سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :12

ھو ٻيو بھ ڪجھھ چوڻ تي ھو، تھ دادن اچي ويو ۽ حميد کان سندس تندرستيءَ جي باري ۾ ھميشه جيان پڇڻ لڳو. جنت اٿي ويئي. ماڻس کيس حميد وٽان ايندو ڏسي پڇيس، ”جنت، حميد جي صحت ڪجھھ سڌري آھي؟“

”نھ، امان! ساڳي حالت اٿس. مون کي تھ ڪالھھ کان وڌيڪ ضعيف ٿو لڳي. تون اميد رکي ويٺي آھين تھ حميد چاق ٿي اٿندو؟“

”ڇو؟“

”سلھھ مان ڪو اٿيو آھي؟“

”اجائي نڪاح جي تڪڙ ڪئيسين.“

”خوشي اٿم جو اسان جو نڪاح ٿيل آھي.“

”جنت“ ماڻس عجب مان ظاھر ڪيو.

”امان، انھيءَ ۾ عجب کائڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ جنھن وقت مون حميد کي دل ڏني، تنھن وقت منھنجي ساڻس شادي ٿي چڪي.“

”جنت، ان نموني جا خيال ڪري تون پنھنجي حياتي برباد ڪندينءَ.“

”حميد کان پوءِ تھ مون لاءِ ھونئن ئي بربادي آھي.“

”تون جيڪڏھن پاڻمرادو پنھنجي مٿان مصيبتون آڻيندينءَ تھ مان توکي ڇا ڪري سگھنديس.“

”مان حميد جي آھيان ۽ ھن جي رھنديس.“

”جيسين شادي نھ ٿي آھي، تيسين توتي ڪھڙي پابندي آھي.“

”جيڪڏھن جماعت جي پابندي نھ آھي تھ دل جي تھ آھي. منھنجي ھن سان سچي محبت آھي. مان ھن کي پنھنجي لاءِ سڀڪجھھ ڪري ٿي سمجھان. مون ھن سان محبت جو قول ڪيو آھي. ڇا تون مون کي قول ڀڃڻ لاءِ چوندينءَ؟ امان ائين ڪرڻ منھنجي شان وٽان ٿيندو؟ تون مون کي اھڙي نيچ ۽ ڪريل ڇو ٿي سمجھين؟ امان، ھن وقت تو مون سان ان نموني جو ذڪر ڇو ڪڍيو؟ منھنجيءَ زخميل دل کي تون وڌيڪ زخمي ڪري رھي آھين. خدا حميد کي ھن بيماريءَ مان جلدي ڇوٽڪارو ڏيندو.“

جنت ماءُ کي اڃا بھ ڪجھھ چيو ٿي تھ دادن جو آواز ٻڌائين، ”جنت!“ جنت! جنت ڊڪندي ويئي. حميد جي وات مان رت ايندو ڏسي، دادن ڊڄي ويو ھو. جيئن رت پئي آيس، تيئن حميد شڪل ۾ پيلو ٿيندو پئي ويو. ايتري رت جو اچڻ خراب نشاني ھئي. جنت سمجھي ويئي تھ حميد جو آخري وقت اچي ويو آھي. حميد سرجيت ھو. ھن ھلڪي آواز ۾ چيو، ”جنت.“

”امان.“ جنت پڪاريو.

جنت جي ماءُ آئي. حميد کيس ڏسي چيو، ”امان، خدا حافظ!“

”حميد، جنت کي ڪنھن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏين؟“ جنت جي ماءُ پڇيس.

حميد دادن ڏانھن اشارو ڪيو ۽ پوءِ جنت جي طرف نھاريو، جنھن تي جنت چيو، ”حميد، شادي تھ ڪري وڃ.“

”ڪنھن سان؟“ حميد جو آواز ھينئر گھڻو جھڪو ٿي ويو ھو.

”پنھنجيءَ جنت سان.“ جنت سرھي منھن سان وراڻيو.

”جنت، ايڏي قرباني؟ ۽ سا بھ ڪنھن لاءِ؟ ان لاءِ جو دنيا ۾ باقي ڪي منٽ آھي.“

”حميد، تو ڪين چيو تھ محبت جو جسم سان تعلق ڪونھي.“

”جنت، ڏک اٿم جو توکي ناراض ڪري ٿو وڃان.“

”نھ، حميد. تو فرض کي محبت کان مٿي درجو عطا ڪيو. مون کي خوشي آھي تھ منھنجيءَ محبت جي ڪري تون نھ ڪرئين ۽ مان اھڙي نيچ نھ ٿيس جو تنھنجي فرض جي راھھ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيان. مون سان اٿي شادي ڪر. اھا جنت جي آخري التجا اٿيئي.“

”جنت!“ ائين چئي حميد پنھنجو ھٿ جنت ڏانھن ڊگھيڙيو. جيسين جنت پنھنجو ھٿ حميد جي ھٿ سان ملائڻ لاءِ ان جي اڳيان آندو، تيسين حميد دم ڏنو.

جنت جون اکيون حميد جي لاش ۾ ھيون تھ ماڻس ۽ دادن جون منجھس. ھوءَ پٿر جي بوتي جيان ھڪ ھنڌ بيٺي رھي. دادن چيو، ”حميد جان ڏني، پر فرض پوري ڪرڻ ۾ پٺتي نھ پيو. غريبيءَ جو ورثو نھ صرف تڪليفون آھن، پر دلي صداقت ۽ قرباني پڻ.“

فرض جي صدقي حميد پنھنجيءَ محبت جو تياڳ ڪيو. جوانيءَ ۾ جڏھن انسان جي دل ۾ انيڪ نمونن جون خواھشون رھن ٿيون، تڏھن حميد مرڪندڙ منھن سان موت جو مشاھدو ماڻيو. جنت ھن جي اعليٰ قدم کي سمجھيو ۽ محبت جو ڪيل قول پاڙيائين. ھن لاءِ دنيا ۾ ھينئر ڪابھ ڪشش ڪانھ رھي. ھوءَ پنھنجو پاڻ ۾ ڪنھن بھ قسم جو چاھھ نھ وٺڻ لڳي. ”اڻڀا سڻڀا نھ ڪري سونھن وڃايم سور.“ ھن دنيا ڏانھن پنھنجا نيڻ بند ڪيا. جنت آخر تائين حميد جي ياد ۾ رھي ۽ ھر روز ھن جي قبر تي وڃي تازن گلن جو ھار چاڙھيندي ھئي. ھن کان پوءِ ”شھرن، ڳوٺن“ بابت وضاحتون وارو مواد ڏيڻ گھرجي، جيڪو صفحي 1 کان 12 تائين آھي.

- ختم شد -

شھرن، ڳوٺن، اھم اصطلاحن ۽ الفاظن بابت وضاحتون

1.           ھالاڻي

ڪنڊيارو شھر کان 4 ڪوھن جي فاصلي تي اڀرندي پاسي، نيشنل ھاءِ وي ھاڻوڪي موٽر وي جي ڪناري تي ھالاري جو شھر آباد آھي، جيڪو پھريان تھ ڪنھن دؤر ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو، پر اڳتي ھلي ڪلھوڙن جي دؤر ۾ گھڻي ترقي ڪيائين، ورھاڱي کان اڳ ھن شھر م وڏو وڻج واپار ھلندو ھو، اڄ کان ٽي سؤ سال پھريان ھتي ھڪ وڏو مدرسو ھو، جتي شيخ ابوبڪر خطابين کي پاڙھيندو ھو، ساھتي پرڳڻي جو مشھور عالم مخدوم ابوالحسن ڏاھري بھ ھالاڻيءَ ۾ وٽس پڙھيو آھي، ھن شھر جي قبرستان ۾ مخدوم محمد دائود آڳرو، علامھ سيد محمد عاقل شاھھ لڪياري ۽ علامھ سيد غلام دستگير شاھھ لڪياريءَ کان سواءِ ٻيا ڪيترا عالم ۽ بزرگ ابدي آرامي آھن.

2.          ويساکيءَ جو ميلو

ھي ميلو ويساک مھيني جي 12,11 ۽ 13، جيڪو عيسوي مھيني اپريل جي 13,12 ۽ 14 تاريخ بيھندي آھي، تي ھالاڻي شھر ۾ ھندن جي مندر درٻار صاحب جي اڱڻ ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو ويندو آھي، جنھن ۾ ھالاڻيءَ جا ديوان ۽ ڀائيبند، ھند سند جي ڀڳتن کي نينڊ ڏئي گھرائيندا آھن.

حقيقت ۾ ھي ميلو ھندن جي روحاني گرو بابا سروپداس جو جنم ڏينھن آھي، جو پاڻ سن 1872ع جي ويساک مھيني ۾ ھالاڻي شھر کان 43 ميل ڏور ساجن شاھھ جي ڳوٺ ۾ ڄائو ھو. (1)

ميلي دوران ھندو توڙي مسلمان ٽيئي ڏينھن ڀڳت ۾ شرڪت ڪندا آھن ۽ اھڙي طرح ٽنھي ڏينھن ۾ منجھند جو ڏيڍ وڳي ڌاران درٻار صاحب مان سنک وڄايو ويندو آھي، تنھن کان پوءِ ننگر وٺڻ لاءِ ماڻھن جا ڳاھٽ اچي ٽٽندا آھن، انھي ننگر کي درٻار جا ھندو ڀنڊارو چون. ميلي جا سڀئي ڏينھن اھو ڀنڊارو ھلندو آھي، ايستائين جو درٻار ۽ ڀر وارا ماڻھو پنھنجو کاڌو تيار ڪين ڪندا آھن. (2)

باقي سيد محمد عاقل شاھھ جي اولاد مان جيڪي سيد ھالاڻي کان ٻاھر ھر سال ڪڻڪ لٿي ميلو ڪرائيندا آھن، سو مٿين سيد عاقل شاھھ ڏانھن منسوب ”پير لڪياري جو ميلو“ آھي پر اڄ کان پنجاھھ سٺ ورھيھ اڳ ان ميلي کي وڏڙا ويساکيءَ جو ميلو ڪري چوندا آھن، منھنجي سانبر ۾ پڻ ويساکيءَ جو ميلو سڏبو ھو. ٻاراڻي دؤر ۾ آءٌ بھ ھر سال ميلي کان پيرو ين ڀڄندو ھوس. ممڪن آھي تھ اھو پھريان ويساکيءَ جو ئي ميلو ھجي پر پوءِ مٿس پير لڪياريءَ جو نالو ڏنو ويو يا ھيءُ بھ ٿي سگھي ٿو تھ، پير لڪياريءَ جو ميلو بھ ساڳي ويساک جي 12,11 ۽ 13 تي ئي ٿيندو ھجي.

3.          ويساکيءَ جو سنان

درٻار جي ڏکڻ پاسي، وڏي دروازي کان جيئن ئي ٻاھر اچبو تھ، چار پنج فوٽ پڪين سرن جي اوساريءَ سان بلند ڪانڀ ڏنل ھڪ وڏو کوھھ آھي، جيڪو راقم پاڻ وڃي ڏٺو. کوھھ مان بجليءَ واري پمپ ذريعي پاڻي ڇڪي تڙ تائين آندو وڃي ٿو ۽ اتي کليل ميدان تي چار پنج نلڪيون سنان ڪرڻ لاءِ ھيون، وري جڏھن کوھھ ۾ اندر جھاتي پاتم تھ پاڻي بلڪل گندو ۽ سائو ٿي چڪو ھو.

انھيءَ کوھھ تي ميلي جي پھرين ڏينھن ھندو مرد توڙي زالون باک ڦٽيءَ مھل سنان ڪندا آھن، انھيءَ سنان کي ھندن وٽ وڏي اھميت حاصل آھي.

4.          درٻار

ھندو ھن وقت کيس درٻار صاحب ڪري ڪوٺيندا اھن. تمام ڪشادي ميدان ۽ انتھائي بلندي تي ھي وڏو شاھي مندر ٺھيل آھي، جيڪو سکر کان موٽر وي سان ايندي الھندي پاسي، پري کان نمايان ڏسڻ ۾ ايندو آھي، جنھن کي چوڌاري واڻين جا گھر وڪوڙيل آھن، جي ھر وقت پوڄا پاٺ ۽ ڪڙيا ڪرم ۾ مشغول ھوندا آھن. مندر جي اندر مرڪزي قبي واري ڀت جي چوڌاري ھٿ سان ڇاپيل مورتيون ۽ ڪجھھ گرمکي عبارت ۾ ھندڪا اکر لکيل آھن. ازانسواءِ اندر ھندن جي مقدس ڪتاب گيتا جا پڻ نسخا رکيل آھن.

درٻار تي مٿي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ وٽ دروازي تي مندر جي اڏاوت جو تفصيل پراڻي سنڌي ۽ گرمکي ۾ ھن طرح لکيل ھو:

اڏڻ جي تاريخ:    چيٽ 1949/رمضان 1309/ 2 اپريل 1892ع

ڪاريگر:          ميران بخش ۽ گوپالداس

ٺھرايو:            مھر بخش

بقلم:             سائينداس

ديوان رام چند ٻڌايو تھ، ڪلھوڙن حاڪمن درٻار لاءِ اٽڪل ڇھھ سؤ ايڪڙ کن زرعي زمين وقف ڪئي ھئي، جنھن مان گھڻي صدر ايوب خان جي وقت کسي وئي، ڪجھھ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت دوران واپس ورتي وئي. اقي جيڪا بچي تنھن کي ھالاڻيءَ ۽ پسگردائيءَ جي ڏاڍين قومن قبضو ڪري ورتو، ھن وقت فقط سٺ ايڪڙ زمين باقي بچي آھي.

5.          اپواس

ھي ھندن جو ھڪ قسم جو روزو آھي، جيڪو اٽڪل ٻھ ڏينھن کن ھلندو آھي، جنھن ۾ رڳو پاڻياٺ ۽ ميوات وغيره واپرائيندا آھن، باقي ٻيو کاڌو بنھھ ڪين کائين.

6.          ڳوٺ پير مھدي شاھھ

ھي ڳوٺ ڪنڊيارو شھر کان اتر طرف سنڌونديءَ جي ڪپ تي ڳوٺ ”بکري“ جي ڀرسان اڏيل آھي، ھن وقت منجھس سؤ کن گھر آھن، سيد، ڪلھوڙا، چنا، ملاح ۽ بڙدي قبيلن جا ماڻھو رھن ٿا. ڳوٺ جو مکي مڙس سيد ضياءُ الدين شاھھ آھي، پير سيد مھدي شاھھ سندس ڏاڏو ھو، جنھن جي نالي پٺيان ڳوٺ سڏجي ٿو.

ورھاڱي کان اڳ ھي ڳوٺ وڏو وسيل ھو، اڳين جڳ جا ڀائيبند ٻيڙين رستي روھڙي ۽ سکر کان وکر کڻي اچي بڙدي پتڻ تي لنگر ھڻندا ھئا. جتان پوءِ خانواھڻ، بکري ۽ ڪنڊيارو جي واپارين کي مال پھچائيندا ھئا. مطلب تھ ان سمي ڳوٺ ۾ محبت مزو ۽ وڏي رونق ھئي.

7.          ڪنڊيارو

ساھتي پرڳڻي جي قديم شھرن مان ڪنڊيارو جو شھر بھ آھي. موٽر وي جي ڪناري تي ھجڻ ڪري آمدورفت جي سھولت سببان واپار جو اھم مرڪز آھي.

شھر جي آبادي ۽ اڏاوت ٻڌائي ٿي تھ، ھي شھر بھ ساھتيءَ جي ٻين شھرن وانگر ڪيترائي دفعا ڦٽو ۽ تباھھ ٿيو آھي ۽ انھيءَ برباد ٿيل واري ۽ مٽيءَ جي وڏن دڙن تي ھي شھر وري وري آباد پئي ٿيو آھي. اوائلي دؤر ۾ ھن شھر ۾ وڏا وڏا ڪپڙي ۽ ڪاغذ جا ڪارخانا ھئا.

ھن شھر جي نالي بابت تاريخ نگارن لکيو آھي تھ، ھن شھر جي آباد ٿيڻ کان اڳ ھتي وڏا ”ڪنڊين“ جا وڻ ھئا، جن کي وڍي صاف ڪري مٽيءَ جي وڏن ۽ مٿاھن دڙن تي درياھھ جي اٿل جي ڊپ کان شھر کي آباد ڪيو ويو، تنھن زماني ۾ ھن شھر کي ”ڪنڊيءَ وارو“ شھر ڪري سڏيندا ھئا، جو پوءِ جلد ئي ڪنڊيارو ڪوٺجڻ ۾ آيو. (3)

8.          ڇاڇرو

ھن وقت ضلعي عمرڪوٽ جو تعلقھ صدر مقام آھي، جو روڊ رستي ڪنري ۽ نئون ڪوٽ سان ڳنڍيل آھي، ھن تعلقي جا کٿا ۽ لويون گھڻيون مشھورن آھن. ايراضيءَ جي لحاظ کان ڇاڇرو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آھي.

9.          ٿرپارڪر

تاريخدانن لکيو آھي تھ، ٿر ۽ پارڪر ٻھ الڳ علائقا آھن، ھاڻي عام طور انھن کي گڏي ٿرپارڪر چئجي ٿو، ڪنھن وقت سڄو ٿرپارڪر ھڪ ئي ضلعو ھو، جنھن ۾ ميرپورخاص، جيمس آباد، ڊگھڙي، سامارو، عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، جڏھن تھ ھاڻي ٻن ٽن يونٽن ۾ ورھايل آھي.

ٿر جون اوڀر ۽ ڏکڻ واريون حدون پاڙيسري ملڪ ھندستان سان ملن ٿيون، تنھنڪري دفاع جي لحاظ کان بھ ٿر وڏي اھميت رکي ٿو. (4)

10.        نوابشاھھ

ھن شھر کي سنڌ صوبي ۾ ھڪ مرڪزي حيثيت حاصل آھي، سن 1912ع ۾ ھن شھر ۾ ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو ويو. شھر تي اھو نالو متعلوي سيدن جي پيڙھيءَ مان سيد نواب شاھھ جي نالي پٺيان ”نواب شاھھ“ سڏجڻ ۾ آيو. اڄ بھ شھر جي وچ ۾ ان خاندان جي پوين جي حويلي ”نواب شاھھ ھائوس“ جي نالي سان موجود آھي، نواب شاھھ شھر جديد نموني ۾ اڏيل آھي، ھتان جا رستا ويڪرا ۽ گھٽيون ڪشاديون آھن، شھر جي آبھوا سٺي ۽ وڻندڙ ۽ صحت جي لحاظ کان بھترين آھي. (5)

تعليمي ادارن جي لحاظ کان ھي شھر سنڌ جي اھم مرڪزن مان ھڪ آھي، جن مان خاص ڪري نواب پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھھ، جنھن ۾ سنڌ جي شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي نياڻين کي ڊاڪٽري جي تعليم ڏني ويندي آھي، ان کان سواءِ گورنمينٽ حبيب ڪاليج آف ٽينالاجي ۽ قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پڻ آھي، ان ڪري ھن شھر جي تعليمي حيثيت روز بروز وڌندي رھي ٿي.

11.        بحراڻو

ھندن جي رسم مطابق ڪاٺ جو فريم ٺاھي ان تي ٻرندڙ ڏيئو رکي درياھھ ۾ لوڙھيو ويندو آھي، جيستائين ڏيئو ترندو ۽ ٻرندو رھندو، تيستائين ڏانھس تڪيندا رھندا آھن. ھندو انھيءَ بحراني واري رسم کي ”جوت“ بھ چوندا آھن ۽ اھا جوت اڏيرو لعل جي نالي سان منسوب آھي. درٻار ھالاڻيءَ جي خدمتگار ديوان شيوڪ رام ٻڌايو تھ، جوت سان گڏ ھو ”آرتي“ بھ ڪندا آھن، ھن ۾ ھڪ ڏيئي جي بجاءِ پنج ڏيئا ٻاري درياھھ بادشاھھ ۾ روانا ڪيا ويندا آھن.

ڪنڊيارو جا واڻيا اڄ ڏينھن تائين ويساکيءَ واري ميلي جي ٽئين ڏينھن اھو بحرانو ڪرڻ ھالاڻي ايندا آھن، پر ھاڻي اھو بحراڻو درياھھ جي بجاءِ ھالاڻي شھر جي سامھون وھندڙ روھڙي ڪينال ۾ ڪيو ويندو آھي.

12.        ھنس

ھڪ پکيءَ جو قسم آھي، جنھن جو انتھائي مٺڙو ۽ سريلو آواز ھوندو آھي.

13.        قواعد

صبح جي ٿڌڙي ھير ۽ بيٺل فصل پيو لڏندو ۽ لمندو آھي. جڏھن ھوا جو تيز جھوٽو ايندو آھي تھ، پوک جا سلا ڪڏھن اڌ نمي ويندا آھن تھ وري ڪڏھن ڪڏھن ڌرتيءَ کي پيا چميون ڏيندا آھن، يعني بظاھر ڄڻ تھ ان آدميءَ وانگر، جيڪو نماز ۾ قيام، رڪوع، سجدو ۽ قعدو ڪندو آھي، قواعد، قاعدي جو جمع آھي. ممڪن آھي تھ ناولنگار ڪڻڪ جي فصل کي ان سان تشبيھھ ڏني ھجي.

14.        خانواھڻ

ڪوٽڙي محمد ڪبير کان اڍائي ڪوھن جي پنڌ تي سنڌوندي جي ڪڇ ۾ ھڪ پررونق شھر آھي، جو سھتا قوم جي ھڪ بااثر زميندار ”خان سھتي“ جو ٻڌايل آھي، اوائلي ۾ ھي شھر ”خان جو واھڻ“ يا ”خان جا ڀاڻ“ ڪري سڏبو ھو پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ خان جو واھڻ مان بدلجي ”خانواھڻ“ سڏجڻ لڳو ۽ اڄ سوڌو انھيءَ نالي سان مشھور آھي.

ھن وقت ھي شھر واپاري مرڪز آھي، انھيءَ ڪري ڀر وارن ٽن شھرن ڪنڊيارو، ھالاڻي ۽ ڪوٽڙي ڪبير سان سندس لاريءَ رستي ڳانڍاپو آھي. (6)

15.        گھانگھرن جو ڳوٺ

جيئن تھ ڪنڊيارو تعلقو ۾ گھانگھرن جا ننڍا وڏا ڪيترائي ڳوٺ آھن پر انھن مڙني مان وڏو، ڪنڊيارو کان لاکا روڊ اسٽيشن واري رستي جي ڪناري تي واقع محمد عثمان گھانگھرو جو ڳوٺ آھي، انھيءَ ڪري کيس عام طور پڪا گھانگھرا ڪري چيو ويندو آھي.

ھن ڳوٺ جي آبادي لڳ ڀڳ ست ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ گھانگھرا، سيد، موچي، ڪنڀار، لاڙڪ، پيرزاده ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جا ماڻھو رھن ٿا.

ناولنگار حميد نالي نوجوان کي ھن ئي ڳوٺ ۾ ڊڪ منشي ڪري ڏيکاريو آھي.

16.        ٺارو شاھھ

ساھتي پرڳڻي جي قديم شھرن مان ھڪ آھي. جاگرافيائي بيھڪ ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان ھي شھر وڏي اھميت رکي ٿو. ھن شھر جي اتر- اوڀر ۾ ڏھن ميلن جي فاصلي تي ڪنڊيارو، اتر ۾ پنجن ميلن جي فاصلي تي تاريخي شھر درٻيلو، ڏکڻ ۾ ستن ميلن جي پنڌ تي نوشھروفيروز ۽ اوڀر ۾ ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ڀريا شھر اٿس.

اھڙيءَ طرح سان ھي شھر خشڪيءَ جي رستي ساھتيءَ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن سان ڳنڍيو پيو آھي.

1792ع ۾ ھيءُ شھر پھريان سيد ٺارو شاھھ اچي آباد ڪيو، ھندن جي زماني ۾ ھن شھر کي وڏي ترقي حاصل ھئي، تنھن وقت ۾ ھتي انگريزي اسڪول ۽ شاندار اسپتال ھئي.

ھندو پنچائت 1946ع ۾ ڪاليج جي پيڙھھ جو پٿر رکيو ھو پر ورھاڱي کان پوءِ اھو عمل رڪجي ويو، ساھتي پرڳڻي جو ھي ئي پھريون شھر آھي، جيڪو 1944ع ۾ بجلي ذريعي روشن ھو. (7)

مشھور راڳي ماسٽر چندر جو گھر بھ ھن ئي شھر ۾ اڃا تائين قائم آھي، جيڪو راقم پاڻ وڃي ڏٺو، ٻاھرين دروازي تي سنگ مرمر جي پٿر تي ڪارن اکرن سان لکيل آھي ”ماسٽر چندر“.

17.        نوشھروفيروز

ھي شھر اڳ ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ھو پر ھاڻي موٽر وي وٽانس ٿورڙو پرڀرو گذري ٿو، ھي شھر فيروز ان ويرر، پنھنجي مرشد ميان نصير محمد خان ڪلھوڙو جي حڪم سان سن 1068ھھ/1657ع ۾ ٻڌايو ھو. نو ننڍا ننڍا ڳوٺ، جيڪي ٿوري ٿوري پنڌ تي اڏيل ھئي، تن کي لڏائي اچي ھڪ ھنڌ آباد ڪرايو ويو ۽ ان ھنڌ جو نالو ”نو شھر- فيروز“ رکيو ويو، يعني ھن شھر جو نالو ٻن شھرن جو مرڪب آھي، ھڪ ”نون شھرن وارو“ ۽ ٻيو ”فيروز“، جو اڳتي ھلي نوشھروفيروز سڏجڻ ۾ آيو، اھڙيءَ طرح ھن شھر کي آباد ٿئي اٽڪل ساڍيون ٽي صديون گذري چڪيون آھن. 1989ع کان ھي شھر ضلع جو صدر مقام پڻ آھي.

18.        پڊعيدن

ھن شھر جي آباد ٿيڻ کان اڳ ھتي ويران پٽ ھو، جنھن کي ھنديءَ ۾ ”پڊ“ بھ چئبو آھي. سڀ کان پھريان ھنڱورجن مان ديوان عيدن مل لڏي اچي ويٺو ۽ ڪيترن ئي آس پاس جي ھندن کي صلاحي اچي ويھاريائين ۽ جايون بھ پنھنجي خرچ تي جوڙائي ڏنائين. انھيءَ کان پوءِ اھو شھر ”پڊعيدن“ يعني اھو ويرانو، جو ديوان عيدن مل آباد ڪيو. (9)

سن 1896ع ۾ حيدرآباد کان روھڙي تائين ريل جو رستو جاري ٿيو، تھ ھن ڳوٺ ۾ ريلوي اسٽيشن ٺھي، جا پڊعيدن اسٽيشن سڏجي ٿي، سن 1922ع کان وڏي اھا جنڪشن آھي.

19.       نصرت واھھ

ڪلھوڙا دؤر ۾ سندن ھڪ وزير نصرت خان چانڊيي پنھنجي نالي جي نسبت سان ھي واھھ کوٽايو ھو، پوءِ جڏھن بھ درياھھ ۾ گھڻي ٻوڏ ايندي ھئي ۽ پاڻي اٿل کائيندو ھو تھ، درياھھ جي ڇوڙ نصرت واھھ ۾ ايندي ھئي، جنھن مان ماڻھو پنھنجون پوکون بھ پچائيندا ھئا تھ ٻوڏ جي تباھيءَ کان بھ بچي ويندا ھئا.

ويھن صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ جڏھن انگريزن نھري نظام ۾ سڌارو آندو تھ، ڪنڊيارو کان ڏکڻ طرف وھندڙ روھڙي ڪينال مان نصرت واھھ ڪڍيو ويو، جيڪو اتان کان زمينن کي سيراب ڪندو، تقريبا سانگھڙ جي سرحدن تائين پھچي ٿو. شايد ڪلھوڙا دؤر ۾ اھو واھھ درياھھ مان نڪتل ھو. ممڪن آھي تھ ڪنڊيارو کان پوءِ انگريزن ساڳين بنيادن تي واھھ ڪوٺيو ھجي ۽ ساڳي ئي نالي کي برقرار رکيائون.

20.       محراب واھھ

تذڪره نگارن جو خيال آھي تھ، محراب واھھ ڪلھوڙن جي زماني ۾ سندن وزير محراب خان جتوئيءَ کوٽايو، نھ فقط مذڪوره واھھ پر ان سان گڏوگڏ ھالاڻيءَ ۾ محراب مسجد جوڙايائين، جا ڪلھوڙا دؤر جي تعميرات جو اعليٰ شاھڪار آھي ۽ اڃا تائين پنھنجي اصل حالت ۾ قائم آھي. ان کان سواءِ محراب پور جو شھر ٻڌاريائين. مطلب تھ محراب واھھ، محراب مسجد ۽ محراب پور سندس ڏانھن منسوب آھن. ھي واھھ ڪوٽڙي ڪبير ۽ رسول آباد جي سامھون روھڙي ڪينال جي کاٻي پاسي کان نڪري ٿو، جڏھن تھ ھالاڻي ڀرسان ٽمور وٽ اھو ھيٺين ٽن شاخن ۾ ورھائجي وڃي ٿو:

ھڪ نئون آباد شاخ، ٻي کاڙڪ شاخ، ۽ ٽين سانگي شاخ.

21.        فاطمه واھھ

ھي واھھ پير مھدي شاھھ جي ڀرسان ڦٽل حالت ۾ اڃا بھ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اڃا نھري نظام درست نھ ٿيو ھو تھ، درياھھ جي چاڙھھ وقت انھن واھن ۾ پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو ھو.

22.       بازيدپور

ھيءُ ڳوٺ ضلعي نوشھروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري کان ڇھھ ڪوھھ ڏور ڏکڻ طرف واقع آھي. بازيدپور اصل ۾ ”بايزيدپور“ ايران جي مشھور صوفي بزرگ حضرت بايزيد بسطامي (وفات 875/261) جي نالي ڏانھن منسوب آھي پر عام استعمال ۽ بي تڪلفيءَ جي ڪري بايزيدپور مان ڦري بازيدپور ٿي ويو آھي. (10) جڏھن تھ اڄ کان سؤ ورھيھ اڳ جي ريڪارڊ ۾ پڻ بايزيدپور لکيل آھي.

ھندن جي دؤر ۾ ھي شھر وڏو ورسيل ھو. ھر ڌنڌي وارا ماڻھو ھتي رھندا ھئا. ڪاروبار جي حوالي سان پڻ وڏي اوج تي ھو، ايستائين جو ھندو ڀائيبندن جي ڌنڌي جي لحاظ کان دڪانن جي خاص بازار ھوندي ھئي، جتي زندگيءَ جي ھر ضرورت واري شيءِ ملندي ھئي، جنھن کي اڄ تائين بازار واري گھٽي ڪري سڏيو ويندو آھي. (11) مطلب تھ ڳوٺ نھ پر ھڪ شھر ھو ۽ اھڙو ثبوت اسان کي سندس نالي بازيدپور مان ملي ٿو، جيئن پيرومل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو تھ:

”آرين وڌيڪ ترقي ڪئي تھ، وڏا شھر ٻڌائون. رگ ويد ۾ ”پر/پور“ لفظ ڪم آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي شھر ۽ اسين اھو لفظ سنڌيءَ ۾ بھ پيا ڪم آڻيون، جھڙوڪ ميرپور، خيرپور ۽ شڪارپور وغيره.“ (12)

ھيءُ اھوئي ڳوٺ آھي، جو 1929ع واري ٻوڏ وقت، ناول جي سورمي حميد جي تلاش ۾، سندس رضائي ماءُ سچل، رات جو پيرين پنڌ وڃي بازيدپور پھتي ھئي.

1929ع واري سال سنڌو درياھھ ۾ وڏو چاڙھھ آيو ھو، درياھھ جي ڪڇ وارا علائقا، جيئن سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھھ گھڻا متاثر ٿيا ھئا پر وري خاص ڪري ساھتي پرڳڻي ۾ تھ ٻوڏ جي پاڻيءَ راڱا ڪري ڇڏيا. ڪيترن ماڻھن جو مال متاع، اناج ۽ ڪچا پڪا گھر پاڻيءَ جي ويرن ور چڙھي ويا. ان ٻوڏ جي تباھڪارين جو ذڪر مرھيات امڙ سانئڻ بھ ڪندي ھئي تھ ڪيئن بازيدپور جا باشنده ڊور ڍڳا ڪاھي ۽ ٿورو گھڻو سامان ساڻ ڪري، ڳوٺ ڇڏي وٺي ڀڳا ھئا، جڏھن تھ ڳوٺاڻن اڳ ۾ ئي مڙسي ڪري سڄي ڳوٺ کي بند ڏنو ھو پر پوءِ بھ پاڻي اچي بند سان ٽڪرايو ۽ ايڏي تھ گج گوڙ ۽ واڪا پيو ڪري، جو ٻڌي ھنياءُ پيو ڏري.

ھن ڳوٺ جي آبادي پنج ھزار کن آھي، جنھن ۾ مڱريا، ميربحر ۽ سومرا قومن جا ماڻھو رھن ٿا.

لاري رستي سندس ڀريا سٽي ۽ ڪنڊيارو سان لاڳاپو آھي.

حوالا

(1)        وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪتاب: جيون چرتر بابا سروپداس (ھالاڻي درٻار صاحب)، مصنف روپچند ميراڻي، نيو دھلي، سن 1978ع

(2)        بروايٽ ديوان شيوڪ رام چنگلاڻي، مجاور درٻار صاحب ھالاڻي، مؤرخھ 2 مئي سن 2006u تي کانئن انٽرويو ڪيو ويو.

(3)        وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪتاب: ضلعو نوابشاھھ، تاريخي شھر ۽ شخصيتون، مصنف ڊاڪٽر حامد علي خانائي، نوابشاھھ ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نوابشاھھ، ص. 144-128

(4)        ٿر بابت تمام جھجھا ڪتاب لکيل آھن، تنھن جي تفصيلي بيان اتان ڏسڻ گھرجي.

(5)        وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪتاب: ضلعو نوابشاھھ، تاريخي شھر ۽ شخصيتون، مصنف ڊاڪٽر حامد علي خانائي، نوابشاھھ ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نوابشاھھ، ص. 297-269

(6)        ايضا، ص. 112-93

(7)        ايضا، ص. 92-56

(8)        ايضا، ص. 349-298

(9)       آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: سنڌ جي ھندن جي تاريخ، جلد پھريون، ڇاپو ٻيو، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سال 2002ع، ص. 161-160

(10)     ساھتي ڪاليج مئگزين، ڪنڊيارو، سال 2000ع، ص. 35

(11)      ساھتي ڪاليج مئگزين، ڪنڊيارو، سال 2000ع، ص. 36

(12)     آڏواڻي ڀيرومل مھرچند: سنڌ جي ھندن جي تاريخ، جلد پھريون، ڇاپو ٻيو، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سال 2002ع، ص. 36

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org