو ائين نھ آھي. ماءُ لاءِ جا محبت ٿئي ٿي،
سا ان پيار کان علحدي آھي، جو زال کي ڏجي ٿو.
جيڪڏھن زال کي پيار ڏيڻ ھر ڀتار جو فرض آھي، تھ
ماءُ جي خدمت ڪرڻ پڻ اولاد لاءِ لازمي آھي.“
”حميد، تو پاڻ کي منھنجو ڀتار سڏيو.“
”ھا، جنت.“
”شاديءَ کان اڳ تون منھنجو ڀتار ۽ مان تنھنجي...“
اتي حميد جي اکين مان لڙڪ وھندا ڏسي، جنت چيو،
”ڇو، حميد؟“
حميد تمام جھيڻي آواز ۾ وراڻيو، ”مٺڙي جنت، مان
تنھنجيءَ دل جي حالت محسوس ڪري رئان ٿو. مون کي
معاف ڪج. مان توکان معافيءَ جي طلب ٿو ڪريان.“
”مان تنھنجي حياتيءَ جي طلبگار آھيان.“
”تون مون کي معافي ڏيئي سگھين ٿي، مگر منھنجي
حياتي منھنجن ھٿن ۾ نھ آھي.“
اتي ٻليءَ جي ٽپي ڏيڻ جو کڙڪو ٿيو ۽ جنت جون اکيون
کلي پيون. ھن پاڻ کي کٽ تي سمھيل ڏٺو. ھوءَ اٿي
حيمد طرف ويئي، جنھن پڻ بستري تي پاسو ٿي ورايو ۽
جنت کي ڏسي چيائين، ”جنت، ھيڏيءَ مھل اٿي آھين؟
ڪجھھ گھرجي ئي ڇا؟“
”تون گھرجينم. توکي ڏسڻ لاءِ اٿيس. تون جاڳين ويٺو
ڇا؟“
”ٻليءَ جي آواز تي جاڳيس؛ پر چڱو ٿيو جو جاڳي
پيس.“
”ڇو؟“
”جنت، ھڪ خواب لھي رھيو ھوس.“
”خواب اڻ وڻندڙ ھو ڇا؟“
”جي.“ حميد وراڻيو
”ڇا جو خواب ھو.“
”ننڊ ۾ توسان ڳالھايم پئي.“
”اھو اڻ وڻندڙ ڪيئن ٿيو.“
جنت، ان جي ٻڌائڻ لاءِ زور نھ ڀرينم.“
”حميد، مون بھ تنھنجو خواب پئي لڌو تھ ٻليءَ جي
کڙڪي تي اٿي کڙي ٿيس. خواب ڏڪائيندڙ ھو.“
”شايد ٻنھي ساڳيو خواب لڌو آھي.“ حميد ظاھر ڪيو.
”ڌڻي اھو خواب ڪوڙو ڪندو!... حميد، تون ڀلي آرام
ڪر. مان وڃان ٿي.“
”تنھنجو وڃڻ مون ۾ بي آرامي پيدا ڪندو، ڪين آرام
ڏيندم.“
”حميد، ماٺ ڪري سمھھ. ھيءُ آرام جو وقت آھي.“
ائين چئي، جنت وڃي، سمھي پر رات جو باقي حصو بنا
آرام گذاريائين.
صبح ٿيو، سج کڙي آيو ھو تھ بھ سچل ننڊ مان ڪانھ
اٿي. ھونئن تھ سويل ئي دادن کي سڏيندي ھئي، سو
دادن کيس ڏسڻ جي خيال کان جيئن سندس ويجھو وڃي
سڏيس، تيئن ڏٺائين تھ جسم ۾ جان ٺھي ئي ڪانھ. ھن
وڏي واڪي پڪاريو؛ ”حميد، امان گذاري ويئي!“
حميد، جو ٻئي ڪمري ۾ سمھيو پيو ھو، سو تڪڙو تڪڙو
نڪري آيو. جنت آواز تي ٻاھر اچي پڇيو، ”ڇا آھي؟“
”امان چالاڻو ڪري ويئي.“ حميد وراڻيو.
(25)
”حميد!“
”جنت!“ حميد وراڻيو. ھو کٽ تي سمھيو پيو ھو ۽ منھن
جنت ڏانھن ھوس. ھن جون ڳالھائيندڙ اکيون افسوس جو
اظھار ڪري رھيون ھيون. موت کي ڏسڻ سولو آھي، پر
موت جڏھن اچي ٿو، تڏھن انسان جيئڻ چاھي ٿو. دنيا
کي ڇڏڻ ڏاڍو اوکو آھي. حميد کي دل تي اھو پڪو خيال
ويھي ويو تھ سندس بستري تان اٿڻ ممڪن نھ ھو. حميد
جيئڻ چاھيو ٿي؛ نھ پنھنجي لاءِ، ليڪن جنت جي ڪري.
پر ان ڪري ھن جيڪو ڪيو ھو تنھن لاءِ پشيمان نھ ھو.
ھن کي اندر ۾ خوشي ھئي جو فرض پالڻ ۾ پوئتي نھ پيو
ھو؛ پر ھروڀرو ائين نھ ٿي سمجھيائين تھ پاڻ بھ
ساڳي مرض ۾ ڦاسندو.
جنت چيو، ”حميد، مان ڇا چوان؟“
”تون مون کي ڪجھھ چئي ٿي سگھين.“
”پاڻ ۾ ڳالھائڻ جي ھمٿ نھ ٿي سمجھان. مان صرف ماٺ
۾ توڏي نھارڻ ٿي گھران.“
”تون مون تي ڪاوڙيل آھين، جنت؟ توکي مون تي رنج
ٿيڻ جو ھرڪو سبب آھي.“
”عورت کي غصي ڪرڻ جو ڪوبھ حق نھ آھي. اھو ورثو مرد
جو ئي آھي.“ جنت جواب ڏنو.
”جھان ۾ ڪابھ شيءِ ڪنھن جو ورثو نھ آھي.“
”مرد ائين ڪٿي ٿا سمجھن؟“
”چئبو تھ تون مون سان ناراض آھين؟“
”مان ڪجھھ سوچي رھي آھيان. مرد زال کي پنھنجو
سمجھي ٿو، پر زال کي ائين سمجھڻ نٿو ڏئي تھ پاڻ
سندس آھي؛ مرد چاھي ٿو تھ زال ڪوبھ قدم سندس صلاح
کان سواءِ نھ کڻي، مگر ھو زال جي صلاح مڃڻ لاءِ
پاڻ کي ٻڌل نٿو رکي؛ ھو پاڻ کي ھر حال ۾ آزاد؛
ليڪن زال کي ٻڌل رکي ٿو.“
”تنھنجو اھو اشارو مون ڏانھن آھي. جنت تون رڳو
محبت جي فرض جو خيال رکين ٿي. دنيا ۾ انسان کي ٻيا
بھ فرض پالڻا ٿا پون.“
”انھن جي پالڻ ۾ ھن کي ھروڀرو محبت جو تياڳ ڪرڻو
نٿو پوي.“ جنت چيو.
”نھ، مان تھ اڃا بھ توسان محبت ڪريان ٿو!“
”مگر مون کي ان محبت جي ماڻڻ کان محروم رکڻ ٿو
گھرين؟“
”محبت جسم سان ٿيندي آھي ڇا؟“
”مان جيڪو پيار توکي ڏيان ٿي ان جو جسم سان پڻ
تعلق آھي. انسان جي انسان لاءِ پيار ۾ جسماني جزو
اوس ٿئي ٿو. تو مون ۾ پھرين ڇا ڏٺو، جو مون تي
موھت ٿي پئين؟ جسماني حسن. مرد جي عورت لاءِ پيار
۾ جسماني جزو آھي؛ جيتوڻيڪ عورت جي مرد لاءِ پيار
۾ ڪيترين حالتن ۾ اھو نظر نھ ايندو آھي.“
”جنت، تو ڀلا مون ۾ ڇا ڏٺو؟“
”مون تو ۾ پنھنجي حياتيءَ جو ساٿي ڏٺو!“
”ساٿي؟“
”ھا حميد.“
”مان تھ ھت ڪجھھ وقت لاءِ مھمان آھيان.“
”دنيا ۾ ھرڪو مھمان آھي.“
”پر منھنجو مدو اچي پوري ٿيڻ تي بيٺو آھي.“
اھي لفظ ٻڌي جنت جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون،
کيس ڀيانڪ مستقبل نظر اچڻ لڳو. جنت پنھنجو ھٿ حميد
جي مٿي تي رکي چيو، ”حميد ھاڻي ماٺ ڪر. اڄ گھڻو
ڳالھايو اٿيئي. جي ڳالھائڻ بند نھ ڪندين، تھ مان
اٿي وينديسانءِ.“
”جنت، ھميشه لاءِ ماٺ ڪرڻي ئي اٿم. مگر جيسين
ڳالھائڻ جي
طاقت ڀانيان ٿو، تيسين توسان ڳالھائي دل کي نھ
وندرايان. توسان روح رھاڻ ڪندي بيماري ڀلجي ٿو
وڃان.
جي ڳوڙھا جنت جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي ھينئر
سندس ڳلن تي ڪري پيا ۽ ھن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو،
”حميد، مان تنھنجا اھڙا لفظ نٿي ٻڌي سگھان.“ ائين
چئي ھوءَ اٿڻ لڳي. حميد کيس ٻانھن کان جھلي چيو،
”جنت، رسي ٿي وڃين؟“
”مون کي تنھنجو ڳالھائڻ نٿو وڻي.“
”رسبو تڏھن آھي، جڏھن ڏسبو آھي تھ اڳلو پرچائي
سگھندو. مون ۾ تھ اھا سگھھ ڪانھي. اڳي تون رسندي
ھئينءَ تھ توکي پرچائڻ ۾ مزو ايندو ھو؛ پر ھاڻي تھ
رسڻ جو نالو ٻڌي دل ويھي ٿي وڃيم. مان تنھنجو رسڻ
ڏسي نٿو سگھان.“ |