”جنت، انسان جي دل تھ ڍاپجڻ جي نھ آھي. جيئن باھھ
۾ ڪيتريون بھ ڪاٺيون وجھبيون تھ اھي ٻري ڀسم ٿي
وينديون پر باھھ جي بک پوري نھ ٿيندي، تيئن انسان
جون خواھشون پڻ پوري ٿيڻ جون نھ آھن.“
”پنھنجيءَ محبت ۾ ڦاسائي پوءِ نصيحتون ٿو ڏنيم.“
”جي تون ڦاٿل آھين تھ مان وري ڇٽل آھيان ڇا؟“
جنت ڄاڻي ٻجھي منھن ۾ ڳنڀيرتا آڻي چيو، ”ڦاٿل آھين
يا ڇٽل آھين، تنھن جي مون کي ڪھڙي خبر؟“
حميد سندس منھن ۾ نھاري چيو، ”چور ڪڏھن چوري
باسيندو آھي.“
ان وقت بتين ٻرڻ جي مھل ٿي ھئي. ڀرسان رستي تان ڪو
چارڻ ستار تي ڪافي ڳائيندو پيو ويو. سانت ھئڻ سبب
ڪافيءَ جون سٽون چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آيون. جنت،
حميد جي ڳچيءَ مان ساڄو ھٿ لاھي، جنھن طرف کان
آواز پئي آيو، تنھن طرف نھارڻ لڳي. حميد جو خيال
پڻ ان پاسي ويو.
آءُ تان گڏ گذاريون، ري ڏکيا سي سکيا ڏينھڙا
ڳالھيون ڪيون جي ڪالھھ اسان سان، ڪيئن تو يار
وساريون
ڳچيءَ پائي ڪپڙو سائين الا، دوست ڪريان ٿي زاريون
راتو ڏينھان توکي دلبر، سانول ويٺا ساريون.
جنت چيو، ”ڪھڙي نھ وقتائتي ڪافي! اھا ڪافي تھ ڄڻ
منھنجيءَ دل جو آواز آھي. محبت ۾ تھ شايد ڪرڻيون
ئي زاريون ٿيون پون. ھو ڪافير بھ ڪو ستايل ٿو
ڏسجي.“
”جنت، ايندڙ جدائيءَ جي خيالن ۾ تون وصال جي مزي
ماڻڻ کان بھ پاڻ کي محروم ٿي رکين. آئيندي کي ڇڏ؛
حال کي وٺ. ھينئر تھ گڏ آھيون نھ! تون ميلاپ ۾ بھ
جدائي آڻيو ٿي وجھين.“
”حميد، وري ڪڏھن مون وٽ ايندين؟“
”پھرئين وجھھ ملڻ تي مون کي بھ ڪا تو کان گھٽ
انتظاري ڪانھ ڪڍڻي پوندي.“
ائين چئي، حميد جنت کان موڪلايو جنت جي نيڻن مان
نير جاري ھو. ھن کي روئندو ڏسي، حميد چيو، ”پياري
جنت، دلگير نھ ٿيءُ.“
جنت پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگھندي چيو، ”سا
ڪندي ڪيئن اقرار، جنھن جو ھيئڙو جتن سان.“
”خدا حافظ!“ حميد چيو.
جنت وراڻيو، ”خدا حافظ!“
حميد جيئن جنت کان موڪلائي واپس موٽي رھيو ھو،
تيئن سندس ڪنن تي ھيٺئين راڳ جو آواز پيو، جو جنت
سندس وڃڻ بعد چوڻ لڳي:
جي چئن ڏينھن لئھ يار ٿيا،
ڏيئي درد سي آخر ڌار ٿيا،
وڃي پاڻ ڪتي تھ قرار ٿيا،
منھنجو منڙو مفت منجھائي ويا.
(16)
حميد، جنت جي غير حاضريءَ ۾ ويڳاڻو ٿي پيو، تھ جنت
حميد جي پرپٺ وياڪل نظر اچڻ لڳي. عاشقن لاءِ وڇوڙو
خراب ٿو ٿئي. جدائي نھ ھجي تھ محبت جيڪر گل بي خار
ٿي پوي. وڇوڙو ئي آھي، جو محبت جي واٽ کي ڪنڊن جي
واٽ ڪيو ٿو ڇڏي؛ پر اھي ڪنڊا جن جي چڀڻ سان ايذاءُ
نھ ٿو رسي، مگر خوشي ٿي حاصل ٿئي.
حميد کي خانواھڻ ۾ بدلي ٿي آئي ڏيڍ مھينو ٿيو ھو.
خانواھڻ جو ڳوٺ گھانگھرن جي ڳوٺ کان وڌيڪ وسھن
وارو ھو، پر پنھنجيءَ دلربا کان سواءِ حميد لاءِ
اتي بھ ويراني ھئي. پريم ئي آھي، جو ويرانيءَ ۾
وندر ڪري ٿو. ڏاڍو ٿي چاھيائين تھ خط جي دوران جنت
سان پريم ونڊيان، ڇو تھ پريم جو پيغام وڇوڙي جي
وڍن لاءِ مرھم جو ڪم ڏئي ٿو. خط پڻ ھڪ نموني جي
گڏجاڻي آھي؛ خط ئي آھي جو جدائيءَ ۾ ميلاپ آڻي ٿو.
ليڪن جنت ھڪ اڻ پڙھيل ڳوٺاڻي ھئي، جنھن کي لکڻ ۽
پڙھڻ جي ڪابھ ڄاڻ ڪانھ ھئي. ھوءَ نھ حميد کي
پنھنجي دل جي راز کان واقف ڪري ٿي سگھي، نھ وري ھن
جي اندر جي حالت معلوم ڪري ٿي سگھي. خطن دوران
جلدي جلدي حال ونڊڻ ڪري، بھ عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾
مفاصلو گھٽجي وڃي ٿو. وڇوڙي واري عرصي ۾ پريمين
لاءِ خط ھڪ وڏو جياپو آھي. حميد گھڻيئي پريم جا
داستان پڙھيا ھئا. تڙڦي رھيو ھو تھ مان بھ قلم کڻي
دل جي درديلي حالت جو پني تي اظھار ڪريان پر وري
جڏھن اھو خيال ايندو ھوس تھ جنت اھو پنو پڙھي نھ
سگھندي، تڏھن ھن جي پريم تي ٿڌو ڇنڊو پئجي ويندو
ھو. اڻ پڙھيل معشوق جي جدائي شل ڪنھن کي نصيب نھ
ٿئي!
ھوڏانھن جنت بھ پاڻ کي سڪايل پيئي سمجھندي ھئي
ٻھراڙيءَ جون ڇوڪريون، شرم جون ماريون، دل جون
ننڍيون، سڀاءُ جون ھيسيل، دنيا جي آزمودن ۾ گھٽ
ٿيون ٿين. پر ھنن جي دل ان شيشي جيان آھي، جنھن جي
مٿاڇري تي ڪابھ مٽي لڳل نھ ٿي ٿئي ھو ارادن جون
نيڪ، نيت جون صفا، اندر جون سچيون، انجام جو
پڪيون، وفادار ٿيون رھن. بيوفا ماڻھوءَ لاءِ ھنن
وٽ ڌڪار ۽ نفرت آھي جنت ھردم حميد جا خيال پچائڻ
ڪري ھن کي خواب جي حالت ۾ ڏسندي ھئي. جيسين خواب
آھي، تيسين تھ ان کي سچ ئي سمجھجي ٿو، مگر جڏھن
ننڊ بعد ماڻھو سجاڳيءَ جي حالت ۾ اچي ٿو، تڏھن
معلوم ٿو ٿئيس تھ جيڪي پاڻ سچ سمجھي ويٺو ھو، سو
تھ صرف خواب ھو. جنت سان بھ اھا ڪار ٿيندي رھي؛ ۽
ھوءَ تھ چاھيندي ھئي تھ ھھڙا خواب پورائي نھ ٿين.
اھا ننڊ بھ چڱي، جا پريتم جو ديدار پسائي. مومل
ننڊ ڪري راڻو وڃايو؛ ليڪن جنت تھ ننڊ ۾ ئي حميد کي
پائيندي ھئي. ويچاري ڀلا ڇا ڪري؟ ننڊ ۾ حميد سان
روح رھاڻ ڪندي ھئي، تھ ننڊ ۾ کيس ڏوراپا پڻ ڏيندي
ھئي. پريم جي غير حاضريءَ ۾ ساڻس رسڻ خواھھ پرچڻ
جو موقعو جنت کي ننڊ ۾ ئي ملندو ھو. ڏينھن رات جي
انتظار ۾ گذاريندي ھئي ۽ بعضي تھ ساري رات جو بھ
خواب جي اميد ۾ لنگھي ويندي ھيس، اميد انسان کي
دوکا ڏيئي، تھ بھ انسان اميد کي نٿو ڇڏي.
ھڪڙي دفعي ھڪ غريب مائي اوچيءَ مٽيءَ جا ڪي ٿانو
کاريءَ ۾ کڻي ٻنيءَ وٽان اچي لنگھي. ھوءَ اھي ٿانو
شايد ڳوٺ ۾ وڪڻڻ ٿي ويئي. جنت، جو کيس ڀرسان
لنگھندو ڏٺو، سو ٿانون ڏيکارڻ لاءِ چيائينس.
مائيءَ مٿي تان کارو لاھي ھيٺ رکيو ۽ جنت ھڪ ھڪ
ٿانو ڪري ڏسڻ لڳي. ٿانون ڏسندي، ھن جي نظر وڃي ھڪ
گھگھيءَ تي پيئي، جنھن تي وڻ جو نقشو نڪتل ھو. وڻ
جي مٿين ٽارين مان ھڪ تي جھرڪ تھ ھيٺينءَ ٽاريءَ
تي جھرڪيءَ مٿي جھرڪ طرف پئي نھاريو؛ مگر ھو اڏامي
پاڻ ۾ ملي نھ ٿي سگھيا. جيئن پکين ھڪ ٻئي کي پئي
ڏٺو، تيئن جنت وري سندن طرف ڏسي رھي ھئي. عاشق جي
دل سڀ نظاري ۾ پنھنجي عشق جو عڪس پسندي آھي. جنت
پکين کي ھڪ ٻئي جي پريم جو پياسي سمجھيو. ھن پاڻ ۾
گڏجڻ ٿي گھريو، پر ھنن جي تقدير ۾ نقاش صرف ھڪ ٻئي
کي ڏسڻ ۽ ھڪ ٻئي لاءِ سڪڻ لکيو ھو. جنت اندر جو
اندر ۾ خيال ڪرڻ لڳي تھ نقاش ڪھڙو نھ بي قياس ۽ بي
درد ھو، جنھن ھن کي ھميشه لاءِ وڇوڙو پسايو. نقاش
کي ڪھڙو نقصان رسي ھا، جو ھو ٻنھي کي ھڪ ٽاريءَ تي
ويھاري ھا ۽ پکين کي دل پوريءَ ڪرڻ جو موقعو ڏئي
ھا؟ دنيا کي پريمين جي وڇوڙي مان شايد مزو ٿو اچي!
جھرڪ ۽ جھرڪيءَ تي جنت قياس کائڻ لڳي. ھڪ ٻئي جو
ھيترو نزديڪ ھوندي بھ ھو ھڪ ٻئي کان ڪيترو نھ پري
ھئا! پکين جي جدائيءَ جنت کي پنھنجي جدائيءَ جي
يادگيري ڏياري.
مائيءَ کي ڇڏي جنت ٻنيءَ طرف وري. ڪم ڪندي جيئن
آسمان طرف اکيون کنيائين، تيئن اتي ڪڪر ھلندا
ڏٺائين. ڪڪر ان طرف ڏانھن ٿي ويا جيڏانھن خانواھڻ
جو ڳوٺ ھو. جنت جي دل ۾ آيو تھ پرينءَ لاءِ نياپو
ڇو نھ ڏيان تھ وڃي چونس، ”سائينءَ ڪارڻ سپرين، پير
اڱڻ منھنجي پاءِ.“ ھھڙا قاصد ڪي ٻيا! کانئن تڪڙو
ٻيو ڪير ويندو ۽ دنيوي قاصدن ۾ حسد ٿئي؛ ليڪن قدرت
جا قاصد تھ انسان سان ھمدردي ٿا ڪن. جنت کي ڄاڻ
ھئي تھ محبت انسان کي پاڻ ڏي سڏي تھ انسان کي ان
جي پٺيان وڃڻ گھرجي، پوءِ ڀلي ان راھھ ۾ ڀيانڪ
جھنگل ۽ درياھھ ھجن، جن مان پار لنگھڻ ئي ناممڪن
ھجي، ھن پروڙيو ھو تھ جڏھن محبت انسان کي پنھنجي
آغوش ۾ وٺڻ لاءِ ٻانھون ڊگھيڙي، تڏھن ماڻھوءَ کي
پنھنجو وجود ان کي سپرد ڪرڻ کپي. جنت پنھنجو وجود
حميد کي سونپيو ھو ۽ محبوب جي انتظار ۾ ھينئر
بيچيني پسي رھي ھئي.
(17)
ماڻھو ھميشه ساڳيءَ حالت ۾ نھ آھي. جيڪڏھن انسان
جي خوشي گھڻي وقت تائين جٽاءَ نٿي ڪري، تھ غم بھ
ھن کي دائما ڪونھ لڳيو پيو آھي. خوشيءَ يا غم کي
ايندي ويندي ويرم نھ ٿي لڳي. صبح جو جھڙ ھوندو آھي
تھ ساڳي ڏينھن شام جو، سج ڪڪرن کي چيري، پنھنجي
تجلي سان دنيا کي روشن ڪري ڇڏيندو آھي. کلڻ خواھھ
روئڻ ٻيئي انسان جي قسمت ۾ لکيل آھن؛ ۽ ڪڏھن ماڻھو
ھڪڙي جي اثر ھيٺ آھي تھ ڪڏھن ٻئي جي.
عيد جو موقعو ھو. حميد کي ھڪ ڏينھن موڪل ھئي ۽ ھو
اٺ تي سوار ٿي، اڇي صبح جو گھانگھرن جي ڳوٺ ۾ اچي
پھتو. عيد جو ڏينھن ھن جنت جي سڪ ڀريءَ صحبت ۾
گذارڻ ٿي گھريو.
جنت جو پيءُ بيمار ھو ۽ ماڻس ڀتار جي چاڪريءَ ۾
مشغول ھئي. جنھنڪري جنت اڪيلي سر صبح جي مھل ٻنيءَ
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رواني ٿي. حميد جڏھن ٻنيءَ ۾ گھڙيو،
تڏھن ڏٺائين تھ جنت پٺيري ڪوڏر سان پاڻيءَ جي
ڪسيءَ جو منھن مٽيءَ سان بند ڪري رھي آھي. ھن
آھستي آھستي جنت جي ويجھو اچي پنھنجن ھٿن سان ھن
جون اکيون وٺي اوچتو بند ڪيون. جنت ڊپ وچان وائڙي
ٿي ويئي ۽ جيئن زور سان اکين تان ھٿ پري ڪرڻ جي
ڪوشش ڪيائين، تيئن حميد اکين تان ھٿ پري ڪري،
چيلھھ ۾ ٻک وڌس. پاڻ کي حميد جي ٻانھن ۾ ڏسي، جنت
جي سرھائيءَ جي حد نھ رھي. ڊپ دل مان ويندو رھيس؛
ان جي جاءِ تي ھينئر خوشي آئي.
”جنت عيد ڏينھن بھ ڪم ويٺي ڪرين؟“
جنت پھرين تھ خاموش ھئي. گھڻيءَ خوشيءَ ۾ ڳالھائڻ
نھ پيو اڪليس. آخر چيائين، ”عيد آھي شاھوڪارن
لاءِ. غريب لاءِ تھ اھوئي پورھيو ۽ محنت آھي. ھنن
کي پھرين روٽيءَ جو اونو رھي ٿو. ان اوني کان
واندا ٿين تھ خوشي بھ ڪن.“
”جنت مان تو وٽ عيد ملھائڻ آيو آھيان.“ حميد چيو.
”تنھنجو اچڻ ئي عيد آھي. عيد ڏينھن جا خوشي ٿيڻ
کپي، ان کان زياده خوشي مون کي توکي ڏسي ٿي آھي...
حميد، تون اچي وئين!“
”تنھنجي سڪ ڇڪ ڪيم. پر جنت، تو تھ مون کي چئن
ڏينھن جو يار ٿي سمجھيو نھ؟“
”توکي منھنجي راڳ جون سٽون ياد بيٺيون آھن ڇا؟
حميد، جيڪي ھيترو وقت رات جو خوابن ۾ ڏسندي ھيس؛
سو اڄ سجاڳيءَ جي حالت ۾ ڏينھن جو پسي رھي آھيان.
مالڪ مھربان آھي. برابر آھي تھ وصال جي گھڙي مھينن
جو وڇوڙو وساريو ڇڏي... پر حميد، تون چاق تھ آھين
نھ؟“
”توکي پسڻ کان پوءِ جي ناچاق ھجان تھ باقي تنھنجي
ديدار جو مون تي ڪھڙو اثر ٿيو!“
ائين چئي، حميد جنت کي ٻانھن کان وٺي وڃي وڻ جي
ھيٺان ويٺو. ٻنھي وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏني ۽ جدائيءَ ۾
گذاريل عرصي جو ذڪر ڪرڻ لڳا. جنت چيو، ”حميد
تنھنجيءَ ياد ۾ ئي ھيترا ڏينھن گذاري سگھي آھيان.“
”يادگيريون تھ پيار جو کاڄ آھن. اھي يادگيريون نھ
ھجن تھ وڇوڙو عاشق کي وڌيڪ بِر ڪري رکي.“
حميد جا اھي لفظ ٻڌي، جنت پنھنجا نيھي نيڻ ڀرسان
ويٺل محبوب ڏانھن کنيا ۽ پنھنجو مٿو ھن جي ڪلھي تي
رکيو. حميد ساڄو ھٿ جنت جي مٿي تي رکي ظاھر ڪيو،
”جنت، وڇوڙي بعد وصال ۾ ڪيڏو نھ لطف ٿو اچي!“
”وڇوڙي جو وقت گذارڻ بھ ڪٺن آھي.“ جنت وراڻيو ۽
وڌيڪ چيائين، ”منھنجو تھ ايمان ئي نڪري ويو ھو.
الائي ڪھڙا ڪھڙا خيال پيا دل ۾ ايندا ھئا.“
”ٻھراڙيءَ جون ڇوڪريون ھونئن ئي ڀرمي ٿينديون
آھن.“
”عاشق تھ ٿيندو ئي سنسي آھي.“ جنت جواب ڏنو.
”منھنجي من ۾ ھيترن ڏينھن ۾ تھ ڪوبھ سنسي جھڙو
خيال ڪونھ آيو.“
”مان توسان وڌيڪ محبت ٿي ڪريان نھ!“
”اِھا ڄاڻ ڪيئن پيئھ؟“
”عورت جو پيار مرد جي پيار کان وڌيڪ اونھو ۽ پاڪ
ٿو ٿئي.“ ائين چئي، جنت حميد جي منھن ۾ گھور ڪري
نھارڻ لڳي تھ ڏسي تھ انھن اکرن جو ھن تي ڪھڙو اثر
ٿيو ھو.
”پنھنجيءَ ذات کي ڏاڍو شرف ٿي ڏين!“
”مان تھ صرف حقيقت جو اظھار ڪريان ٿي.“ جنت کيس
چيڙائڻ جي خيال کان چيو.
حميد جيسين ڪجھھ چئي، تيسين جنت ٽھڪ ڏيئي، پنھنجون
ٻانھون حميد جي ڳچيءَ ۾ وجھي چيو، ”مان تھ توسان
مسخري ويٺي ڪريان!“
”مون سان بھ چرچا نھ ڪندينءَ تھ باقي ڪنھن سان
ڪندينءَ!“
”حميد، مون کان تھ کلڻ ئي وسري ويو ھو. تنھنجي
اسھڻ بعد اڄ پھريون ئي دفعو تو اڳيان کليو اٿم.
تنھنجي جدائيءَ مون مان ٻاراڻيون خصلتون ڪڍي، مون
کي گنڀير ڪري ڇڏيو ھو. ٻڌاءِ تھ سھي عيد جي گھڻي
موڪل اٿئي؟“
”ملياسين اڄ تھ جدا بھ اڄ ئي ٿينداسين.“
”تون مون وٽ صرف ھڪ ڏينھن لاءِ آيو آھين!“
”اڃا تھ صبح آھي. رات تائين تو وٽ ھوندس. جنت مان
اڄ تو وٽ مھمان ٿي آيو آھيان، تون منھنجي ميزبانڻ
آھين.“
”مان پنھنجي خوش قسمتي ٿي سمجھان، جو تنھنجي
ميزبانڻ بنجڻ جو موقعو مليو اٿم. پر تنھنجي رڳو
ميزبان ٿوري ئي آھيان!“ جنت نگاھون حميد جي نگاھن
سان ملائي مشڪندي چيو، ”مان تھ تنھنجي...“ اتي جنت
ماٺ کڻي ڪئي، جنھن تي حميد چيو، ”تون تھ منھنجي
دلربا آھين.“ ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”جنت،
ڏاڍي لڄ ٿي ڪرين.“
”توسان تھ لڄ ڪرڻي اٿم نھ. متان چوين تھ بي لڄ
آھي.“ جنت مذاقي نوع ۾ چيو.
”لڄ ڪندينءَ لوڪ کان ڪين حميد کان!“
”محبت لوڪ جي پرواھھ نٿي ڪري. مون کي پرواھھ تھ
تنھنجي ئي ڪرڻي آھي. لوڪ جي رسڻ جو خيال نھ اٿم؛
شال تون مون سان نھ رسين! مان تھ ڊڄندي آھيان.“
”ڪنھن کان؟“
”حميد کان.“
”مون کان؟“
”آءٌ تھ ٻانھي، تون تھ سائين، آءٌ غريب، سا
ڇاھيان!“
”مان توکي نٿو سمجھان.“
”مرد عورت کي برابر نٿو سمجھي جيڪو گھڻو پيار ڪندو
آھي، ڊڄبو بھ تھ ان کان ئي آھي.“
”سو ڪيئن؟“
”عورت جي دل تھ ائين ٿي سمجھي.“
”عورت جي دل تھ ڪا عجيب چئبي! جنھن تي راڄ ڪجي،
تنھن کان ڊڄجي!“
”سياڻو راجا رعيت کان ھميشه ڊڄي ٿو.“
ان وقت جنت جي ماءُ ”جنت! جنت!“ ڪري پڪاريو. سج
چڱو ئي چڙھي آيو ھو ۽ ڌيءُ کي واپس ايندڙ ڏسي،
ماڻس کيس سڏ ڪرڻ لڳي.
”حميد، امان ۽ ابي کي ھلي گڏج ھو تنھنجي پرپٺ،
ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي بابت ڳالھائيندا آھن.“ جنت چيو.
”ھا، منھنجو اڳ ئي اھو خيال ھو.
جنت حميد سميت گھر طرف وڌي. واٽ تي ھن حميد کي
پيءُ جي ناچاقائيءَ کان واقف ڪيو. جنت جي ماءُ، جا
دروازي تي بيٺي ھئي، تنھن حميد کي ڌيءُ سان گڏ
ايندو ڏسي، کيس کيڪاريو ۽ جنت کي چيائين، ”اڄ ڏاڍي
دير ڪيئھ. پڻھين مون کي توکي ڪوٺڻ لاءِ موڪليو.“
”مان آيس پئي تھ ڍڪ منشي صاحب رستي ۾ گڏيو. ساڻس
ٿورو وقت ڳالھائيندي ٿيو ھوم، تھ تنھنجي سڏڻ جو
آواز ڪن تي پيم.“
جنت جي ماءُ حميد کي اندر ھلڻ لاءِ چيو. حميد اندر
گھڙندي ئي جنت جي بيمار پيءُ قادر بخش جي ڀرسان
منجيءَ تي ويٺو ۽ مريض ڏانھن نھاريندي چيائين،
”ڏاڍا ضعيف ٿي ويا آھيو. شايد گھڻيءَ مدت کان
بيمار پيا ٿا ڏسجو.“
”ھڪڙي آھي بيماري، ٻيو ٻڍاپو، ٻڍاپو قادر بخش
آھستي وراڻيو.
”علاج مان ڪو فائدو ڪونھ ٿا سمجھو؟“
”غريبن لاءِ موت بنا ٻيو علاج ئي ڪونھي. غريبي خود
ئي ھڪ بيماري آھي. دنيا ۾ اچي تھ ھرڪو روئندو، پر
غريب ويچارو تھ وڃي بھ روئندو.“ گھڙي کن رکي وري
چيائين، ”جنت، ڍڪ منشيءَ کي ڪجھھ کارايو اٿو؟“
جنت جي ماءُ جيڪا ڀرسان بيٺي ھئي، تنھن ورندي ڏني،
”اڄ عيد آھي، جنت ويٺي سويون رڌي.“ ۽ حميد طرف
منھن ڪري چيائين، ”جيڪڏھن اڃ لڳي ھجيو تھ تيسين
لسيءَ جو وٽو آڻي ڏيانو.“
”اڃ تھ لڳي اٿم.“ حميد چيو.
جنت، جنھن سڀ پئي ٻڌو، سا ماءُ کي ديڳڙي جي سنڀال
لاءِ چئي، پاڻ لسيءَ جو ڪٽورو کڻي، اچي حميد جي
اڳيان بيٺي. حميد لسي پي، ڪٽورو کيس واپس ڏنو ۽
قادر بخش کي پٺيرو سمھيل ڏسي، چيائين، ”جنت، لسيءَ
۾ ڪجھھ پيل ھو ڇا؟“
”ڇو؟“ جنت عجب مان پڇيو.
”ھھڙي لسي تھ مون اڳ ڪڏھن ڪانھ پيتي آھي. خمار
ڏيئي ڇڏيو اٿس.“
”منھنجي ھٿ جي ٺھيل لسي پيتي بھ پھريون دفعو اٿيئي
نھ! محبت جو ڦيڻو پڙھي پياري ٿيمانءِ.
”توکي ڦيڻا پڙھڻ ايندا آھن ڇا؟“
”ان ۾ ئي تھ عورت ذات جو ڪمال آھي. ھونئن ڪو توھين
مرد وٺڻ جا آھيو!“
اتي حميد کان کل نڪري ويئي، جنھن تي قادر بخش پاسو
ورايو ۽ جنت خالي ڪٽورو کڻي رڌڻي ۾ ويئي. قادر بخش
کي حميد سان گفتگوءَ مان معلوم ٿيو تھ ھو خانواھڻ
مان ھڪ ڏينھن لاءِ گھانگھرن گھمڻ آيو آھي؛ سو کيس
رات جي دعوت پڻ ڏنائين.
منجھند جي مانيءَ بعد، حميد ٿورو ڳوٺ ۾ چڪر ڏيڻ
لاءِ روانو ٿيو. جنت کان بلڪل پري ٿيڻ تي دل نٿي
ٿيس، پر خيال آيس تھ متان جنت جا مائٽ سمجھن تھ
پاڻ ھتي آيو ئي جنت لاءِ آھي سو کين ان گمان کان
پري رکڻ جي مراد سان، ھن ڪجھھ وقت سندن مڪان ڇڏڻ
ضروري سمجھيو.
گھانگھرن جو ڳوٺ ھڪ ننڍڙو واھڻ آھي. حميد اڌ مني
ڪلاڪ ۾ بازار مان چڪر ھڻي واندو ٿيو. ايترو جلدي
جنت جي گھر موٽڻ بھ کيس ٺيڪ نٿي لڳو. منجھي پيو تھ
ڪاڏي وڃان. سوير صبح جو خانواھڻ ڇڏيو ھئائين؛ تنھن
ڪري آرام جو خيال ڪري، جنت جي ٻنيءَ طرف وک
وڌايائين ۽ ھڪ ڪنڊ ۾ شاھي وڻ ھيٺان ڇانو ۾ پيل کٽ
تي سمھي پيو. اڄ کيس دل تي ڪوبھ بار نھ ھو. ھوا
ٿڌي پيئي لڳي، ٿڪ سبب جلدي ننڊ کڻي ويس.
ھوڏانھن جنت بھ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين حميد لاءِ
نھاري، جھوپڙيءَ مان ٻاھر آئي ۽ ٻنيءَ ڏانھن رخ
رکيائين، ان ئي خيال کان تھ ڏسي من حميد ڳوٺ مان
موٽندو ھجي. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيائين تھ ان کٽ وٽ
اچي پھتي، جنھن تي حميد ننڊ ڪري رھيو ھو، جنت
پھرين تھ ھن جي منھن ۾ نھارڻ لڳي، پوءِ حميد جي
ڀرسان کٽ تي ويھي، سر سان چوڻ لڳي:
”ننڊ نھ ڪجي ايتري، سڻج ادا، يار!“
سريلي آواز تي حميد جي اک کلي ۽ سامھون جنت تي نظر
پيس. ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڏسي مشڪيو. ميلاپ ۾ ڌڻيءَ
ڪيڏو نھ مزو رکيو آھي! حميد اڃا اکيون مھٽيون ئي
پئي، تھ جنت چيس، ”منھنجي ننڊ ڦٽائي پاڻ ويٺو آھي
ننڊون ڪرڻ. گڏجڻ جو وقت بھ ننڊ ۾ ٿو وڃائين، ننڊ
وڃي خانواھڻ ۾ ڪج.“
جنت، سچ ٿي چئين. شام تھ اچي ٿي آھي. ڄاڻ بتيون
ٻريون. پوءِ تھ وري وڃڻ جي تياري ڪبي.“
”خوشيءَ جو وقت گذري بھ جلد ٿو وڃي.“
”وقت ھلي ھميشه ساڳيءَ رفتار سان ٿو، پر انسان کي
سندس دل جي حالت موافق اھو تڪڙو يا آھستي ھلندو
نظر اچي ٿو. جنت، وقت انسان جي قبضي کان ٻاھر آھي.
وقت ئي آھي، جنھن تي ماڻھوءَ جي حڪمراني نٿي ھلي.
وقت جو تھ انسان تي راڄ آھي.“
جنت، حميد جي گوڏي تي ھٿ رکي چيو، ”حميد، ميلاپ
بعد جدائي آئي ۽ بعد ميلاپ ٿيو ھينئر وري جدائي
اچڻ واري آھي! اھو چڪر ڪيتري وقت تائين ھلندو
رھندو؟ اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو، جڏھن اسين وڇڙڻ جي
واٽ وساري وصال ئي وصال پسنداسين.؟“
”جڏھن چاھين، تڏھن تون اھو ڏينھن آڻي سگھين ٿي!“
”اھو منھنجي ھٿ ۾ آھي؟“
”اھو اسان ٻنھي جي وس ۾ آھي. اٺ تيار بيٺو آھي.“
”ابي کي بيمار ڇڏي ھلان؟ ھن وقت امان کي منھنجي
مدد جي گھرج. حميد، اسان جي ميلاپ ۾ ھو ڪو ارھا
ٿورو ئي ٿيندا، جو ان نموني جا ويچار ڪريون. امان
يا ابي کي جي اسان جي محبت جي ڄاڻ پوي تھ پڪ اٿم
تھ ھو ڪوبھ اعتراض نھ اٿاريندا.“
”تھ مان خانواھڻ ۾ وڃي قادر بخش کي ان باري ۾
لکان.“
”ڳالھھ چوڻ تھ گھرجي منھنجي خيال ۾ لکڻ کان روبرو
ذڪر ڪڍڻ وڌيڪ بھتر ٿيندو.“
ٿوري وقت جي روح رھاڻ بعد، حميد جنت سان گڏجي سندس
مڪان تي آيو. قادر بخش کي اڪيلو ڏسي، حميد ساڻس
جنت جي باري ۾ ذڪر ڪڍيو. ٻڌڻ سان ئي قادر بخش جي
منھن ۾ نئون رت اچي ويو. بيماريءَ ۾ ڪومائجي ويل
چھري تي ھڪدم سرھائيءَ جا اھڃاڻ نظر اچڻ لڳا. حميد
ھن کي پسند ھو. قادر بخش کي جنت جي آئيندي جو ھر
وقت خيال رھندو ھو. ھن بنا ڪنھن بھ سوچ ويچار جي
حميد کي ”ھا“ ڪئي ۽ پنھنجي گھر واريءَ کي سڏي
چيائين، ”حميد جنت جي گھر ٿو ڪري، ۽ مون کيس
پنھنجي رضامندي ڏني آھي.“
”مان بھ انھيءَ ۾ خوش آھيان“، جنت جي ماءُ وراڻيو
۽ ٻيئي ھٿ ڊگھيڙي، آسمان طرف نھاري چوڻ لڳي،
”سائين جنت جو نصيب سٺو ڪندو!“ ۽ جنت ڏي نھاري
چيائين، ”مائٽ تھ اولاد لاءِ ائين ئي چاھي ٿو.“
”مان ھينئر خانواھڻ روانو ٿي ويندس.“ حميد ظاھر
ڪيو.
”تھ نڪاح لاءِ وري اچڻو پوندءِ،“ قادر بخش چيس.
حميد جي اسھڻ کان اڳ قادر بخش کانئس ڪاغذ ٽڪري تي
سندس سرنامو لکائي ورتو. قادر بخش ۽ سندس گھر
واريءَ کان موڪلائي، حميد جڏھن سندس گھر کان ٻاھر
آيو، تڏھن دروازي وٽ جنت مليس. جنت جي ماءُ ڄاڻي
ٻجھي ٻاھر نھ نڪتي تھ جيئن ٻنھي کي ڪجھھ وقت
ڳالھائڻ جو موقعو ملي.
”وڃين ٿو؟“ جنت حميد کان پڇيو.
”وڃڻ وارن کي تھ وڃڻو ئي پوندو. ليڪن اڄ تھ تو
وٽان مان اميد کڻي ٿو وڃان.“
”مون کي ڏيئي ڇا ٿو وڃين؟“
”وصال جي اميد.“
جنت ماٺ ئي ھئي، تھ ڀريل دل سان چيو؛
”جنت، الوداع!“ خدا حافظ! جنت وراڻي ڏني ۽ ھوءَ
تيسين حميد طرف ڏسندي رھي، جيسين ھو سندس نظر ۾
آيو ٿي، پوءِ پوتيءَ جي پلئھ سان اکين تان ڳوڙھا
اگھندي، جنت جھوپڙيءَ اندر رواني ٿي.
(18)
ڪنڊياري جي اوتر طرف ھڪ عمدي جڳھھ جڙيل ھئي، جنھن
جي وچئين ڪشادي ڪمري ۾ ھڪ عورت پٽ تي ويٺي ھندورو
لوڏيو. جنڊيءَ جي ھندوري ۾ چئن ورھين جو ٻار ليٽيو
پيو ھو، جنھن کي لوڏي ننڊ پئي ڪرايائين. ھن عورت،
جا پورھيت پئي لڳي، پينگھو بھ پئي لوڏيو تھ مٺي ۽
ھلڪي آواز ۾ لولي بھ پئي ڏني:
توکي رکندو ڌڻي،
ڏيندءِ عمر گھڻي،
توکي ٽِڙندو ڏسي،
خوش ٿيان ٿي گھڻي.
ٿيندين موتيءَ ڪڻي،
شل ڪل کي وڻين،
تنھنجي لئھ تھ جيان،
ٿي ھڪڙي ڄڻي.
پورھيت جي بدن تي ڪپڙا سادا ليڪن صفا پيل ھئا. ھن
جو منھن پينگھي طرف ھو ۽ جيئن ڳايائين ٿي، تيئن ھن
جي اکين مان آب اڇلون ڏيئي ٻاھر پئي آيو. ان
لوليءَ جي چوڻ سان ھن کي شايد گذريل زندگيءَ جا ڪي
ڏينھن ياد اچي رھيا ھئا. اکين مان وھندڙ آنسون ھن
پوتيءَ جي پلئھ سان پئي اگھيا. اھا پورھيت ھئي،
دادن جي ماءُ سچل، جا زميندار صادق عليءَ جي گھر ۾
پندرھن رپين در مھينو پگھار تي بيٺل ھئي. ھن کي
رھڻ لاءِ اتي ھڪ ننڍڙو ڪمرو پڻ مليل ھو؛ ساڻس گڏ
صرف ھڪ پاليل ڪتو رھندو ھو. سندس ڪٽنب جي اھائي
بچيل نشاني ھن وقت وٽس ھئي. سچل تي ٻارن جي گھمائڻ
ڦيرائڻ ۽ سندن ڪپڙن لٽن ڌوئڻ جو ڪم ھوندو ھو.
ڳالھھ ھن ريت آھي تھ، بخشڻ جي اوچتيءَ وفات بعد
سچل کي پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ ۾ آرام نھ آيو. پاڙي
مان جڏھن ٻيا ڌوٻي گڏھن تي ڪپڙا کڻي درياءَ تي
ڌوئڻ ويندا ھئا، تڏھن انھن کي گھٽيءَ مان لنگھندو
ڏسي، ھوءَ دل جھلي نھ سگھندي ھئي. ھھڙا نظارا ڏسي،
کيس بخشڻ جي يادگيري ٿي آئي- گھر ۾ پيلين لوھھ جي
استرين ۽ ٻين اوزارن ڏانھن تھ اصل نھ نھاري سگھندي
ھئي. دادن جو بھ پتو ڪونھ ٿي پيس. ان گھر ۾ اڪيلي
رھڻ جي کيس ھمت ڪانھ ٿي ۽ وندر ۽ روزگار جي خيال
کان ڪنڊياري ۾ اچي نوڪري ڪيائين. ھينئر سچل لاءِ
پياري ۾ پياري چيز اھو ڪتو ھو، جنھن کي ساھھ سنئون
سانڍيندي ھئي. ڪھڙي نھ ڏک جي ڳالھھ چئبي، جو
ماڻھوءَ جي صحبت کان محروم ٿي، جانورن جي صحبت مان
محبت جي پياس مٽائي! پيار ڏجي ٿو تھ جانور بھ پيار
جي موٽ ڪن ٿا؛ مگر انسان جي دل ڪھڙي نھ ڪٺور آھي!
سچل کي گھر جا سڀ ڀاتي گھرندا ھئا. ڇو نھ گھرنس؟
سچل جو گھر جي ننڍڙن ٻارن تي جھجھوئي ارواح ھو.
معصوم ٻارڙن سان گڏجڻ ۾ بيحد لطف حاصل ٿئي ٿو. ھنن
جي صحبت انسان کان ڪجھھ عرصي لاءِ تھ دنيا جا دک
ڀلارائي ٿي ڇڏي.
سچل کي ھن گھر ۾ ڪم ڪندي چڱو ئي عرصو ٿيو ھو. ھڪ
دفعي زميندار صاحب اچي بيمار ٿيو ۽ ويو روزبروز
پوڻو پوندو. بدن اڌ بھ ڪونھ وڃي بچيو ھوس. رت جي
دوري جي ڏاڍي تڪليف ھيس. ھن وسان ڪين گھٽايو؛ پيسو
پاڻيءَ جيان ھارجي رھيو ھو، تھ من زميندار چڙھي
پوي؛ پر ھن جي وري نو بني ٿيڻ جا آثار نظر نھ ٿي
آيا. حڪيمن جو چوڻ ھو تھ مريض کي پورو آرام ملڻ
گھرجي.
ان آرام ۾ سچل رنڊڪ ٿي پيئي. رات ڏينھن خواھھ رات
جي وقت سچل جي ڪتي وٽ ٻيا ڪتي اچي ڀؤنڪندا ھئا. ان
نموني جو گوڙ زميندار جي آرام ۾ ڪافي رخنو وجھڻ
لڳو. زميندار جي گھر واريءَ سچل کي پنھنجي منھن
سمجھايو تھ ٻاھرين ڪتن کي جڳھھ جي احاطي اندر اچڻ
نھ ڏي، ڇاڪاڻ جو گوڙ سبب زميندار جي تندرستي وڌيڪ
بگڙي ٿي. سچل پنھنجي سر گھڻي ئي ڪوشش ڪئي، ليڪن ان
۾ ھوءَ ڪامياب نھ ٿي. ٻاھرئين احاطي ننڍي ھئڻ سبب،
ڪتا ڀتيون ٽپي ايندا ھئا. آخر ھڪ ڏينھن زميندار جي
زال سچل کي چيو، ”سچل، مان توکي مجبور ٿي، ان ڪتي
کي ھڪالي ڪڍڻ لاءِ چوان ٿي. زميندار جي تندرستيءَ
کان وڌيڪ منھنجي لاءِ ٻيو ڪجھھ ٿي نٿو سگھي توکي
بھ مالڪ جو خير خواھھ ٿيڻ کپي.“ سچل ورندي ڏني،
”ڪتي کي ضرور ھڪالي ڪڍنديس، نھ تھ مان نوڪري ڇڏي
وينديس.“ |