سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :10

(20)

سن 1929ع وارو سال سنڌ لاءِ ڪافي نقصانڪار ثابت ٿيو. سکر، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھھ ضلعن ۾ تھ ٻوڏون قھر ڪري ڇڏيا. ڇر جي پاڻيءَ ھيٺ سون جي تعداد ۾ ننڍڙا ڳوٺ ۽ واھڻ ناس ٿي ويا. ڪيتريون پڪيون ۽ ڪچيون جڳھيون پاڻيءَ ھيٺ اچي ويون. جان ۽ مال جو نقصان بھ اڪيچار ٿيو. انھن ٽن ضلعن جي مٿان جيڪي مصيبتون نازل ٿيون، تن جو احوال اھڙو تھ دردناڪ ۽ دل ڏاريندڙ آھي، جو ٻڌڻ سان جيڪر لڱ ڪانڊارجي وڃن. لکن جا فصل چٽ ٿي ويا ۽ ڪيترن ھنڌ تھ گدامن ۾ سانڊيل ان پڻ لڙھي ويو. ھزارين ماڻھو، جن جا اجھا پاڻي گھلي ويو، سي واھن جي ڪپن ۽ مٽيءَ جي دڙن تي ڪچا پکا اڏي وڃي رھيا. سوين ڳوٺاڻا دربدر ٿيا.

نوابشاھھ ضلعي ۾ وڏي ٻوڙ ٻوڙان ٿي ۽ ساھتيءَ ۾ تھ ڳوٺن جا ڳوٺ غرق ٿي ويا، ڪن ڳوٺن جو اڄ نالو نشان ئي ڪونھي ۽ اتان جي رھاڪن وڃي ٻيا ھنڌ وسايا آھن. ھالاڻيءَ ۽ ڪنڊياري جي وچ ۾ جيڪو مکيھ رستو آھي، سو پنجن يا ڇھن فوٽن جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھو. جيڪي ڳوٺ نوشھري(17) ۽ ڪنڊياري جي ڀرسان ھئا، تن جي بچاءَ لاءِ چڱو بندوبست ٿيل ھو ۽ سرڪار جي پاران ڳوٺن ۾ ھيٺئين نموني جا پنا گھرن ۽ دڪانن جي ڀتين تي ھنيا ويا:

عام اطلاع

”سڀني ماڻھن جي واقفيت لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تھ، ٻوڏ جي خطري ڪري لڏپلاڻ ۾ سھوليت ڪري ڏيڻ لاءِ اسان نوشھري ۽ ڪنڊياري اسٽيشن تي ريلوي گاڏيون بيھاريون آھن. جڏھن اھو خطرو بنھھ ويجھو ٿئي، تڏھن بلڪل ٿوري وقت جي اطلاع ملڻ تي عام ماڻھو ان ۾ چڙھي، پڊعيدن(18) تائين وڃي سگھن ٿا، جتي وڌيڪ ريل گاڏيون بيٺيون آھن، جي کين سلامتيءَ وارين جاين ڏانھن وٺي وينديون. جيڪي نوشھري ۽ ڪنڊياري اسٽيشن تي بيٺل بچاءَ گاڏين ۾ چڙھندا، سي مسافري پنھنجي جوکي تي ڪندا، ڇاڪاڻ جو اھي بار گاڏيون آھن.“

ڪنڊياري وٽ نصرت واھھ(19) کي کنڊ پيو. محراب واھھ(20) تھ اڳيئي تار پي وھيو. وري خيرپور کان ھڪ پاڻيءَ جي ڇر اچي محراب واھھ سان ملي؛ پوءِ ٻنھي جو پاڻي وڃي نصرت واھھ ۾ پيو، جنھن ڪنڊياري جي آسپاس سوين ڳوٺن کي چٽ ڪري ڇڏيو. اھڙن ڳوٺن مان ھڪ ھو گھانگھرن جو ڳوٺ، جنھن ۾ جنت ۽ ماڻس رھنديون ھيون ۽ ٻيو پير مھدي شاھھ جو ڳوٺ، جنھن جي گھٽين ۾ سچل بيوھھ ۽ بنا وسيلي، متوالن جيان پيئي ڦرندي ھئي.

رات جا ٻھ ٿيا ھئا. ساري خلق گھريءَ ننڊ ۾ ھئي. گھانگھرن جي ڳوٺ ۾ واويلا مچي ويئي. چؤطرف کان زالن ۽ ٻارن جي رڙين ۽ واڪن جا آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيا. واھھ کي کنڊ پوڻ ڪري پاڻي ڳوٺ ۾ ڌوڪيندو پئي آيو ۽ جيسين رھاڪو، آيل خوف کان آگاھھ ٿين، تيسين ڳوٺ جا ڪي ھنڌ تھ لڙھي ويا. ماڻھو ھراس وچان پنھنجين جانين بچائڻ لاءِ مال ۽ ملڪيت پٺيان ڦٽو ڪري، ننڍڙا ٻار ڪلھن تي کڻي، ھٿين خالي، ڀڄڻ لڳا، گھانگھرن جا ٽيون حصو ماڻھو تھ ٻڏي مئا، جن ۾ گھڻو ڀاڱو زالن ۽ ٻارن جو ھو.

جيڪي جانيون بچائي ٻاھر نڪتا، تن ۾ جنت ۽ ماڻس بھ ھيون. کين نڪو ٻار ٻچو ھو ۽ نڪا گھر ۾ قيمتي شيءِ ھئن، جنھن جي کڻڻ ۾ ڪا دير لڳين. بدن تي پيل ڪپڙن ۾ ئي اٿي ڀڳيون. سندن ٻني پاڻيءَ ھيٺ ھئي. ٻنيءَ ۾ گوڏن ٻوڙ پاڻي ھو ۽ اھو آھستي آھستي چڙھندو پئي ويو. ھنن ھڪ ڪاٺ جو تختو ساڻ کنيو. جڏھن ڏٺائون تھ پاڻي وڏو آھي، تڏھن ٻئي ڄڻيون، بنا ڪنھن بھ مددگار جي، ڌڻيءَ ۾ ايمان رکي، ان بُنڊ کي ترھو ڪري، ان تي چڙھي ويٺيون ۽ پاڻيءَ مان سلامتيءَ سان ترنديون ھليون. جيئن تختي تي ترنديون پئي آيون، تيئن پٺيان نھارڻ سان ڳوٺ جو دردناڪ نظارو پئي ڏسڻ ۾ آين. پنھنجو مال ٻڏندو ڏسي، دل ڀرجي ٿي آين. اھائي تھ سندن ملڪيت ھئي! واٽ تي غريبن جي ناس ٿيل جھوپڙين مان بچيل ڪاٺ جا ٽڪرا ۽ ڇپريون پاڻيءَ ۾ لڙھنديون ڏٺائون. ھڪ دفعو تھ اھڙي اچي ھوا لڳي، جو تختو جنھن تي چڙھي ويٺيون ھيون پئي لڏين. ڇڙيون زالون، ٻيئي اڻ تارو، ڀرسان نھ ھئن مدد ڪرڻ وارو، نھ سڏڻ سڻڻ وارو، ويچاريون پيون ڪنبن. سڀ وقت جان جي وڃڻ جو خطرو ھئين. پر جن کي ٻيو مدد وارو نھ آھي، تن جي ڌڻي مدد ڪري ٿو. رستي ۾ جڏھن چؤگرد پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نظر نٿي آين، تڏھن جنت ڏڪندڙ آواز ۾ ماءُ کي چيو، ”امان، خانواھڻ جي الائي ڪھڙي حالت آھي؟ خدا ڪري تھ حميد شال سدا سلامت ھجي!

”خدا نھ سندس وار ونگو ٿيڻ ڏيندو! کانئس بنا اسان جي سلامتي ڪھڙي ڪم جي ٿيندي؟“ ماڻس وراڻيو.

”جو اسان جو بچاءُ ڪري ٿو، سو کيس بھ بچائيندو. مان تھ اھائي دعا ويٺي پنان.“

ٻنھي، ماءُ ۽ ڌيءُ، جي دلين ۾ سخت دڪ دڪ پئي ٿي. پنجن ڪلاڪن جي جوکائتي مسافريءَ بعد سامھون سڪيءَ تي نظر پين. ھنن جي خوشيءَ جي حد ڪانھ رھي. اڌ مني ڪلاڪ بعد پاڻ کي زمين تي بيٺل ڏٺائون. ائين محسوس ڪرڻ لڳيون ڄڻ تھ نئين حياتي ملي ھين. بنا وقت وڃائڻ جي پنڌ پيون. سامھون ڪنڊياري جي ڳوٺ پئي ڏيکاري ڏني. ڪجھھ مفاصلو پنڌ ڪرڻ بعد ماڻھن جا انبوھھ ڏٺائون ۽ ڏاڍو گوڙ گھمسان لڳو پيو ھو. سڀ ٻوڏ جا ستايل ھئا، جي ڪنڊياري جي فاطمھ واھھ(21) جي ڪپ تي منزل ڪيو ويٺا ھئا. پڇا ڪرڻ سان پتو پين تھ پير مھدي شاھھ جو سارو ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو ھو ۽ ھنن ماڻھن اتان لڏي ھتي اچي اجھو ورتو ھو. گھانگھرن جا پڻ ڪيترا ماڻھو ڏٺائون، جي کانئن ٿوري مھل اڳ اچي اتي پھتا ھئا.

ڪنڊياري جي ڪن پڄنديءَ وارن ماڻھن پيسي جي اوڳڙ ڪري ٻوڏ کان ستايلن ۾ مفت ماني تيار ڪرائي ورھائي. جن وٽ ڪنا يا ٻيا ٿانو ھئا، تن ڪچو سيڌو وٺي پاڻھي ماني ٺاھي کاڌي. پناھھ جي لاءِ ڇانوڻيون ٺاھيون ويون، جتي ٻوڏ وارين ايراضين مان آيل پناھھ وٺڻ لڳا. ٻين جيان جنت ۽ ماڻس کي پڻ ماني ملي.

ھڪ جوان، جو سھائتو جي ٽوليءَ مان ھو، تنھن جنت جي ويجھو اچي کيس چيو، ”توھان کي ڪجھھ بھ گھرجي تھ ٻڌايو.“ جنت جي ماءُ جا زمين تي سمھي پيئي ھئي، تنھن ڏانھن اشارو ڪري ھن نوجوان پڇيو، ”ھيءَ تنھنجي ماءُ ٿئي؟“

”ھا؛ اسين پاڻ ۾ ٻھ ڄڻيون آھيون.“ جنت جواب ڏنو.

”تنھنجي ماءُ بيمار آھي؟ اسان وٽ دوائون بھ آھن.“

”نھ؛ ٿڪ سبب ننڊ کڻي ويئي اٿس.“

جڏھن اھو نوجوان ھلڻ لڳو، تڏھن جنت چيس، ”خانواھڻ جي ڪا سڌ آھي؟“

”خانواھڻ بلڪل سلامت آھي، اتي ڪوبھ خطرو ڪونھي. ڪيترا ماڻھو، جن جا ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، تن اتي وڃي اجھو ورتو آھي.“

”اسان جي بھ اوڏانھن وڃڻ تي مرضي آھي.“

”اتي اوھان جو ڪو عزيز آھي ڇا؟“ نوجوان پڇيو.

”ھا.“

”رستي جي خبر اٿو؟“

”نھ.“ جنت وراڻيو ۽ ڳالھائڻ جي نموني مان ھن جي لاچاري ظاھر پئي ٿي.

”رات مان وري ايندس. تيتري ۾ جي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، تھ مان توھان کي خانواھڻ ڏانھن ويندڙ واٽ ڏيکاريندس.“

”وڏي مھرباني اوھان جي.“ جنت ھٿ ٻڌندي چيو.

ھن جوان جي وڃڻ بعد، جنت ماءُ جي ڪلھي کي ھٿ سان لوڏي چيو، ”امان! امان!“

”جيءُ، جنت“. ماڻس وراڻيو.

”خانواھڻ سلامت آھي.“

”ڌڻي مھربان آھي.“

”ڪيترا ماڻھو لڏي وڃي اتي ويٺا آھن.“

”اسين ھلون؟“

”ٻوڏن جي خبر پکڙجي ويئي آھي ۽ حميد کي اسان جي سلامتيءَ جو تمام گھڻو خيال ھوندو.“

اخبارن دوران ٻوڏن جون خبرون ساريءَ سنڌ ۾ ڦھلجي ويون. اخبار ۾ گھانگھرن جي شھر جو پاڻيءَ ھيٺ اچي وڃڻ جو پڙھي حميد کي ڳڻتي ويڙھي ويئي. جڏھن پڙھيائين تھ گھانگھرن جو اٽڪل اڌ جيترو آدم تھ ٻڏي ويو آھي، تڏھن تھ جنت جي سلامتيءَ جي پڪ ئي نھ پيئي ٿئيس. حميد اھڙي اندر جي اٿل پٿل اڳ ۾ ڪڏھن بھ نھ ڏٺي ھئي. شام جو ڇانوڻين ۾ ويو، جي خانواھڻ ۾ سرڪاري طرح کوليون ويون ھيون. پناھھ وٺندڙن مان معلوم ٿيس تھ ڪي گھانگھرن مان آيا ھئا. انھن اھو ٻڌايس تھ گھانگھرن جا ڪجھھ ماڻھو ڀڄي وڃي ڪنڊياري ۾ پھتا ھئا. انھيءَ خبر ٻڌڻ سان ساھھ پيس. پر جيسين موڪل نھ ورتي ھئائين، تيسين ڍڪ ڪنھن جي حوالي ڇڏي وڃي. آرام ڦٽي پيس. منجھي پيو تھ ڇا ڪريان. اھڙي ڪا واھھ ئي نھ پيئي سجھيس، جنھن ذريعي پاڻ آجو ڪرائي ڪنڊياري وڃي پھچي. پاڻ جنت لاءِ بيچين تھ، جنت سندس لاءِ بي آرام. نيٺ ھڪ دوست کي عرض ڪري، کيس ھڪ ڏينھن لاءِ ڍڪ تي ويھڻ لاءِ مڃايائين ۽ پاڻ اٺ تي چڙھي ڪنڊياري روانو ٿيو.

ھوڏانھن جنت ۽ ماڻس بھ نوجوان کان خانواھڻ جو دڳ پڇي، اڪيليون پنڌ نڪتيون. رستي ۾ جنت جي ماءُ غمگين نوع ۾ ڌيءُ کي چيو، ”جنت، ڏس تھ مرد بنا عورت جي ڪھڙي حالت ٿي ٿئي! ياد رکج. ڪڏھن بھ فخر ۾ اچي اھڙو ڪم نھ ڪجانءِ. جنھن مان ھن کي رنج رسي؛ ھن کي راضي رکڻ لاءِ ناز ڇڏي نياز اختيار ڪج. مرد عورت جي زندگيءَ جي عمارت جو ٿنڀو اٿئي. جيسين اھو ٿنڀو قائم آھي، تيسين عمارت بھ بيٺي آھي؛ جڏھن ٿنڀو ڪريو، تڏھن عمارت بھ اچيو پٽ تي پوندي. ماءُ جي صلاح دل تان نھ وسارج. اڄ تون ھن جي تلاش ۾ ھلين ٿي. اھا تلاش توکي سڄي عمر ڪرڻي آھي. توکي ھميشه ھن جي خوشيءَ جو تلاشي بڻجڻو آھي.“

جنت بنا ڳالھائڻ جي سڀ ڪجھھ خاموشيءَ ۾ ٻڌي رھي ھئي. اڌ مفاصلو پورو ڪيائين تھ ٿڪ سبب آسائش جو خيال ٿين. حميد جو اٺ تي سوار ٿي ان رستي تان پئي آيو، تنھن پريان ٻن عورتن کي ھڪ وڻ جي ھيٺان ويٺل ڏٺو. وڏي ننڍيءَ جي گوڏن تي ليٽي پيئي ھئي. ويجھو اچڻ تي سڃاتائين، ھنن جي ئي تھ ڳولا ۾ پاڻ نڪتو ھو. جت کي اٺ جھڪائڻ لاءِ چيائين. اٺ کي پنھنجي سامھون جھڪندو ڏسي، جنت اوڏانھن نھاريو. حميد کي ڏسي، ھڪدم خوشيءَ مان چيائين، ”امان! حميد! جيتري ۾ ماڻس جنت جي گوڏي تان اٿي تيتري ۾ حميد بھ اچي سندس ويجھو پھتو. ھو جنت کي سلامت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جنت جي ماءُ حاضر نھ ھجي ھا، تھ حميد جنت کي ڪري گلي سان لڳائي ھا؛ پر ٻڍيءَ عورت جي روبرو حجاب ٿيس.

”تون اٺ تي ڪيڏانھن پئي وئين؟“ جنت جي ماءُ حميد کان پڇيو.

”مان توھان کي ڳولڻ لاءِ ڪنڊياري پئي ويس. ٻڌم تھ گھانگھرن مان ڪي ماڻھو لڏي اتي اچي ويٺا آھن.“ اھي اکر ٻڌي جنت ماءُ ڏي نھاريو. خاموش نگاھن سان ڄڻ تھ کيس ٻڌايائين ٿي تھ، مرد بھ عورت جي تلاش ۾ وڃي ٿو. جنت اڃا عمر جي وڏي ڪانھ ھئي. کيس ڪھڙي ڄاڻ تھ مرد جي تلاش عارضي آھي. محبت جي شروعات ۾ مرد پڻ تلاش ڪري ٿو، پر عورت جي تلاش دائمي آھي؛ اھا ڪڏھن بھ پوري نٿي ٿئي. عورت جي سموري ھستي ھڪ نموني جي جستجو آھي.

جنت چيو، ”حميد، اسين تو وٽ خانواھڻ پئي آياسين.“

”تون مون وٽ ٿي آئينءَ، تھ مان تو وٽ.“ حميد مشڪي ورندي ڏني، ۽ جنت جي ماءُ ڏي نھاريائين، جنھن پڻ حميد کي راضي رکڻ لاءِ پنھنجي منھن تي مشڪ آندي؛ ھوءَ نھ تھ ڏاڍي مايوس پئي لڳي. ھن لاءِ حياتيءَ ۾ ڪابھ ڪشش ڪانھ ھئي؛ صرف جنت کي ڏسي پئي ھلي قادر بخش جي قضئي جو صدمو اڃا دل تي تازو ئي ھوس، تھ ٻوڏن ۾ ھڙئي وڃائي، ھڪڙي وڳي ۾ ڌيءُ کي وٺي ڀڳي. قدرت جي اھڙن قھري حملن کي منھن ڏيڻ جي سگھھ ھن ۾ ڪٿي ھئي؛ ھوءَ تمام ڏٻري ٿي ويئي ھئي.

بنا ڪنھن بھ وقت وڃائڻ جي ٽئي ڄڻا اٺ تي چڙھي، خانواھڻ روانا ٿيا. اڳيان پاڻ ٿي ويٺو تھ پويان جنت ۽ ماڻس جت اٺ کي مھار کان وٺي پنڌ ھلندو ھليو. خانواھڻ ايندي رستي ۾ جنت حميد کي ٻوڏ وقت پرايلن آزمودن کان واقف ڪيو.

(21)

ڪنڊياري ۾ فاطمھ واھھ جي ڪپ تي ھڪ نم جي وڻ ھيٺان سچل سمھي پيئي ھئي. بدن تي جي ڪپڙا پيل ھئس سي ليڙون ليڙون ٿيا پيا ھئا. سندس شڪل اڳي کان ڦريل ھئي. حد کان ٻاھر تڪليفون ۽ ڪشٽ انسان مان سھڻ جي طاقت ڪڍي سندس چھرو لوساٽي ڇڏين ٿا، ھن جون ٽنگون ڦرڙين سان ڀريون پيون ھيون. ٻوڏن سبب ڪيترن ھنڌن تي ڪني پاڻيءَ جا دٻا ٿي پيا ھئا، جن مان لنگھڻ ڪري سچل کي ڦٽ ٿي پيا ھئا. جن ھنڌان رت پئي وھيو، اتي مکيون ويٺيون ھيون. رکي رکي، ھن ھٿن سان مکين کي ھڪليو پئي. ھڪڙا اندر جا پور، ٻيا جسم جا سور، تن تھ سچل کي ھڻي ماري وڌو ھو. ھن جي حالت ڏسي ھرڪو واٽھڙو جيڪر پڇي تھ سندس جيئڻ ڪھڙي ڪم جو آھي؟ ھن جي حالت مان صفا ظاھر ھو تھ جيترو ھوءَ وڌيڪ جيئندي، تيترو گھڻو ڏک پسندي. تھ بھ ھن جيئڻ چاھيو ٿي. اھا ڪھڙي اميد ھئي، جنھن تي چل تڳي رھي ھئي؟ ھن جي اميد ھئي دادن. دادن کي ڏسڻ جي خواھش ھيس. آنڊي جي ڄر خراب آھي! ماءُ پٽ کي پسڻ لاءِ تڙڦي رھي ھئي ۽ ان تڙڦ ۾ بدني ايذاءَ ۽ دنيا جا ڪشٽ صبر سان پئي سٺائين. دادن سان گڏ سچل کي حميد جي بھ لوري لڳي پيئي ھئي. نيٺ بھ تھ حميد کي پنھنجي ٿڃ ڏيئي پاليو ھئائين. عجب لڳندو ھوس تھ ٻنھي کي ڇا ٿيو ھوندو، جو سندن پتو ئي نٿو پوي.

ٻھ ٽي ڏينھن ان حالت ۾ پيئي ھئي. خدمتگار ھر ويلي تي ماني ڏيئي ويندا ھئس ۽ ٽي چار دفعا ڦرڙين تي ملم بھ لڳائي ويندا ھئس. پر ھوءَ بيپرواھھ ٿي، اتي ئي لاھي ڇڏيندي ھئي. ھوءَ سرير مان بيزار، سو سرير جي سنڀال وري ڪھڙي ڪري! ھن جو پنھنجن جذبن تي ڪوبھ ضابطو ڪونھ رھيو ھو. رکي رکي، ججڪي ايندي ھئس تھ اٿي پنڌ پوندي ھئي ۽ بنا ڪنھن بھ مطلب جي ھڪڙي ھنڌان ھلي وڃي ٻئي ھنڌ پھچندي ھئي.

ھوڏانھن دادن جو ٻڌو تھ پير مھدي شاھھ جو سارو ڳوٺ ڇر جي پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو آھي، سو پيءُ ۽ ماءُ جي يادگيري اچي پيس. ھيستائين تھ سمجھي ويٺو ھو تھ اتي ئي رھيا پيا ھوندا، پر جڏھن ھن قدرت جي مصيبت جو، پير مھدي شاھھ جي ماڻھن مٿان نازل ٿيو ٻڌائين، تڏھن مائٽن جي ڳولا جو خيال ٿيس. ويچار ڪرڻ لڳو تھ ممڪن آھي تھ کين تڪليفون آڏو آيون ھجن ۽ سڀ سامان سڙو وڃائي ويٺا ھجن ۽ ان حالت ۾ سندس اھو فرض ھو تھ ھو ڏک جي وقت ماءُ پيءُ جي چاڪري ڪري، ھو ٺارو شاھھ مان ھڪ سھائتا جي ٽوليءَ سان گڏ ڪنڊياري روانو ٿيو. ٻڌو ھئائين تھ پير مھدي شاھھ جا ماڻھو ڪنڊياري ۽ خانواھڻ وڃي لڏي ويٺا آھن. ڪنڊياري ۾ اچي پھتو، پر ڪنھن کان ماءُ پيءُ جو پڇي؟ ھو مشھور ماڻھو ڪونھ ھئا، جن جو پڇڻ سان پتو پئجي سگھي. جيڪي بھ ماڻھو ڪچا منھھ يا جھوپڙيون اڏي ويٺا ھئا، تن سڀني کي ڏسندو ويو، مگر مائٽ نظر نھ چڙھيس.

سچل دادن جي ڪنڊياري پھچڻ کان اڳ رات جو پنڌ وڃي بازيد پور(22) ۾ پھتي. ڏسي تھ ڳوٺ چٽ ٿيو پيو آھي. نڪو ماڻھو ٿي نظر آيس، نڪو مرون. ڏاڍي بانس پئي آئي. ڪني پاڻيءَ تي مڇر بھ ڏاڍا ھئا، اھي ئي پير ڪري موٽي. ھينئر وري ٻيو رستو ورتائين، جو خانواھڻ ٿي ويو.

(22)

جنت ۽ ماڻس حميد سان گڏ رھيون پيون ھيون. خانواھڻ ۾ پھچڻ سان نڪاح جو ڪم تھ ھڪدم لاھي ڇڏيو ھئائون، باقي شاديءَ لاءِ ترسيل ھئا. ھونئن تھ اھا بھ ٿي وڃي ھا، ليڪن جنت ھڙئي ٻوڏن ۾ وڃائي آئي ھئي ۽ حميد کي سندس لاءِ پڄنديءَ آھر ٿورو ڪپڙو تيار ڪرائڻو ھو، دلين جي شادي تھ ٿي چڪي ھئي؛ صرف دنيوي خيال کان ظاھري طرح شاديءَ جي رسم بجا آڻڻي ھين. ٻيئي ڄڻا خوش گذاري رھيا ھئا.

ڏک خواه سک گڏجي انسان وٽ اچن ٿا ۽ ھرھڪ ٻئي ۾ لڙندا رھن ٿا. جڏھن ڏک جي سک تي جيت ٿئي ٿي، تڏھن انسان ڏکي ٿئي ٿو؛ ۽ جنھن وقت وري سک ڏک تي فتح پائي ٿو، تنھن وقت چوي ٿو ”مان سکي آھيان“ پر انسان کي اھو ياد نٿو رھي تھ جڏھن پاڻ سکي آھي، تڏھن ڏک بھ سندس ڀرسان ڦيرا پائي رھيو آھي.

پاڻ کي ساندھھ حميد جي ڀرسان ڏسي جنت ائين محسوس ڪرڻ لڳي تھ سندس ھيترن ڏينھن جو خواب آخر سچو نڪتو ھو ۽ جنھن جي اميد ھيس سو پورو ٿيو ھو. ماضيءَ کي وساري ھوءَ حال ۾ پاڻ کي سکي سمجھڻ لڳي. پر جنت کي ڪھڙي ڄاڻ تھ جيڪڏھن سک انسان جي منھن تي ناچ ڪري کيس کلائي ۽ خوش ڪري ٿو، تھ ڏک بھ سندس وھاڻي ھيٺان ليئو پائي ھن جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيو آھي تھ ”ڄاڻ منھنجو وارو بھ آيو.“ دنيا ۾ ماڻھو اڪثر ائين چون ٿا تھ خوشي غم کان بھتر آھي. ڪي اھڙا جزوي انسان بھ لڀندا، جن جو چوڻ آھي تھ غم جو درجو خوشيءَ کان مٿي آھي. مگر حقيقت اھا آھي تھ ھن زندگيءَ جي تارازيءَ ۾ غم ۽ خوشي ٻھ پڙ آھن. جڏھن سونارو تارازيءَ کي ھٿ ۾ جھلي چاندي ۽ سون توريندو آھي، تڏھن ٻيئي پڙ گڏ چرندا آھن. ڳورو پڙ ھيٺ ويندو آھي، ليڪن ان جي ھيٺ وڃڻ سان ٻيو پڙ مٿي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت غم ۽ خوشي بھ آھن، ھڪ پڙ ٻئي کان الڳ نھ آھي. ھڪ ئي ڪاني ٻنھي کي ڳنڍي ٿي.

ھڪ دفعي حميد ڍڪ جي ٻاھران موڙي تي ويٺو ھو. ھٿ ۾ ھڪ ڪاغذ ٽڪرو ھوس، جو پئي پڙھيائين ۽ سندس اڳيان ھڪ غريب عورت عاجز اکيون کڻي بيٺي ھئي. پنو، جو ان عورت کيس ڏنو ھو، تنھن ۾ ھيٺينءَ ريت لکيل ھو:

”ھيءَ مسڪين عورت ٻوڏن جي ستايل بدنصيبن مان ھڪ آھي. ھن کي ڪوبھ سنڀالڻ وارو ڪونھي ۽ جنھن کان پڄي سو کيس وت آھر مدد ڪري. ھيءَ سچي گھرجائو آھي ۽ جيڪو بھ ھن کي کاڌي لاءِ پيسو خواھھ انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو، سو وڏو ثواب جو ڪم ڪندو. ڌڻي ڏئي ٿو ڏيڻ لاءِ. ٻئي جو خير ڪري انسان پنھنجي خير جو پايو وجھي ٿو.“

حميد جون اکيون ڪاغذ ۾ ھيون تھ عورت جا نيڻ وري حميد ۾ ھئا. چڱيءَ طرح پئي ڍڪ منشيءَ کي جاچيائين. حميد پنو پڙھي، جيئن کيسي ۾ پئسن ڪڍڻ لاءِ ھٿ وڌو، تيئن ان عورت رڙ ڪري چيو، ”حميد!“

”تون مون کي ڪين سڃاڻين؟“ حميد تعجب وچان سامھون بيٺل عورت ڏي نھاري پڇيو.

”تڏھن تون سچ پچ حميد آھين؟“

”ھا.“

”مان تنھنجي ماءُ آھيان.“

حميد موڙي تان اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين، ”منھنجي ماءُ تھ مون کي ڄڻي مري ويئي.“

”مون توکي پاليو.“

”مون کي جنھن پاليو تنھن جو نالو سچل آھي.“

”مان سچل آھيان.“

حميد گھور ڪري سچل جي منھن ۾ نھارڻ لڳو، جو منھن اڳي کان گھڻو ڦري ويو ھوس، ۽ پھرين تھ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿي آيو. ٻيئي ماٺ ۾ ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. سچل جو مغز ٺڪائي اچي ويو. گذريل زماني وارو نظارو ھن جي اکين اڳيان اچڻ لڳو. ٿر مان ڏڪار وقت ڀڄي نڪرڻ، اھا رات جڏھن حميد ڄائو ۽ حياتان جو موت ٿيو، سندس دادن ۽ حميد کي ھڪ ئي ھندوري ۾ لوڏڻ، مڱڻھار جي بيماري، مڱڻھار جي مرڻ وقت سچل جي شڪر گذاري بجا آڻڻ ۽ حميد جي پيءُ کي دلداري ڏيڻ تھ مان سچل جو ٿورو لاھيندس: اھي سڀ واقعا تڪڙو تڪڙو پئي ياد آيس. جيئن وگيان جا ڄاڻو فوت ٿيلن سان سندس مائٽن کي ملاقات ڪرائيندا آھن. تيئن سچل، حياتان ۽ سندس ڀتار پيروءَ کي ڏسي ۽ ساڻن ڳالھائي رھي ھئي. خيال ۾ ڪيڏي نھ طاقت آھي! خيال، بنا جسماني تبديليءَ جي، انسان کي ھڪ ھنڌ کڻي ٻئي ھنڌ پھچائي ٿو.

حميد پنھنجون ٻيئي ٻانھون سچل جي ڳچيءَ ۾ وجھي کيس چنبڙي پيو. سچل بھ حميد کي ڀاڪر پاتو. ٻيئي ڪن گھڙين تائين ھڪٻئي جي ٻانھن ۾ قابو ھئا. سچل جي گدلي جسم مان رکي رکي اڻ سھندڙ بدبوءِ پئي آئي، پر حميد کي ان جي پرواھھ نھ رھي. ھن سچل کي ھٿ کان وٺي کٽ تي ويھاريو ۽ پاڻ ساڳي موڙي تي ٿي ويٺو.

”امان! تنھنجا حال ڪھڙا ٿيا آھن؟ حميد ظاھر ڪيو.

”امان!“ سچل خوشيءَ ۾ چيو، ”ان لفظ ٻڌڻ لاءِ تھ ھيل تائين مان جيئري رھي آھيان. دادن جو تھ پتو ئي ڪونھي. جيئن اسان وٽان تو وٽ آيو، تيئن وري سندس شڪل ڪانھ ڏٺي اٿم.“

”۽ ادو بخشڻ ڪٿي آھي؟“

”ان کي الله پاڻ وٽ گھرائي ورتو.“ سچل نيڻن مان نير ھارندي وراڻيو.

سچل کي ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسي حميد سندس نزديڪ کٽ تي ٿي ويٺو ۽ دلداري ڏيندي چيائينس، ”مان جو زندھھ ويٺو آھيان مان توکي پاڻ کان اصل جدا نھ ڪندس. مون تنھنجي ٿڃ ورتي آھي؛ تو مون ۽ دادن کي ٻن جاڙن ڀائرن جيئان پاليو آھي؛ تون منھنجي ماءُ آھين. ابي مرڻ مھل جي لفظ واتان ڪڍيا ھئا سي مون کان وسري ڪونھ ويا آھن. دنيا ڇڏڻ وقت ھن جڏھن توکي چيو، ”مان تنھنجو ٿورو ڪيئن لاھيان!“ تھ مون اوڏيءَ مھل وراڻي ڏني، ”ابا مان لاھيندس.“ توکي ھن محتاجيءَ جي حالت ۾ ڏسي مون کي ڪيل انجام ياد آيو آھي. منھنجو گھر تنھنجو گھر آھي. پٽ ويٺو سڻڀو ٽڪر کائي، صفا ڪپڙا پھري ۽ سکي زندگي گذاري ۽ ماءُ بکئي پيٽ، فقيري لباس ۾، ڏک ڀري حياتي گھاري!“

ائين چئي حميد سچل کي پاڻ سان گھر وٺي آيو. جنت ۽ ماڻس حميد کي ھڪ ميرن ۽ پراڻن ڪپڙن ۾ ڍڪيل عورت سان گڏ ڏسي وائڙيون ٿي ويون.

”حميد، ھيءَ ڪير آھي؟“ جنت پڇيس.

”منھنجي ماءُ.“

”تنھنجي ماءُ ھن حالت ۾!! تو چيو تھ منھنجو ماءُ پيءُ حيات ڪونھن!“

اتي حميد جنت کي پنھنجيءَ اوائلي حياتيءَ جو سمورو احوال ٻڌايو. جنت جي چھري تي عجب جي لھر نظر اچڻ لڳي. پوءِ حميد جي چوڻ موجب جنت ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي سچل کي ڏنا، جنھن ڪيترن ڏينھن بعد اڄ پنھنجو بدن صاف ڪپڙن ۾ ڍڪيو. پر ھن جي شڪل اھڙي تھ پيلي ٿي پئي ھئي، جو ڄڻ تھ منھن تي ھيڊ ھاري پيئي ھيس. ڪيترن ڏينھن کان بخار ھلندو پئي آيس ۽ کنگھھ بھ چڱو ئي ٿي ستايس. بدن جي تمام ڏٻري ٿي ويئي ھئي. حميد کٽ تي بسترو وجھي کيس اتي ڪري سمھاريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org