مھاڳ
اڄ کان ويھارو ورھيھ اڳ، ديوان ميوارام ڀمڀاڻيءَ
جو ڏيھان ڏيھھ مشھور ناول ”غريبن جو ورثو“ نظر مان
گذريو. جنھن ۾ ناول نگار ساھتي پرڳڻي جي دل
”ڪنڊيارو“ ۽ ان جي چؤگرد تاريخي ڳوٺن جو چٽو پٽو
نقش چٽي منظر نگاري ڪئي ھئي. پر جن ڳوٺن جو تذڪرو
ناول ۾ آيل ھو، تن جون صورتخطيون انتھائي غلط لکيل
ھيون. محمد عثمان گھانگھرو جو ڳوٺ جتي ناول جو
مرڪزي ڪردار، حميد ڍڪ منشي ھو، تنھن کي صرف
”گھنگھرا“ لکيو ويو آھي. حالانڪ اھو ڳوٺ تعلقو
ڪنڊيارو ۾ گھانگھرا قوم جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آھي،
جنھن ڪري کيس عام طور ”پڪا گھانگھرا“ ڪري لکيو ۽
پڙھيو وڃي ٿو، ان سان لڳولڳ ٻن ڪوھن جي پنڌ تي ھڪ
ٻيو ڳوٺ ”بازيد پور“ جو احوال آيل آھي، جو
1929ع
واري ٻوڏ وقت سورن جي ستايل، غمن جي گھايل پيرو
مڱڻھار جي زال ۽ دادن جي ماءُ سچل، پنھنجي رضائي ۽
پاليل پٽ حميد جي تلاش ۾ رات جو پيرين پنڌ وڃي
بازيدپور پھتي ھئي. مٿي ڄاڻايل ڳوٺ جي پڻ صورتخطي
بازيدپور جي بدران ”بزيداپور“ لکيل ھئي، ممڪن آھي
تھ اھي پروف جون غلطيون ھجن. جڏھن تھ ناول جي
آڳاٽن ڇاپن ۾ مذڪوره صورتخطيون بلڪل درست ۽ صحيح
لکيل آھن، تنھن کان پوءِ جن بھ ھن ناول تي ڪم ڪيو
آھي، تن صورتخطين کي پئي وڌيڪ بگاڙيو آھي. تنھن
کان سواءِ ناول ۾ ڪجھھ الفاظ جھڙوڪ وگيان، تياڳ،
اوس، سرجيت ۽ اصطلاح جيئن ويساکيءَ جو ميالو،
ويساکيءَ جو سنان، بحراڻو ۽ اپواس وغيره، اھڙيءَ
طرح سان ھنڌن ماڳن ۾ نصرت واهھ، محراب واهھ ۽
فاطمه واھھ جڏھن تھ شھرن ۾ ڇاڇرو، ٿرپارڪر،
نوابشاھھ، سکر، لاڙڪاڻو، پڊعيدن، ٺارو شاھھ،
ڪنڊيارو ۽ ڳوٺن ۾ ھالاڻي، خانواھڻ، پير مھدي شاھھ،
گھانگھرا ۽ بازيدپور بيان ٿيل آھن.
ائين ئي ويٺي ويٺي دل ۾ جوڀن جاڳيو تھ، ناول
”غريبن جو ورثو“ ساھتي پرڳڻي جو اھم سرمايو آھي،
ڇو نھ ان کي سينگاري سنواري نئين سر ڇپائجي، جنھن
۾ اھڙن سنسڪرت ۽ ھندي الفاظن جون وضاحتون ڪيون
وڃن، جيڪي ھن وقت ناپيد ۽ متروڪ ٿي چڪا آھن. ان
کان علاوه ذڪر ڪيل شھرن ۽ ڳوٺن جون صحيح صورتخطين
سان گڏ سندن مختصر تعارف پڻ ڏنو وڃي. ڇو تھ ناول
جو مطالعو ڪندڙ لازمي نھ آھي تھ اھو ساھتي پرڳڻي
جو رھاڪو ھجي، جو کيس انھن مڙني ماڳن جي واقفيت
ھجي، ممڪن آھي تھ، پڙھندڙ ڀارت سميت دنيا جي ڪنھن
بھ خطي جو ٿي سگھي ٿو، تنھن کي ڪھڙي خبر تھ
ويساکيءَ جو ميلو ڇا آھي، ھالاڻي ۽ خانواھڻ ڪھڙي
بلا آھي، اھو حقيقي طور ناول مان، تڏھن ئي چس ۽ حظ
حاصل ڪري سگھي ٿو، جڏھن کيس انھن ماڳن مڪانن جي اڳ
۾ ئي آگاھي ھجي.
اھڙو اظھار روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جي مالڪ برادرم
علي نواز گھانگھرو سان ڪيم، جنھن ناول ڇپائڻ تي
راضپو تھ ڏيکاريو پر ڪيترائي سال ٻنھي ڌرين جي
مٿان سستيءَ جو غلبو مڙيو ئي سرس رھيو. ان وچ ۾
علي نواز بھ ڪنڊيارو کان حيدرآباد لڏي ويو. ھاڻي
اوچتو اچي کيس عشق اڀريو، جو منھنجي علمي ۽ ادبي
استاد ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو جي ذريعي مون ڏانھن
سنيھو موڪليائين تھ ”غريبن جو ورثو“ ترتيب ڏئي ڏيو
تھ، جلد ڇپائڻ جو انتظام ڪجي. وري پاڻ بھ مون سان
فون تي ان بابت ڳالھھ ٻولھھ ڪئي تھ ستت ئي سنڌ
يونيورسٽيءَ جو امتحان رکيل آھي ۽ مذڪوره ناول بي.
اي جي نصاب ۾ شامل آھي، تنھنڪري جيترو سوير ڀرو ٿي
سگھي تھ ڪم کي مڪمل ڪري وٺو. ڪم ڪٺن ۽ محنت طلب
ھو، ڇاجي ڪري تھ سنڌي ادب ۾ ناول جھڙي اھم صنف تي
ڪم ڪرڻ انتھائي ڏکيو ۽ نازڪ پڻ آھي. پوءِ بھ ھمت
نھ ھاريم، توڪل جو ترھو ٻڌي ڪم کي لڳو رھيس ۽ اھو
پڻ دل ۾ ڌيان ڌريم تھ، ”غريبن جو ورثو“ پڙھندڙن کي
ڪنھن بھ قسم جي ڪا شڪايت يا ابھام نھ رھي. حالانڪ
ھن ان کان اڳ ۾ پڙھندڙن کي ناول ۾ درج ٿيل شھرن،
ڳوٺن ۽ اصطلاحن کان اڻ واقفيت ڪري ضرور تڪليف
ٿيندي ھوندي، پر ھاڻي انھي اھنجائي جو مڪمل طور
خاتمو ڪري، ضروري وضاحتون ڏئي سھنجائي ڪئي وئي
آھي.
مٿين مڙني ڳالھين کي ڳڻ ۾ ڳڻي، اھڙي طرح سان سٽاءُ
ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي جنھن سان پڙھندڙ کي مھاڳ جي
مطالع سان ئي ھڪ ڌڪ ۾ ناول، ڊرامو، افسانو مطلب تھ
سمورين نثري صنفن بابت سڀ ڪجھھ کيس ٻني تي ٻار ملي
وڃي، ايستائين جو انھيءَ فن بابت پڙھندڙ کي ٻئي
ڪنھن بھ ڪتاب جي ورق گردائي نھ ڪرڻي پوي. انھيءَ
ڏس ۾ مختصر وضاحت ھيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي ادب
جيئن ئي انسان ھن فاني دنيا ۾ پير پاتو آھي، تيئن
سندس واھپو ھتان جي رھڻي ڪھڻي، اٿڻي ويھڻي، شادي
غمي ۽ تعليم ۽ تاديب سان رھيو آھي. ڇو تھ ادب ساري
انسانيت جو اخلاقي ملڪو ۽ ڌن آھي. (1)
ادب کان سواءِ ڪنھن بھ قوم جي سڃاڻپ ۽ شناسائي نھ
آھي. رھيو سوال تھ ادب ڇا آھي؟ انھيءَ جي تعريف
علامھ امداد علي قاضي ھن طرح ڪئي آھي:
”ادب جي لغوي معنيٰ آھي ريڙھيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ
سيکارڻ، يا پنھنجي سنڌي اصطلاح موجب اڻ گھڙئي ڪاٺ
کي رندو ھڻي سينگاري سنواري سڌو ڪرڻ. انھيءَ مقصد
سان اسان جي معاشري ۾ استاد مقرر ڪيا ويندا آھن،
جنھن کي پڻ اديب چئبو آھي، ڇو تھ سندس ذمي تعليم ۽
تربيت کان سواءِ تاديب بھ ھوندي آھي.“
علمي حوالي سان ادب جي اصطلاحي معنيٰ وڃي ھي نڪتي
تھ:
”اھا تحرير جيڪا ادب، لطافت طبع، زيب ۽ زينت واري
عمل ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن مڙني خوبين حاصل ڪرڻ ۾
مدد ڪري.“ (2)
ھونئن بھ اسان جي ھيءَ سنڌ سونھاري علم ادب سان
ٽنڊريل ۽ ٽمٽار آھي، سندس ٻوليءَ ۾ ادب ۽ ساھتيھ
جو وڏو ذخيرو موجود آھي، ڇو تھ ڪنھن بھ ملڪ جي
ٻوليءَ ۾ گذريل زماني يا ھلندڙ زماني جي علم وارن
ماڻھن جا جيڪي خيال نظم ۽ نثر ۾ لکيل ھجن، تن
لکڻين کي چئجي ان ٻوليءَ جو علم ادب يا لٽريچر،
دنيا ۾ اھڙي ڪابھ قوم ڪانھي. جنھن کي پنھنجي
ٻوليءَ ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ علم ادب يا ساھتيھ نھ ھجي.
سڌريل قومن جو علم ادب سڌريل ۽ گھڻو ٿئي ٿو ۽ اڻ
سڌريل قومن جو علم ادب وري ان قوم جي حالت سارو
ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن قوم ۾ پنھنجي ديس جي گذريل
حالتن بابت نظم يا نثر ۾ ڪجھھ بھ موجود نھ ھجي، تھ
اھا قوم گھور اوندھھ ۾ ھٿوراڙيون ڏيندي نظر اچي.
دنيا جي ڪھڙي بھ اڻسڌريل قوم، جا لکي پڙھي بھ نھ
ڄاڻندي ھجي، تنھن وٽ پنھنجي وڏن جي بھادريءَ جا
داستان، غم ۽ خوشيءَ کي ھمٿائڻ وارا ڪلام لکيل
صورت ۾ نھ، تھ بھ زباني روايتن طور نظم يا نثر ۾
ضرور موجود ھوندا. گذريل زماني جو علم ادب يا
ساھتيھ ھلندڙ زماني وارن ماڻھن لاءِ ھلندڙ زماني
جو علم ادب ۽ ايندڙ زماني وارن ماڻھن لاءِ نھايت
سچي رھبري ۽ راھنمائي ڪري ٿو. (3)
سنڌي ادب ۾ نثر نويسي
روزمره جي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويندا
آھن. انھن کي ادبي زبان ۾ موتين سان تشبيھھ ڏني
ويندي آھي، ان ڪري ٻولي آھي موتين جي ميڙ جو نالو.
جن جي مدد سان پنھنجا خيال ۽ انھن جي روشني ٻين
تائين پھچائبي آھي. (4)
پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ جو پڻ خيال آھي تھ، نثر
بھ نظم کان ڪنھن طرح گھٽ نھ آھي. ڇو تھ جھڙي طرح
شاعر الفاظن کي پوئي شعر بنائي ٿو، تھ نثر نويس بھ
الفاظن جي ميڙا چونڊي ڪري ڪڙي ڪڙي سان ملائي بيان
جي ھڪ لڙھي تيار ڪري ٿو. (5)
باقي نثر کي نثر ڇو ٿو چيو وڃي، اھو ھن ڪري تھ،
انسان پنھنجي دماغ جي خيالن جو اثر لفظن ۾ مڙھي
ٻين تائين پھچائي تھ، اھڙي اثر کي نثر چئبو آھي. (6)
مطلب تھ نثر معنيٰ اثر ڪندڙ. ٻين لفظن ۾ نثر معنيٰ
پکڙيل موتي. ھرھڪ زبان جو وڏو حصو نثر ۾ ھوندو
آھي. ڇو تھ پنھنجي خيالات جي تشريح ڪرڻ لاءِ لفظن
جو وڏو ذخيرو گھرجي. ان ڪري نثر جو حصو نظم کان
گھڻو ھوندو آھي. ڪنھن بھ زبان جو ڊھڻ يا ٺھڻ گھڻو
ڪري نثر جي پاڪيزگيءَ تي ٻڌل آھي جنھن قوم جو نثر
مٿاھون نھ آھي ۽ منجھس دنيا جي سڀني معاملات کي
کولي سمجھائڻ جي لاءِ صحيح ۽ صاف الفاظن جو ذخيرو
موجود نھ آھي، تھ اھا قوم بلندي کان ھيٺ ليکي
ويندي آھي. (7)
سنڌي قوم دنيا جي نھايت آڳاٽين قومن مان ھڪ آھي.
سندس تھذيب بھ پراڻي آھي، سنڌي زبان کي بھ ان ڪري
دنيا جي قديم زبان جو شرف حاصل آھي. اھڙي حالت ۾
ان وقت جي رواج مطابق ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا
ھوندا، مگر قديم وقت جي سنڌي لکڻين جي ڪابھ خبر
ڪانھ ٿي پوي، تنھنڪري چئي نٿو سگھجي تھ ان دؤر ۾
سنڌي نثر جي حالت ڪھڙي ھئي ۽ سندس معيار ڪيتري حد
تائين مٿاھون ھو.
سنڌ جا ماڻھو عربن جي اچڻ کان اڳ پنھنجي ٻولي
ديوناگري، شاستري يا سنسڪرت ۽ ھندوسندي اکرن ۾
لکندا ھئا، جڏھن سنڌ ۾ عرب آيا، تڏھن عربي ٻوليءَ
جا الفاظ نھايت گھڻي تعداد ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي
ويا. انھن لفظن جي صحيح صورت ۽ اچار ديوناگري ۽
سنسڪرت خواه ھندو سنڌي صورتخطي سان ظاھر ڪرڻ
ناممڪن ھيو. ڇو تھ عربيءَ جا ڪيترا آواز، ان وقت
سنڌ جي قديم زبان ۾ موجود ڪين ھئا، ان ڪري اھڙن
آوازن وارن لفظن جي صحيح صورت قائم رھي نٿي سگھي.
مثلا فضيلت، حضرت، غريب، زيارت ۽ حفاظت وغيره لفظن
کي ھندو سنڌي ديوناگري يا سنسڪرت صورتخطيءَ ۾
ڦجليت، ھجرت، گريب، جيارت ۽ ھڦاجت لکيو ۽ پڙھيو
وڃي ھا، جنھنڪري انھن الفاظن جي ھيئت خواه معنيٰ
ئي بدلجي وڃي ھا. عربن وٽ پنھنجي سڌريل صورتخطي
ھئي. تنھنڪري انھن سنڌ جو ريڪارڊ بھ عربي ٻوليءَ ۾
رکيو ۽ ھتي جي ماڻھن کي تعليم بھ عربيءَ ۾ ڏيڻ
لڳا. (8)
عربيءَ کان پوءِ فارسي زبان جو رواج سنڌ ۾ پيو،
ڇاڪاڻ تھ حاڪم اھڙا آيا، جن جي ٻولي فارسي ھئي ۽
انھن پنھنجي دفتري زبان بھ فارسي رکي. ان جو نتيجو
ھي نڪتو جو، سنڌ جا مسلمان عربي ۽ فارسيءَ جا ماھر
ٿي ويا ۽ ڪيترا ھندو بھ مٿين ٻنھي ٻولين جي ڄاڻ
وارا ٿي ويا، تنھنڪري لکڻ جو ڪم عربي ۽ فارسي ۾
ڪرڻ لڳا. (9)
سومرن جي دؤر
1051ع
کان اڳ سنڌي نثر جي ابتدا ٿيل معلوم ٿئي ٿي پر ان
وقت ڪھڙي خطي صورت ڪم آندي ويندي ھئي، سا خبر نھ
آھي. حالانڪ ان کان اڳ اٽڪل
270ھھ
بمطابق
883ع
۾ سنڌ جي ھڪ راجا منصوره جي حاڪم نالي عبدالله بن
عمر کي لکيو تھ، کيس سنڌيءَ ۾ اسلامي عقائد ۽
تعليم تي مشتمل ڪتاب گھرجي، جنھن جي پوئواري ڪندي
شيخ عبدالله بن عمر، ھڪ عراقي عالم، جو منصوره ۾
ڳچ عرصو رھڻ ڪري سنڌي زبان جو ماھر ٿي چڪو ھو، کي
حڪم ڪيو تھ، راجا لاءِ اھڙي قسم جو ڪتاب لکي کيس
موڪليو وڃي ۽ اھو راجا ڏانھن موڪليو ويو، جيڪو کيس
بيحد پسند آيو.
ديوان گنگارام سمراٽ پنھنجي مقالي ”سنڌ جا قديم
شاعر ۽ عالم“ ۾ لکي ٿو تھ، راجا انھيءَ عالم کي
گھرائي پنھنجي درٻار ۾ رکيو ۽ کانئس قرآن مجيد جو
سنڌي ترجمو ڪرايائين، جنھن جو راجا تي تمام گھڻو
اثر پيو. (10)
ان کان علاوه اسان کي چچ نامي مان پڻ پروڙ پوي ٿي
تھ راجا ڏاھر پنھنجي عملدارن، دوستن، فوجي آفيسرن
۽ تعلقدارن ڏانھن خط لکيا آھن. ظاھر آھي تھ، اھي
خط سندس مادري ۽ وطني ٻوليءَ ۾ ھوندا.
انھيءَ مان اسان کي ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو تھ، سنڌي
نثر تمام آڳاٽي دؤر کان لکيو ۽ پڙھيو وڃي رھيو
آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي ان جي ڪابھ خطي صورت
نھ ملي سگھي آھي.
·
سمن جي دؤر ۾ قاضي قادن جھڙو عالم، شاعر ۽ مفتي،
ان وقت جو قاضي القضات
(Chief Justice)
ھو، تنھن جون ضرور فتوائون پڻ
لکيل صورت ۾ ھونديون، سو پڻ نثر جو آڳاٽو نمونو
ھوندو.
·
ارغونن جي شروعاتي دؤر ۾ مخدوم نوح سرور ھالائي،
شاھھ عبدالڪريم بلڙائي ٿي گذريا آھن، انھن بزرگن
جا خطبا، ملفوظات ۽ مڪتوبات پڻ سنڌيءَ ۾ ھوندا.
ھن ئي سمي مخدوم جعفر بوبڪائي (وفات
998ع)
وڏو متبحر عالم ٿي گذريو اھي، جو ھڪ ئي وقت مدرس،
محدث ۽ اعليٰ پائي جو مصنف پڻ آھي. تنھن طلاق بابت
پنھنجن ھيٺ ڏنل ڪتابن ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي جملا
آندا آھن، جو پڻ نثر جو ابتدائي نمونو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ھڪ رسالي ”البيان المبرم في قول
السنود ڇڏي او ڇڏيم“ ۾ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ
بابت ھي جملو نقل ڪيو آھي:
”تون چھدي آنھين- ون توکھي چھديم“
(تون ڇڏي/ ڇڏيل آھين. وڃ توکي ڇڏيم) (11)
اتي مخدوم صاحب ”وڃ“ کي ”ون“ ڪري لکيو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ٻئي رسالي ”استفتاء في ماتعارف
قوم الطلاق“ ۾ پڻ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ بابت
ھي جملا لکيا آھن:
”جي اون توسين کھاريان تھ توکي طلاق آھن- تھ مون
طلاقن، ترن طلاقن اتي سنوه“ (12)
(جي آءٌ توسان گھاريان تھ توکي طلاقون آھن- تھ
مونکي طلاقن – ٽن طلاقن جو اٿي سونھن/ قسم)
علامھ بوبڪائي پنھنجي ٽئين ڪتاب ”الحجة القوية“ ۾
بھ اھڙي ئي ھڪ مسئلي بابت لکيو آھي تھ:
”مون توکي طلاقون ڏنيون“ (مون توکي طلاقون ڏنيون)
”طلاق اتي سنوه جين ھيو کم کندس نکندس – جين ھيو
کم کريان – نکريان“ (13)
(طلاقن جو اٿئي قسم جي ھي ڪم ڪندس نڪندس، جي ھي ڪم
ڪريان نھ ڪريان)
·
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ڪيترن ئي عالمن، سنڌي نثر ۾ طبع
آزمائي ڪئي آھي، جيئن مولوي عزيز الله متعلويءَ جو
قرآن مجيد وارو تحت اللفظ ترجمو ۽ ٺٽي جي ٻين
عالمن کان سواءِ مخدوم محمد زمان لنوارائي، مخدوم
مڱريو عبدالرحيم گرھوڙي، درٻيلي ۽ کھڙن جي مخدومن
جون تحريرون ان وقت عام ھلندڙ ھيون، جي نثر جا چڱا
نمونا پيش ڪن ٿا. ان دؤر جي سنڌيءَ مان ھت اسين
صرف علامھ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي قافيھ دار گفتن
مان نثري نمونو پيش ڪري رھيا آھيون.
”ٻھ پھاڄيون پرچاءِ، ٿلھو مھرلو گھڙاءِ، وڏو کوھڙو
کوٽاءِ رزق ڪنھن پر اچي، جيئن مينھڙو وسي.“ (14)
·
ميرن جي دؤر ۾ پڻ ڪيترائي عالم ۽ فاضل ٿي گذريا
آھن مثلا پير محمد بقا، پير محمد راشد وغيره، ٿي
سگھي ٿو تھ سندن مريدن مٿين بزرگن جون ملفوظات
سنڌيءَ ۾ نقل ڪيون ھجن، جيڪڏھن ائين آھي تھ،
مذڪوره لکڻيون پڻ سنڌي نثر جو انوکو اھڃاڻ آھي،
حالانڪ ان دؤر ۾ اسان کي پير محمد راشدي جو سنڌي
ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو تفسير ملي ٿو، جو تفسير
ڪوثر جي نالي سان مشھور آھي. انھيءَ مٿين سڄي
سرگذشت بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو رايو آھي
تھ، اسان جي سنڌي نثر جي حقيقي شروعات انگريزن جي
دؤر کان ئي ٿي آھي. ان کان اڳ راجا ڏاھر جا خط،
عراقي عالم جو قرآن مجيد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ، شاھھ
بلڙائي ۽ مخدوم ھالائيءَ جي شعرن کان سواءِ مخدوم
جعفر بوبڪائي جي طلاق بابت سنڌي نثر جي تحقيقي پرک
کان پوءِ کين سنڌي نثر نٿو چئي سگھجي، البت آخوند
عزيز الله متعلوي جو قرآن شريف وارو سنڌي ترجمو،
سنڌي نثر جو بنياد تسليم ڪري سگھجي ٿو. (15)
·
انگريزن جي دؤر ۾ سن
1853ع
۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي سرڪار حڪم ڏنو
تھ، سنڌي الف – ب ٺھرائي وڃي، ڇو تھ ھن کان اڳ ۾:
(الف)
سنڌي ٻوليءَ کي مستقل الف – ب ڪانھ ھئي.
(ب) سنڌيءَ ۾ ڪوبھ معياري ڪتاب لکيل ڪونھ ھو.
(ج) جيڪي قلمي يا ڇاپي ڪتاب ھئا، تن جو پڙھڻيون
جدا جدا ھيون.
مذڪوره صاحب پنھنجي اسسٽنٽ مسٽر ايلس صاحب جي
صدارت ھيٺ الف – ب تيار ڪرڻ لاءِ ھيٺن ميمبرن تي
مشمتل ھڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني.
راءِ بھادر نارائڻ جڳنناٿ، ديوان نندارام سيوھاڻي،
ديوان پرڀداس انندرام حيدرآبادي، مرزا صادق علي
بيگ (مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ)، ميان محمد
حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽوي ۽ ميان غلام حسين
ٺٽوي. (16)
ھنن صاحبن جون سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪيتريون
گڏجاڻيون ٿينديون رھيون، انھن ۾ ٻين ڪيترن مسئلن
سان گڏ ھيءَ ڳالھھ بھ سامھون آئي تھ، سنڌيءَ لاءِ
صورتخطي ديوناگري ڪجي يا عربي؟ سر بارٽل فريئر ھن
فيصلي لاءِ ايلس صاحب کان سواءِ چار ٻيا بھ يورپي
عملدار منتخب ڪيا ھئا، جنھن ۾ ڪئپٽن رچرڊ برٽن بھ
ھو، جنھن سنڌ ۾ رھي سنڌي ٻوليءَ جو چڱو محاورو ڪيو
ھو. تنھن رٿ ڏني تھ سنڌي آئيويٽا عربي اکرن تان
ٺاھي وڃي. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ نالي ھڪ انگريز، جو ان
وقت ڊپٽي ڪليڪٽر ھو، جنھن پڻ سنڌ ۾ رھي سنڌي زبان
جو چڱو اڀياس ڪيو ھو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ٻھ ڪتاب: سنڌي
وياڪرڻ ۽ سنڌي انگريزي ڊڪشنري ٺاھي چڪو ھو، ان جو
خيال ھو تھ، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ديوناگري
ٿئي. (17)
۽ فطري تقاضا پڻ اھا ھئي.
انھن مٿين ٻن عملدارن جي ضد سبب سر بارٽل فريئر
تشويش ۾ پئجي ويو، تھ جيڪڏھن عربي رسم الخط اختيار
ڪيو ويو تھ ھندو ناراض ٿيندا ۽ ديوناگريءَ کي
ترجيح ڏني ويندي تھ مسلمان ڪاوڙبا. آخر
1853ع
۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي مان ڊائريڪٽرن جي ھڪ
جيوري اھو فيصلو ڪيو تھ، سنڌي آئيويٽا عربي اکرن
تان ٺاھي وڃي. (18)
پوءِ مسٽر ايلس سنڌي عالمن جي مدد سان عربي زبان
جا
28
اکر وڌائي ھيٺن طرح
51
اکر ٺاھيا:
عربي ٻولي
نج عربي
فارسي
پراڪرت
نج سنڌي |
: ابجد ھوز خطي ڪلمن سعفص قرشت
: ثخذ ضظغ
: پ ، چ، گ
: ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ڙ، جھھ، ڇ، ڃ، ڌ، ڊ،
ڍ، ک، گھھ، ڱ، ڻ
: ٻ، ڄ، ڏ، ڳ |
22
06
03
16
04 |
|
|
51 |
اھڙيءَ طرح سان
1853ع
کان وٺي سنڌي نثر ۽ نظم جا ڪتاب انھيءَ آئيويٽا ۾
لکجڻ لڳا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. سنڌي
ٻولي روز بروز پنھنجي ادبي خوبين سان وڌندي ۽
ويجھندي رھي ٿي ۽ ترقي جي طرف سندس سفر جاري آھي.
ائين بھ ڪونھي تھ، ڪو الف-ب جي جديد صورت ٺھڻ کان
اڳ ۾ اسان وٽ سنڌي ادب بنھھ ڪونھ ھو، ان کان
پھريان بھ سنڌي ادب جا ماھر موجود ھئا پر سندن ان
وقت جو سنڌي نثر بھ نظم تي مائل مقفيٰ ۽ مسجع ھو.
(19)
ليڪن ان کان بھ اڳ ۾ ڏھين صدي ھجريءَ ۾ اسان کي
مخدوم جعفر بوبڪائي جي سنڌي نثر جو نمونو پڻ ملي
ٿو، جنھن جو اسان مٿان ذڪر ڪري چڪا آھيون. سنڌي
ٻوليءَ جي ماھرن مخدوم بوبڪائيءَ جي لکت کي سنڌي
نثر جو بلڪل ابتدائي نمونو قرار ڏنو آھي.
سنڌي ادب جون مکيھ صنفون تھ ٻھ آھن ھڪ نثر ٻيو
نظم، پر ھتي اسان جو بحث نثر سان آھي. جيئن تھ نثر
جون ڪيتريون ئي صنفون ۽ انھن جون شاخون پڻ آھن،
جھڙوڪ:
·
مضمون (تاريخ نويسي، تنقيد نگاري، سفرنامو، سوانح
نگاري ۽ واقع نگاري وغيره)
·
مقالو (تحقيقي، حوالھ جاتي، تنقيدي ۽ دفاعي وغيره)
·
آکاڻي (آتم ڪھاڻي، آتم ڪٿا، آپبيتي، خودڪٿا، جيون
چرتر، پنھنجي جيون، قصھ گوئي، داستان گوئي، لوڪ
ادب، ڌرمي ادب ۽ ٻاراڻو ادب وغيره)
·
ڊرامو
·
افسانو
·
صحافت (ڪالم نگاري، اصلاحي، مزاحي، اسلامي ۽
معلوماتي مضامين، حالاتِ حاضره ۽ ڪارٽون نگاري
وغيره)
·
مکتوبات (خطوط، دستاويزات، دستخط، بياض، آٽوگراف،
تصويرات ۽ قبرن تي ڪتبا وغيره)
·
ملفوظات (احوال، آثار ۽ اقوال وغيره)
·
ناول (ناوليٽ وغيره)
·
ناٽڪ
نثر جا مٿيان قسم ھيئت
(Form)
جي لحاظ کان آھن، جڏھن تھ
معنيٰ جي لحاظ کان عالمن نثر جا ھيٺيان قسم بيان
ڪيا آھن:
نثر سليس، دقيق، مرجز، مقفيٰ، مسجع، عاري، ادبي،
اخباري، خطوطي ۽ تقريري وغيره. (20)
جيئن تھ ھتي اسان جي بحث جو موضوع ناول ئي آھي پر
ان جي باوجود ٻين نثري صنفن جي پڻ تعريف ڪرڻ ضروري
ڀانئجي ٿي.
مضمون
ھي لفظ عربي جي اکر ضمن مان ورتل آھي، جنھن جي
معنيٰ آھي گڏ ڪرڻ ۽ مضمون اسم مفعول جو صيفو آھي.
ان جي معنيٰ آھي گڏ ڪيل. ڪنھن بھ موضوع تي گڏ ڪيل
خيالن کي مضمون چيو وڃي ٿو. مضمون اھو علمي ۽ ادبي
پارو آھي، جنھن جي وسيلي انسان پنھنجي دل جا امنگ،
جذبا، خيال ۽ پنھنجو فلسفو ٻين تائين آسانيءَ سان
پھچائي سگھي ٿو. تنھنڪري ھرھڪ عالم ھن ادبي صنف کي
پنھنجي خيالن جي تبليغ ۽ پکيڙ لاءِ چونڊيو آھي.
جڏھن تھ مضمون عربي لفظ آھي، تنھنڪري يقين آھي تھ،
مضمون لکڻ جو رواج سڀ کان اڳ عربيءَ جي ڄاڻن کان
پيو ھوندو.
تحقيق جي پارکن جو خيال آھي تھ، مضمون لکڻ جو ڪم
پھريان ”بديع الزمان ھمداني“ نالي ھڪ عرب ڪيو. ھو
٩٦٩ع ۾ ھمدان ۾ ڄائو ۽
1008ع
۾ وفات ڪيائين. (21)
1156ع
۾ حميد الدين ابوبڪر عمر بلخي حميدي، نالي ھڪ عالم
پارسيءَ ۾ مضمون جو ھڪ ڪتاب ”مقامات حميدي“ لکي
ڇپايو، جو نھايت مٿاھين درجي جو ڪتاب ھو.
مغرب جا ماھر چون ٿا تھ، مضمون لکڻ جو رواج مانتين
(Montaigne)
نالي ھڪ فرينچ عالم وڌو، جنھن
جا مضمون جڏھن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏھن انھن
کان متاثر ٿي مشھور انگريزي اديب لارڊ بيڪن پنھنجي
مضمونن جو ڪتاب لکيو، جو بيڪن جا مضمون
(Becon Essays)
سان مشھور آھي. ان ڪتاب جي
مضمونن جو ترجمو دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ٿيو.
Eassy
اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو لفظ
آھي، جنھن جو مطلب آھي ڪوشش.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزن جي زماني کان اڳ ۾ بھ ضرور
علمي ادبي ۽ تاريخي مضمون لکجڻ ۾ آيا ھوندا، مگر
انھن جو ڪو نالو نشان ڪونھ ٿو ملي. موجوده سنڌي
صورتخطي ۾ پھريون مضمونن جو ڪتاب ”مقالات الحڪمت“
آھي، جو مرزا قليچ بيگ، لارڊ بيڪن جي مضمونن جو
ترجمو ڪري تيار ڪيو ھو. اھڙيءَ طرح مرزا بيگ
مضمونن جو رواج وڌو، تنھن کان پوءِ ھندو توڙي
مسلمان قلم کڻي ميدان ۾ ڪاھي پيا، جن ڪيترا علمي،
تحقيقي ۽ تفريحي مضمون لکيا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين
ھلندو پيو اچي.
مرزا قليچ بيگ جي مذڪوره مجموعي کان سواءِ، تنھن
وقت شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن جھڙوڪ تحفة احباب،
بھار اخلاق، سرسوتي، الامين، الوحيد ۽ الڪاشف
وغيره ۾ ڪيترن ئي اديبن بھترين مضمون لکيا، جيئن
شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، مولوي دين محمد
وفائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، محمد ھاشم مخلص ۽
محمد عثمان ڏيپلائي مضمون جي صنف کي وڌيڪ ھٿي ڏني.
مضمون نگاريءَ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي واڌ ۽
ترقي ٿي ۽ ڪئين مضمونن جا مجموعا وجود ۾ آيا، مثلا
رام پرتابراءِ پنجواڻي ۽ نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي
جو ”ادبي غنچو“، تيرٿ بسنت جو ”چڻگون“، ليکراج
عزيز جو ”ادبي آئينو“، لال چند امر ڏنومل جو ”سدا
گلاب“، لال سنگ ھزارو مل جو ”ويچار“، سيد عطا حسين
شاھھ موسوي جو ”ڪچ ڪوڏيون“، نھالچند چئناڻي ۽
ميوارام ڀمڀاڻي جو ”ادبي گلشن“، محمد اسماعيل
عرساڻيءَ جو ”خيال و خاطر“ ڊاڪٽر رگھومل جو ”گلابي
گل“ ۽ عثمان علي انصاريءَ جو مجموعو ”درس عمل“
شايع ٿيو، انھن کان سواءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو، ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، پرمانند
ميوارام، پير علي محمد راشدي، سندس ڀاءُ پير حسام
الدين راشدي، ميران محمد شاھھ، علامھ غلام مصطفيٰ
قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد
گرامي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا نالا سنڌي مضمون
نويسيءَ جي اوسر ۾ ڳڻڻ جي لائق آھن.
موجوده دؤر جي مضمون نگارن ۾ ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو، ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، پنھل ڏھر ۽ ڊاڪٽر
محمد انور ھڪڙو کان سواءِ ٻين ڪيترن نئين ٽھيءَ جي
اديبن جا نالا سنڌي رسالن جو سينگار بڻيل آھن.
مقالو
ماھرن جي ميڙيل چونڊيل اقوالن کي مقالو چئبو آھي،
عام اصطلاح ۾ ڪنھن موضوع بابت عالمن ۽ مفڪرن جي
قولن کي ڪٺو ڪري، انھن جو تنقيدي ۽ تحقيقي اڀياس
ڪرڻ کان پوءِ، حڪيمانھ تبصرو ڪري، ڪنھن نتيجي تي
پھچجي تھ انھيءَ کي مقالو چئبو آھي. عمومي طور
مضمون ۽ مقالي ۾ فرق نھ سمجھيو ويندو آھي ۽ انھن
ٻنھي صنفن کي ھڪ ئي ڀانئيو ويندو آھي، ليڪن بنيادي
طور مضمون ۽ مقالو ٻھ جدا شيون آھن، مضمون لکڻ
لاءِ ايتري تحقيق ڪانھ ڪبي آھي مگر مقالو تحقيقي
آھي، ان ۾ حاصل ڪيل حوالن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان
پوءِ، ڪنھن نتيجي تي پھچبو آھي، جڏھن تھ مضمون
مختصر ھوندو آھي، پر مقالو صخيم ھوندو آھي، جيڪو
20،
25
صنفن تي مشتمل ھوندو آھي، پر
ڪن حالتن ۾ ان کان جھجھا صفحا بھ والاري سگھي ٿو.
آکاڻي
ڪوبھ اھڙو موضوع يا پلاٽ، جيڪو حقيقتن يا ڏندڪٿائن
تي ئي مشتمل ڇو نھ ھجي، پر منجھس معاشري جي اصلاح،
وندر ۽ ان ۾ ماضيءَ جا تاريخي واقعات ھجن، تھ اھڙي
قسم جي بيان کي عرف عام ۾ آکاڻي/ ڪھاڻي چئبو آھي.
دنيا ڀر جي ٻولين جو ادب نظم سان شروع ٿيو آھي، تھ
انھن جو نثر اڪثر ڪھاڻيءَسان شروع ٿيو آھي. ھر
ٻوليءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات ڏندڪٿائن سان ٿيندي
آھي، جي ڏاڏيون ۽ نانيون، مائر ۽ ماسيون، ٻالڪن کي
رات جي ماني کارائي سمھارڻ کان اڳ بر زبان
ٻڌائينديون آھن. تنھن کان سواءِ اوطاقن ۽ اوتارن ۾
بھ قصا ۽ ڪٿائون کڻندڙ ايندا ھئا، جي جنن ڀوتن،
ديون پرين ۽ راجائن، سورمن جون دل اڀاريندڙ
ڪھاڻيون ٻڌائيندا ھئا. (22)
پر اڄ نھ رھيون آھن اھي اوطاقون، نھ محبت نھ مزو
نھ اھي ڪھاڻيون نھ آکاڻيون.
سنڌيءَ ۾ پھرين نثري آکاڻي ھئي ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ
جي“ جا پھريان ديوناگريءَ لپيءَ ۾ ڇپي ھئي، سا ھئي
منشي اڌارام ٿانورداس جي. ھن دؤر ۾ اڃا سنڌي
ٻوليءَ جي الف-ب تيار ئي ڪانھ ٿي ھئي. سنڌي ٻوليءَ
جو عربي آئيويٽا ۾ اچڻ کان پوءِ ڪھاڻي جي ترقي
وارو دؤر شروع ٿئي ٿو ۽ اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾
ڪھاڻي وڏي اوج ۽ ترقيءَ تي رسيل آھي.
ڊرامو
ڊراما
(Drama)
اصل يوناني ٻوليءَ جي ”ڊراءِ“
(Dry)
لفظ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ
آھي عمل يا ايڪشن.
ڊرامي جي تاريخ تمام قديم آھي، جيئن تھ اسان وٽ
ڊرامي جي
صنف انگريزن
کان آئي آھي، جڏھن تھ انگلستان وارن کي بھ ڊرامو
قديم يونان وارن کان مليو آھي. پر ڏسڻو اھو آھي
تھ، تنھن وقت ھندستان جھڙي عظيم ۽ سڌاريل براعظم
۾، جتي دنيا جون بھترين تھذيبن جنم ورتو، تھ انھن
ڊراما، ڪوتا، نرتڪ ۽ سنگيت ۾ دنيا وارن کي ڇا ڏنو؟
ان ڳالھھ جو اعتراف خود يورپي محقق بھ ڪري رھيا
آھن تھ کين ڊراما جو فن يونان وارن کان مليو، جڏھن
تھ يونانين کي وري سنگيت ۽ نرتڪ (ڳائڻ، نچڻ، ڪڏڻ ۽
ناٽڪ) اند
(Ind)
وارن کان حاصل ٿيو. (23)
ھيءَ حقيقت مسلم آھي تھ اِند اصل ۾ سنڌ آھي، سنڌ
مان ڦري ھند ٿيو، پوءِ يورپ وارن کيس انڊ، انڊيڪا
۽ انڊيڪوس سڏيو، جو پوءِ بلاٽيون کائيندو اچي
انڊيا بڻيو. (24)
انھيءَ کان پوءِ اسان کي ڀليءَ ڀت مڃڻو پوندو تھ،
يورپ وارن کي سنگيت ۽ ڊراما (نرتڪ جي ھڪ معنيٰ ناچ
۽ ٻي ناٽڪ) يونانين جي معرفت واديءَسنڌ وارن کان
مليا. انھيءَ جو ثبوت اڄ کان پنج ھزار سال پراڻي
تھذيب موھن جي دڙي مان نرتڪ مورتيءَ جو ملڻ آھي.
ڊرامو دراصل انساني زندگيءَ جي عملي تصوير آھي.
عام طرح سان ائين چيو ويندو آھي تھ، دنيا ھڪ اسٽيج
آھي ۽ انسان ڪردار آھن. انسان جي پيدائش مان مراد
آھي اسٽيج تي اچڻ ۽ موت مان مراد آھي پنھنجي
اداڪاري ختم ڪري گذاري وڃڻ. انسان دنيا جي اسٽيج
تي ھڪ اداڪار وانگر ھلي، گھمي، کلي ۽ ڳالھائي ٿو.
انسان ۽ دنيا جي تعلق کي سامھون رکي، انھيءَ ڳالھھ
تي جيڪڏھن غور ڪبو تھ، پتو پوندو تھ، ڊرامي ۽ سماج
جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي.
ڊرامي جي سمجھاڻيءَ بابت ڊاڪٽر محمد اسماعيل
عرساڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ڊراما ۽ ناول“ ۾
آزاديءَ جي امام مولانا عبيدالله سنڌي رح جو ھڪ
واقعو آندو آھي، ھڪ دفعي سبق پڙھائيندي حضرت سنڌي
رح جي خدمت ۾ ڪنھن شاگرد سوال ڪيو تھ، سائين! ھي
جو قرآن پاڪ ۾ ارشاد آھي تھ، قيامت ۾ ھرھڪ انسان
جا اعمال سندس سامھون اچي بيھندا ۽ ھن جا عضوا خود
ھن جي ڪردار ۽ گفتار، جيڪي ھن فاني دنيا ۾ ڪيا
ھوندا، تن بابت شاھدي ڏيندا. اھا ڳالھھ اسان کي
سمجھھ ۾ نھ آئي آھي، تنھنڪري مھرباني فرمائي ان
مسئلي تي روشني وجھڻ فرمايو. انھيءَ تي حضرت
سنڌيءَ جن فرمايو تھ، ”ابا اوھان ڪڏھن سئنيما ڏٺو
آھي؟“ طالب جواب ۾ باادب اعتراف ڪيو، تھ ھن سئنيما
ڏٺو آھي. تڏھن پاڻ فرمايائون تھ، ڪوبھ اداڪار جيڪو
بھ عمل اسٽوڊيو ۾ ڪئميرا جي اڳيان ڪري ڏيکاري ٿو،
اھو ساڳيو اداڪار، فلم ٿي وڃڻ بعد پاڻ بھ ڪنھن
سئنيما ھائوس ۾ ويھي انھيءَ ساڳي فلم کي ڏسي سگھي
ٿو يا نھ؟ طالب وراڻيو تحقيق سائين ھو پنھنجي
اداڪاري پنھنجي اکين سان عام تماشبين وانگر ڏسي
سگھي ٿو، تڏھن پاڻ فرمايائون تھ، بس اوھان جي سوال
جو جواب اوھان کي ملي ويو. طالب وري بھ وضاحت ڪئي،
جنھن تي حضرت سنڌي صاحب جن فرمايو تھ، ابا! ھي
ساري ڪائنات ھڪ عظيم اسٽوڊيو وانگر آھي، جنھن ۾
قدرت جي ڪئميرا انساني اعمالن جو لڳاتار فلم
ڀريندي رھي ٿي ۽ ھن دنيا جي اسٽيج تي سڀئي انسان
ايڪٽرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا نظر اچن ٿا ۽ جزا واري
ڏينھن کين پنھنجي ڪيل ڪردارن ۽ گفتارن جو نھايت
چٽيءَ طرح نظارو ڪرايو ويندو، جنھن کان ھو ھرگز
انڪار نھ ڪري سگھندا. اھڙي ريت ھنن جا عضوا مٿن
شاھد ھوندا. ھٿن ۽ پيرن سان جيڪو ڪيو ھوندائون،
زبان سان جيڪو چيو ھوندائون، اکين سان جيڪي ڏٺو
ھوندائون، ڪنن سان جيڪي ٻڌو ھوندائون، اھو سڀ سندن
اڳيان عيان ھوندو. (25)
مٿيون مثال صرف ان ڪري ڏنو ويو آھي تھ اوھان
پڙھندڙن کي يقين ٿئي تھ، ھيءَ ڪائنات ھڪ سچو پچو
ڊرامو آھي ۽ انساني زندگي ادڪاريءَ کان زياده
اھميت نھ ٿي رکي. ھن دنيا جي اسٽيج تي ويچارو
انسان محض ھڪ ايڪٽر جي حيثيت ۾ پنھنجي چرپر ڪري
رھيو آھي.
ڊرامو اخلاق ۽ معاشري جي عڪاسي ۽ آئينھ دار ھجڻ
سان گڏوگڏ قوم لاءِ سجاڳي، تفريح، تلقين، تبليغ،
تعليم ۽ تھذيب جو ذريعو پڻ ھجڻ گھرجي. غير مھذب ۽
فاحش ڊرامن مان بجاءِ اصلاح جي بڇڙائي وڌي ٿي،
تنھنڪري ڪوششون وٺي انھن ۾ مناسب تبديليون آڻجن،
جيئن عوام جا اخلاق نھ بگڙجن، جھڙيءَ طرح اڄڪلھھ
ٽي وي چئنلن تي اخلاق کان عاري ۽ رڳو عشقيھ ڊراما
ڏيکاري قوم جي نونھالن جي ستياناس ڪئي پئي وڃي،
جنھن ۾ ڊرامي کي جاچي ڏسبو تھ، ڪانھ ڪا ڇوري ھوندي
۽ پٺيانس عاشقن جو وڏو ٽولو ھوندو، عشق بھ وري
اھڙو سستو ھوندو، جو ڪنھن تالاب جي ڪناري تي
گھاگھر ڀريندي يا سمنڊ ڪناري گھمندي اکيون اٽڪي
وينديون يا ڪنھن ريل گاڏي ۾ بيگ بدلجي وڃڻ ڪري
نيھن جو ناتو لڳي ويندو يا ڪنھن جھنگل ۾ سير ڪندي
طوفان ۾ رئو اڏامي وڃي ڪنھن بدنام عاشق جي ڪلھن ۾
پوندو تھ، حضرت عشق اچي حاضر ٿيندو يا ڪنھن اسڪول
يا ڪاليج ۾ عشق جو انڌ چڙھي ويندو يا ڪنھن گاڏي جي
ايڪسيڊنٽ وقت يا ڪنھن ھوٽل جي ڪمري ۾ لؤن لڳندي يا
ڪنھن اسپتال ۾ آپريشان جي ٽيبل تي اکيون اڙجي
وينديون. مطلب تھ اھڙا ڊراما معاشري جي اخلاقي
بگاڙ جو سبب آھن، ڪنھن وقت ڊراما، علم ادب جي
واڌاري، لغت جي بھتري ۽ تعليمي ترقيءَ جو سبب ھئا،
پر اڄ اھا ڳالھھ نھ رھي آھي. |